سنڌي لوڪ ساهت

سنڌي لوڪ ساهت

سنڌي لوڪ ساهت

سنڌي لوڪ ساهت (ڪتاب): هي ڪتاب، مشھور اديب ۽ هند ۾ لوڪ ادب تي ابتدائي کوجنا ڪندڙ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ جو لکيل آهي، جنهن جو انتساب هن هيٺيئنءَ ريت ڪيو آهي: ”پدمشري پروفيسر رام پنجواڻيءَ کي، جنهن سنڌي لوڪ ساهتيہ جي ڄاڻ ڏني ۽ سنڌي ڪوئل، ڀڳونتي ناواڻيءَ کي، جنهن سنڌي لوڪ گيتن کي گهر گهر پھچايو.“ ڪتاب بابت ٻہ اکر، نارائڻ ڀارتيءَ خود لکيا آهن، جڏهن تہ ’سنڌي لوڪ ساهتيہ جو جائزو‘عنوان سان تفصيلي مهاڳ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکيو آهي. هو لکي ٿو تہ: ”ڀارت ۾ سنڌي لوڪ ساهتيہ جي کيتر ۾ گهڻي ۾ گهڻو کوج ڪاريه نارائڻ ڀارتيءَ ڪيو آهي. هو 1952ع ڌاري ڪنهن بہ سرڪاري مدد کانسواءِ ئي اڪيلي سر ڪمرڪشي نڪري پيو. ڀارت جي جدا جدا پرانتن ۾ برپا ڪيل سنڌي پرشارتين (پناهگيرن) جي ڪئمپن جو دورو ڪيائين ۽ سنڌي ٻڍڙن ۽ ٻڍڙين سان ملاقاتون ڪري، واتين ويڻين سنجوئي رکيل سنڌي لوڪ ادب جو خزانو گڏ ڪيائين. ’سنڌي لوڪ ساهت‘ ڪتاب ۾ نارائڻ ڀارتيءَ سنڌي لوڪ ادب جي مکيہ شاخن جو جائزو پيش ڪيو آهي.“
هن ڪتاب ۾ نارائڻ ڀارتيءَ لوڪ گيتن جي قسمن، لاڏن، ڳيچن، لولين، اوراڻن، پوڄا جي گيتن، ڪٿا گيتن، ٻاراڻن گيتن،تاريخي گيتن وغيرہ جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. ان کانسواءِ لوڪ ڪٿائن ۽ لوڪ چوڻين کي بہ پيش ڪيو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي 136 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب، ’سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن، الهاس نگر‘، 1988ع ۾ شايع ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 30 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو