سنڌي زبان سوسائٽي: پاڪستان جي پهرئين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل محمد ايوب خان، ملڪ ۾ نام نهاد سڌارن آڻڻ لاءِ ڪيتريون ڪميشنون قائم ڪيون هيون، جن مان هڪ ڪميشن ’ڪميشن آن نيشنل ايجوڪيشن‘ به هئي، جنهن کي عام طور ’شريف ڪميشن‘ سڏيو ويندو هو. شريف ڪميشن، ’مغربي پاڪستان‘ (ون يونٽ هئڻ ڪري صوبن جي وجود ۽ تشخص ختم ڪيو ويو هو) جي سنڌ ۽ سرحدي علائقن ۾، اُردو زبان کي ابتدائي ٽئين درجي کان لازمي ڄاڻائيندي، حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزنن ۾ ڇهين درجي کان اردوءَ کي تعليم جو واحد ذريعو ٺهرايو، جنهن موجب انگريزن جي دؤر کان سنڌ ۾ پرائمريءَ کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين ذريعه تعليم رهندڙ سنڌي زبان فقط پنجين درجي پرائمريءَ تائين محدود ٿي وڃڻي هئي. ان زيادتيءَ خلاف، حيدرآباد سنڌ جا نامور عالم، اديب، شاعر، دانشور ۽ استاد آواز ۽ احتجاج بلند ڪرڻ لاءِ 12 فيبروري 1960ع تي، اورينٽيئل ڪاليج حيدرآباد سنڌ جي پرنسپال مخدوم امير احمد صاحب وٽ گڏ ٿيا ۽ گڏيل مشاورت سان سندس صدارت هيٺ ’سنڌي زبان سوسائٽيءَ‘ جو قيام عمل ۾ آندو. سوسائٽيءَ جو صدر مخدوم امير احمد کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ان جو اعزازي سيڪريٽري مقبول احمد ڀٽي ٿيو. ’سنڌي زبان سوسائٽيءَ‘ شريف ڪميشن جي رپورٽ ۾ ’ذريعه تعليم‘ (مادري زبانن بجاءِ اردوءَ کي بنائڻ) بابت رٿ/فيصلي تي سخت ڳڻتي ۽ ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪندي، هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو، جنهن جو مڪمل متن هن ريت آهي:
”حيدرآباد شهر جي عالمن، اديبن ۽ معزز شهرين جو هي اجلاس، ’تعليمي ڪميشن‘ جي ’قومي تعليم‘ بنسبت ظاهر ڪيل سفارشن ۾، صفحي 290 تي آيل، انهيءَ تجويز تي تشويش جو اظهار ٿو ڪري، جنهن مطابق اولهه پاڪستان صوبي جي، سنڌ ۽ سرحدي علائقن ۾، اردو زبان کي ابتدائي ٽئين درجي کان لازمي ڄاڻائيندي، حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزنن ۾ ڇهين درجي کان اردوءَ کي تعليم جو واحد ذريعو ٺهرايو ويو آهي.“
”هن اجلاس جو خيال آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جي مختلف علائقائي زبانن، ادب ۽ تعليمي ادارن کي زندهه رکڻو آهي ته پوءِ انهن کي آزاديءَ سان وڌڻ ۽ ويجهڻ جا موقعا ڏيڻ گهرجن. لساني، تعليمي توڙي نفسياتي لحاظ کان ڪنهن به نسل جي صحتمند تعليم ۽ تربيت صرف اهڙيءَ صورت ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي، جڏهن اُن جي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو ذريعو سندس ’مادري زبان‘ کي ٺهرايو وڃي.“
”هي اجلاس حڪومت پاڪستان کي زوردار گذارش ٿو ڪري ته سنڌي زبان، پاڪستان جي هڪ تمام قديم، ترقي يافته، شاهوڪار، تاريخي، علمي ۽ ادبي زبان آهي، جنهن کي پاڪستان جي هڪ اهم حصي جي مادري زبان هئڻ جو شرف پڻ حاصل آهي، جيڪا گذريل ڏيڍ صديءَ کان سنڌ صوبي جي سڀني درسگاهن ۾ تعليم جو ذريعو رهندي آئي آهي ۽ جيڪا پاڪستان جي هڪ وڏي علائقي جي معاشي ۽ معاشرتي، ذهني ۽ فڪري ترقيءَ جو ذريعو بنيل آهي، تنهن جي موجوده حيثيت کي نظر انداز ڪرڻ پاڪستان جي باشندن جي هڪ وڏي اڪثريت کي سندس ذهني پرورش جي حقيقي ذريعي کان محروم ڪرڻ جي برابر ٿيندو ۽ اها ڳالهه سڌي طرح ملڪ جي اجتماعي توڙي انفرادي، علمي توڙي ادبي، تعليمي توڙي تهذيبي ترقيءَ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري ضروري آهي ته سنڌي زبان کي سنڌ صوبي جي سڀني مڊل ۽ سيڪنڊري هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ذريعه تعليم جي حيثيت سان بدستور بحال ۽ برقرار رکيو وڃي.“
’سنڌي زبان سوسائٽي‘ ٺهراءَ سان گڏ مرڪزي سرڪار کي هڪ يادداشت نامو (Memorandum) پيش ڪرڻ؛ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سهڪار سان سڄي سنڌ مان عوام کان صحيحون وٺي، صدر پاڪستان کي موڪلڻ ۽ هڪ پوسٽ ڪارڊ تيار ڪرائي، سنڌي عوام کان ڀرائي، عوامي راءِ جو اظهار صدر پاڪستان کي موڪلڻ جا به فيصلا ڪيا ته جيئن ’شريف ڪميشن‘ جي مادري زبانن خلاف ڏنل غير جمهوري فيصلي کي رد ڪرائي سگهجي. سنڌ جي مشهور روزاني اخبارن: ’عبرت‘ (حيدرآباد)، ’مهراڻ‘ (ڪراچي)، ’نواءِ سنڌ‘ (ڪراچي)، ’هلال پاڪستان‘ (حيدرآباد)، سان گڏ هفتيوار اخبارن: ’الهلال‘ (ٽنڊو الهيار)، ’مجاهد‘ (جيڪب آباد)، ’ڍنڍورو‘ (خيرپورميرس)، ’انسان‘ (حيدرآباد)، ’الحيدر‘ (ٺٽو)، ’آزاد‘ (ڪراچي)، ’خادم وطن‘ (ميرپورخاص)، ’همدرد‘ (ميرپورخاص)، ’پنجتني‘ (حيدرآباد)، ’مظلوم‘ (نوابشاهه) ۽ ٻين زوردار ۽ مدلل ايڊيٽوريل لکي، سنڌي زبان سوسائٽيءَ جي ٺهراءَ جي حمايت ڪئي.
سنڌي زبان سوسائٽيءَ، هڪ يادداشتنامو (Memorandum) تيار ڪرايو، جنهن جو اوائلي ڊرافٽ پروفيسر علي نواز ٺاهيو، جنهن کي ٻين عالمن ۽ قانوندانن نظر مان ڪڍي مڪمل ڪيو، اهو ڊرافٽ پهرين اڳوڻي مرڪزي وزير ذوالفقار علي ڀُٽي کي پيش ڪيو ويو ته جيئن جنرل محمد ايوب خان تائين پهچائي. ان ڏس ۾ سوسائٽيءَ جو هڪ وفد مخدوم امير احمد (صدر) جي اڳواڻيءَ ۾ مرڪزي وزير تعليم حبيب الرحمان سان حيدرآباد ۾، ريلوي اسٽيشن تي، سندس سئلون ۾ وڃي مليو. وفد ۾ ٻيا ميمبر محمد ميمڻ وڪيل (حيدرآباد)، سيد سردار علي شاهه ’ذاڪر‘
(ايڊيٽر روزانه ’مهراڻ‘ ڪراچي)، مولانا غلام محمد گرامي (ايڊيٽر ٽماهي ’مهراڻ‘، سنڌي ادبي بورڊ)، حفيظ قريشي (وڪيل) حيدرآباد ۽ خواجه
غلام علي الانا (ليڪچرر سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ۽ سيڪريٽري سنڌي زبان سوسائٽي) هئا. (مقبول ڀٽيءَ جي چئن مهينن بعد استعيفا سبب غلام علي الانا باقاعدي سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري بنايو ويو هو) وفد وزير تعليم کي سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، اهميت ۽ ذريعه تعليم واري حيثيت کان آگاهه ڪيو ۽ صدر لاءِ تيار ڪيل ميمورنڊم پڻ پيش ڪيو.
سنڌي ادبي سنگت جي قيادت ۽ مختلف شاخن سنڌي زبان سوسائٽي جي ٺهراءَ جي تائيد ۾ زبردست مهم هلائي، گڏوگڏ ڪاغذن جي چُٽڪين تي عوام کان صحيحون وٺي، هڪ اسڪرول ٺهرايو هو جيڪو اڄ به انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ ۾ محفوظ آهي. اهڙي ريت سنڌي ادبي سنگت، اخبارن، رسالن، قومي اسيمبليءَ جي سنڌي ميمبرن، سماجي اڳواڻن، استادن جي تنظيمن، سنڌي ذريعه تعليم واري مسئلي تي سنڌي زبان سوسائٽيءَ سان همراهي ٿي، مختلف محاذن تان سخت احتجاج ڪيا ۽ ٺهراءَ بحال ڪيا. اهڙي طرح سنڌي زبان سوسائٽيءَ، غلام علي الانا جي سربراهي ۾ پوسٽ ڪارڊ مهم پڻ هلائي. پوسٽ ڪارڊ جو متن شمشير الحيدريءَ ۽ محمد علي ڏيپلائيءَ تيار ڪيو، جنهن کي محمد عثمان ڏيپلائي ”اسلاميه پرنٽنگ پريس“ مان ڇپايو، حيدرآباد ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ عبدالغفار انصاريءَ جي جيپ ۾، الانا صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ اسد الله قاضي، الله بخش سومرو، عبدالستار ميمڻ، محمد علي ڏيپلائيءَ تي مشتمل ٽيم ڪارڊ ورهايا ۽ شهر ۾ جمال رند ۽ ٻين ڪارڪنن پوسٽ ڪارڊ ورهائڻ جو ڪم ڪيو.
سنڌي ادبي سنگت سنڌ، 23 سيپٽمبر 1962ع تي سالياني ڪنوينشن ۾ هڪ زوردار ٺهراءُ پاس ڪيو.
”سنڌي ادبي سنگت“ هن ڳالهه تي سخت مذمت جو اظهار ٿي ڪري ته حڪومت جي قومي تعليمي ڪميشن جي رپورٽ، پنهنجين سمورين خامين سان سنڌي زبان کي ذريعه تعليم طور محدود ۽ نظر انداز ڪري ڇڏڻ سان گڏ، ملڪ جي سنڌي ڳالهائيندڙ عوام کي سندن بنيادي حقن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. ڪميشن جي رپورٽ، جديد دور ۾، عالمي طور تسليم ٿيل بنيادي انساني قدرن جي بلڪل اُبتڙ آهي ۽ اها يونيسڪو جي طئي ڪيل فيصلن جي سراسر خلاف آهي.“ ”ڪميشن جون سفارشون اسي لک سنڌي ڳالهائيندڙ عوام جي تعليمي سرگرمين کي مڪمل طرح تباهه ڪري ڇڏينديون، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي هن حصي جا ماڻهو هر ڪنهن ميدان ۾ پوئتي رهجي ويندا.“
”هن علائقي جي هر طبقي جا ماڻهو، اخبارن ۽ ٻين سمورن ذريعن سان، ڪميشن جي رپورٽ رد ڪري، ان جي خلاف اڳي ئي زوردار احتجاج بلند ڪري چڪا آهن. انهيءَ احتجاج کي هڪ ڀيرو وري به دهرائيندي اسين مطالبو ٿا ڪريون ته هن وقت جڏهن حڪومت تعليمي ڪميشن جي رپورٽ تي نظرثاني ڪرڻ تي آماده ٿي رهي آهي، تڏهن ملڪ جي بهتريءَ ۽ ترقي خاطر، نهايت ضروري آهي ته حڪومت ’مادري زبان‘ ذريعي تعليم ڏيڻ جوا صول اختيار ڪري.“
”اسين ان ڪري تقاضا ٿا ڪريون ته هڪ نئين تعليمي ڪميشن مقرر ڪئي وڃي، جنهن ۾ ملڪ جي سمورين علائقائي زبانن جي تعليمي ماهرن جي نمائندگي موجود ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ لاءِ ڪو بهترين ۽ مثالي تعليمي نظام وجود ۾ آڻي سگهجي.“
نيٺ سنڌي زبان سوسائٽي، سنڌي ادبي سنگت ۽ عوامي آواز آڏو حڪومت پاڪستان گوڏا جهڪايا ۽ 13 آڪٽوبر 1962ع تي مرڪزي حڪومت هڪ آرڊيننس ذريعي سنڌي زبان کي انٽر تائين ذريعه تعليم طور قبول ڪيو. ان کانپوءِ حيدرآباد شهر ۽ سنڌ جي مختلف ادبي ۽ اشاعتي انجمنن، سنڌ يونيورسٽي ۽ مقامي ڪاليجن جي استادن تي مشتمل هڪ ’ائڪشن ڪميٽي‘ ٺاهي وئي، جنهن 9 نومبر 1962ع تي سڄي سنڌ ۾ ’يوم سنڌي زبان‘ جو اعلان ڪيو. ان ڏينهن سڄي سنڌ ۾ جوش خروش سان ’يوم سنڌي زبان‘ ملهايو ويو، جلوس جلسا ڪڍيا ويا، سمورين اخبارن، ’يوم سنڌي زبان‘ بابت ايڊيٽوريل لکيا.
1960.02.12 عيسوي
سنڌ جا نامور عالم، اديب، شاعر، دانشور ۽ استاد آواز ۽ احتجاج بلند ڪرڻ لاءِ 12 فيبروري 1960ع تي، اورينٽيئل ڪاليج حيدرآباد سنڌ جي پرنسپال مخدوم امير احمد صاحب وٽ گڏ ٿيا ۽ گڏيل مشاورت سان سندس صدارت هيٺ ’سنڌي زبان سوسائٽيءَ‘ جو قيام عمل ۾ آندو. سوسائٽيءَ جو صدر مخدوم امير احمد کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ان جو اعزازي سيڪريٽري مقبول احمد ڀٽي ٿيو.
1962.10.13 عيسوي
سنڌي زبان سوسائٽي، سنڌي ادبي سنگت ۽ عوامي آواز آڏو حڪومت پاڪستان گوڏا جهڪايا ۽ 13 آڪٽوبر 1962ع تي مرڪزي حڪومت هڪ آرڊيننس ذريعي سنڌي زبان کي انٽر تائين ذريعه تعليم طور قبول ڪيو.
1962.11.09 عيسوي
9 نومبر 1962ع تي سڄي سنڌ ۾ ’يوم سنڌي زبان‘ جو اعلان ڪيو. ان ڏينهن سڄي سنڌ ۾ جوش خروش سان ’يوم سنڌي زبان‘ ملهايو ويو، جلوس جلسا ڪڍيا ويا، سمورين اخبارن، ’يوم سنڌي زبان‘ بابت ايڊيٽوريل لکي