سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي: ڪراچي يونيورسٽي، 1950ع ۾ قومي اسيمبليءَ پاران منظور ڪيل هڪ ائڪٽ تحت 1951ع ۾ قائم ٿي، ان وقت سنڌ يونيورسٽي، جيڪا اپريل 1947ع ۾ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي هئي، تنهن کي حيدرآباد لڏايو ويو ۽ پرنسس اسٽريٽ (جنهن کي هاڻ چاند بي بي روڊ سڏجي ٿو) تي واقع سنڌ يونيورسٽي جي عمارتن ۾ ڪراچي يونيورسٽي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. پروفيسر اي. بي. حليم، جنهن کي پير الاهي بخش، عليڳڙھہ کان آڻي، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو، ان کي ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. ڪراچي جيئن تہ ان وقت وفاقي گاديءَ جو شھر بہ هو، تنهنڪري ڪراچي يونيورسٽيءَ کي وفاقي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو ۽ تعصبي پاليسيءَ هيٺ سنڌيءَ جو شعبو قائم نہ ڪيو ويو، البت ڪراچيءَ جي ايس. ايم. ڪاليج کي، جيڪو هڪ ڊگري ڪاليج هو، سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪرائڻ جو يونيورسٽيءَ سان الحاق ڏنو ويو، جيڪو پنھنجي نوعيت جو منفرد الحاق هو.
1971ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي ۽ سنڌ سرڪار جي جڙڻ کانپوءِ، صوبائي حڪومت جي هدايتن تي جنوري 1972ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبو قائم ٿيو. ان وقت ايس. ايم. ڪاليج ۾ پڙهندڙ ايم. اي فائنل جي ستن شاگردن کي ڪراچي يونيورسٽيءَ منتقل ڪيو ويو. اياز حسين قادري، جيڪو ان وقت ايس. ايم. ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر هو، تنهن کي يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ هيڊ آف دي ڊپارٽمنٽ مقرر ڪيو ويو. گڏوگڏ نواز علي شوق کي ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. ان وقت فقط ايم. اي لاءِ داخلائون ڏنيون ويون.
سنڌي شعبي جي پهرين بيچ (جٿي) ۾ ذوالفقار علي قادري (رٽائرڊ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ) ايم. اي ۾ پهرين پوزيشن ماڻي، سندس نہ فقط فيڪلٽي پر يونيورسٽيءَ ۾ بہ پهرين پوزيشن آئي، جيڪا يونيورسٽيءَ جي اختيارين لاءِ هڪ ڇرڪائيندڙ ڳالھہ هئي. پهرين بيچ ۾ ٻئي نمبر ماڻيندڙ سليم ميمڻ کي يونيورسٽيءَ ۾، اپريل 1973ع ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار ڪري رکيو ويو.
ان کانپوءِ شعبي ۾ عبدالرحمان چنا، فھميدہ حسين، خورشيد عباسي، عابد شاھہ، ناهيد پروين، عبدالغفور ميمڻ، رخمان گل پالاري ۽ تازو ئي ساجده پروين ليڪچرر جي حيثيت ۾ مقرر ٿيا. پرفيسر ڊاڪٽر اياز قادري ٽن مدن لاءِ ڪيترائي سال شعبي جو چيئرمئن رهڻ کانپوءِ 1986ع ۾ رٽائر ڪيو، جنهن کانسواءِ کيس شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، جنهن جو هو بنياد وجهندڙ ڊائريڪٽر بڻيو. هو 1997ع ۾ وفات ڪري ويو. ان کان سواءِ مختلف دورن ۾ 5 سال پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي شوق چيئرمئن رهيو، جنهن سال 1997ع ۾ رٽائر ڪيو. ان کانپوءِ عبدالرحمان چنا شعبي جو انچارج ٿيو ۽ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيو. جنهن کانپوءِ ڪجهہ سالن بعد وفات ڪري ويو. ڊاڪٽر فھميدہ حسين 1995ع ۾ پروفيسر ۽ 1997ع ۾ چيئرپرسن ٿيڻ کانپوءِ ترت ئي 1998ع ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر ٿي، جتان هن 2008ع ۾ رٽائر ڪيو ۽ هن وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن آهي. پروفيسر سليم ميمڻ پڻ 1995ع ۾ پروفيسر بڻيو. هن 21 سال مختلف دورن ۾ چيئرمئن رهڻ کانپوءِ 2010ع ۾ رٽائر ڪيو ۽ هن وقت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر جو ڊائريڪٽر آهي. 2008ع ۾ ڊاڪٽر خورشيد عباسي چيئرپرسن مقرر ٿي، جيڪا 2 سال 8 مهينن کانپوءِ رٽائر ٿي. ان کانپوءَ جيئن تہ شعبي ۾ ڪو پروفيسر ڪونه هو، ان ڪري چيئرمئن مقرر نہ ٿي سگهيو. البت نگران انچارج طور سيد عابد شاھہ کي ڪجهہ وقت ذميداري ڏني وئي.
هن وقت ڊاڪٽر ناهيد پروين، گذريل اڍائي سالن کان شعبي جي سربراھہ آهي.
سنڌي شعبي ۾ بي. اي آنرس کان ايم. اي ۽ پي. ايڇ. ڊيءَ تائين جا ڪورس پڙهايا وڃن ٿا. گذريل 41 سالن ۾ شعبي مان 30 عالم پي. ايڇ. ڊي ڪري چڪا آهن. سنڌي شعبي جي استادن مان نواز علي شوق، فھميدہ حسين، خورشيد عباسي، سيد عابد شاھہ، ناهيد پروين، عـبدالغـفـور ميمڻ، رخـمان گل پـالاري، پي. ايڇ. ڊي ڪئي، جڏهن تہ پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ ڪجهہ ٻين محققن ۾ ڪليم لاشاري، غلام حيدر چنه، رضيہ کوکر، انيس فاطمہ سومرو، محمد علي مانجهي، مخمور بخاري وغيرہ شامل آهن. هن وقت پڻ ڪيترائي شاگرد پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيا آهن.
هن شعبي ۾ ٻين ڪورسن کان سواءِ سنڌيءَ ۾ سرٽيفيڪيٽ ۽ ڊپلوما ڪورس پڻ هلندڙ آهن، جڏهن تہ سال 2013ع کان بلوچي ٻوليءَ جو سرٽيفيڪيٽ ڪورس پڻ شعبي پاران شروع ڪيو ويو آهي. شعبي پاران ٻہ قومي سطح جا سيمينار ڪرايا ويا، جن ۾ 1976ع ۾ ’سنڌي ادب ۾ نثر ۽ نظم جو واڌارو‘ ۽ 1981ع ۾ ’سنڌي ادب ڪلھہ، اڄ ۽ سڀاڻي‘ شامل آهن، جن ۾ ڏيهي عالمن پنهنجا مقالا پيش ڪيا. ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ڪرايون ويون آهن.
سنڌي شعبي پاران توسيعي ليڪچرن جو سلسلو بہ هلندڙ آهي، جنهن ۾ برک عالم ۽ اديب شاگردن سان اچي پنهنجا خيال ونڊيندا رهيا آهن. انهن عالمن ۽ اديبن ۾ پير حسام الدين راشدي، سراج الحق، امداد حسيني، امر جليل، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، علي احمد بروهي، جمال ابڙو، آغا سليم، غلام نبي مغل. تاج صحرائي، الطاف شيخ، ڊاڪٽر سحر امداد، لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا ۽ ٻيا شامل آهن.
هن شعبي پاران شاگردن جي ڪورس جي ڪتابن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ’ورسٽي سنڌي پبليڪيشن‘ نالي اشاعتي سلسلو بہ ڪجهہ وقت هليو، جنهن تحت ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا ويا آهن، جن ۾: ’هٻڪار‘ (مضمون ۽ مقالا)، ’شبنم شبنم ڪنول ڪنول‘ (ڪهاڻيون: نسيم کرل)، ’چوٽيهون در‘ (نسيم کرل)، ’پشو پاشا‘ (جمال ابڙو)، ’مقدمه لطيفي‘ (تحقيق: ڊاڪٽر گربخشاڻي)، ’بلو دادا‘ (ڪهاڻيون: اياز قادري)، ’ڪويت ڪنارا‘ (سفرنامو: الطاف شيخ)، ’بهارن کي چئجو‘ (شاعري: قمر شھباز)، ’جي پيار هجي ها پاڇولو‘ (ڪهاڻيون: قمر شھباز) ۽ ’وهي کاتي جا پنا‘ (سوانح: لڇمڻ ڪومل) وغيرہ شامل آهن.
هن شعبي جي تعليمي معيار جي سنڌ ۾ وڏي ساک رهي آهي.