
سنڌي عورت ڪانفرنس

سنڌي عورت ڪانفرنس ۾ دادي ليلاوتي، دلشاد مرزا ۽ جيجي زرينه بلوچ گيت پيش ڪندي
سنڌي عورت ڪانفرنس: سنڌ جي تاريخ ۾ پوريءَ سنڌ سطح تي سڀ کان پهرين ۽ وڏي ٻن ڏينهن جي ’سنڌي عورت ڪانفرنس‘ 8 ۽ 9 اپريل 1982ع تي ڪراچيءَ جي گلستان شاھہ عبداللطيف ڀٽائي اسڪول ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ سڄيءَ سنڌ مان هزارين عورتن شرڪت ڪئي، جن مان ڪيترين جي رهائش جو بندوبست ساڳئي اسڪول ۾ ڪيو ويو هو. هن ڪانفرنس جو ڪنوينر مشھور تعليمي ماهر، سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر ۽ ان وقت شاھہ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ جو صدر سيد غلام مصطفيٰ شاھہ هو ۽ ان جي سيڪريٽري فھميدہ حسين هئي، جڏهن تہ ان جي آرگنائيزنگ ڪاميٽيءَ ۾ سنڌ جون ڪيئي مشھور شخصيتون شامل هيون، جن ۾: علي احمد بروهي، ڊاڪٽر سليمان شيخ، نظر محمد ميمڻ، ڊاڪٽر حميدہ کهڙو، پروفيسر انيتا غلام علي، رشيده اخلاق، آپا شمس عباسي وغيرہ شامل هيون. ٻن ڏينهن تي مشتمل هن ڪانفرنس ۾ مختلف موضوعن جي حوالي سان بيٺڪون ٿيون. افتتاحي نشست جي صدارت سنڌ جي شڪارپور شھر سان تعلق رکندڙ اهم بزرگ شخصيت ليڊي صغريٰ بيگم هدايت ﷲ ڪئي، جنهن لاهور ۾ پاڪستان جي ٺهراءَ پيش ڪرڻ واري هنڌ تي پهريون ڀيرو پاڪستان جو جهنڊو چاڙهيو هو ۽ سنڌ جي پهرئين گورنر سر غلام حسين هدايت ﷲ جي گهر واري هئي. افتتاحي نشست جي شروع ۾ ڪانفرنس جي ڪنوينر سيد غلام مصطفيٰ شاھہ پاران ڪانفرنس جي مقصدن تي روشني وڌي وئي، جيڪو سنڌ ۾ عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ سندن بنيادي حقن ۽ تعليم، روزگار ۽ آزاديءَ وارن حقن کي تسليم ڪرائڻ سان گڏ سنڌي سماج ۾ عورت جي تمام هيٺاهين مقام ۽ حيثيت کي بلند ڪري، کين برابريءَ واري حيثيت ڏيارڻ هو. ان کانپوءِ ڪانفرنس جي سيڪريٽري فھميدہ حسين حاضرين کي ٻن ڏينهن جي مختلف نشستن ۽ پروگرامن کان آگاھہ ڪيو. هن ڪانفرنس جي شروعات ۾ دادي ليلا وتي هرچنداڻيءَ هڪ خصوصي گيت (Theme Song) تيار ڪري پيش ڪيو، جنهن ۾ زرينه بلوچ، عزيزه سومرو، دلشاد مرزا ۽ ٻين فنڪارائن حصو ورتو. هن گيت جا ٻول هئا: ”ڏي سنڌي عورت ساک سچي“ ۽ پوءِ شاھہ جو ڪلام ۽ ٻيا گيت بہ ڳاتا ويا. سنڌي سماج ۾ عورت جو مقام، سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو، سنڌي عورت جي تعليم جو سوال ۽ سنڌي عورت جا ٻرندڙ مسئلا هن ڪانفرنس جا مختلف موضوع هئا. مختلف نشستن جي صدارتي پئنلن ۾ جيڪي خواتين شامل هيون، يا جن پيپر پڙهيا، اهي پڻ سنڌ جون ڄاتل سڃاتل تعليمي ماهر، اديب ۽ دانشور عورتون هيون، جن ۾ ليڊي صغريٰ بيگم هدايت الله، سنڌ جي پهرين ڊاڪٽرياڻي ڊاڪٽر ساران صديقي، ڊاڪٽر حميدہ کهڙو، پروفيسر انيتا غلام علي، پروفيسر آمنہ خميساڻي، آپا شمس عباسي، آپا رضيہ بلوچ، آپا بلقيس مرزا، ڊاڪٽر قمر تنوير عباسي، ڊاڪٽر قمر واحد،آپا عائشہ شيخ، ماهتاب محبوب، دادي ليلا وتي، بيگم ممتاز راشدي،دادي ڪملا مهتاڻي، عزيزه سومرو، مهتاب اڪبر راشدي، اختر بلوچ، زرينه بلوچ، شبنم شالواڻي، زبيدہ ميتلو، زهريٰ انصاري وغيرہ شامل آهن. اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض فھميدہ حسين، مهتاب اڪبر راشديءَ ۽ نسرين جوڻيجو سرانجام ڏنا.
هن ڪانفرنس جي موقعي تي پهريون ڀيرو ’آل سنڌ خواتين مشاعرو‘ بہ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي مشھور شاعرائن پنھنجي شاعري پيش ڪئي، انهن اهم شاعرائن ۾: نور شاهين، ماهتاب محبوب، نذير ناز، سلطانہ وقاصي، ڊاڪٽر ممتاز عقيلي، نسرين جوڻيجو، مريم مجيدي، ثريا سوز ڏيپلائي، شبنم موتي، ثريا سنڌي، خالده سومرو، جميلا تبسم، زرينه بلوچ، قمر واحد، تسنيم يعقوب، انيس ميمڻ، صبين قاضي، نسرين نوري ۽ رضيہ کوکر وغيرہ شامل هيون. رات جي پھر ۾ راڳ رنگ جي محفل، لوڪ گيت ۽ لوڪ رقص پيش ٿيا. ڪلاڪارن ۾ عابدہ پروين، دادي ليلا، دادي ڪملا مهتاڻي، زرينه بلوچ، مريم پليجو، دلشاد مرزا کانسواءِ ٻين ڪيترين ئي نوجوان ڪاليجي شاگردياڻين حصو ورتو.
سنڌي عورتن جي هن پهرين آل سنڌ وومن ڪانفرنس جي موقعي تي مختلف اخبارن خصوصي نمبر ڪڍيا، خاص ڪري روزاني هلال پاڪستان اخبار ٻئي ڏينهن نمبر ڪڍڻ کان علاوہ ڪانفرنس جي مڪمل ڪارروائيءَ جي رپورٽ پيش ڪئي، ان کانسواءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پي. ٽي. وي جي ڪراچي سينٽر تان خصوصي رپورٽون پيش ڪيون ويون.
هن ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي مختلف ٺهراءَ پاس ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌي عورتن جي هڪ نمائنده تنظيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جي پهرين ڪنوينر آپا شمس عباسي ۽ پهرين سيڪريٽريءَ طور فھميدہ حسين نامزد ڪيون ويون. سنڌ ۾ عورتن جي جاڳرتا ۽ ترقيءَ جي ڏس ۾ هن ڪانفرنس جي هڪ تاريخي حيثيت آهي، ڇاڪاڻ جو هن ڪانفرنس ۾ ان دور جي سمورن سڄاڻ فردن، مردن توڙي عورتن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
1982.04.08 عيسوي
سنڌ سطح تي سڀ کان پهرين ۽ وڏي ٻن ڏينهن جي ’سنڌي عورت ڪانفرنس‘ 8 ۽ 9 اپريل 1982ع تي ڪراچيءَ جي گلستان شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسڪول ۾ منعقد ٿي