سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ :
سنڌي موسيقي، ساز ۽ سنگيت جي ڄمار بہ اوتري ئي پراڻي آهي، جيتري هن سر زمين جي تاريخ پراڻي آهي. سنڌ جي موسيقيءَ جي سفر بابت موهن جي دڙي مان نڪتل ناچڻي ۽ بانسري وڏي ثابتي آهي تہ هزارين ورهيہ اڳ بہ ساز ۽ رقص جو سنڌ ۾ وجود هو. اڄ جو موهن جو دڙو پنج هزار سال اڳ جي سڌريل معاشري جو عڪس ڏئي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي تہ موهن جي دڙي واري موسيقي بہ اوتري ئي سڌريل ۽ ترقيءَ تي پهتل هوندي. سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب جيتري آڳاٽي آهي ۽ اسان جي قومي لباس، رنگ ۽ موسيقيءَ ۾ بہ هڪجهڙائي بہ اوتري ئي آڳاٽي آهي. عالمي ماهرن سنڌي موسيقيءَ کي دنيا جي قديم ترين موسيقيءَ وارن چئن طبقن ۾ رکيو آهي، جن مان پهريون طبقو چين ۽ جپان جو آهي، جنهن کي آڳاٽي تاريخ ۾ ڳڻيو ويو آهي. ٻيو طبقو برما، ڀارت، سنڌ، ٿائلينڊ ۽ ملائيشيا تي ٻڌل آهي، جنهن جي سرن ۽ سازن ۾ ڪافي ويجهڙائپ آهي. ٽيون طبقو ايران، ترڪي، وچ ايشيا ۽ عرب ملڪن وارو آهي، جيڪي پنھنجي الڳ مزاج وارا آهن. چوٿون طبقو ڀونچ سمنڊ ۽ آفريقي ملڪن وارو آهي.
تاريخي لحاظ کان ننڍي کنڊ هندستان ۾ قديم هندي موسيقيءَ کان اڳ جيڪي بہ راڳ جا سلسلا رائج هئا، تن ۾ سنڌي موسيقيءَ کي اوليت حاصل آهي. پوئين ويجهي تاريخي دور ۾ ’هندستاني موسيقي‘ ۽ ’سنڌي موسيقي‘ ٻن جداگانه ۽ مستقل سلسلن جي صورت ۾ رائج رهي. جيڪڏهن ڏکڻ هندستان ’ڪرناٽڪي موسيقيءَ‘ کي جنم ڏنو ۽ اتر هندستان ’هندستاني موسيقيءَ‘ کي پيدا ڪيو، تہ سنڌ وري ’سنڌي موسيقيءَ‘ کي جنم ڏنو.
موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان ٻہ اهڙا انساني مجسما دستياب ٿيا آهن، جيڪي پڪ سان ان دور جي ڳائڻين ۽ رقاصائن جا آهن. اهي آثار ثابت ڪن ٿا تہ اڄ کان پنج هزار سال اڳ سنڌ ۾ راڳ ۽ رقص جو فن اوج تي هو. ان وقت جي باشندن کي موسيقيءَ جي فن جو ايترو تہ ذوق هو، جو راڳ ۽ ناچ ڪندڙن جا مجسما ٺاهيائون. انهن ٻن مجسمن مان هڪ وڌيڪ سالم حالت وارو ’ناچڻيءَ جو مجسمو‘ ڳھن سان سينگاريل آهي ۽ ان جي شبيھہ پيشہ ورانه فن تي شاهد آهي، خاص طرح ان جي قدمن جي بيهڪ، هٿ جي کڻڻي ۽ مُنهن جو رخ، راڳ ۽ ناچ جي فني ناز ۽ انداز کي ظاهر ڪري ٿو.
سنڌو تھذيب واري دور ۾ موسيقي ۽ ناچ مذهبي رسمن جو حصو هو. موهن جي دڙي مان ناچڻيءَ جي مورتي ٻُڌائي ٿي تہ هتان جا ماڻهو ناچ کي پسند ڪندا هئا. ان کان سواءِ ڪن مهرن تي سازن جون تصويرون اڪريل مليون آهن، جن ۾ بوڙيندو، بانسري، دهل، ڍولڪ، بربط ۽ چنگ خاص طور سان سڃاتا ويا آهن. ائين برابر آهي تہ ساڳيا ساز سمير وارا بہ وڄائيندا هئا. ان لاءِ جو ٻنهي هم عصر تهذيبن جي ماڻهن جي واپار سبب هڪٻئي وٽ اچ وڃ هئي، جنهنڪري بوڙيندي کان سواءِ ٻين سازن لاءِ پڪ سان نہ ٿو چئي سگهجي تہ اهي ساز سنڌوتهذيب وارن جي ايجاد هئا يا همعصر تهذيبن جي ماڻهن بہ ان ۾ هٿ ونڊ ڪئي هئي.
سنڌو درياھہ جي هيءَ تهذيب، عراق، دجله ۽ فرات درياهن ۽ مصر جي نيل درياھہ جي تهذيبن سان قدامت توڙي اهميت جي لحاظ سان همعصر هئي. عراق جي سميري تھذيب مان ڪي آثار سنڌو تھذيب جا بہ مليا آهن. پوءِ واري نيم تاريخي دور کان وٺي سنڌ، عراق ۽ مصر جي وچ ۾ تجارتي لاڳاپن جا اهڃاڻ ملن ٿا، ان ڪري چئي سگهجي ٿو تہ قديم زماني کان وٺي انهن ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ناتا قائم هئا ۽ ٻين شعبن سان گڏوگڏ موسيقيءَ جي فن ۾ پڻ اهي تعلقات موجود هئا، ان جو ثبوت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي اها راءِ آهي تہ قديم سامي ساز ’ڪنورا‘ (عبرانين جو ڪنور) توڙي قديم مصرين ۽ صابئين جو ساز ’طنبور‘ ٻئي ساز سنڌ ۾ پهتا ۽ تمام گهڻا مقبول ٿيا. موجودہ دور تائين ’ڪينر يا ڪينرو‘ ۽ ’تنبورو يا دنبورو‘ انهن سازن جا يادگار آهن. اهي ٻئي تندن وارا ساز هئا. ’تنبور‘ سنڌ سان گڏ هندستان ۾ بہ رائج ٿيو، مگر ’ڪنورا‘ فقط سنڌ تائين پهتو ۽ سنڌ ۾ ئي ’ڪينر‘ يا ’ڪينري‘ جي نالي سان مشھور رهيو. ان راءِ جي پٺڀرائي نالي وارو اديب آغا سليم بہ ڪري ٿو. سنڌي ساز بانسري ۽ بوڙيندو، موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان مليا آهن، جيڪي اڄ ڏينهن تائين رائج آهن.
قديم دور کان وٺي سنڌوندي، سنڌ کي آباد ڪندي اچي، ان ڪري اها هميشہ سکي ستابي رهي آهي. ان ڪري هتي جي رهواسين جا ذهن وسيع هئا ۽ هنن هر قسم جي هنر ۽ فن ۾ ترقي ڪئي، راڳ ۽ رقص جون محفلون بہ سندن روزمرھہ جي زندگيءَ جون حصو رهيون. راڳ ۽ رقص جي اها روايت، جيڪا تاريخ کان اڳ واري دور کان وٺي شروع ٿي، سا مسلسل هلندي آئي. آثار قديمہ جي کوٽائي ۽ تحقيق مان انهيءَ روايت جا آثار مسلسل ملي رهيا آهن.
ويجهي ماضيءَ ۾ ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان ٺڪر جي ٿانون جا جيڪي ٽڪرا مليا آهن، تن تي مختلف قسمن جي چٽساليءَ سان گڏ رقص ڪندڙ جوڙن جون شبيهون پڻ چٽيل آهن. سنڌ جي ڪاريگرن، ڪنڀارن ان دور جي عام ذوق ۽ دلچسپيءَ کي مدنظر رکندي ٿانون تي اهي شبيهون چٽيون، جنهن مان شاهدي ملي ٿي تہ ان وقت سنڌ ۾ راڳ ۽ رقص جو فن اوج تي هو، انهن شبيهن وارن ٿانون جا ٽڪرا ’ساڪن جي تاريخي دور‘ (ٻي يا ٽين صدي عيسوي) يا ان کان ڪجهه پوءِ جا آهن. سنڌ توڙي ايران تي ’ساڪا لوڪن‘ جي تسلط واري عرصي کانپوءِ هڪ نئون تاريخي دور شروع ٿيو، ايران ۾ ساساني گهراڻي (226ع- 640ع) جي شهنشاهيت شروع ٿي ۽ سنڌ جي ماڻهن (سمن جي) راءِ گهراڻي جي اڳواڻيءَ هيٺ پنھنجي آزاد حڪومت قائم ڪئي. راءِ گهراڻي جي پوين حاڪمن جي حڪمرانيءَ جو عرصو 137 سال (494ع کان 631ع) هليو، جن مان راءِ ساهڙ ۽ راءِ سهاسي مشھور حڪمران ٿيا. هن گهراڻي جي اوائلي حاڪمن خاطري آهي تہ چوٿين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري ساڪن جي تسلط کي ختم ڪري پنھنجي خودمختيار حڪمراني قائم ڪئي. انهيءَ ڪري شروعاتي دور ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، سماجي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيا.
قديم تاريخي دور کان وٺي سنڌ کي پنھنجي مقامي موسيقي هئي، جيڪا عوامي موسيقي هئي. شهرن ۾ ڪاريگر موسيقارن جا مجسما ٺهيا تہ ڳوٺن ۾ عوام جي ذوق خاطر ڪنڀارن ٿانون ٿپن تي راڳ ۽ رقص جا چٽ چٽيا. سنڌ جا اڪثر راڳيندڙ ۽ وڄتيا، جتن، لورن، لنگهن ۽ ٻين عوامي قبيلن مان هئا. سنڌ جي سمن، رائن ۽ سربراهن راڳ ۽ راڳيندڙن جي وڏي قدرداني ڪئي ۽ خود سما قبيلي مان وڄتيا ۽ راڳيندڙ پيدا ٿيا. اهڙيءَ ريت سنڌ پنھنجي عوامي سنگيت جي روايت کي قائم رکيو. پنجين صديءَ ۾ ساساني بادشاھہ بھرام گور سنڌ مان شادي ڪئي، ان وقت جي راجا پنھنجي ڌيءَ کي ديبل ۽ مڪران جي علائقن سان گڏ ڏاج ۾ ڪيترا وڄتا، ڳائڻا ۽ رقاص ڏنا. تاريخ ۾ اهو بہ اچي ٿو تہ بھرام گور بعد ۾ سنڌ مان 12000 موسيقار ۽ ڳائڻا گهرايا، جيڪي ’لورا‘ هئا، جن مان زرياب بہ هڪ هو، جنهن اڳتي هلي سنڌي موسيقيءَ کي اسپين ۾ نہ رڳو متعارف ڪرايو، پر ڪيترن سنڌي راڳڻين کي اسپيني راڳ ۾ ضم ڪري ڇڏيو. حمزہ اصفهانيءَ کين ’جت‘ ڄاڻايو آهي. اهي ايران ۾ ’لوليان‘ سڏيا ويا. بھرام گور خود موسيقيءَ جو دلدادو ۽ قدردان هو. ڊاڪٽر بلوچ ايراني محقق آقا حسين علي ملاح جي حوالي سان لکيو آهي تہ ”ساساني دور ۾ خاص ڪري بھرام پنجين (بھرام گور) جي دور ۾ ايراني موسيقيءَ ۾ ٻہ خاص اضافا ٿيا. هڪ تہ ايراني ٻين قومن جي موسيقيءَ کان آشنا ٿيا ۽ انهن جي موسيقيءَ جون فني نزاڪتون اپنايائون ۽ ٻاهريان ساز ايران ۾ مروج ٿيا. ٻيو تہ موسيقيءَ جي سُر (الحان) جي تنظيم جي سلسلي جا قاعدا ۽ قانون مقرر ٿيا ۽ ان ڏس ۾ انهن طريقن مان مدد ورتي وئي، جيڪي مشرق، خاص ڪري هند ۾ مروج هئا. هتي هند مان مراد سنڌ وٺي سگهجي ٿي، ڇو تہ بھرام گور هتان ئي سنڌ جا راڳي وٺي ويو هو.
بھرام گور جي دور ۾ ايراني موسيقيءَ جا اٺ آستان مقرر ٿيا، جن ۾ هڪ مقام يا آستان جو نالو ’سندوستان يا سندان‘ هو. اهو ’سندان‘ اصل ۾ ’سنڌ آستان‘ هو، جنهن کي سنڌي موسيقارن جي راڳن سان ترتيب ڏنو ويو هو. ايراني اثر هيٺ ڪيترا عرب- ايراني راڳ ۽ ساز سنڌ ۾ رواج ۾ آيا. سنڌي ساز شرناءِ، چنگ، بينون ۽ ڪماچ سنڌ ۽ ايران ۾ مروج هئا.
عرب ايراني موسيقيءَ جا هيٺيان راڳ سنڌي موسيقيءَ جي نظام ۾ شامل ٿي ويا:
(1) زنگوله (جهنگلو)، جيڪو هند جي راڳ ۾ ’جنگله‘ جي نالي سان ۽ سنڌ ۾ ’جهنگلو‘ مشھور آهي، جنهن جو لاڳاپو ’ڀيرو‘ ۽ اساوري ٺاٺن سان آهي.
اٺين صديءَ جي شروع ۾ جڏهن مسلمانن سنڌ ۾ قدم رکيو، تہ سنڌ ۾ انهيءَ عوامي سنگيت جو چهچٽو ۽ چالامان هو. مسلمانن هن مقامي موسيقيءَ جي هنر ۽ فن جي قدرداني ڪئي.
’فتحنامه سنڌ‘ عرف ’چچنامه‘ ۾ ساوڙيءَ جي حاڪم امير محمد جي زباني واقعو بيان ٿيل آهي تہ محمد بن قاسم، برهمڻ آباد فتح ڪرڻ کانپوءِ خميس ڏينهن تاريخ 3 محرم 94ھہ ۾ ڪوچ ڪري اچي ساوڙيءَ لڳ ڍنڍ وڪر بھار جي ڪناري تي منزل انداز ٿيو. اتي جا ماڻهو، جيڪي سڀ ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هئا. ان موقعي تي سمن سربراهن راڳ ۽ راندين جي جشن سان محمد بن قاسم جو جيڪو استقبال ڪيو، ان جو بيان هن طرح ٿيل آهي: ”پوءِ سمن جي قبيلن ڏانهن رخ رکيائين، جڏهن ويجهو پهتو تہ هنن دهل ۽ شرنايون وڄائيندي، ناچ ڪندي سندس استقبال ڪيو.“
سنڌ ۽ هند جي موسيقيءَ جي تاريخ ۾ هي هڪ نهايت اهم واقعو آهي، جنهن جو اکين ڏٺو بيان، تاريخ، مهيني، سال جي حوالي سان مقامي پرڳڻي جي حاڪم امير محمد جي زباني قلمبند ٿيل آهي. هي واقعو آڪٽوبر 713ع جو آهي ۽ پوري برصغير هندوستان ۾ موسيقيءَ جي جشن بابت، جيڪو سر زمين سنڌ تي واقع ٿيو، آڳاٽي ۾ آڳاٽو اکين ڏٺو تاريخي واقعو آهي. سنڌ جي سر زمين جو هيءُ موسيقيءَ جو جشن پوري هندوستان ۾ موسيقيءَ جو (لکت ۾) پهريون جشن هو، جنهن ۾ مسلمانن شرڪت ڪئي. هي واقعو موسيقيءَ ڏانهن مسلمانن جي رخ ۽ رويي جو شاهد آهي. هن موسيقيءَ تي مسلمانن جي ٻن مشھور شخصيتن يعني خود اسلامي فوج جي امير ۽ سپھہ سالار محمد بن قاسم ۽ سندس ساٿي ۽ صلاحڪار خريم بن عمرو المريءَ جو ڪردار معنى خيز آهي. محمد بن قاسم پاڻ هن جشن کي پسند ڪيو ۽ خوشي ۽ خوش طبعيءَ وچان فرمائش ڪيائين تہ موسيقار سندس ساٿي خريم جي آڏو بيهي دَسُ وڄائين، ڳائين ۽ نچي مجرو ڏيکارين. خريم نہ صرف موسيقارن کي ٻڌو، پر سندن همت افزائي ۽ قدرداني ڪندي کين ويھہ سونيون مهرون انعام طور ڏنيون. ڳائڻ، وڄائڻ ۽ ناچ جي هن جشن کان خريم ايترو تہ متاثر ٿيو، ۽ سنڌي موسيقارن ۽ فن جي مظاهري ۾ ايترو تہ چاھہ ۽ دلچسپي ڏيکاريائين، جو محمد بن قاسم کيس چيو تہ انهن موسيقارن جي سرداري تنھنجي حوالي آهي. خريم ان وقت پنھنجي راءِ ڏيندي چيو تہ جيڪڏهن اها سندن رسم آهي، تہ هو نئين واليءَ جي اچڻ تي خوشيون ڪن ۽ ڌڻيءَ جا شڪرانا بجا آڻين ٿا تہ پوءِ هيءَ نعمت وٽن هميشہ قائم رهندي. نعمت مان مراد موسيقيءَ جي جشن واري خوشيءَ جي رسم هئي، جا سنڌ ۾ اصل کان هلندي ٿي آئي. هن مان اهو ثابت ٿئي ٿو تہ سنڌ ۾ ڳائڻ وڄائڻ ۽ نچڻ جو چهچٽو ۽ چالامان آڳاٽي وقت کان وٺي هلندو ٿي آيو، ٻيو تہ نہ فقط ڳائڻ، پر سنگيت جي سرپرستيءَ جو سلسلو بہ شروع ٿيو، جنهن جو تعلق پوڄا پاٺ سان نہ هو، پر خوشيءَ ۽ جشن جي رسم سان هو. ٽيون تہ عوامي سنگيت عوام آڏو کليل ميدان ۾ ادا ڪيو ٿي ويو. ان مان سنڌ جي ’عوامي سنگيت‘ جي اهميت پوريءَ طرح روشن ٿئي ٿي. اها مثالي روايت هئي، جا پوءِ سڄي هندستان ۾ پکڙي ۽ پختي ٿي.
راڳ جي ڄاڻ بنيادي طور رياضيءَ جي علم (Mathematical Science) سان وابستہ آهي. هند جي آڳاٽي دور ۾ جيتوڻيڪ علم رياضيءَ ڪافي ترقي ڪئي هئي، پر تارن، ستارن توڙي راڳ جي اڀياس کي پنڊتن، علمي تحقيق ۽ رياضيءَ جي علم جي دائري کان ٻاهر رکيو هو، ڇاڪاڻ تہ هنن راڳ توڙي نجوم کي ڌرمي پوڄا پاٺ ۽ ڪريا ڪرم جو ذريعو ڪري سمجهيو هو. راڳ کي خاص طور ديوتائن جي ايجاد ڪري ٿي مڃيائون. انهيءَ ڪري ان کي ’انساني علم‘ بدران ديوتائن جي ڌرمي روايت ڪري ٿي سمجهيائون، جنهن ۾ ردوبدل ۽ ڦيرگهير ڄڻ ڌرمي ويساھہ گهاتيءَ جي برابر هئي. ان جي برعڪس مسلمانن وٽ راڳ دين يا عبادت جو جز نہ هو. انهيءَ ڪري مسلمان عالمن ۽ موسيقارن منڍ کان وٺي راڳ کي هڪ علم ۽ فن ڪري سمجهيو ۽ ان بابت نوان علمي نظريا قائم ڪيا.
سنڌي موسيقيءَ جو اسپين تائين وڃڻ ۽ انهن جي پنھنجي راڳ
Conte Jondo ۾ ان جا اهڃاڻ هتان جي موسيقيءَ جي اثر کي ثابت ڪن ٿا، جنهن جو ذڪر عزيز بلوچ پنھنجي ڪتاب Spainish Cante Jando and Its origin in Sindhi Music ۾ ڪيو آهي.
يونس بن سليمان ڪاتب (وفات 107ھہ-765ع): پهريون مسلمان عالم ۽ موسيقار هو، جنهن موسيقيءَ بابت چار ڪتاب لکيا، جن مان ’ڪتاب النغم‘ خاص طرح موسيقيءَ جي علمي نظريي بابت هو. ان کانپوءِ 100 کن سالن اندر 44 ٻيا ڪتاب لکيا ويا، تان جو مشھور عالم ۽ فيلسوف الڪندي (وفات 260ھہ-874ع) موسيقيءَ جي علم ۽ فن، نغمن جي سٽاءَ، تار ۽ ايقاع، عود ۽ قانون وغيره، سازن جي بناوت وغيرہ جي موضوعن تي 12 ڪتاب لکي، موسيقيءَ جي علمي مطالعي (Scientific study) جا بنياد مضبوط ڪيا، کانئس پوءِ فارابي (وفات 399ھہ-950ع) جيڪو وڏو عالم، فيلسوف ۽ ماهر موسيقار هو، ان موسيقيءَ بابت ڪتاب لکيا، جن مان ’ڪتاب الموسيقي الڪبير‘ ۾ موسيقيءَ جي علمي نظريي جي تڪميل ڪيائين. ساڳئي دور ۾ مسعوديءَ (وفات 345ھہ- 956ع) جهڙو جڳ مشھور عالم، مؤرخ، محقق ۽ سياح ساماڻو، جنهن موسيقيءَ جي بين الاقوامي تقابلي تحقيق جو بنياد وڌو. مسعودي (ابو الحسن علي بن الحسين بن علي) دنيا جي مختلف ملڪن ۽ قومن جي موسيقيءَ بابت تفصيلي طور تحقيق ڪئي، جنهن کي پنھنجي تصنيف ’ڪتاب الزلف‘ ۾ قلمبند ڪيائين. هو پنھنجي مشھور ڪتاب ’مروج الزهب‘ ۾ ٻڌائي ٿو تہ: ”راڳ توڙي وڄت جا ساز، جيڪي مختلف قومن جھڙوڪ يوناني سنڌي ۽ هندي استعمال ڪن ٿا، تن بابت بحث ڪيل آهي.“
سنڌ ۽ هند جي سازن ۽ راڳ بابت تحقيق مسعوديءَ، خود سنڌ ۽ هند جي سر زمين تي اچي ڪئي. هو 300ھہ کان 303ھہ/912ع کان 915ع واري عرصي ۾ پهريائين سنڌ آيو، جتي سنڌ جي موسيقيءَ ۽ سازن بابت معلومات حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ اڳتي هند ۾ وڃي معلومات حاصل ڪيائين. اٺين صدي عيسويءَ کان وٺي ڇھن سَون سالن تائين يعني تيرهين صدي عيسويءَ تائين عرب، ترڪ، ايراني موسيقيءَ ۽ سنڌي ۽ هندي موسيقيءَ جو هڪ ٻئي تي وڏو اثر پيو. جهڙيءَ طرح قديم ايراني موسيقيءَ جا ٻارهن مقام (سُر) هئا، اهڙيءَ طرح هند جي موسيقيءَ ۾ پڻ ٻارهن سُرن جو نظريو موجود هو. هند جي روايت موجب اصل سُر ست هئا، جن مان پهريون ۽ پنجون سُر قائم سُر ۽ باقي پنجن سرن مان هر هڪ کي ٻن حصن ۾ ورهائي، ٻارهن سُر پورا ڪيا ويا. هن ورهاست مان ثابت ٿئي ٿو تہ ان جو مقصد صرف اهو هو تہ جيئن ٻارهن مقامن وانگر ٻارهن سُر پورا بيهاريا وڃن.
عرب ايراني موسيقيءَ ۾ مختلف ملڪن ۽ شهرن جي راڳن کي تسليم ڪري، انهن کي انهن ملڪن ۽ شهرن جي نالن سان عراق، حجاز، زنگوله (زنگ يا آفريڪا جو راڳ)، اصفهان، زابل وغيرہ سڏيو ويو. انهن راڳن کي مسلمان موسيقارن سنڌ ۽ هند ۾ آندو، اهي راڳ نهايت مقبول ٿيا ۽ انهن مان گهٽ ۾ گهٽ ٽي راڳ تہ مقامي راڳ جو جز بڻجي ويا. ’نوروز‘ کي ’روچڪ‘، زنگوله کي ’جنگله‘ (جهنگلو) ۽ حجاز کي هجاج، هجيج يا ’هيجوجي‘ جي نالن سان هندستاني راڳ جي دائري ۾ دائمي جڳھہ ملي. انهن ٻارهن ملڪي نالن وارن راڳن جي رواج ۽ مقبوليت سان اهي راڳڻيون، جيڪي هندستان جي مختلف ماڻهن ۾ مقبول هيون، تن جي اهميت وڌيڪ تسليم ٿيڻ لڳي ۽ انهن کي سندن ملڪي نالن سان سڏڻ جو رواج اڳ کان گهڻو وڌيو.
9 صديءَ کان وٺي 13 صديءَ واري دور ۾ هندستان سان لاڳو اسلامي ملڪن (وچ ايشيا، ايران ۽ عرب ملڪن) ۾ موسيقيءَ جي علم، فلسفي ۽ فن توڙي سازن جي تار ۽ وڄت، نغمن جي تاليف ۽ انگن بابت ايڏي تہ تحقيق ٿي، جو ان وقت جي دنيا ۾ ان جو مثال نہ ٿو ملي. مسعودي ۽ فارابيءَ کانپوءِ ابو الفرج اصفهاني (وفات 356ھہ - 967ع)، ابن سينا (وفات 428ھہ- 1007ع)، ابن زيلا (440ھہ- 1048ع) ۽ صفي الدين ارموي بغداديءَ (693ھہ-1284ع) جھڙا موسيقيءَ جا وڏا عالم فيلسوف ۽ ماهر موسيقار پيدا ٿيا، جن موسيقيءَ جي سائنس، فلسفي ۽ فن کي اوج تي پھچايو. 13 صدي عيسويءَ جي آخر تائين موسيقيءَ بابت سوين ڪتاب لکيا ويا، جن مان اڍائي سؤ ڪتابن جا نالا ملن ٿا ۽ انهن مان گهڻا اڄ تائين موجود آهن. جيئن تہ هندوستان ان وقت مسلمانن جي تسلط هيٺ هو. ان ڪري ڀر وارن ملڪن ۾ موسيقيءَ جي سائنس ۽ فن ۾ ايڏي وڏي ترقي ٿي، جو هندستان جي راڳ جي روايت تي اثر پوڻ لازمي هو.
سنڌي موسيقي تمام مڌم، ڪومل ۽ مٺن سرن تي ٻڌل آهي، مڌم سرن بابت ماهر چون ٿا تہ زمانو جيئن قديم ٿيندو وڃي ٿو، تيئن سُر بہ وڌيڪ قديم ٿيندا وڃن ٿا. جهڙيءَ ريت چين جا سر آهن. انهيءَ ڳالھہ مان ثابت ٿئي ٿو تہ مڌم سرن وارا راڳ ۽ راڳڻيون آڳاٽين تهذيبن مان سرجي نڪتيون آهن. اسان وٽ قديم کان جديد دور تائين مڌم سرن جو هڪ تسلسل هلندو اچي پيو. روس جو موسيقيءَ جو وڏو ماهر سوليو مسڪي چوي ٿو تہ سموريون قديم راڳڻيون سُرن ۾ مٿان کان هيٺ لھن ٿيون، جيئن پراڻيون، تيئن گهٽ. ڏٺو وڃي تہ هن عالم جي راءِ سنڌي موسيقيءَ تي برابر اچي ٿي. هڪ ٻيو موسيقيءَ جو ماهر آسڪر ٿامس چوي ٿو تہ يوناني لوڪ گيتن ۽ ايشيائي سنگيت ۾ محويت ۽ سرن جي ادائگي ساڳي آهي. سندس خيال ۾ بہ قدامت جو سلسلو سنڌي موسيقيءَ جي حق ۾ وڃي ٿو. يونان، موسيقي، مصوري ۽ رقص جي حوالي سان تاريخ ۾ پنھنجي هڪ ڌار سڃاڻپ رکي ٿو، جيترو فن يونان ۾ هو، اوترو دنيا ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ ڪونه هو. فلسفي، علم، مذهب ۽ ثقافت جا سمورا پهلو يونان ۾ ملن ٿا. بلڪل اهڙيءَ ريت سنڌ ۾ موهن جي دڙي جي تهذيب، تاريخ ۽ علم جي آثارن سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي تہ اسان وٽ يونان کان بہ اڳي اهي سمورا لطيف فن موجودہ هئا. تهذيبي حوالن سان ڏٺو وڃي تہ عبراني، يوناني، مصري، عربي يا ايراني ثقافتي غلبي سنڌي ثقافت تي بہ اثر وڌو ۽ سنڌ انهيءَ اثر کي قبول ڪيو، پر پاڻ سنڌ بہ انهن قديم تهذيبن تي ثقافتي اثر ڇڏيا آهن. تنهنڪري سنڌي موسيقيءَ ۾ بيان ڪيل قديم تهذيبن جو اثر ملي ٿو. موسيقيءَ جي تاريخ ۾ پهرين ٽن سرن تي نظام ٻڌل هو، پوءِ پنجن سرن تي ٻڌل نظام رائج ٿيو، جيڪو چين ۾ 2600 ق.م ۾ ملي ٿو، اهو ئي موسيقيءَ وارو نظام سنڌ ۾ بہ ملي ٿو. سنڌ جا قديم ساز، بانسري ۽ بوڙينڊو، موهن جي دڙي جي آثارن مان دريافت ٿيا هئا، تن ۾ ٽن کان پنج سوراخ آهن، مطلب تہ پنج سُر آهن. سنڌ ۾ عربن جي دور ۾ چنگ، بانسري، ڪماچ، دف، بوڙينڊو ۽ ڪينرو ملن ٿا. عرب پاڻ سان گڏ مگرمانن وارا طبل بہ کڻي آيا هئا، جيڪي حبشي خوشيءَ وارن ڏينهن تي وڄائيندا هئا، پر اهي سنڌ ۾ رائج نہ ٿي سگهيا، البت سنڌ ۾ رهندڙ شيدي ميلن جي موقعن تي اهي طبل کڻي مظاهرو ڪندا آهن، اهو رقص جو قسم سنڌ سان گڏ بلوچستان ۾ اڄ بہ ڪن هنڌن تي پيش ڪيو وڃي ٿو.
سومرن جي زماني ۾ ڀانن، ڀٽن، ۽ چارڻن سنڌي موسيقي ۽ شاعريءَ (خاص ڪري ’ڳاهن‘) کي عام ڪيو، دودي سومري جي واقعي جا رزميه ڪلام چيا ويا. حڪمرانن جي خلاف توڙي سورهين جي ساراھہ ۾ بيت (ڳاهن جي صورت ۾) چيا ويندا هئا. سنڌي موسيقيءَ ۾ ’ڳيچ‘ ۽ لولي تمام آڳاٽا ڳائڻ جا نمونا آهن، پر تاريخي حوالي طور هن صنف جو ذڪر هن دور ۾ ئي ملي ٿو. لفظ ’ڳيچ‘ جي معنى آهي ’ڳاءِ‘. خوشيءَ جي موقعن تي عورتون جيڪي گيت ڳائينديون هيون، تنهن کي ’ڳيچ‘ يا ’ڳاچ‘/ ’ڳيجهہ‘ چيو ويندو هو. ’ڳيچ‘ سنڌي ثقافت جا ترجمان آهن، جن ۾ سنڌي ريتون، رسمون نظر اچن ٿيون. سومرن جي دور ۾ مرکان شيخڻ جا ڳيچ ملن ٿا، جيڪي سڀ کان پراڻا گيت آهن. سومرن جي دور ۾ سنڌي موسيقيءَ جو اهم ڪردار ’ٻيجل‘ ملي ٿو. هن ئي دور جو داستان ’سورٺ راءِ ڏياچ‘ آهي، جنهن جو موسيقيءَ جي حوالي سان گهرو واسطو آهي. هيءُ سر، سنڌ جي اڳوڻي رياست ڪاٺياواڙ جو آهي. سُرندي جي سرن تي مست ٿي ڪنڌ ڪپائڻ واري ڳالھہ ثابت ڪري ٿي تہ هتي سُرن ۽ سازن جو قدر ۽ اثر ڪيترو رهيو آهي. هن ئي سر ۾
شاھہ لطيف ’قوال‘ جو بہ ذڪر ڪيو آهي. ٻيجل کي هن قوال، مڱڻهار، مڱتي، پينار، جاجڪ ۽ چارڻ جي الڳ الڳ نالن سان سڏيو آهي، جنهن جو ڪم ڳائڻ وڄائڻ آهي. سُرندو، ٻيجل جو ساز هو، جيڪو ڪاٺ جي ڊگهي ٽڪر کي خونچو ٺاهي، چار تارون لڳائي، گز سان وڄايو ويندو هو، جيڪو ڪمانيءَ وانگر هوندو هو. هن ساز جي وڄائڻ جو اصول سارنگيءَ وانگر ٿئي ٿو. هن ساز جو ذڪر عيسائين جي پاڪ ڪتاب ’بائيبل‘ ۾
بہ آهي.
سنڌ ۾ سمن جي دور ۾ سنڌي موسيقيءَ ۾ اڃا بہ تبديلي آئي، سماع جون محفلون، قواليون ۽ ايراني موسيقي سنڌ ۾ آئي. هن دور جو وڏو شاعر قاضي قادن هو، هن دور ۾ ئي نوري ڄام تماچيءَ جو داستان مشھور ٿيو. سمن جي دور م سنڌ جون حدون وسيع ٿي چڪيون هيون. ’ڍول مارو‘ هن دور جو قصو ۽ راڳ هو. ارغونن ۽ ترخانن جو دور بہ ساڳي موسيقيءَ سان هلندو آيو، هن دور ۾ سماع ۽ قواليءَ جو رواج وڌي ويو هو، شاھہ ڪريم جهڙو بزرگ شاعر بہ ’قواليءَ‘ کي پسند ڪندو هو. هڪ ڀيري قواليءَ جا خاص فنڪار دهليءَ کان ٺٽي آيا هئا، جتي شاھہ ڪريم پنھنجي قيمتي چادر ڪلهن تان لاهي قوالن کي داد ۾ ڏئي ڇڏي، تنهن زماني ۾ فنڪارن جو ايترو قدر هوندو هو. ايراني ۽ افغاني روايتون ۽ رسمون بہ هتي رائج ٿيون. موسيقيءَ سان گڏ ساقين جا ناچ بہ ٿيڻ لڳا. ارغونن ۽ ترخانن جي وقت ۾ ايران ۽ افغانستان مان خريد ڪيل خوبرو ڇوڪرا دائرو ٺاهي نچندا هئا. نقش، گل، قول قلبانه، زنگوله ۽ ترانه جهڙيون صنفون ايجاد ٿيون ۽ اصل موسيقيءَ جو رنگ روپ ئي تبديل ٿي ويو. سنڌ جي نامياري محقق ۽ عالم پير حسام الدين شاھہ راشديءَ جي تحرير موجب هن دور کي ثقافت جي ڏي وٺ جو دور سڏجي ٿو، فارسيءَ جا لفظ ۽ ترڪيبون سنڌي ٻوليءَ جو جز بڻيا، جنهنڪري ٻولي ۽ موسيقيءَ ۾ نئين وسعت، رنگيني ۽ نئين معنويت پيدا ٿي. موسيقيءَ ۾ نوان رنگ ۽ سر داخل ٿيا ۽ سنڌ جي موسيقيءَ کي وسعت ملي.
سنڌي ادب ۽ موسيقيءَ جو سونهري دور ڪلهوڙن جو دور آيو تہ سنڌي موسيقي بہ اوج تي پهچي چڪي هئي. هن زماني ۾ ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ وجود ۾ اچي چڪو هو، سنڌي قوم هن طرز جي موسيقيءَ کي تمام جلد قبول ڪيو ۽ پسند ڪيو. هن دور ۾ راڳ عام ٿيو، ميراثي ۽ گويا خاص سکيا وٺي محفلن ۾ ڳائڻ لڳا. راڳ سينڌوي، راڳ ڀيروي، بلاول، سورٺ، رامڪلي، ڪيدار/ ڪيڏارو، ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، مالڪوس، درٻاري، ديسي ۽ راڳ ميگهه سنڌ ۾ پسند ڪيا ويندا هئا. هن دور ۾ شاعرن جو سرتاج شاھہ لطيف موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو پيدا ٿيو. هن ’دنبورو‘ ساز ايجاد ڪيو، دنبورو اصل ۾ مصر جي ساز ’تانپوري‘ مان ٺاهيو ويو. تانپوري ۾ چار تارون ٿينديون آهن ۽ شاھہ لطيف واري دنبوري ۾ پنج تارون جوڙيون ويون. ان کان سواءِ هن ۾ فقط ساز لاءِ نه، پر تال جو بہ فائدو ورتو ويو. يڪتارو بہ هن دور جو عام ساز رهيو آهي. هيءُ هڪڙي تار تي ٻڌل ساز آهي، ساڍا ٽي فوٽ سنهي ۽ ڊگهي ڪاٺيءَ جي مھڙ ۾ ڪدوءَ جي تنبيءَ کي سُڪائي نصب ڪيو ويندو آهي، جنهن تي فولاد جي سنهي تار چڙهيل هوندي آهي. يڪتارو هڪ صوفياڻو ساز آهي، جنهن جي بناوت ۾ شروع ۾ هڪ تار لڳائي وئي، جيڪا ’خرج‘ يعني ’سا‘ سان ملائي ويندي هئي، پر اڳتي ڪجهه صوفي درويشن ان ۾ ترميم آڻي هڪ ٻي بہ تار لڳائي، جيڪا ’پنچم‘ يعني ’پا‘ سان ملائي ويندي هئي، اهڙي قسم جي يڪتاري کي اڪثر ’دوتارو‘ سڏيو ويندو هو. سنڌي موسيقيءَ جو هي دور پنھنجي الڳ حيثيت رکي ٿو. ٺٽي کان وٺي ملتان تائين سنڌي ساز سرود جون محفلون مچنديون هيون، هن دور ۾ شاھہ سائينءَ وٽ دهليءَ جا مشھور ڳائڻا ’اٽل‘ ۽ ’چنچل‘ آيا هئا. ڪلهوڙن جي دور ۾ ٺمري، ڪافي، وائي ۽ قواليءَ جي صنفن ۾ صوفياڻو راڳ ڳايو ويو.
ڪلهوڙن کانپوءِ ٽالپرن جي دور ۾ سچل سرمست جهڙو اهم صوفي شاعر ملي ٿو، جنهن جو بہ موسيقيءَ سان گهرو لاڳاپو رهيو. هن دور ۾ دهل جي وڄت، شرناءِ، چپڙيون، دلو، نغارو، ڍولڪ، نڙ، مرليون، ڇير ۽ يڪتارو عام ساز هئا. سچل جي ’گهڙولي‘ وجد واري ڌن آهي. ڏانڊين ۽ ٽليءَ جو هن دور ۾ رجحان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ناچ ۽ جهمريون بہ محفلن ۾ عام جام هيون ٽالپر حڪمران محفلن جا شوقين هئا، پر ساڳئي وقت مذهبي خيالن جا بہ هئا. سنڌ ۾ محرم جي مهيني ۾ مرثين/ نوحہ خوانيءَ جو رواج بہ هن دور کان عام ٿيو. کڙتال بہ سچل جي زماني جو ساز آهي. ٽالپرن جي دور ۾ سنڌي موسيقي اوج تي رهي، نوان ساز ۽ انداز ۽ جدت آئي.
ٽالپرن کانپوءِ انگريز دور ۾ سنڌي موسيقيءَ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. ديسي سازن ۽ سرن کي ٻڌي انگريزن خوب داد ڏنو، راڳ جي پذيرائي ۽ فنڪارن جي قدرداني ڪئي. انگريز سنڌي ساز الغوزو ٻڌي مست ٿي ويندا هئا. هتي امير خسرو واري موسيقي بہ عام هئي. هارمونيم، قوالي ۽ صوفي راڳن لاءِ بھترين سهارو رهيو. هن دور ۾ جنهن موسيقار يا گلوڪار وٽ پنهنجو هارمونيم هوندو هو، ان کي شاهوڪار سمجهيو ويندو هو. انگريز سنڌ ۾ برطانوي باجو، وائلن ۽ پيانو کڻي آيا، جديد سازن جي استعمال باوجود سنڌي موسيقيءَ جو درجو پنهنجيءَ جاءِ تي قائم رهيو. انگريزن جي دور ۾ سنڌ جو ڪمشنر بارٽل فريئر بہ سنڌي راڳ رهاڻ جو شوقين هو، سنڌي لوڪ سرن ۽ ڌنن تي مست ٿي ويندو هو. بارٽل فريئر جي ڌيءَ بہ موسيقيءَ سان دلچسپي رکندي هئي، هوءَ شاھہ لطيف جي راڳ کي نہ سمجهندي بہ غورسان ٻڌندي هئي، انگريز پنھنجي جديد سازن هوندي سنڌي موسيقيءَ کي پسند ڪندا هئا.
ورهاڱي کانپوءِ موسيقيءَ جي دنيا ۾ ڪافي تبديلي اچي وئي، گٽار، زائلوفون، سيڪسو فون، مائوٿ آرگن، ڊرم، بگل ۽ ناگس ورم جھڙا مغربي ساز رائج ٿيا. سنڌي موسيقيءَ ۾ بہ آهستي آهستي اهي ساز شامل ٿيندا ويا، نئين زماني کان نئين روپ ۾ سنڌي موسيقي اڀري آئي. سنڌي ٻولي ۽ سنڌي موسيقي ٻاهرئين اثر کي قبول ڪيو. اهڙيءَ ريت سنڌي موسيقي جديد شڪل اختيار ڪري چڪي. اهڙي جديد شڪل اختيار ڪرڻ جي باوجود ڌرتيءَ جي خوشبوءِ سُرن مان پکڙجندي رهي. سنڌي موسيقيءَ جا سُر هندستان جي موسيقيءَ کي بہ متاثر ڪري چڪا آهن، جن پنهنجن فلمي گانن ۾ ڪجهه سنڌي ڌنون کنيون آهن. پاڪستاني فلمن توڙي اردو عام گانن ۾ سنڌي سُر وڏي تعداد ۾ داخل ٿي ويا. لتا منگيشڪر، محمد رفيع، رونا ليلى، مهدي حسن ۽ راحت فتح علي خان تائين عالمي شھرت رکندڙ فنڪارن بہ سنڌي ڪلام ڳايا آهن. مختلف يونيورسٽين ۾ موسيقيءَ جي تحقيق ۾ سنڌ جي موسيقيءَ کي اهميت ڏني پئي وڃي. سنڌي لوڪ موسيقيءَ ذريعي اينٿراپالاجيءَ تي تحقيق ٿئي ٿي. ڳاهن، ڳيچن، لوڪ گيتن، صوفي راڳ، ڪلاسيڪل راڳ، گهڙولي، ڌمال، وائي، ڪافي، قومي گيتن، فلمي گيتن، عارفاڻا ڪلام، غزل، ڊسڪو، ڪونگو ۽ آرڪسٽرا تائين سنڌي موسيقي سرن جي ورکا جاري رکيو اچي. ريڊيو پاڪستان ۽ آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس يا بي. بي سي جي سنڌي سروس کان پوءِ عالمي سطح تي سنڌي موسيقيءَ کي ميڊيا سيٽلائيٽ چينلن ذريعي پھچايو وڃي ٿو. ’ڪشش ٽي. وي‘ سنڌي موسيقيءَ جو پهريون خانگي چئنل آهي، جنهن تان قديم، جديد ۽ لوڪ سرن جي ورکا ٿيندي رهي ٿي. ايف. ايم ريڊيو ’سچل‘ چئنل ۽ ٻين ڪيترن چئنلن: مهراڻ ٽي. وي، سنڌ ٽي. وي، آواز ٽي. وي وغيرہ سنڌ ۾ سنڌي موسيقيءَ جو پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي. موبائيل فون تي رڪارڊنگ سنڌي ڌنون، سر ۽ گانا رنگ ٽيون جي صورت ۾ اچي چڪا آهن.
انگريزن جي دور ۾ گرامون فون جي رڪارڊرن کان وٺي اڄ جي دور جي سي. ڊي، ڊي. وي. ڊي ۽ ميموري ڪارڊ تائين موسيقي پکيڙڻ جا ذريعا موجود آهن. انگريز دور کان موسيقي رڪارڊ ٿيڻ لڳي. ان کان اڳ راڳ سيني بہ سيني قائم رهندو آيو، جنهن جو مثال شاھہ لطيف جي درگاھہ جو راڳ آهي. شاھہ لطيف جو راڳ تمر فقير جي دور کان اڄ تائين شاھہ جي درگاھہ تي ساڳئي انداز سان هلندو اچي. هي راڳ جو ادارو، بنا ڪنهن سرڪاري سرپرستيءَ جي روزبروز وڌندڙ آهي ۽ نون راڳين جو اضافو ٿيندو رهي ٿو. شاھہ لطيف جي حياتيءَ کان وٺي نسل در نسل فقيرن جون ٽوليون اڄ سوڌو شاھہ جي راڳ ۽ انداز کي منتقل ڪنديون اچن. اهڙيءَ ريت سنڌي موسيقيءَ جو تسلسل موهن جي دڙي کان وٺي موجودہ وقت تائين ڌرتيءَ سان جڙيل رهيو آهي. سنڌي سنگيت ۽ ثقافت جي شاهوڪاري ان جو وڏو ثبوت آهي.
موسيقيءَ جو فن، ٻين فنن وانگر ڪڏهن پابند نہ رهيو آهي. هن فن ۾ هر دور ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ حرڪت ۽ تبديلي ايندي رهي آهي. پوين ٽن هزارن سالن اندر هن فن ۾ بنيادي تبديليون آيون آهن. قديم زماني ۾ موسيقيءَ جا ٽي گرام تسليم ڪيا ويندا هئا، جن ۾ کرج گرام، گنڌار گرام، مڌم گرام شامل هئا. هنن گرامن جو ذڪر ڀرت نٽ شاستر ۽ ويدن ۾ ملي ٿو. علمي طرح گنڌار گرام ۽ مڌم گرام، ڪيتريون صديون اڳ ختم ٿي چڪا هئا، باقي موسيقيءَ جو دارومدار ’کرج گرام‘ تائين محدود ٿي ويو. کرج، گنڌار ۽ مڌم موسيقيءَ جي ستن سُرن مان ٽن سرن جا نالا آهن ۽ گرام جو مطلب آهي ’شروع ڪرڻ واري جاءِ‘، قديم موسيقيءَ ۾ کرج ۽ پنچم سر قائم نہ هئا، پر انهن ۾ بہ ٻين سرن وانگر لاها ۽ چاڙها هئا. هي سُر ڪومل ۽ تيور سرن جي صورت ۾ بہ استعمال ٿي سگهندا هئا، پر موجودہ موسيقيءَ ۾ اهي ٻئي سُر غير متحرڪ آهن، جن کي موسيقيءَ جي زبان ۾ ’شڌ‘ يا ’قائم‘ سُر چئبو آهي.
بنيادي طرح موسيقيءَ جي سرن جي لحاظ ۽ تعداد کان ڪل
72 ٺاٺ هئڻ کپن ۽ اوائلي دور ۾ ٺاٺ ئي معرض وجود ۾ آيا هئا. جن جو ثبوت اڄ بہ موسيقيءَ جي پراڻن ڪتابن ۾ موجود آهي. پر اتر هندستان جي موسيقارن پنھنجي سهولت ۽ آسانيءَ خاطر انهن 72 ٺاٺن کي سميٽي ڏھہ ٺاٺ تيار ڪيا، جيڪي هن وقت جي شاسترن يعني ’ڪلاسيڪل سنگيت‘ جي بنياد جي حيثيت رکن ٿا. اهي ڏھہ ٺاٺ هي آهن: (1) ڀيروي ٺاٺ، (2) ڪلياڻ ٺاٺ، (3) ڀيرو ٺاٺ، (4) آساوري ٺاٺ، (5) ڪافي ٺاٺ، (6) بلاول ٺاٺ، (7) ڪماچ ٺاٺ، (8) ٽوڙي ٺاٺ،
(9) پوربي ٺاٺ، ۽ (10) ماروا ٺاٺ.
ڏهين ٺاٺ ’ماروا‘ لاءِ وڏن موسيقارن کي ڪجهہ اختلاف آهن. ٺاٺ جو بنيادي شرط آهي تہ ان ۾ موسيقيءَ جا ست ئي سر باقاعدي استعمال ٿيندا هجن، پر ماروا ٺاٺ ۾ ڇھہ سر لڳن ٿا. ٺاٺن جي عدد جو گهٽجي ڏهن تائين اچڻ سان گڏ ’متن‘ وارو تصور بہ وجود ۾ آيو. ’مت‘ لفظ جي معنيٰ آهي طريقو يا لهجو. ان وقت ڪيترن علائقائي، مذهبي ۽ مسلڪي رجحانن جي ڪري ڪيتريون ’متون‘ سامهون آيون. مثال طور: ڪرشن مت، شڌ مت، شو مت، ڊاگر مت وغيره، پر آهستي آهستي ٺاٺ جي سگهہ اڳيان متن وارو طريقو غير مؤثر ٿيندو ويو. ان بعد ’گهراڻي وارو طريقو‘ متعارف ٿيو. موسيقيءَ جا گهراڻا ٺهيا، جن مان ڪجهہ هن وقت پوين پساهن ۾ آهن. ساڳي صديءَ ۾ موسيقيءَ جي صنفن ۾ پڻ تبديليون آيون. سڀ کان پهرين گائڪيءَ جي صنف، جنهن جو نالو ’ڌرو‘ هو، ان جي جاءِ پرٻند گائڪيءَ ورتي. چوڏهين صديءَ ۾ ’پربند‘ جي جاءِ تي ’ڌرپد‘ آئي، جيڪا ڪافي عرصو موسيقيءَ تي حڪمرانيءَ جي انداز ۾ ڇانيل رهي ۽ ان دور جي وڏن وڏن گُني ۽ گياني استادن جو ٽريڊ مارڪ ’ڌرپد‘ جي گائڪي رهي ۽ موسيقيءَ جي مهارت جو معيار ڌرپد گائڪيءَ ذريعي ڏٺو ۽ پرکيو ويندو رهيو.
پنھنجي وقت جو عظيم موسيقار تانسين بہ ’ڌرپد گائڪيءَ‘ جو وڏو نالو آهي. ان کان سواءِ پنڊت هري داس سوامي، نائڪ گوپال، نائڪ برجو، نائڪ بخشو، منشي غلام محمد وغيرہ ان دور جا عظيم ڌرپد گائڪ هئا. ڪلاسيڪل موسيقيءَ مٿان ڌرپد گائڪيءَ جي حڪمراني ارڙهين صديءَ جي آخر تائين قائم رهي. 18صديءَ جي آخر ۾ ’خيال گائڪي‘ دستوري موسيقيءَ ۾ داخل ٿي ۽ اُن پنھنجي منفرد تان، مينڍ، مرڪ، مورڇنا، سرگم ۽ لئہ جي خوبصورت چالن ۽ بندشن جي ڪري گائڪيءَ جي باقي صنفن کي ڌڪي پوئتي ڪري ڇڏيو.
سنڌي موسيقيءَ جا سُر: ننڍي کنڊ ۾ ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ جتي هندومت جي ڌرمي راڳ ۽ سنگيت ڪلا ۽ نٽ شاستر جو اهم حصو آهي. اتي ڪي عنصر ۽ نقش، مسلمان موسيقارن جي ڪاوشن جو نتيجو آهن. جڏهن ڪلاسيڪي راڳ جي عظيم موسيقار امير خسرو پنهنجا انقلابي تجربا ڪيا، تہ راڳ/ ڪلاسيڪي موسيقي ڌرپد جي طرز ۾ وڏين بلندين تي پهتي ۽ اڳتي هلي مغل بادشاھہ اڪبر جي درٻار جي راڳي موسيقار تانسين جي املھہ ايجادن جو حصو بڻي. اها نئين برپا ڪيل موسيقيءَ جي روايت هئي، جنهن کي جونپور جي سلطان حسين شرقيءَ ’خيال‘ ۾ محفوظ ڪيو.
پاڪستان جي مڙني علائقن مان رڳو سنڌ ئي مقبول موسيقيءَ جي اعليٰ ۽ ممتاز قسمن جي مالڪ هئڻ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿي. پهرئين قسم ۾ لوڪ گيت جھڙوڪ: ليالو، همرچو، جمالو ۽ مورو وغيرہ شامل آهن، جن جون 50 کان وڌيڪ طرزون آهن. انهن لوڪ گيتن مان ڪجهہ گيت پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ ڳائجندڙ گيتن سان مشابهت رکن ٿا. روايتي سُر، موسيقيءَ جي نموني ۽ طرز جي مخصوص قسمن کي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي حوالي سان هيٺين مثالن مان واضح ڪري سگهجي ٿو:
سُر ڪوهياري: ڪوهياريءَ جو تعلق کماچ ٺاٺ (Khamach Thaath) سان آهي. ان جي ڪجهہ بلاول سان پڻ مشابهت آهي، جيڪا راڳ ’آسا‘ تي اهم اثر ڇڏي ٿي. ان جو اٿندڙ آواز سا، گا، ما، پا، ڌا، ني، سا، ني، ڌا، پا ۽ ما، گا، ري آهي. هن جي مخصوص سڃاڻپ آهي تہ هن سر ۾ ٻئي (نرم ۽ تيز) استعمال ڪيا وڃن ٿا.
سُر راڻو: هن سر جو تعلق ڪافي ٺاٺ سان آهي. سُر جي اٿندڙ آواز ۾ گنڌار (Gandhar) وڪر آهي. اهو ديسي ٽوڙي ۽ سنڌوئي سان مڪمل ۽ نارائڻي ۽ ڪافيءَ سان ڪجهہ مشابهت رکي ٿو، ان جو اٿندڙ آواز سا ري، ما، پا، ڌا، سا ۽ لاھہ ۾ سا ني، ڌا، پا، ماري، گاري ۽ سا آهن.
سر مانجهہ (Sur Manjh): هي سر ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سخت اصولن سان نہ ٿو ٺھي ۽ قياس ڪندڙ نظريہ دان (Theoerists) ان کي قبول نہ ٿا ڪن. هن سر جا اٿندڙ آواز کماچ جھڙا آهن، جڏهن تہ لهندڙ آواز ڪيڏاري سان مشابهت رکن ٿا. ٻئي مڌم (نرم ۽ تيز) ساڳئي وقت هن راڳ ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا. ڪلاسيڪي روايت مطابق ڪلاسيڪي موسيقيءَ جا ماهر لهندڙ آواز ۾ نرم مڌم کي قبول نہ ٿا ڪن. سر مانجهہ جا اٿندڙ آواز سا، گا، پا، ڌا، ني، سا ۽ لهندڙ سا، ني، ڌا، پا، ما، گاري، سا آهن. انهن آوازن جي لهندڙ نموني جو پهريون ميلاپ سا، ني، ڌا، پا، ما (تيز) همير ڪلياڻ سان مشابهت رکي ٿو.
سر سنڌي ڀيروي: هي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو ڄاتل سڃاتل نمونو آهي. آساوري ٺاٺ (Asavari Thaat) مان نڪتل هن سُر کي ڪلاسيڪي ڀيرويءَ مان مختلف ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ڀيرويءَ جي مکيہ خاصيتن ۾ رکب (Rikhab)، آواز (تيز) جو بار بار استعمال ۽ نکاد (Nikhad) (تيز) آواز جو قسمتي استعمال آهي.
سر لوڙائو: هي سُر پهاڙيءَ سان مشابهت رکي ٿو ۽ ان جو ممتاز مڌم آهي. اٿندڙ آواز ۾ درگا ۽ لهندڙ آوازن ۾ ڪافيءَ سان مشابهت رکي ٿو. ان جو اٿندڙ آواز سا، ري، ما، ڌا، سا ۽ لهندڙ سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا، ما آهن. هي سر عام طور کان ٽيپ سا (Teep Saa) ڏانهن ڳايو وڃي ٿو. مثال طور: ’ما‘، ’کي‘، ’سا‘ ۾ تبديل ڪري اڳيون ’سا‘ مقرر ڪجي ٿو.
سر سورٺ: هي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو نمونو آهي ۽ ڪلاسيڪي راڳ ديس (Des) سان مشابهت رکي ٿو. راڳ ديس جي چڙهندڙ لهجي مان گنڌار آواز لھي ٿو ۽ سورٺ جو روپ وٺي ٿو. ان جو چڙهندڙ لهجو سا، ري، ما، پا، ني، سا ۽ لهندڙ لهجو سا، ني، ڌا، پا، ما، ري، سا آهي. سنڌ ۾ ڳائڻا عام طور راڳ ديس ڳائي، ان کي سورٺ سڏين ٿا.
سر پرڀاتي: هي بلاولي ٺاٺ سان تعلق رکندڙ راڳ آنند ۽ ڀيرون (Bhairon) سان مشابهت رکي ٿو.
سر معذور: هي سري راڳ سُر سان مشابهت رکي ٿو، جيڪو سري راڳ جي لهجي پنچم (Puncham) کي ختم ڪري پيدا ڪيو وڃي ٿو. مڌم جي وڄائڻ سان ان جي خوبصورتي ۽ اثر ۾ واڌ اچي ٿي. سري راڳ جي چڙهندڙ لهجي ۾ گنڌار ۽ ڌيوت (Dhiavat) شامل ڪري معذور جو قسم پيدا ڪيو وڃي ٿو. مڌم ان جي لهندڙ لهجي ري، ني، ڌا، ما، ما، ما، گاري، سا ۾ ٽي ڀيرا استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان جو چڙهندڙ لهجو سا، ري، گا، ما، ڌا، ني سا آهي.
روايتي سنڌي موسيقيءَ جون خصلتون گهڻو ڪري عوامي آهن، جيڪي هندستان جي ڪلاسيڪي راڳ کان ڪي قدر آروهي، امروهي، وادي، سموادي ۽ ڳائڻ جي وقت موجب مختلف آهن.
سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳن جو اوائلي دور:
اڳين تاريخي اهڃاڻن توڙي سنڌ جي موجودہ راڳن جي روايت کي مد نظر رکندي، نتيجو اهو نڪتو آهي تہ آڳاٽي سمي کان وٺي اندازاً اٺين صدي عيسويءَ تائين جي اوائلي ڪلاسيڪي دور ۾ جيڪي راڳ ۽ راڳڻيون سنڌ ۾ رائج هئا، انهن راڳن ۾ بلاولي، آساوري، ڌناسري، ٽوڙي، جهجهونتي ۽ ڪاموڏ کي شمار ڪري سگهجي ٿو، جيڪي اڄ تائين سنڌي راڳ جي سڀني صنفن- ڳيچن، لوڪ گيتن، مولودن ۽ ڪافين - ۾ سمايل آهن. ٻيا سنڌ ۽ اتر طرف تاڪا سؤوير ديسن ۾ آباد قومن جا راڳ آهن. دراوڙن، ڀيرن، آڀيرن، ساڪن سوويرن، تاڪن ۽ ميدن جا راڳ هنن ۾ شامل آهن. دراوڙي راڳ بلاولي ۽ ڀيرون جو راڳ ڀيروي قديم زماني کان رائج ٿيا، آڀيرن جو راڳ آڀيري هو، جيڪو آڀري، آبهري، آهري، آهيري يا آهير جي نالن سان اڳاٽي دور ۾ رائج ٿيو. قديم دور ۾ هن راڳ جي اوائلي ياد ’ٽوڙي‘ ۽ ’سنڌ وار‘ جي سنگيت صورت ۾ هندستاني راڳ ۾ باقي رهي.
سنڌ ۾ هن وقت فقط شاھہ عبداللطيف جي راڳ ۾ ’سر آبري‘ قديم ’آڀيريءَ‘ جي نالي جو يادگار آهي. سنڌ کان وٺي گجرات ۽ کنڀات سڄو خطو ساڪن جي حڪومت هيٺ رهيو ۽ اتان جي مختلف ڀاڱن جا راڳ سڄي خطي ۾ رائج رهيا. سنڌ جي سرزمين وارن راڳن کانسواءِ ’ڪڇالي‘ شايد ’ڪڇ‘ ملڪ جو خاص راڳ هو، سوراشٽر (ڪاٺياواڙ) جو راڳ سوراشٽري هو، جو پوءِ سورت ۽ سورٺ جي نالن سان مشھور ٿيو. گجرات تائين آباد گجر قوم جو راڳ گرجري (گجري) هو، کنڀات ملڪ جو راڳ آڳاٽي دور ۾ ڪامڀو جي، ڪامود جي، کمباوتي يا کنڀاتي جي نالن سان مشھور ٿيو. بعد ۾ کمائجي، کماج ۽ کماچ راڳڻين جي صورت ۾ باقي رهيو.
سنڌ جا آڳاٽا موسيقار:
هتي مختصر طور سنڌ جي انهن معروف گوين ۽ موسيقارن جو تذڪرو پيش ڪجي ٿو، جن جي حوالي سان سنڌ جي موسيقيءَ کي سمجهيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. آسانيءَ لاءِ انهن کي ٽن دورن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين دور جو عرصو 1900ع تائين، ٻئي دور جو 1940ع تائين ۽ ٽئين دور جو 1980ع تائين مقرر ڪيو ويو آهي.
پهرئين دور جي نالي وارن گوين/ موسيقارن مان جن جو احوال ملي ٿو، تن ۾ استاد هادو خان، استاد بخشو خان، استاد صادق علي خان ۽ استاد اميد علي خان جا نالا اچي وڃن ٿا.
ٻئي دور جي مشھور موسيقارن ۾ استاد عاشق علي خان، استاد بڙي غلام علي خان، استاد الھڏنو نوناري، لعل خان گُڪو، استاد سينڌو خان، استاد احمد خان، گامڻ خان'>استاد گامڻ خان، ڪريم بخش خان، استاد مبارڪ علي خان، استاد بيبو خان، استاد پيارو خان، جمالو خان'>استاد جمالو خان، استاد
پير بخش خان، نبي داد خان، استاد يوسف کٽي، رسول بخش ڪلهوڙو، هوشو شيدي بلڙيءَ وارو، گلشن صوفي، غلام نبي عبداللطيف،
سي ارجن، ماسٽر بيکا لعل ۽ مٺو خان جو احوال ملي ٿو.
ٽئين دور جا مشھور ڳائڻا آهن: استاد اميد علي خان ۽ استاد منظور علي خان، محمد يوسف، عابدہ پروين، مظهر حسين، ذوالفقار علي، امير علي خان وغيرہ.
موسيقيءَ جي ميدان ۾ خواتين بہ پنھنجي نالي سان مشھور رهيون آهن. ان ڏس ۾ جن موسيقيءَ جي ماهر خواتين جو ذڪر ملي ٿو، تن مان ٻئي دور جي هڪ گائڪه بالي عرف گولي هئي ۽ ٽئين دور جي گائڪه هئي نواب اختر.
سنڌي راڳ ۽ راڳڻين کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ ۾ ڪن سازن سرودن جو بہ وڏو هٿ رهيو، جن جي ذڪر کانسواءِ سنڌي موسيقيءَ جي ڄاڻ اڌوري رهندي. سنڌ جا ڪي ساز هي آهن:
بوڙينڊو: هي چيڪي مٽيءَ مان ٺهيل هڪ پورو کينهوڙو آهي، جنهن ۾ ٽي يا چار سوراخ ٿين ٿا. بوڙينڊي جي وڏي سوراخ ۾ ڦوڪ ڏئي آواز ڪڍيا وڃن ٿا. ننڍن سوراخن تي آڱريون رکي آواز کي مرضيءَ مطابق ڪڍيو وڃي ٿو. مغربي دنيا ۾ هن ساز کي اوچونيا سڏيو وڃي ٿو. (وڌيڪ ڏسو، جلد پهريون)
دلو/ گهاگهر: دلو، مٽيءَ مان پڪل مرتبان جي شڪل ۽ وڏي ماپ واري هڪ شيءِ آهي. انجي هڪ مخصوص قسم کي گهاگهت سڏيو وڃي ٿو. دلي جي ڀيٽ ۾ گهاگهر پاسن کان ڪنڊائتي ۽ ڳچيءَ ۾ سوڙهي ٿئي ٿي. (وڌيڪ ڏسو، جلد پنجون)
يڪتارو: هڪ تار وارو ساز. هن ساز جو جديد نمونو ٻن تارن تي مشتمل آهي. هن ساز کي ٺاهڻ لاءِ ڪدوءَ جي گولائيءَ واري محصي کي خشڪ ڪري سندس چوٽيءَ 3/1 حد تائين گولائي، ويڪر ۾ ڇليو وڃي ٿو. اندران کوپ ڪڍي کل جو هڪ ٽڪرو ان جي کليل گول منهن مٿان ٻڌو وڃي ٿو. اهو آواز ڪوٺي جو ڪم آڻي ٿو، جنهن مان ڪاٺ جي ڊگهي لٺ گذاري وڃي ٿي. اسٽيل جون هڪ يا ٻہ عمدا تارون لٺ سان گڏ ٻڌجن ٿيون. تار کي نيم گولائيءَ وسيلي مٽيءَ يا ڌاتوءَ مان ٺهيل ٽڪري جي مدد سان بيهاريو وڃي ٿو، آڱر جي چوٽيءَ جي ڇهاءُ سان تارن مان تال جون مختلف ڌنون جھڙوڪ: تين، تار، ڪلواڙو ۽ ڌاڌرو وغيرہ پيدا ڪيون وڃن ٿيون. هن ساز کي سنڌ جي مشھور فنڪار جلال چانڊئي عام ڪيو، جنهن بعد ڪيترائي فنڪار يڪتارو استعمال ڪن ٿا.
ڏنڊو: ٻہ کان اڍائي فوٽ ڊگهي ۽ هڪ انچ قطر واري لٺ تي مشتمل ٿئي ٿو. (وڌيڪ ڏسو: جلد پنجون)
چپڙي/ کڙتال: چورس ڪاٺ مان ٺهيل ٽڪرن تي مشتمل هوندي آهي، جيڪي 6 انچ ڊگها، ڏيڍ انچ ويڪرا ۽ 3 سينٽي ميٽر ٿلها آهن. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
نڙ: هي سنڌ جو عام روايتي ساز آهي. سنڌ ۾ نڙ تيلي ٻوٽن جي مڙني ئي قسمن جي مجموعي جو نالو آهي، جنهن جا ڪانا ڀورا هوندا آهن. ڪن ڪانن مان گري ڪڍي انهن کي پورو بڻايو وڃي ٿو. نڙ ساز نڙ سچو اصلي ڪاني مان ٺاهيو وڃي ٿو، جيڪو سنڌ ۾ ڪوهستان جي ٽاڪرو علائقي مان ملي ٿو. روايتي طور نڙ ساز ۽ ان جي موسيقيءَ جو لاڳاپو پيار، ڏک ۽ فراق سان آهي.
نغارو: نغارو عربي لفظ نقارہ جو سنڌي روپ آهي. سنڌي نغاري جي ڪوٺي باھہ ۾ پڪل موٽي جي اڌ گولائي پيالي تي مشتمل آهي، جنهن جي کليل پاسي تي ڪناري جي چوڌاري ڏورين سان مخصوص کل ٻَڌي وڃي ٿي. آڳاٽي وقت ۾ نغاري کي بادشاهي محل ۾ ڏيڍي ۾ ڀليڪار ڪرڻ لاءِ وڄايو ويندو هو. هينئر ان کي محرم مهيني ۾ امام حسين عه جي ياد لاءِ وڄايو وڃي ٿو.
چنگ: چنگ لوھہ مان ٺهيل سادو، پر نفيس آواز ڪڍندڙ اوزار آهي. ان جي ٻاهرين ڍڪ ۾ اندر سنهو لچڪدار ڪانٽو ٿئي ٿو، جنهن جو ڇيڙو مٿي اڀريل هوندو آهي. ڳوٺن ۾ ڌنار چنگ وڄائن ٿا. هيءُ ساز سنڌ سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ عام آهي. (وڌيڪ ڏسو: جلد چوٿون).
ڪنجهيون/ ٽليون: پتل مان ٺهيل ننڍين پيالين جو جوڙو، جنهن مان هر هڪ جو قطر 2 کان 3 انچ ٿئي ٿو. وڄائيندڙ پياليون هر هڪ هٿ ۾ جهلي ٿو ۽ ٻنهي جي ماپيل ڌڪن مطابق هڪٻئي سان ٽڪرائجڻ ذريعي مختلف سر ڪڍي ٿو. (وڌيڪ ڏسو: جلد ٻيو، داخلا: ٽلي).
شرنائي: پراڻو ديسي ساز، دهل سان گڏ ان جو استعمال اٺين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ ٿيو. شرنائيءَ جو جنم ڪرڙ جي پراڻي وڻ جي ڪاٺ مان ٺاهيو وڃي ٿو ۽ آواز ڪڍندڙ اوزار ڪنگور ڪاٺيءَ مان جوڙيو وڃي ٿو.
سرندو: پراڻو سنڌي ساز آهي. پيشور سنڌي ڀان، چارڻ، منگتا ۽ مڱڻهار آڳاٽي وقت کان سرندو وڄائين ٿا. ٻيجل هن ساز کي جيئدان ڏنو، جنهن جو ذڪر لطيف سائينءَ پنھنجي بيتن ۾ پڻ ڪيو آهي. ساز جو جسم هر قسم جي ڪاٺ مان ٺاهي سگهجي ٿو. (وڌيڪ ڏسو، جلد ستون)
دنبورو/ تنبورو: هي ساز شاھہ لطيف متعارف ڪرايو. (وڌيڪ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، ’دنبورو‘، جلد پنجون)
سنڌي موسيقيءَ تي ڇپيل ڪتاب:
1. راڳ ساگر: پير بخش مغل، (مقدمو: استاد منظور علي خان)، 1955ع، ٻيو ڇاپو: 1997ع
2. سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، 1978ع، ٻيو ڇاپو: 2003ع.
3. Musical Instruments of The Lower Indus Valley of Sindh: Dr. N. A. Blacoh 1966, 2012.
4. ’سنڌي موسيقيءَ جا سُر تار‘: زھرہ يوسف جي ترتيب ڏنل ڪتاب: ‘Rhythms of Lower Indus’ جو ترجمو، مترجم: خليل شيخ، 2011ع
5. ’سندهي موسيقي کي تاريخ‘، آغا خالد سليم، 1984ع
6. ’سنڌ ۾ موسيقيءَ جي اوسر‘، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مترجم: ڊاڪٽر حبيب ﷲ سنڌي.
7. سنڌي راڳ ۽ تال: منظور نقوي، 1981ع
8. ’توريان جيڪر تند‘، سنڌ جي موسيقي: اظهر حسين سمون، 2010ع
9. سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاھہ جا سُر: آغا سليم، 2011ع
10. ’ڏيهي پرڏيهي ساز‘، سيد حاڪم علي شاھہ ۽ عثمان ميمڻ، 2011ع
11. Spainish Cante Janto & Its Origin in Sindhi Music، عزيز بلوچ، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد.
12. The Origin & Evolution of Sindhi Music، عزيز بلوچ، شاھہ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.