
سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف
سنڌي ثقافت ۽ شاھہ لطيف (ڪتاب): سنڌ جي ثقافت، سدا حيات شاعر ۽ مفڪر شاھہ عبداللطيف جي ڪلام تي لکيل هي ڪتاب ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جو لکيل سنڌ يونيورسٽي ۾ پي. ايڇ. ڊي لاءِ پيش ٿيل مقالو آهي. هن ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي: پهريون ڀاڱو ٽن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ثقافت جي معنيٰ ۽ مفهوم، سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ جو مختصر جائزو ۽ شاھہ عبداللطيف جي سُرن جي تشريح جھڙا مضمون شامل آهن. هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو ستن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شاھہ صاحب جي ڪلام ۾ سنڌ جا جاگرافيائي اهڃاڻ، شاھہ جي رسالي ۾ آيل تاريخي اهڃاڻ، شاھہ جي رسالي ۾ آيل داستانن جو تاريخي پسمنظر، شاھہ صاحب جي ڪلام ۾ مذهبي عنصر، شاھہ عبداللطيف جي ڪلام ۾ سياسي اهڃاڻ، شاھہ لطيف جي ڪلام ۾ اقتصادي عنصر، شاھہ صاحب جي ڪلام جي ٻولي ۽ ان جي فني پهلو تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي.
470 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ، 1991ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ملھہ ڪچي جلد سان 100 روپيا آهي.