سنڌي شعبو اوساڪا يونيورسٽي جپان

سنڌي شعبو اوساڪا يونيورسٽي، جپان: جپان ۾ مکيہ تعليمي اداري طور اوساڪا يونيورسٽيءَ جو وڏو نالو آهي. هيءَ يونيورسٽي سائنسي تحقيق ۽ خاص طور انجنيئرنگ سائنس جي ايجادن ۾ سموريءَ دنيا ۾ اڳري سمجهي وڃي ٿي. يونيورسٽيءَ ۾ ٻولين جي علم، ادب سميت فنون لطيفہ جا مضمون وغيرہ بہ پڙهايا وڃن ٿا. يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ بہ سنڌي شعبو قائم آهي، جتي باقاعدگيءَ سان سنڌي لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي. هتي سنڌي شعبي جو هيڊ مختلف ٻولين جو ماهر مامياسن آهي. مامياسن پنھنجي پڙهائيءَ دوران آخري سال جي اسائينمينٽ تحت دنيا جي مکيہ ٻولين مان سنڌيءَ کي پنھنجي تحقيق لاءِ چونڊيو ۽ سنڌ آيو. هن 1990ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي مضمون ۾ ايم. اي ڪئي. باقاعدي سنڌي سکيو. سنڌي ٻوليءَ سان سندس انسيت وڌي ۽ سنڌ جي تهذيبي قدرن کان ايترو متاثر ٿيو، جو واپس ڏيھہ وڃي پنھنجي مادرعلمي اوساڪا يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ جي رٿ پيش ڪيائين، جيڪا جاپان حڪومت منظور ڪندي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو شعبو قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني.
جپان جي اوساڪا يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اڪثر جپاني شاگرد پڙهن ٿا، جيڪي سنڌيءَ جي مروج رسم الخط ۾ لکي ۽ پـڙهي توڙي سنڌي ٻولي ڳالهائي سگهن ٿا. سـنـڌ جـو ناليـوارو سياح ۽ سـفـرنامـا نـويـس الطاف شيخ پڻ سـنڌي شـعبي ۾ ڪيترائي ڀيرا ليڪچر ڏئي چڪو آهي. اوساڪا يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ تدريسي عمل ۽ سنڌ جي تهذيبي قدرن ۽ تمدني زندگيءَ بابت بہ پڙهايو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو