سنڌي عورتن جي پهرين ادبي ڪانفرنس: 1973ع ۾ هلال پاڪستان اخبار ڪراچيءَ ۾ هفتيوار ڇپجندڙ عورتن جي صفحي ’سگهڙين سٿ‘ جي پهرين سالگرھہ جي موقعي تي حيدرآباد جي پاڪستان نيشنل سينٽر ۾ سنڌي عورتن جي پهرين سنڌي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن جي ڪنوينر ’ سگهڙين سٿ‘ صفحي جي ايڊيٽر فھميدہ حسين ۽ سيڪريٽري انيس ميمڻ هئي. هن ڪانفرنس ۾ مختلف ادبي موضوعن تي مقالن کانسواءِ ڪيترين ئي شاعرائن پنھنجي شاعري ۽ لکڻيون پيش ڪيون. هن ادبي ڪانفرنس جي صدارت پروفيسر امينه خميساڻيءَ ڪئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪاره ماهتاب محبوب خاص مهمان هئي. مقالا پڙهندڙن ۾ فھميدہ حسين، تنوير جوڻيجو، انيس ميمڻ، مهتاب چنا (مهتاب اڪبر) سحر بلوچ (سحر امداد) ۽ رضيہ شيخ شامل هيون.
ان موقعي تي جن شاعرائن پنھنجي نڪور شاعري پيش ڪئي، انهن ۾: عطيہ دائود، سلطانہ وقاصي، ملڪہ ميمڻ، نورالهديٰ شاھہ، سحر بلوچ، شميم ميمڻ، نسرين جوڻيجو، نسرين شاھہ، انيس ميمڻ، تسنيم يعقوب (فھميدہ حسين)، نذير ناز ۽ ٻيون شامل هيون.
هن ڪانفرنس ۾ جيجي زرينه بلوچ ۽ امينه سيد لوڪ گيت پيش ڪيا، جڏهن تہ مشھور راڳين سينگار علي سليم ۽ حسين بخش خادم ۽ ننڍڙي مظهر عليءَ کانسواءِ ٻين پڻ فن جو مظاهرو ڪيو. ڪانفرنس ۾ وڏي تعداد ۾ خواتين شاگردياڻين ۽ ساڃھہ وند شخصيتن شرڪت ڪئي. سنڌي ادب ۾ ڪيترين ئي نين لکندڙ ڇوڪرين کي سگهڙين سٿ جي هن صفحي متعارف ڪرايو هو، جيڪي بعد ۾ وڏيون ناليواريون ليکڪائون ثابت ٿيون، جن ۾ نورالهديٰ شاھہ، عطيہ دائود، تنوير جوڻيجو، سلميٰ صديق قاضي، سلطانہ وقاضي، بانو محبوب جوکيو شامل آهن.