سنڌي اڪيڊمي دهلي

سنڌي اڪيڊمي دهلي

سنڌي اڪيڊمي دهلي

سنڌي اڪيڊمي، دهلي: سنڌي اڪيڊمي دهلي، سنڌي ٻولي، ادب جي واڌاري، ان جي تشهير ۽ تدريس جي ڪم ڪرڻ سميت ثقافت جي ترقي ۽ نمائندگيءَ لاءِ سرگرميون ڪري ٿي. هن اڪيڊميءَ پاران سنڌي ٻوليءَ جي نصابي ۽ غير نصابي توڙي ڪمپيوٽر جي تعليم تي پڻ ڪم ڪيو وڃي ٿو. سنڌي اڪيڊميءَ جو بنياد 1994ع ۾ دهليءَ جي مڪاني حڪومت (هاڻوڪي اين. سي. ٽي گورنمينٽ آف دهلي) وڌو. اڪيڊمي هڪ خودمختيار گورننگ باڊيءَ تي مشتمل آهي، جيڪا اين. سي. ٽي گورنمينٽ آف دهليءَ جي ماتحت دهليءَ جي ميئر جي نگرانيءَ ۾ پنهنجيون سرگرميون سنڌي ادب ۽ ڪلچر بشمول: موسيقي، لوڪ موسيقي، افساني، شاعري، ناول، ادبي تنقيد، ڊرامي بابت سيمينار، ويهڪون ۽ ڪتابن جي ڇپائي، تعليمي ادارن جو قيام ڪرائي انهن ۾ سنڌي پڙهائڻ، سيکارڻ جهڙا ڪم سرانجام ڏئي ٿي. مٿين سرگرمين جي عيوض سنڌي اڪيڊمي هندستان توڙي بين الاقوامي سطح تي سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي ترقيءَ جي حوالي سان ناماچاري رکي ٿي.
اڪيڊميءَ جي چيئرپرسن جو عهدو دهليءَ جي ميئر (جنهن جي حيثيت چيف منسٽر جيتري هوندي آهي) وٽ هوندو آهي. اڪيڊميءَ جي چيئرمئن پاران ادبي شخصيتن، ليکڪن، شاعرن، صحافين ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ مشهور سماجي اڳواڻن مان ٻن سالن لاءِ 20 ميمبر چونڊيا ويندا آهن، جن تي مشتمل گورننگ باڊي اڪيڊميءَ جو سمورو ڪاروهنوار هلائڻ سميت اڪيڊميءَ جي ايندڙ منصوبن جي تيار ڪرڻ، هلائڻ جي ذميوار هوندي آهي. اڪيڊميءَ جي چيئرپرسن، دهليءَ جي چيف منسٽر شيلا ڊڪشٽ آهي. ان کان سواءِ هر هڪ شعبي ۽ ڪم لاءِ ننڍيون سب ڪميٽيون تشڪيل ڏنيون وڃن ٿيون، جن تي اڪيڊميءَ جي دائريڪار ۾ ايندڙ سرگرمين جي سرانجاميءَ جي ذميواري هوندي آهي.
سنڌي اڪيڊميءَ پاران سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت مختلف وقتن تي ڪيترائي سيمنار، ڪانفرنسون، ورڪشاپ، ڪوي ميلا ۽ ثقافتي ميلا منعقد ڪري ملهايا ويا آهن. اسڪولي توڙي ڪاليجي شاگردن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تقريري تحريري مقابلا، نوجوانن ۾ سنڌيت جو پرچار ڪرڻ، نوجوان شاعرن ۽ ليکڪن کي ٻولي ۽ ثقافت جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڪيڊمي پاڻ سان سلهاڙي ٿي.
اڪيڊميءَ جي بنيادي سرگرمين ۾ هيٺان ڪم شامل آهن:
• ثقافتي پروگرام ڪرائڻ، جن ۾ ادبي مقصد ڪارفرما هجن.
• سنڌي ادب متعلق سيمينار، ليڪچر ۽ مواد جي ڇپائي ڪرڻ،
• سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ ۽ ثقافتي ترقيءَ لاءِ ڪانفرنسون، ورڪشاپ، سيمينار منعقد ڪرڻ.
• اسڪولي شاگردن لاءِ غير نصابي سرگرميون تشڪيل ڏيڻ، انهن ۾ پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ڏانهن رغبت پيدا ڪرڻ.
• سنڌي اديبن، عالمن، ليکڪن، فنڪارن، سماجي ڪارڪنن جا انٽرويو ڪرڻ، فوٽو لائبرريون ۽ ڊاڪيومينٽريون ٺاهڻ وغيره.
• سنڌيءَ ۾ ڊراما، ميلا، ڊرامن بابت ورڪشاپ، فلمي ميلا، لوڪ ميلا وغيره منعقد ڪرائڻ.
• سنڌيءَ ۾ ٽه ماهي مئگزين جاري ڪرڻ سميت نيوزليٽر، ٻارن لاءِ ماهوار مئگزين جاري ڪرڻ.
• سينٽرل ساهتيه اڪيڊمي انڊيا پاران انعام يافته سنڌي زبان ۾ لکيل ڪتابن تي اوارڊ ڏيڻ، لوڪ ادب کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ.
• ڪتابي ميلا لڳرائڻ، مختلف ڪتابي ميلن ۾ سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جا اسٽال لڳائڻ.
سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ هر سطح تي ڪم ڪرڻ، مثال طور: سنڌي سکيا جا ڪلاس هلائڻ، سنڌي پنچائتن جي سهڪار سان انڊيا، خاص طور دهليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي فلاح لاءِ ڪم ڪرڻ، پئنچائت گهرن ۽ جهولي لال مندرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا لاءِ ڪلاس هلائڻ جهڙا ڪم سنڌي اڪيڊميءَ جي ڪمن جي دائريڪار ۾ اچن ٿا.
سنڌي اڪيڊمي انڊيا اندر هڪ منفرد فلاحي ادارو آهي، جيڪو هر سطح تي سنڌي فڪر جي ترجماني ڪندي ان جي واڌاري لاءِ سرگردان رهي ٿو. اڪيڊميءَ ۾ هيٺين اسڪيمن تحت پڻ مختلف رخن کان خدمتون سرانجام ڏنيون پيون وڃن.
پيرسنن لاءِ اسڪيم: هن اسڪيم تحت عمر رسيده شخص کان سنڌيءَ جي تعليم لاءِ خدمتون حاصل ڪيون وڃن ٿيون، جنهن سان انهن جي مالي معاونت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جهڙا ٻه مقصد حاصل ڪيا وڃن ٿا. هند ۾ رهندڙ عمر رسيده شخص سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي رسم الخط بابت وڏي پروڙ رکن ٿا. هن اسڪيم تحت ان قابليت ۽ موقعي کي درست استعمال ڪيو وڃي ٿو.
نوجوانن لاءِ اسڪيم: سنڌي ٻولي، ادب، ثقافت کي نوجوانن، نئين ٽهيءَ ۾ اجاڳر ڪرڻ لاءِ سيمينار، ورڪشاپ، تعليمي پروگرام ڪرائڻ ته جيئن اهي سنڌي سماج جي قدرن کان واقفيت حاصل ڪري سگهن ۽ انهن ۾ پنهنجي ورثي سان محبت پيدا ٿي.
سماج جي لاچار طبقي لاءِ اسڪيم: اڪيڊميءَ پاران سهائتا پروگرام منعقد ڪري انهن مان حاصل ٿيندڙ رقم معاونت طور ضرورتمند طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن، فنڪارن، ليکڪن ۽ شاگردن کي ڏني وڃي ٿي. ان کانسواءِ اڪيڊميءَ پاران ڪمپيوٽر سکيا اسڪيم، انڊيا سطح تي بين الصوبائي ثقافتي پروگرام ڪرائي، سنڌي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ، بين الاقوامي تدريسي سيمينار، ٽي. وي ۽ ريڊيو تي سنڌيءَ ۾ پروگرام هلرائڻ وغيره جهڙيون اسڪيمون پڻ جوڙيل آهن، جن تحت نتيجه خيز ڪم ڪيو پيو وڃي.
اڪيڊميءَ پاران هن وقت تائين هيٺيان ڪتاب پڻ شايع ڪرايا ويا آهن: شاهه جو رسالو، سچل سرمست جو ڪلام، ساميءَ جا سلوڪ، رتن مالا (حصو پهريون: ليکڪ ڏيپچند ٻيلاڻي، گورڌن ڀارتيرتن مالا (حصو ٻيو)، ڀارت ۾ سنڌي تعليم جو هڪ جائزو، ڊاڪٽر ڪاهيا لال ليکواڻي، ساهه سيباڻا سپرين (وينا شرنگي).
هيٺيان ڪتاب ديوناگري لپيءَ ۾ ڇپيل آهن: ٻاراڻيون ٻوليون (اين. آر. ملڪاڻي)، ستارا (ڏيپچند ٻيلاڻي)، ايڪتا جو آواز (امر اڏيرو لعل ۽ ليکراج هنس)، ٻارن جا لوڪ گيت (هوندراج ٻلواڻي)، ٻارن جون لوڪ رانديون (هوندراج ٻلواڻي)، پروليون (هري دلگير)، چيخ (هرو مل سدارنگاڻي)، ست ڏينهن (ڪرشن کٽواڻي)، ابو (هري موٽواڻي)، ڌرتيءَ جو درد (ارجن حاسد)، منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق (پوپٽي هيراننداڻيباهه جا وارث (ايم. ڪمل)، پل پل جو پڙلاءُ (هٿيوڳي)، موڳو (ارجن حاسد).
سنڌي- عربي، سنڌي- ديوناگري لپيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب: ورهاڱو (موتي لعل جوتواڻي: ايڊيٽر)، سنڌو ندي (موتي لعل جوتواڻي: ايڊيٽر)، اچو ته سنڌي سکون (پرسو گدواڻي، جي. پي. واسواڻي)، پراٿما، مڌيامه (موتي لعل جوتواڻي ۽ پرسو گدواڻي)، سنڌي ڀاشا (مرليڌر جيٽلي)، Self Sindh Instructor (آنندرام ٽي. شاهاڻي) وغيره آهن.
اڪيڊميءَ پاران سنڌي ڪلچر ۽ زبان متعلق انگريزيءَ ۾ هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:
(1) The Sindh Story (ڪي. آر. ملڪاڻي)
(2) Sindhi Culture (ڊاڪٽر يو. ٽي. ٺڪر)
(3) Gandhiji on Sindh and the Sindhies (ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي: سهيڙيل)
اڪيڊميءَ جو سمورو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ هڪ نوڊل (Nodel) آفيسر مقرر هوندو آهي، اڪيدميءَ جي سالياني بجيٽ ۾ طئي شده منصوبن لاءِ چوئتاليهه لک، ٽيچنگ اسڪيم لاءِ ٽي لک ۽ باقي ٻين سرگرمين لاءِ 30 لک يعني مجموعي طور 77 لکن جي بجيٽ مختص هوندي آهي.
هيءَ اڪيڊمي سنڌي ادب، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي واڌاري سان سنڌيت جو پرچار ڪري ٿي. بين الاقوامي طور تي مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل سنڌين جي وچ ۾ باهمي ڳانڍاپي جو پڻ هڪ وڏو ذريعو آهي.


لفظ سنڌي اڪيڊمي دهليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو