سنڌي ناٽڪ پرمپرا

سنڌي ناٽڪ پرمپرا

سنڌي ناٽڪ پرمپرا

سنڌي ناٽڪ پرمپرا (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ- هند جي ناليواري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي سنڌي ناٽڪن بابت مقالن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي اهم ناٽڪ نويسن- خانچند درياڻي، مرزا قليچ بيگ، تيرٿ وسنت، پروفيسر رام پنجواڻي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، سندري اتمچنداڻي، گوبند مالهي ۽ پروفيسر پوپٽي هيراننداڻيءَ جا فوٽو ڏنا آهن. سندس ڪتاب ۾ هيٺين عنوانن تي مقالا شامل آهن:
(1) شاھہ جي لوڪ ڪهاڻين تي ٻَڌل لطيف ناٽڪ، (2) سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جو علمبردار: مرزا قليچ بيگ، (3) ترجمان ۽ ناٽڪ نويس تيرٿ وسنت، (4) سنڌي ناٽڪ نويسي: هڪ سرسري نظر، (5) گذريل ڏهاڪي جي سنڌي ادب جو جائزو: ناٽڪ، (6) موجودہ دؤر ۾ سرجن ناٽڪ ۽ منچن، (8) سنڌيءَ ۾ اسڪرين ساهتيہ جي آمد، (9) سنڌي درسي ڪتابن ۾ ناٽڪ، (10) سنڌو گرجر رنگ ناٽڪ، (11) ورهاڱي بعد سنڌي ساهتيہ ۾ ديومالائي ڪٿائون ۽ علامتون: ناٽڪ، (12) جديد سنڌي ساهتيہ ۾ جماليات: ناٽڪ، (13) رميش ڄاڃاڻي ۽ سنڌي ناٽڪ رنگ منچ، (14) مدن جماڻي: هڪ ناٽڪ نويس.
ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي شايع ٿيل ناٽڪن جي 12 ڪتابن جا عڪس ڏنا ويا آهن.
ڊيمي سائيز جي 158 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب اسٽيج پبليڪيشن، ڪٻير نگر، احمد آباد مان، 2012ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ان جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو