سنڌي ادب ۾ سفرنامو

سنڌي ادب ۾ سفرنامو : ‘سفرنامو ’ نثري ادب جي هڪ اهم صنف آهي. ‘سفرنامي’ جي لغوي معنيٰ: ‘سفر جو روزنامچو’، ‘سفر جو احوال’، ‘سياحت نامو’ وغيرہ آهي. ‘سفرنامي’ کي انگريزيءَ ۾ ‘Travelogue’ چئبو آهي. سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي ابتدا بابت ادبي تاريخن مان ڄاڻ ملي ٿي تہ هن صنف جا آثار، ڪلهوڙن دور ۾ ميين شاھہ عنات رضوي ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ، توڙي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي مذهبي منظومين ۾ ملن ٿا. شاھہ لطيف جي سر سامونڊيءَ جي بيتن، سر سسئيءَ جي ٽيھہ اکريءَ، سر سارنگ، سر کاهوڙي ۽ سُر رامڪليءَ جي جوڳين، ڪاپڙين ۽ سنياسين وغيرہ جي ذڪر ۾ سفر جا اهڃاڻ ملن ٿا. سر رامڪليءَ جي ڏينهن وارن بيتن جي سنگهر ۽ سُر سارنگ جي تاريخي بيت ‘موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار...’ ۾ سفرنامي جو تاثر موجود آهي. ان کان سواءِ ڪلهوڙن جي دور جي هڪ عالم مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ جو ‘زيارت نامو’، سنڌ جي اوائلي سفرنامن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. سندس عام مولودن ۾ بہ سفرنامي جا اهڃاڻ موجود آهن، جھڙوڪ: مُنارا مير مُرسل جا، ڏسان شل ڏيھہ کي ڏوري، هلي هالا، مٽيان ميسو، انڙپور کي ڇڏيان اوري، مٽيارين جي محابي کان، گهليو، مانجهو ڇڏيان گهوري، ڪنگو ۽ ڪوٽڙي، کوکر، سونڊا سيريون، ڇڏيان سوري، ننگر، بندر ۽ باگاڻا، ڪراچيءَ کان وڃان ڪوري. ان کانپوءِ ٽالپرن جي دور ۾ سيد ثابت علي شاھہ جو نجف، شام ۽ ڪربلا جو منظوم سفرنامو- ‘زيارت نامو’ ملي ٿو، جيڪو هن 1793ع کان 1797ع ڌاري سفر ڪندي لکيو هو ۽ اهو سفرنامو چاليهن واري ڏهاڪي [1939ع] ۾ شايع ٿيو هو. انگريزن جي سنڌ تي قبضي يعني 1843ع کانپوءِ، 1853ع ۾ سنڌي لپيءَ جي نئين ترتيب ۽ تشڪيل ۽ 1857ع ۾ سنڌي زبان جي سرڪاري زبان طور مڃڻ کانپوءِ، سنڌي ٻوليءَ ۾ مغربي اثر هيٺ سنڌي افسانوي ادب (ڪهاڻي، ناول، ناٽڪ) سان گڏ سفرنامي (Travelogue) ۽ ٻين صنفن لکڻ طرف سنڌي اديبن ڌيان ڏنو. هن دور جو سڀ کان پهريون جيڪو سفرنامو ملي ٿو، سو مرزا قليچ بيگ جو ‘جبل جو سير '>ڏاڙهياري جبل جو سير ’ آهي، جيڪو هن 1885ع ۾ ڊائريءَ يا روزنامچي جي صورت ۾ لکيو هو، ۽ 1900ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. ان کانپوءِ مختلف رسالن ۾ يا ڌار اشاعتي صورت ۾ جيڪي سفرناما ملن ٿا، اهي اڪثر تيرٿ ياترائن، مذهبي مَقامن يا ڪن شهرن يا هنڌن بابت لکيل سفرناما آهن. اهڙن سفرنامن ۾ 1914ع کان وٺي 1947ع تائين جا لکيل ڪجهہ اهم سفرناما اچي وڃن ٿا. خاص ڪري 1932ع ۾ شڪارپور مان ‘سنڌو’ رسالي نڪرڻ کانپوءِ، هن رسالي جي مختلف پرچن ۾ ڪيترا سفرناما قسطوار ڇپيا هئا. هن دور جا ڪي اهم ڇپيل سفرناما هيٺيان آهن: خواجہ حسن جان سرهنديءَ جو لکيل سفرنامو عراق ۽ شام جو سفرنامو ’ (1914ع)، لعلچند امرڏنيمل جڳتياڻيءَ جا سفرناما: ‘مسافريءَ جو مزو’ ۽ ‘سير جو رنگ’ (1915ع)، ميران محمد شاھہ جو مختصر واقعاتي سفرنامو: ‘گنجي ٽڪر جو سير’ (1919ع)، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ جا ٻہ سفرناما: ‘سنڌ جو سيلاني ’ (1923ع) ۽ ‘لطيفي سئر’ (لطيف سائينءَ جي سفر تي آڌارت: 1926ع)، پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جا ٽي مختصر سفرناما: ‘ڪشمير جو سئر’ (1926ع)، ‘هند جو سئر’ (باتصوير: 1929ع) ۽ ‘گجرات جو سئر’ (1931ع)، منوهر داس ڪوڙيمل جو سفرنامو ‘هند جو سئر’ (1929ع)، هوتچند روچيرام جو سفرنامو ‘موهين جي دڙي جو سير’ (1932ع)، مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جو سفرنامو ‘حج جي ياترا’ (1932ع)، پروفيسر هاسانند جو سفرنامو ‘سنڌ جو سير ۽ ميلا’ (1936ع)، سيٺ گنگارام تلوڪچند جو سفرنامو ‘دنيا جو سئر’ (1938ع)، روچيرام ڄيٺارام جو سفرنامو ‘هردوار جو اتهاس’ (1938ع)، سيد ثابت علي شاھہ جو ايران ۽ عراق جو منظوم سفرنامو: ‘زيارت نامو’ (1939ع)، مکي سيرو مل جاگيراڻيءَ پاران ڊاڪٽر برنيئر جو ترجمو ڪيل سفرنامو ‘هندستان جو سير’ (1940ع)، مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ڪيل سفرنامو ‘گليور جو سير ۽ سفر’ (1941ع)، قادربخش نظاماڻيءَ جو لطف گجراتيءَ جي سفرنامي مان سنڌ وارو ترجمو ڪيل حصو ‘سنڌ جو سفر’ (1941ع)، الھہ بچائي يار محمد سمي جا سفرناما: ‘سير ڪوهستان’ (1942ع) ۽ ‘سير لاڙ’ (1971ع)، پرسرام مسند جو سکر شھر جو سئر- ‘سکر سونهارو’ (1942ع)، تيرٿ سانولاڻيءَ جو هندستان، چين ۽ جپان جي سير تي مشتمل سفرنامو: ‘دَور مشرق’ (1943ع)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ‘سنڌي ساهت لاءِ صلاحڪار بورڊ’ جي رسالي ‘مهراڻ’ ۾ ڇپيل سفرنامو: ‘بلوچستان جا نظارا- لسٻيلي جو سفر’ (ٽماهي مهراڻ: مئي جون جولاءِ 1946ع)، مرزا قليچ بيگ جي نياڻي دلشاد مرزا جو مئي 1947ع ۾ ايران، عراق (مشهد ۽ ڪربلا) جو لکيل سفرنامو، جيڪو مرحومه جي وفات (1953ع) سبب وقت سر شايع نہ ٿي سگهيو، ۽ 2010ع ۾ ‘مسافر ڪربلا’ جي نالي سان شايع ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۽ هند ۾، سنڌيءَ ۾ جديد سفرنامي جي باقاعدي شروعات ٿي. سفرناما مختلف رسالن ۾ قسطوار ڇپجڻ لڳا ۽ ڪتابي صورت ۾ بہ شايع ٿيڻ لڳا. 1950ع ۾ آغا بدرالدين درانيءَ جو سفرنامو: ‘مسافر حجاز’ ڇپيو. 1950ع ۾ ئي محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ‘سير ريگستان’ ڇپيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو سفرنامو: ‘هندستان کان آمريڪا تائين سفر’ 1950ع ۾ ‘سنڌو’ رسالي ۾ قسطوار ڇپيو. 1952ع ۾ سيد ميران محمد شاھہ جڏهن اسپين جو سفير مقرر ٿيو تہ هن ‘الحمرا جو سير’ عنوان سان هڪ مختصر سفرنامو لکيو. 1956ع ۾ ارجن سڪايل جو سفرنامو ‘ٽنڊي آدم جو اتهاس’ ڀارت ۾ ڇپيو.آغا بدرالدين دراني جو لکيل ڪتاب ”مسافر حجاز“ آهي، جيڪوسال 1995ع ۾ سکر مان شايع ٿيو. قاضي عبدالمجيد عابد جو ‘سفر يورپ جي ڊائري’ آهي، جيڪو 1960ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. 1960ع ڌاري ئي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ‘هنگلاج جو سفر’ لکيو هو، جيڪو ٽماهي ‘مهراڻ’ (1971ع) ۾ ڇپيو هو. ڪريم ڏني راڄپر جو ‘آمريڪا جو سفرنامو ’ 1961ع ۾ ڇپيو. 1963ع ۾ شيخ اياز جي محمد ابراهيم جويي ڏانهن لکيل خطن جو ڪتاب ‘جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي’ ڇپيو، جنهن ۾ بنگال ۽ پاڪستان جي اترين علائقن جي سير و سياحت بابت خط شامل آهن، جيڪي سفرنامي جي ذمري ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا. اهڙيءَ ريت ميران محمد شاھہ جي، جي ايم سيد ڏانهن لکيل خطن جي ڪتاب ‘رهاڻ’ ۽ جي ايم سيد جي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي لکيل خطن جي ڪتاب ‘چونڊ ادبي مضمون’ ۾ بہ سياحتي خط موجود آهن. اهڙيءَ طرح حاجي شاهنواز پيرزادي جو سفرنامو ‘لنڊن جو سفر’ ۽ حڪيم محمد احسن جو ڀلي پار جو سفرنامو: ‘پرينءَ جو پار’ بہ 1960ع ۽ ان کانپوءِ واري دور جا مختصر سفرناما آهن. ورهاڱي کانپوءِ جيڪڏهن هند بابت لکيل سفرنامن تي نظر وجهجي ٿي تہ چئي سگهجي ٿو تہ ‘ديسين وٽ پرديس ۾’ طارق اشرف جو پهريون هند جو سفرنامو آهي، جيڪو 1964ع ۾ روزاني ‘خادم وطن’ ۾ 10 قسطن ۾ ڇپيو هو. اهڙيءَ طرح 1966ع ۾ آغا سليم جي ڪهاڻي ‘پل پکيئڙا’ بہ ڪهاڻيءَ جي فارميٽ ۾ لکيل سفرنامو آهي، جيڪا ڪهاڻي ماهوار ‘سهڻيءَ’ ۾ شايع ٿي هئي. عبدالجبار جوڻيجي جو چين جو سفرنامو ‘مائوءَ جي ملڪ ۾’ (1973)، انگلنڊ جو سفرنامو ‘ونڊسر محل جو مسافر’ (1989ع) ۽ ڊاڪٽر فھميدہ حسين جو روزاني هلال پاڪستان اخبار ۾ قسطوار سفرنامو ‘هوائن جي آڌار تي’ 1975ع ۾ ڇپيو، جيڪو 1983ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. 1975ع ۾ ئي برک صحافي شيخ عزيز جو روس جو سفرنامو ‘مون لينن جو ڏيھہ ڏٺو’ ڇپيو. ڊاڪٽر سليمان شيخ جو لبيا جو سفرنامو ڌرتي '>سون ورني ڌرتي ’ 1976ع ۾ ڇپيو. ساڳئي وقت ۾ فقير محمد لاشاريءَ جو سفرنامو ‘سگهارو هماليا، هيڻا ماڻهو’ ڇپيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ سفرناما الطاف شيخ لکيا آهن، جيڪي ڪتابي صورت ۾ 1971ع کان اڄ ڏينهن تائين ڇپجندا رهن ٿا، جن جو تعداد 100 کان مٿي ٿيندو. سندس سفرنامن مان اڪثر جا وڌيڪ ڇاپا بہ ڇپيا آهن. اهڙيءَ طرح عبدالحئي پليجي بہ ويهارو کن سفرناما لکيا آهن. ان کان سواءِ تنوير عباسي ‘ڏوري ڏوري ڏيھہ’ (1982ع) ۽ ‘مون کي اڳتي وڃڻو آهي’ (2001ع)، مدد علي سنڌيءَ جو سفرنامو ‘شھر صحرا ڀانيان’ (2004ع)، غلام رباني آگري جو ‘هنگلاج ۾ چانھہ’، ڊاڪٽر احمد علي رند جو ‘لينن جي ڏيھہ ۾’، محمد خان سيال جو سفرنامو ‘نئون ابن بطوطه’ (1980ع) ۽ ماهتاب محبوب جا سفرناما ‘سرهي سرهي سار’ ۽ ‘ورهاڱي جو ورجاءُ’ (1992ع) مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هندستان ۾ لکمي کلاڻيءَ جو سفرنامو ‘من محل جا کنڊر’، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو روس جو سفرنامو ‘جيئن ڏٺو هو مون’، هري موٽواڻيءَ جا سنڌ جا سفرناما ‘جڙيل جن سان جند’ ۽ ‘ماٽي منجهہ مھي’، ريٽا شهاڻيءَ جا سفرناما ‘جت منهنجا اوٺيئڙا’ ۽ ‘سفر در سفر’ وغيرہ ڇپيل آهن. اهڙيءَ ريت منصور ملڪ جو روس جو سفرنامو، ناول جي انداز ۾ ڇپيو آهي. نوجوان اديبن مان اسحاق انصاريءَ جو ‘پار '>پرين هن پار ’ ، اياز لطيف پليجي جو ‘ٽي مسافر ٽي شخص’ (1989ع) بہ اهم سفرنامن ۾ شمار ٿين ٿا. هيٺ 1960ع کان وٺي سنڌيءَ ۾ ڇپيل سفرنامن جو وچور ڏجي ٿو. [ممڪن آهي تہ ڪجهہ سفرناما، معلومات حاصل نہ ٿيڻ ڪري رهجي ويا هجن.] (1) پرينءَ جو پار: حڪيم محمد احسن، 1960ع (2) سفر يورپ جي ڊائري: قاضي عبدالمجيد عابد، 1960ع (3) آمريڪا جو سفرنامو: ڪريم ڏنو راڄپر، 1961ع (4) سير ۽ سفر (آمريڪا جو سفر خطن ۾): سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، 1962ع
(5) پشچمي ياترا (آمريڪا جو سفرنامو): منگهارام ملڪاڻي، 1964ع
(6) سنڌ کان سوات تائين: زيد اي شيخ، 1964ع
(7) سمونڊ جي سيوين: الطاف شيخ، 1970ع
(8) منهنجو ساگر منهنجو ساحل: الطاف شيخ، 1971ع
(9) دنيا آهي ڪاڪ محل: الطاف شيخ: 1971ع
(10) سمونڊ جن ساڻيھہ: الطاف شيخ: 1972ع
(11) مائوءَ جي ملڪ ۾: عبدالجبار جوڻيجو: 1973ع
(12) وايون وڻجارن جون: الطاف شيخ: 1974ع
(13) بندر بازاريون: الطاف شيخ: 1975ع
(14) مون لينن جو ڏيھہ ڏٺو: شيخ عزيز: 1975ع
(15) بندر ديسان ديس: الطاف شيخ: 1976ع
(16) سون ورني ڌرتي (لبيا جو سفر): ڊاڪٽر سليمان شيخ: 1976ع
(17) سُڪارتو سفر: لوڪرام ڏوڏيجا: 1976ع
(18) ڪويت ڪنارا: الطاف شيخ: 1977ع
(19) سيئي جوڀن ڏينهن: الطاف شيخ: 1977ع
(20) ڇا جو ديس، ڇا جو وديس: الطاف شيخ: 1978ع
(21) ديارِ يار ۾ جي دم گذاريم: سردار علي شاھہ ’ذاڪر‘: 1979ع
(22) لنڊن تائين لفٽ: الطاف شيخ: 1980ع
(23) وايون وڻجارن جون: الطاف شيخ، 1980ع
(24) ڳالهيون تنهن جپان جون: الطاف شيخ: 1980ع
(25) نئون ابن بطوطه (آمريڪا جو سفرنامو): محمد خان سيال: 1980ع
(26) نيري آسمان هيٺان (انگلنڊ ۽ سعودي عرب جو سفرنامو): محمد خان سيال: 1980ع
(27) دلي (سير سفر)، تيرٿ وسنت، 1980ع
(28) لنڊن جو سفرنامو: فريده بشير: 1981ع
(29) اندر جنين اُڃ (هندستان جو سفرنامو): ماهتاب محبوب: 1982
(30) سانباهو سمونڊ جو: الطاف شيخ: 1982ع
(31) سي ٻيڙيون رکين ٻاجهہ سين: الطاف شيخ: 1982ع
(32) جاني تہ جھاز ۾: الطاف شيخ: 1982ع
(33) جپان جن جي جيءَ سان: الطاف شيخ: 1982ع
(34) جپان رس: الطاف شيخ: 1982ع
(35) ڏوريم ڏيساور، عبدالحئي پليجو: 1982ع
(36) جيڪي ڏٺو هو مون (سوويت يونين جو سفرنامو): ڪيرت ٻاٻاڻي: 1982ع
(37) ديس پرديس (هندستان جو سفرنامو): سليم قريشي: 1982ع
(38) سڄڻ ۽ ساڻيھہ، قيمت هريسنگهاڻي: 1982ع
(39) ڏوريم ڏيساور (سينگاپور، ملائيشيا، جپان): عبدالحئي پليجو: 1983
(40) هوائن جي آڌار تي: ڊاڪٽر فھميدہ حسين: 1983ع
(41) بھترين سفرناما: الطاف شيخ: 1983ع
(42) مارو ريءَ ملير (ڀارت ياترا: ‘منهنجو تخليقي سفر’ ڪتاب ۾ ڇپيل): خيرالنساءِ جعفري: 1983ع
(43) موج نہ سھي مڪڙي: الطاف شيخ: 1984ع
(44) پرين جي پرديس: عنايت بلوچ: 1984ع
(45) ديسين وٽ پرديس ۾ (هندستان جو سفرنامو): عمر قاضي: 1984
(46) من جا محل- کنڊهر (يورپ جو سفر): لکمي کلاڻي: 1984ع
(47) ڏوري ڏوري ڏيھہ: تنوير عباسي: 1984ع
(48) هو جي وڻ ولات جا (هانگ ڪانگ، فلپائين جو سفر): عبدالحئي پليجو: 1984ع
(49) ڏونگر ڏوريو جن (لاهوت لامڪان جو سفرنامو): لاهوتي حسين بخش ڪانهيو: 1985ع
(50) ڏاڍا ڏونگر ڏيھہ جا (پاڪستان جي اترين علائقن جو سفرنامو): محمد عالم نظاماڻي: 1985ع
(51) سفر من اندر (پاڪستان جي مختلف علائقن جو سفر): نصير مرزا: 1985ع
(52) سگهارو هماليا هيڻا ماڻهو: ف. م لاشاري: 1985ع
(53) ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ (يورپ جو سفرنامو): ريٽا شھاڻي: 1986ع
(54) انگلنڊ جا اڍائي سال: لعل جوڻيجو: 1986ع
(55) سينگاپور ويندي ويندي: الطاف شيخ: 1986ع
(56) ديس بديس: عبدالحئي پليجو: 1986ع
(57) مڪليءَ کان ملاڪا تائين (ملائيشيا جو سفرنامو): الطاف شيخ: 1986ع
(58) ڪوالالمپور ڪجهہ ڪوھہ: الطاف شيخ: 1986ع
(59) ڳالهيون آهن ڳچ (ملائيشيا جو سفرنامو): 1987ع
(60) مڪلي ٽڪريءَ جو سير: محمد اسماعيل عرساڻي: 1987ع
(61) هوچي منھہ جي ڏيھہ ۾: ڊاڪٽر علي احمد رند: 1987ع
(62) سرهي سرهي سار: ماهتاب محبوب: 1987ع
(63) پرديسي ڪهڙا پرين (انگلنڊ جو سفرنامو): عنايت بلوچ: 1987
(64) جي هينئڙي ۾ هُرن (سنڌ جو سفرنامو): ڪلا پرڪاش: 1987
(65) جڙيل جن سان سنڌ (سنڌ جو سفرنامو): هري موٽواڻي: 1988ع
(66) سي سڀ سانڍيم ساھہ ۾ (سنڌ جو سفرنامو): موتي پرڪاش: 1989ع
(67) راهون چنڊ ستارا: ماهتاب محبوب: 1989ع
(68) ارائونڊ دي ورلڊ: الطاف شيخ: 1989ع
(69) ٽي مسافر ٽي شخص (ماسڪو، دهلي جو سفرنامو: اختر بلوچ، اياز لطيف ۽ مريم پليجو): 1989ع
(70) ونڊسر محل جو سفر: عبدالجبار جوڻيجو: نومبر 1989ع
(71) واھہ واھہ ملائيشيا/ سينگاپور: عزيز راهي: 1989ع
(72) چار گهڙيون چين ۾: احمد علي رند: 1990ع
(73) مسافر (اولھہ پاڪستان جو سير): قربان منگي، 1990ع
(74) اي جرني ٽو ٿائلينڊ: الطاف شيخ: 1990ع
(75) ڪنواريون ۽ ڪنول (سينگاپور، سيام ۽ ٿائيلينڊ جو سفرنامو): عبدالحئي پليجو: 1991ع
(76) لنڊن تنھنجا ڪيڏا روپ: طارق عالم ابڙو: 1991ع
(77) ڏور بہ اوڏا سپرين (ڀارت جو سفرنامو): تاجل بيوس: 1992ع
(78) خبرون کيڙائن جون (ملائيشيا جو سفرنامو): الطاف شيخ: 1992
(79) پيڪنگ پچارون: ڊاڪٽر سليمان شيخ: 1992ع
(80) اوهريا جي عميق ڏي (سينگاپور، ملايا، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ جو سفرنامو): الطاف شيخ: 1992ع
(81) آمريڪا جا رنگ: ڊاڪٽر حيدر سنڌي: 1993ع
(82) ڌرتي سارو ديس (مختلف سفرنامن جا اقتباس، ترتيب): نصير مرزا: 1994ع
(83) زندگي تنھنجا رنگ هزار (آمريڪا جو سفرنامو): عبدالغفار تبسم: 1994
(84) اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا: الطاف شيخ: 1994ع
(85) ملير کان مالمو (يورپ جو سفرنامو): الطاف شيخ: 1994ع
(86) ڏوٿي اُنهي ڏيھہ جا (ٿر جو سفر): انور ڏنگڙائي: 1994ع
(87) جت برف پئي ٿي جام: الطاف شيخ: 1994ع
(88) ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن: الطاف شيخ: 1995ع
(89) سنڌي سدائين گڏ (انڊيا جو سفرنامو): قيمت سنڌي: 1995ع
(90) سهسين ٿيا سارنگ (آسٽريليا جو سفرنامو): عنايت بلوچ: 1995ع
(91) يورپ جا ڏينهن، يورپ جون راتيون: الطاف شيخ: 1996ع
(92) نيپال: ڀڳوانن جي ڀونءِ:بدر ابڙو'> بدر ابڙو: 1996ع
(93) ميهڙ کان ماسڪو: سفرنامو: محبوب علي شيخ: 1996ع
(94) لنڊڪيءَ کان لنڊن تائين: ڊاڪٽر محمد لائق زرداري: 1996ع
(95) ٻنون ٽو ٽوڪيو: عبدالحئي پليجو: 1997ع
(96) اي روڊ ٽو مدينا: الطاف شيخ: 1997ع
(97) خوشبوءِ جو سفر (حج جو سفر): فقير غوث محمد ‘گوهر’: 1998ع
(98) مزدڪ جي ملڪ ۾ (ايران جو سفرنامو): آفتاب سومرو: 1998ع
(99) جت جر وهي ٿو جال: الطاف شيخ: 1998ع
(100) افغانستان ۾ ڪجهہ ڏينهن: خليل احمد لاکو: 1998ع
(101) سامي سفر هليا: ڀيڄو فقير: 1999ع
(102) شام ولايت ۾: محمد اقبال دل: 1999ع
(103) سردار لھج سار (حج سفرنامو): سيد عبدالله شاھہ فتاحي: 1999ع
(104) آل ابائوٽ سينگاپور: الطاف شيخ: 2000ع
(105) مون کي اڳتي وڃڻو آهي (آمريڪا، يورپ ۽ دبئيءَ جو سفر): تنوير عباسي: 2000ع
(106) جمنا ڪناري: علي احمد قريشي: 2000ع
(107) ملائيشيا منهنجي من ۾ (ملائيشيا جو سفرنامو): الطاف شيخ: 2000ع
(108) سينگاپور ٿو سڏ ڪري: الطاف شيخ: 2000ع
(109) جهولي لال (انڊيا، چين ۽ سرحد جو سفرنامو): آغا سليم: 2000ع
(110) ڀلي پار تان ڀيرو (حج ۽ عمري جي سفر جو ساٿي): الطاف شيخ: 2000ع
(111) آمريڪا (نئين دنيا، نئون ديس): الطاف شيخ: 2000ع
(112) تون سنڌ ۾ ئي رهي پئه (سنڌ جو سفرنامو): ٺاڪر چاولا: 2001ع
(113) ڪولمبو منهنجو پيار (سريلنڪا جو سفرنامو): عبدالعزيز نظاماڻي: 2001ع
(114) ڪجل ڀنل نيڻ (يورپ ۽ آمريڪا جو سفرنامو): عبدالحئي پليجو: 2001ع
(115) خيمي ۾ شام: نصير مرزا: 2001ع
(116) ماٽيءَ منجهہ مھي (سنڌ ياترا ۽ هانگ ڪانگ جو سفرنامو): هري موٽواڻي ‘سنڌي’: 2002ع
(117) اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو هو (هند جو سفرنامو): تاجل بيوس: 2002ع
(118) جتي منهنجا اوٺيئڙا (سنڌ جو سفرنامو): ريٽا شھاڻي: 2003ع
(119) هي ٻيٽ، هي ڪنارا (دنيا جي ٻيٽن جو سفرنامو): الطاف شيخ: 2003ع
(120) ڪنگري، ڪاغان ۽ ڪالام: غلام محمد لاڙڪ: 2004ع
(121) تيستائين گڊ باءِ: الطاف شيخ: 2004ع
(122) سنڌ جو سفرنامو (تصوراتي سفرنامو): ڊاڪٽر ارجن سڪايل: 2004
(123) ڪراچيءَ کان هنزا تائين: عائشہ زرداري: 2004ع
(124) پريان سندي پار ڏي: عبدالحئي پليجو: 2004ع
(125) برف جو دوزخ: گل حسن ڪلمتي: 2004ع
(126) شھر صحرا ڀانئيان (مصر جو سفرنامو): مدد علي سنڌي: 2004ع
(127) هڪ گهڙي پيار جي (جپان جو سفرنامو): قربان منگي: 2004ع
(128) ملائيشيا 12 سالن بعد (ملائيشيا جو سفرنامو): الطاف شيخ: 2004
(129) ڪراچيءَ کان ڪوڪورا (جپان جو سفرنامو): الطاف شيخ: 2005ع
(130) ياترا شري هنگلاج ماتا: پروفيسر محمد يوسف خان جروار: 2005ع
(131) نئين دنيا، نوان رنگ (آمريڪا جو سفرنامو): خان جروار'>محمد خان جروار: 2005
(132) بندر مون ڏور ٿيا: عبدالحئي پليجو: 2005ع
(133) هندستان جو سفر: پروفيسر شيام داس جوشي: 2005ع
(134) ڀلي پار جون زيارتون (زيارت حرمين شريفين، مسافت ايران، مسافت ڪربلاءِ مقدس): فقير ميان علي محمد قادري، فقير ميان غلام سرور قادري: 2006ع
(135) دهليءَ جو درشن (هندستان جو سفرنامو): الطاف شيخ: 2006ع
(136) ٿر (سڪ جو سفر): پير غلام مجدد سرهندي: 2006ع
(137) آمريڪا جو سفرنامو: ايوب خاصخيلي: 2006ع
(138) گلاب جي گلن جو ديس (سنڌ جو سفرنامو): هيرو شيوڪاڻي: 2007ع
(139) هيرا موتي اڻ ميا (حج سفر جون جهلڪيون): حاجي خير محمد جوکيو: 2007ع
(140) نيو هالا کان نيويارڪ (آمريڪا جو سفرنامو): الطاف شيخ: 2007ع
(141) ڪراچي کان ڪيمبرو تائين (روس جو سفرنامو): منصور ملڪ: 2007
(142) مسڻ کان مديني تائين: مولوي محمد يامين شورو: 2007ع
(143) آمريڪا ياترا: ذوالفقار هاليپوٽو: 2008ع
(144) پرين هن پار (اسپين، هانگ ڪانگ، پالي، چائنا ڪوريا، سنگاپور ۽ ٿائلينڊ جو سفرنامو): اسحاق انصاري: 2008ع
(145) بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور (آمريڪا جو سفرنامو): الطاف شيخ: 2008ع
(146) ايران ڏي اُڏام (ايران جو سفرنامو): الطاف شيخ: پهريون ڇاپو: 2008ع
(147) ترڪيءَ ۾ چار مسافر: ڊاڪٽر محبوب شيخ: 2009ع
(148) مور نہ وسران سنڌ (سنڌ جو سفرنامو): ڄيٺو لالواڻي: 2010ع
(149) جو ڏٺم سو لکيم (اٿوپيا، ابوظهبي، شارجا، رنگون، بمبئي ۽ سريلنڪا جا سفر): ڪپئٽن عبداللطيف لاشاري: 2010ع
(150) ڳر لڳي ڳالهيون ڪريان: عبدالحئي پليجو: 2010ع
(151) اڱڻ عجيبن جا (ٽورنٽو، ڪئناڊا، نياگرا، آٽوا، مسي ساگا ۽ لنڊن جو سفرنامو): ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي: 2010ع
(152) سفر در سفر (اوشو آشرم ۽ لنڊن جو سفرنامو): ريٽا شھاڻي: 2010ع
(153) هلي ڏسجي هندستان: الطاف شيخ: 2010ع
(154) اپسرائن جي شھر استنبول ۾: امتياز منگي: 2010ع
(155) کيرٿر جو سفر (ڀاڱو پهريون):بدر ابڙو'> بدر ابڙو: 2010ع
(156) ورهاڱي ۽ لاڏاڻي بعد سنڌ جو ديدار (سفرنامو): پريتم ورياڻي: 2010ع
(157) مسافر ڪربلا جا: دلشاد مرزا: 2010ع
(158) پکي اڏاڻا پرديس: الطاف شيخ: 2011ع
(159) ٽوئر ٽو آمريڪا: عبدالحئي پليجو: 2011ع
(160) ممباسا، شيدي بادشاھہ همباشا (آفريڪا جو سفرنامو): الطاف شيخ: 2011ع
(161) هل تہ دهلي گهمون: يوسف سنڌي: 2011ع
(162) سفرنامه قرقي: صاحبزاده محمد ڪرم (دلبر سائين): 2011ع
(163) ڏيھہ پرڏيھہ جو سفر: الطاف شيخ: 2012ع
(164) بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾: الطاف شيخ: 2012ع
(165) هليو آ، هليو آ، ملائيشيا: الطاف شيخ: 2012ع
(166) مون کي موهيو ملائيشيا: الطاف شيخ: 2013ع
(167) هوا جي ديوار: منظور جوکيو: 2013ع
(168) سفر ڪهاڻيون (ڪوريا، افغانستان، مالديپ، نيپال، ڪمبوڊيا جا سفرناما): نصير اعجاز: 2013ع
(169) اڌ مهينو ايران ۾: يوسف سنڌي: 2013ع
(170) سوئي راحت روح جي (حج جو سفر): پروفيسر محمد رحيم رانولاڻي: 2013ع
(171) ڏور جنين جو ڏيھہ (سفرنامو): ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي: 2013ع
(172) جن کي سچي سڪ (سعوديءَ جو سفرنامو): غلام جعفر سومرو: 2014ع
(173) پونا ايڪسپريس (هندستان جو سير): موهن مدهوش: 2014ع
(174) سعودي سعادت: خان جروار'>محمد خان جروار: 2014ع
(175) ڏور بہ اوڏا سپرين (دهليءَ جو سفرنامو): مهرالنساءِ لاڙڪ: 2014ع
(176) مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو: ذوالفقار هاليپوٽو: 2015ع (177) سِڪ سڄڻ يار جي: حاجي عبدالڪريم سگهار: 2016ع (178) چوٿون چڪر آمريڪا جو: آغا ثناءَ : 2016ع (179) ساهان اوڏا سپرين: عنايت بلوچ: 2016ع وڌيڪ ڏسو : سنڌي سوانحي ادب


هن صفحي کي شيئر ڪريو