سنڌي آرٽسڪ فورم: هن ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جو 1979ع ۾ اسرار شام بنياد رکيو، جنهن جو مکيہ ليکڪ ۽ هدايتڪار بہ اسرار شام هو. هن منڊليءَ پاران ڪيترائي ناٽڪ پيش ڪيا ويا، جن مان ’عام اطلاع‘ مشھور ناٽڪ هو، جنهن ۾ شهناز، شھباز خان، عاشق انصاري، الطاف سومري، لياقت شيخ، زاهد مرزا ۽ مقبول ميمڻ، اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا.