سنڌيڪا اڪيڊمي

سنڌيڪا اڪيڊمي

سنڌيڪا اڪيڊمي

سنڌيڪا اڪيڊمي (ادارو): سيپٽمبر 1991ع ڌاري ڪراچيءَ ۾، ’برٽينيڪا‘ جي طرزتي نامياري پبلشر، نور احمد ميمڻ ’سنڌيڪا‘ نالي هڪ اڪيڊميءَ جو قيام عمل ۾ آندو. اڪيڊميءَ جي مقصدن ۾: (1) سنڌ ۾ علمي، ادبي ۽ تعليمي ترقيءَ لاءِ چاھہ پيدا ڪرڻ، (2) ڪمپيوٽر سافٽ ويئر تيار ڪرڻ، (3) سنڌ شناسيءَ بابت ڪتاب شايع ڪرڻ ۽ (4) ادب، سماجيات، سياسيات جي موضوعن تي طبعزاد ۽ ترجمي تي مشتمل ڪتاب ڇپائڻ شامل هئا. انهن مقصدن لاءِ ڪتابن جي اشاعت سان گڏ سيمينار ڪرايا ويا ۽ اسڪيمون تيار ڪري ادارن ۽ اختيارين کي موڪليون ويون. مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ جو سافٽ ويئر ۽ فانٽ جوڙيا ويا، سنڌي ڊڪشنري بورڊ ۽ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيڪا ۽ استادن جي تربيت جون اسڪيمون تيار ڪري وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي موڪليون ويون.
سنڌيڪا اڪيڊميءَ جون حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ شاخون ۽ ڪتاب گهر قائم آهن. اداري کي هلائڻ لاءِ ان جو معاون ادارو ’آزاد ڪميونيڪيشنز‘ بہ جوڙيو ويو آهي، جنهن خانگي ۽ سرڪاري ادارن کان اشاعتي پراجيڪٽ وٺي، سنڌيڪا اڪيڊميءَ کي پاڻڀرو ڪيو آهي. گذريل 23 سالن ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ رٿابنديءَ سان سنڌ جي تاريخ ۽ قديم ورثي تي طبعزاد ۽ ترجمي جي صورت ۾ 12 ڪتاب، لطيفيات تي (طبعزاد ۽ ترجمو) 12 ڪتاب، عالمي تاريخ ۽ تھذيب سيريز هيٺ (ترجمو) 5 ڪتاب، خود- ترقي (Self Development) سيريز تحت 8 ڪتاب، قرآنيات سيريز هيٺ مختلف عالمن جا قرآن مجيد جي ترجمي ۽ تفسير تي مشتمل 11 ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي ڪجهہ اهم ڪتابن ۾ ’سنڌ جيئن مون ڏي‘ (پوسٽنس)، ’شينهن درياھہ'>سنڌو شينهن درياھہ‘ (جيمس فيئرلي)، ’حڪمت عملي'>سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي‘ (ڊيوئارٽ)، ’سنڌ جي فتح‘ (آئوٽرام)، ’الف- ب وار شاھہ جو رسالو‘ (عبدالغفار دائودپوٽو)، ’ڀٽ جو شاھہ‘ (ايڇ. ٽي. سورلي)، ’رساله شاھہ لطيف‘ (منظوم اردو ترجمو: شيخ اياز)، ’شاھہ جو رسالو‘ (مڪمل
36 سُر، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، ’قومن جي عالمي تاريخ
(ٽي والٽرينڪ)، ’تھذيب جي ارتقا'>انساني تھذيب جي ارتقا‘ (ول ڊيورانٽ)، ’سنڌيڪا ڊڪشنري سيريز‘ (مختلف ليکڪ)، ’گيتانجلي (ٽئگور- مترجم: شيخ'>امان شيخ)، ’مثنوي رومي‘ (ترجمو: غلام محمد شھواڻي)، ’روميءَ جون رهاڻيون‘ (احمد خان آصف)، ’قرآن مجيد‘ (علي خان ابڙي، تاج محمود امروٽي، مولانا احمد ملاح، محمد عثمان ڏيپلائي، مولانا عبدالڪريم ٻير واري وغيرہ جا ترجما) وغيرہ شامل آهن.


لفظ سنڌيڪا اڪيڊمي ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو