سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 7

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 7

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 7

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-7 (ڪتاب): ’سنڌي لوڪ ڪهاڻيون‘ جلد ستون، ’ڳاهن سان ڳالهيون‘ بہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مرتب ڪيل آهي. هي ڪتاب، ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو ستاويهون (27) ڪتاب آهي، جنهن جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو، مواد چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، فبروري 1960ع ۾ ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو ۽ مئي 1961ع ۾ مسودي جي آخرين تصحيح ڪري پريس ڪاپي تيار ڪئي وئي ۽ اُن جو پهريون ڇاپو، فبروري 1964ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو.
مقدمي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڄاڻايو آهي تہ: هي ’ڳاهُن واريون ڳالهيون‘ آهن، جن ۾ قصي خوانيءَ جي فن جي جهلڪ آهي. ’ڳالھہ‘، ’ڪهاڻي‘ ۽ ’آکاڻي‘ کان مختلف آهي، ڇو تہ ڳالھہ ۾ تاريخي ۽ جاگرافيائي پسمنظر هوندو آهي. ’ڳالھہ‘ جا واقعا توڙي ڪردار تاريخي يا نيم تاريخي حيثيت رکن ٿا. ’ڳالهيون‘ مڪان ۽ زمان جي لحاظ کان عوام کي ويجهون هونديون آهن، ان ڪري اهي زندھہ ۽ دلچسپ هونديون آهن.
’ڳالهين‘ کڻڻ (فن سان ادا ڪرڻ) جو سلسو جڙيو تہ سگهڙن ’ڳاهون‘ جوڙيون ۽ اهي ڳالهين کڻڻ دوران مناسب هنڌن تي جڙي، ڳالهين کي مؤثر بنايو. ’ڳاهون‘ هم قافيه مصراعون ۽ سنڌي شاعريءَ جو آڳاٽو نمونو آهن. هي ’سنڌي ڳاهون‘ واقعن سان وابستہ ۽ انهن کي ڳائڻ خاطر جوڙيون ويون.
برصغير جي شاعريءَ تي نظر وجهجي ٿي تہ شاعريءَ جي هڪ دور کي ’وير گاٿا ڪال‘ (سورهين جي ڳالهين جو دور) سڏيو ويو. ’گاٿا‘ ۽ ’ڳاھہ‘ هم معنيٰ لفظ آهن. هند جي ’وير گاٿا ڪال‘ جي شاعرن ۾ هڪ شاعر ’نرپتي نلھہ‘ آهي، جنهن پنھنجي همعصر راجا بسيل ديوَ جي بهادريءَ جا ڪارناما ’بسيل ديوَ راسو‘ رسالي ۾ شامل ڪيا ۽ ان ڪتاب جي تصنيف جو سال سنبت 1212 يعني 1270ع آهي. سنڌ جون ’ڳاهن ۾ ڳالهيون‘ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ موجب ڏهين يارهين صدي عيسويءَ ڌاري لکيون ويون، ڇو تہ ’ڳاهن سان ڳالهيون‘ ڪتاب ۾ شامل ’ڏمڻ سوناري جي ڳالھہ‘ دلوراءِ جي دور سان وابستہ آهي، جيڪو دور ڏهين يا يارهين صدي عيسويءَ جو ٿي سگهي ٿو.
هن ڪتاب ۾ 40 ’ڳاهن سان ڳالهين‘ جون روايتون شامل آهن، جن ۾ ’ڏمن سوناري، سونل، راجڪمار ۽ ساهيجي، سھڻي صوحب، چاندو ۽ گنگراج، جلال ۽ مارک مير، پوناراءِ ۽ ليلا، سڏونت ۽ سارنگا، کيمري ۽ لوڏڻ، آلڏي ۽ ڏيوري، راڻي سوندري ۽ مانڌل راڻي، لالي ۽ سدري، ڄام پونئري، همير سومري، آهو ڪوري (هاڻو)، بڊاماڻي پُنري، کپريي کاهوڙي ۽ راڻي ڪاڍاري، پراڻ درياھہ جي سوداگر، سارو سنگهار، ڪارائڙي سمي، راجا کينئري، ڀِريي کاروڙي، سونل پري، وِڪيي ڏاتار، جسوڌڻ بادشاھہ، گامون سچار، بچل مھر ۽ سعدان جتڻي، صابر ۽ نوران، اُنڙ اُنڙائي، جاڙي ڀيمجي ۽ غلام شاھہ ڪلهوڙي، عمر ۽ گنگا ۽ عمر بادشاھہ ۽ نيرل راڻي جون ’ڳاهن سان ڳالهيون‘ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو