سنڌي سنگيت ڊراما

سنڌي سنگيت ڊراما (ڊرامي جو قسم): سنڌي سنگيت ڊراما، ڊرامـن جـو اهـم قسـم آهي، جنهن ۾ مڪالمن کي نثر جي بدران نظم ۾ جــوڙي سُـرن سـان ڳائـڻ ۽ سـازن سـان رقـص ۽ مـوسيـقـيءَ جـي ذريعي اسٽيج تي پيش ڪيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ هن کي ’سانگ ناٽڪ‘، ’راڳ نـاٽـڪ‘ ۽ انگـريــزي ٻـولـيءَ ۾ ‘OPERA’ (سـنگيـت ناٽـڪ) چيو ويندو آهي. تاريخي اعتبار کان سنگيت ڊرامن جي شروعات تقريباً 1200ع ڌاري فرانس جي هڪ شهر ’فلارينسمج‘ ۾ ٿي، جتي نامور فرانسيسي ڊرامانگار جي. پيري (J.Perie) جي لکيل اوپيرا (OPERA) ’يوريڊس‘ (Euridus) کي پهريون ڀيرو ساز ۽ سنگيت سان اسٽيج تي پيش ڪيو ويو. هندستان ۾ قديم زماني کان ڊرامن جو وجود ناٽڪن جي صورت ۾ موجود هو. هندستان ۾ پهريون سنگيت ڊرامو به هڪ فرانسيسيءَ معرفت اَوڌ جي تاجدار ’واجد علي شاهه‘ جي درٻار جي زينت بڻيو. اهو سنگيت ڊرامو سنسڪرت زبان جو شاهڪار ’اندر سڀا‘ هو. جنهن کي سيد آغا حسن علي ’امانت‘ لکنويءَ 1853ع ڌاري نظم ۾ جوڙيو. ’اندر سڀا‘ کانپوءِ هندستان جي مختلف ٻولين جهڙوڪ: گجراتي، مرهٽي ۽ هنديءَ ۾ ان وقت جيڪي ڊراما لکيا ويا، تن ۾ ڪثرت اهڙن ڊرامن جي هئي، جيڪي راڳ ۽ سنگيت تي ٻڌل هئا. انهن جو سڄو سٽاءُ ناچ ۽ راڳن تي بيٺل هوندو هو. مڪالمن ۾ شعر، قافيي ۽ مسجع کي ضروري سمجهيو ويندو هو ۽ نثر بدران نظم کي ترجيح ڏني ويندي هئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان پهريون ڊرامو ’ليليٰ مجنون‘ اوپيرا جي صورت ۾ 1880ع ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جوڙيو، جنهن جي منڍ ۾ لکي ٿو ته: ’ڊرامي جا ٻه قسم آهن، هڪڙو ناٽڪ جو نثر وانگي پڙهجي، ٻيو ناٽڪ شعر ۾، جو راڳ ۾ ڳائجي‘. ان مان ظاهر آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڊراما نويس مرزا قليچ بيگ آهي ۽ سنڌي ادب جو پهريون سنگيت ڊرامو ’ليليٰ مجنون‘ آهي، جنهن کي مرزا صاحب سنگيت ناٽڪ جي صورت ۾ راڳن ۽ سرن ۾ جوڙيو. اصل ۾ هي ڊرامو گجراتي زبان جي مقبول ڊرامانويس نوشير وانجهي مهر وانجهي‘ رامجيءَ جو تخليق ڪيل هو، جنهن کي ’شيخ محمود احمد‘ رونق بنارسيءَ هندستاني زبان ۾ آندو، جنهن تان مرزا قليچ بيگ راڳ جي صورت ۾ ان کي منظوم ڪيو. جنهن جو هڪ مثال هن ريت آهي:
مجنون:
شرم جي ڌارين ته پوءِ مون نه مل منهنجا پرين،
ساهه سڪندو ٿو وڃي، تنهن کي ورائڻ ڏي وري.
ليليٰ وراڻيو:
ٿيس جدا جنهن ڏينهن تو کان حال ٿيو منهنجو تباهه،
چشم گريان، سربه عريان، سينه بريان آهيان.
1894ع ڌاري مرزا قليچ ٻيو سنڌي سنگيت ڊارمو ’گل بڪاولي‘ نالي جوڙيو، جيڪو مولوي الاهي بخش جو هنديءَ ۾ لکيل هو. مرزا قليچ بيگ اوڻويهين صدي جي پڄاڻيءَ تائين تقريباً 20 ڊراما لکيا، جن مان مٿيان ٻئي سنگيت ڊراما هئا. تنهن بعد ويهين صدي کي سنڌي ڊرامن جي عروج جي صدي ڪري سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. مرزا صاحب هن دور ۾ پڻ پنهنجي قلمي ڪاوشن کي جاري رکندي وڌيڪ معياري ۽ مؤثر رٿائن وارا ڊراما لکيا، جن مان هيٺيان ٽي سنگيت ڊراما آهن: شهريار ۽ شهر بانو (1923)، فرهاد و شيرين (1924)، بدر منير ۽ بينظير (1927).
مرزا قليچ کانپوءِ سنڌ جو مشهور شاعر ۽ ڊراما نگار غلام نبي هو. سنڌي ادب ۾ کيس آغا صوفيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس قلمي ڪارنامن ۾ سچل جي شعر جي شرح ۽ طبي جواهر کانسواءِ سنگيت ڊراما به شامل آهن.
ورهاڱي کان اڳ ڊرامن جي دنيا ۾ شاهه لطيف جي سرن تي مشتمل ڪيترا ڊراما لکيا ويا، جهڙوڪ: مومل ۽ مينڌرو؛ لعلچند امرڏني مل جڳيتياڻي جا: عمر مارئي، سهڻي ميهار، مومل راڻو وغيره، پر انهن ڊرامن کي سنگيت ڊرامن سميت نثري مڪالمن وارا ڊراما چئي ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ شاهه صاحب جي بيتن سان گڏ نثري مڪالما پڻ گهڻي حد تائين موجود آهن. ان کانپوءِ شيخ اياز جا ٽي سـنگـيـت ناٽڪ: ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسـي‘، ’دودي سومري جو موت‘، ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘ ۽ ’رنيڪوٽ جا ڌاڙيل‘ شايع ٿيا آهن. ارجن شاد جو ڊرامو ’ڏاهيون ڏک ڏسن‘ ۽ سراج ميمڻ جو ’تند تنوار‘ سنگيت ناٽڪ پڻ ڇپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو