سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ

سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ

سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ

سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ (ڪتاب): هي سنڌي شاعري جي تاريخ تي مبني ڪتاب ڊاڪٽر عبدالجبار ‘عابد’ جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ ‘پنھنجي پاران’ قمر ميمڻ ۽ ‘پيش لفظ’ ڊاڪٽر عبدالجبار ‘عابد’ لغاري پاڻ لکيو آهي. جڏهن تہ ڪتاب جو مهاڳ ‘شاعري ماعري’ جي عنوان سان نامور شاعر نياز همايونيءَ لکيو آهي. ڪتاب ۾ ابتدائي دؤر، سومرون جو دؤر، سما دؤر، ارغون، ترخان ۽ مغليه دؤر، ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دؤر، برطانوي دؤر، ٽالپر دؤر کان 2002ع تائين. هر دؤر جي شاعر جي مختصر تعارف سان گڏ سندس شعر جو نمونو ڏنل آهي. ڊيمي سائيز ۾ هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1999ع ۾ ڇپيو. جڏهن تہ هي ٻيو ڇاپو 2001ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور پاران ڇپيو. 192 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 72 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو