سنڌي مرثيہ نويسي

سنڌي مرثيہ نويسي (ڪتاب): هي ڪتاب، غلام رسول بلوچ جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ايم. اي لاءِ لکيل مونوگراف آهي، جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، ڪتاب ۾ مرثيي جي وصف، تاريخ، ابتدا ۽ اهميت، مرثيي جو عروج، اردو شاعريءَ ۾ مرثيہ نگاري، سنڌي مرثيي جي ابتدا، سنڌي مرثيي جو قديم دور ۽ سنڌي مرثيي جو جديد دور شامل آهي. سنڌي مرثيي جي قديم دور ۾ شاھہ عبداللطيف، مخدوم عبدالله نري واري، سيد خير شاھہ، چنڻ فقير، سچل سرمست ۽ مخدوم عبدالرئوف ڀٽي شاعر ڏنا ويا آهن ۽ جديد دور ۾ سيد ثابت علي شاھہ، آخوند محمد عالم، بيدل، شاھہ نصير، مير حسن علي خان، مرزا فتح علي بيگ، مرزا ٻڍل بيگ، مرزا قاسم بيگ، مرزا غلام رسول بيگ، مرزا قليچ بيگ، ناصر علي خواجو ۽ مل محمود پلي شامل ڪيا ويا آهن.
ڪرائون سائيز جي 102 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سيپٽمبر 1970ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر خواجہ غلام علي الانا ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 2.50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو