
سنڌيت
سنڌيت (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ جي مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سنڌيت، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي تاريخي ابتدا کان وٺي هيٺين موضوعن تي مضمون شامل آهن:
(1) تصوف جو سنيهو، (2) ٻہ پهريان وڏا شاعر: قاضي قادن ۽ شاھہ ڪريم، (3) پير محمد لکوي، (4) شاھہ عنايت جهوڪ وارو، (5) شاھہ جو رسالو: هڪ نظر، (6) شاھہ لطيف جي ڪاويه (شاعري) ۽ ڇند ريت، (7) ايڇ. ايم. گربخشاڻي،(8) سچل سرمست جي شاعري،(9) سمپورڻ ڌرم درشٽيءَ جو ڪوي: سامي، (10) نوري گرنٿ ۾ ديس پرديس، (11) نوري گرنٿ، (12) نئين يگ جو نئون شاعر بيوس، (13) ورهاڱي بعد سنڌي ڪويتا، (14) اڄوڪي سنڌي ساهتيہ ۾ پريوڳ.
ڊيمي سائيز جي 108 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌ ٽائيمس پبليڪيشن، الهاس نگر، اپريل 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.