سنڌي نثري ادب

سنڌي نثري ادب :
ادب ۾ نثري ادب کي خاص اهميت آهي. سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، شاعري توڙي نثري ادب جي صنفن جي حوالي سان شاهوڪار زبان آهي. اوائلي سنڌي نثر جي تاريخي لحاظ سان ڪتاب ‘عجائب الهند’ تاليف بن شهريار'>بزرگ بن شهريار جي لکڻ موجب اها پڪي ۽ پختي ثابتي ملي ٿي ته ڏکڻ ايشيا ۾ ٻين سڀني ٻولين کان اڳ، قرآن مجيد جو ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو، ترجمي جي هن نموني کي سنڌي نثر جو ابتدائي اهڃاڻ تسليم ڪيو وڃي ٿو. قديم سنڌي نثر جي حوالي سان مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جا لکيل ‘ست حڪمت ڀريا نڪتا’ پڻ نثر جي اوائلي صورت طور تسليم ڪيا وڃن ٿا، جن کي سنڌيءَ ۾ لکيل سنڌي نثر جو اوائلي نمونو ۽ قافيه وار نثر سڏيو ويو آهي. مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته نثر سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون، پر ان دؤر جي نثر جو ڪو باقاعدي نمونو نه مليو آهي. محققن مطابق نثر جي باقاعدي شروعات ميرن جي دؤر ۾ آخوند عزيز الله جي قرآن شريف جي ترجمي سان چئي سگهجي ٿي، پر ان سڄي نثري تاريخ ۾ تحقيق مطابق اهي ڪجهه ئي مثال ملن ٿا. انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط جڙي راس ٿيڻ کانپوءِ ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ نثر جي باقاعدي شروعات ترجمن جي صورت ٿي، 1853ع ۾ سنڌي رسم الخط مروج ٿيڻ شرط، سنڌي نثر جا ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿي ويا.
(1) ‘يوحنا’ (انجيل جو ترجمو)، ڀنڀي زميندار جي ڳالهه، سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه، مفيد الصبيبان، هي اهي اوائلي ترجما هئا جن کي سنڌي نثر ۾ خاص اهميت حاصل آهي. سنڌي آئيوٽا ٺهڻ سان سنڌي ميڊيم اسڪولن جو به بنياد پيو جن لاءِ درسي ڪتاب ڇپرايا ويا، تنهن کانسواءِ تاريخ، جاگرافي، سائنس، افسانوي ادب، تحقيق ۽ تنقيد جي حوالي سان به اهم ڪتاب ڇپجڻ جو سلسلو شروع ٿيو. جيڪي هر شعبي ۾ ڇپرايل ڪتاب ترجمن جي صورت ۾ ئي موجود هئا. سنڌ جا ليکڪ انگريزي ادب جي معرفت نين صنفن کان آگاهه ٿيا، جهڙوڪ: ناول، ڊرامو، افسانو، مضمون، تنقيد. ان ادبي اوسر کي ٽن دؤرن ۾ ورهايو ويو آهي، جن جو مختصر احوال هيٺينءَ ريت آهي:
شروعاتي د‍ؤر: هن دؤر ۾ سنڌي اديبن سماج جي اصلاح جو مقصد رکي لکڻ شروع ڪيو. اهو مقصد بيان ڪرڻ لاءِ ناولن، ڊرامن ۽ ڪهاڻين کي ذريعو بڻايو ويو. ناول جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ داستان ۽ قصا موجود هئا، جن ۾ مافوق الفطرت واقعا ۽ غير فطري ڳالهيون هونديون هيون، پر اهي لکت ۾ هئڻ بدران زباني روايتن جي صورت ۾ هئا. انگريزي ناول جي اثر سبب انهن ناممڪن ڳالهين جو خاتمو ٿيو ۽ زندگيءَ جي عڪاسي شروع ٿي. شروع ۾ سنڌي ليکڪن انگريزي، هندي ۽ بنگالي ناولن، قصن، ڊرامن ۽ ڪهاڻين جا نه فقط ترجما ڪيائون پر انگريزي ناولن ۽ ڊرامن جي پلاٽن کي سنڌي ماحول مطابق بڻائي پيش ڪيائون. ان ڏس پهريون ناول اڌارام ٿانورداس ۽ نولراءِ جو ترجمو ڪيل ‘راسيلاس’ آهي. ترجمن کانپوءِ طبعزاد ناول به لکيا ويا. ان ڏس ۾ مرزا قليچ بيگ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. ڊرامن لکڻ ۾ هندو اديبن جو به وڏو هٿ رهيو. سنڌي نثر ۾ ڊرامي جي صنف لکڻ جو سهرو به مرزا قليچ بيگ جي سِر تي اچي ٿو. هن نه صرف طبعزاد ڊراما لکيا بلڪ شيڪسپيئر جي ڪيترن ئي ڊرامن جا ترجما به ڪيا ۽ ڪيترن ئي ڊرامن جي پلاٽن کي ديسي قالب ۾ به پلٽيائين. انگريزي کانسواءِ سنسڪرت ڊرامي جو به سنڌي ڊرامي ۾ وڏو دخل آهي. سنسڪرت ڊرامو جيتوڻيڪ انگريزن جي اچڻ تائين فنا ٿي ويو هو، پر ان هوندي به هندن ۾ ڊرامن لکڻ جو رواج ڪجهه قدر موجود هو. انهيءَ ڪري لازمي هو ته قديم ڊرامو به جديد ڊرامي تي اثر انداز ٿئي، پر ان هوندي به حقيقت اها آهي ته سنڌي ڊرامو پنهنجي اصلي وجود لاءِ انگريزي اسٽيج ۽ ڊرامي جو مرهون منت آهي. ان شروعاتي دؤر ۾ ناول ۽ ڊرامي سان گڏ قديم انگريزي ڪهاڻيون به ترجمو ٿيڻ شروع ٿيون ۽ انگريزي ڪهاڻين جي فن جي روشنيءَ ۾ ڪجهه طبعزاد ڪهاڻيون به لکيون ويون. جيتوڻيڪ انهن ڪهاڻين ۾فن جي پختگي ڪانهي، تڏهن به اهي مافوق الفطرت واقعن کان سواءِ آهن ۽ نون لاڙن سماج جي سڌاري جو مقصد آڏو رکي لکيون ويون آهن. هن شروعاتي د‍ؤر ۾ مضمونن لکڻ جي به شروعات ٿي. شروعاتي مضمون نويسن تي سر فرانسز بيڪن جي مضمونن جو اثر غالب آهي، جيڪي مرزا قليچ بيگ ترجمو ڪيا هئا.
وچون دؤر: پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ عوام ۾ نئون شعور اڀريو. انهيءَ سياسي شعور عوام کي جمهوريت ۽ سياسي آزاديءَ جي اهميت ذهن نشين ڪرائي، انهيءَ ڪري 1919ع ڌاري سنڌ سميت سموري هندستان ۾ آزاديءَ جي هلچل زور وٺي وئي، سنڌي ليکڪ به آزاديءَ جي تحريڪ کان متاثر ٿيا ۽ سماج جي اصلاح سان گڏ سياسي مقصد آڏو رکي لکڻ شروع ڪيائون. ان وقت جي ليکڪن ۾ شمس الدين بلبل جو نالو تمام اهم آهي، جنهن پنهنجي تحرير ۾ طنز مزاح جو رنگ شامل ڪري، سنڌي نثر ۾ انفراديت پيدا ڪئي. ان دؤر ۾ جيڪي ناول، ڊراما، افسانا ۽ مضمون لکيا ويا، انهن ۾ وطن جي حب، ديسي ڪهاڻين، ديسي روايتن ۽ آزاديءَ جي تحريڪ جا عنصر موجود آهن. ان هوندي به سنڌي اديبن فن جي لحاظ کان انگريزي ادب جي پيروي ڪئي، نه فقط ايترو، پر هن دؤر ۾ فن اڃا به پختيءَ صورت ۾ ملي ٿو. ڏيهي اديبن خيال، نظريا ۽ اسلوب انگريزي ادب مان اخذ ڪري فن جي پختگيءَ سان انهن کي ديسي رنگ روپ ۽ ويس وڳو پهرايو. تاريخي ناول ۽ ڊراما به هن ئي لاڙي جي پيداوار آهن. ڏيهي ناول نگارن تاريخي ڪارناما ۽ واقعا ناولن جي صورت ۾ پيش ڪري قوم کي اڀارڻ ٿي گهريو. ان ڏس ۾ خليق مورائيءَ جو ‘سندري’ ۽ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو ‘نورجهان’ بهترين ناول آهن. هن وچين دؤر ۾ قومي امنگن سان ڀرپور خطي جي حالتن ۽ بين الاقوامي طور تبديل ٿيندڙ حالتن جو اثر سنڌي نثر تي به پئجي رهيو هو. قومي پسمنظر ۾ نثري صنفن ذريعي خوبصورت لکڻيون تخليق ڪري قوم کي سجاڳ ڪيو ويو.
ٽيون دؤر: ٻي مهاڀاري لڙائي عالمي ادب ۾ هڪ نئون موڙ پيدا ڪيو. سنڌي اديب به متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهيا. هن دؤر ۾ سنڌي اديبن يورپ جي ٻين ٻولين جي ادب جو اثر پڻ قبول ڪيو. ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ هن دؤر جي پيداوار آهي. هن موڙ کانپوءِ سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي مسئلن کي آڏو رکيو ويو، جنهن سان ادب خاص ڪري نثري صنفن ۾ حقيقت پسنديءَ جا رجحان پيدا ٿيا. هن دؤر ۾ افساني تمام گهڻي ترقي ڪئي. 1942ع ۾ سنڌ ۾ ‘ترقي پسند مصنفين’ نالي جماعت وجود ۾ آئي، جنهن جو سيڪريٽري گوبند مالهي هو، نارائڻ شيام، شيخ عبدالرزاق راز، شيخ اياز، عبدالستار شيخ، اي. جي اتم، گوبند پنجابي، سائينداد سولنگي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. انهن ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ ۾ هلندڙ آزاديءَ جي تحريڪ به عروج تي هئي، ان ڪري ڪيترن ئي افسانن ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جو عڪس واضح نظر اچي ٿو. هن دؤر ۾ ترقي پسند تحريڪ جي اثر سبب سنڌي ادب جي موضوعاتي دنيا اڃا به وڌيڪ وسيع ٿي وئي. طبقاتي ڪشمڪش، جاگيرداري نظام، غلامي، استحصال ۽ انيڪ اهڙا موضوع جيڪي سنڌي ادب خاص طور تي نثر ۾ داخل ٿيا ۽ سنڌي ادب ۾ سماجي ۽ سياسي شعور سان ڀرپور ادب تخليق ٿيو.
موجوده دؤر (1947ع کان اڄ تائين): 1947ع ڌاري برِصغير جو ورهاڱو سنڌي هندو، هندستان ڏانهن هجرت ڪري ويا ۽ هندستاني مسلمان سنڌ ۾ آيا. انهيءَ لڏپلاڻ سبب سنڌي اد ب جي ترقيءَ تي اثر پيو ۽ ڪجهه سال ادب تي جمود طاري رهيو. جيئن ته گهڻي ۾ گهڻا ڇپائيءَ جا ادارا هندن جا هئا، ان ڪري سندن وڃڻ کانپوءِ سنڌي ادب کي هڪ ڪاپاري ڌڪ لڳو. اهڙيءَ طرح سنڌي ادب ۽ زبان جا ٻه ماڳ ۽ مڪان ٿي ويا، هڪ سنڌ ۽ ٻيو هند. ٻنهي هنڌن تي اديب وقت جي نين حالتن کان متاثر ٿيا ۽ سنڌي ادب هڪ نئين صورت اختيار ڪئي. سماجي مسئلا سنڌي اديبن جا موضوع بڻجي ويا. هن دؤر جي ادب ۾ گهڻي قدر معاشي ۽ معاشرتي موضوعن جي اپٽار ڪئي وئي. پاڪستان آزاد ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان پبليڪيشن جي طرفان پندرنهن روزه سنڌي رسالو ‘اطلاعاتي بليٽن’ جاري ٿيو، جنهن 1950ع ۾ ماهوار ‘نئين زندگي ’ جي نالي سان ادبي پرچي جي صورت اختيار ڪئي. ورهاڱي کانپوءِ ادب ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو هو، نئين زندگيءَ ان کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ وجود ۾ آيو، جنهن سنڌيءَ ۾ سنڌي ادب، سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي لغت ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. 1955ع ۾ ادبي بورڊ طرفان ‘مهراڻ’ رسالو جاري ٿيو، جنهن تحقيقي ادب ڏانهن به ڌيان ڏنو ته جديد ادب جي ترقيءَ جو سبب پڻ بڻيو. نوجوان سنڌي اديبن جديد ادب جي ترقي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت جي جذبي تحت 1947ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ‘سنڌي ادبي سنگت’ قائم ڪئي هئي. ورهاڱي بعد به سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سنگت جون ٻيون شاخون قائم ڪيون ويون. انهن کانسواءِ وقت بوقت ڪيتريون جماعتون ۽ اشاعتي ادارا قائم ڪيا ويا، جن سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي. هن دؤر جي ادب تي سياسي ۽ ثقافتي حالتن جو تمام گهڻو رهيو. سنڌي اديبن وقت جي حالتن کان متاثر ٿي ادب تخليق ڪيو. هنن سنڌ جي رهاڪن جي سماجي، ثقافتي، اقتصادي، معاشي، معاشرتي ۽ سياسي حالتن جو نهايت اونهو اڀياس ڪري پنهنجي فن پارن ۾ نهايت اثرائتي انداز ۾ اپٽار ڪئي آهي، نه فقط ايترو پر موجوده ادب ۾ مزاحمتي لاڙي کان سواءِ رومانوي رنگ به ڀرپور نموني موجود آهي.
هندستان وڃڻ کانپوءِ سنڌي هندو اديبن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي بقا ۽ ترقيءَ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون ۽ کين پيش ايندڙ مسئلن کي ادب جو موضوع بنايو.
سنڌي ادب جو مجموعي طور جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته وقت ۽ حالتن مطابق سنڌي ادب نئون رخ اختيار ڪندو رهيو آهي. 1955ع ۾ ون يونٽ وجود ۾ آيو ته سنڌ جي حالتن هڪ نئون رخ اختيار ڪيو. انهيءَ ڪري ادب ۾ نوان مزاحمتي لاڙا پيدا ٿيا. هن دؤر جي اديبن پنهنجي تخليقن ۾ نواڻ پيدا ڪئي ۽ نوان رجحان آندا، مطلب ته هن دور ۾ سنڌي ادب ۾ڪيترائي نوان تجربا، نوان خيال، نوان لاڙا ۽ نوان رجحان پيدا ٿيا. مجموعي طور تي هن دؤر جو نثري ادب پنهنجي زميني حالتن سان سلهاڙيل آهي. ناول، افسانو، مضمون، تنقيد مطلب ته نشي جي هر صنف هن خطي جي سماجي ۽ سياسي حالتن جو آئينو آهي. ون يونٽ جتي سياسي طرح سنڌ لاءِ هاڃيڪار هو، اُتي سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج ۾ نئين سجاڳيءَ آڻڻ جو سبب به بڻيو ۽ سنڌي ماڻهن ۾ پنهنجي وطن، ٻوليءَ ۽ عوام جي حقن جو شعور پيدا ٿيو ۽ اهي سڀئي موضوع ان دور جي سنڌي ادب ۾ نمايان رهيا.
ون يونٽ جي خاتمي کانپوءِ ستر جي ڏهاڪي ۾ ڪيترائي سنڌي رسالا، مخزن، ڊائجسٽ ۽ اخبارون جاري ٿيون، جن سنڌي نثر ۾ وڏو انقلاب آندو ۽ سنڌي ادب جي تقريباً هر موضوع تي لکيو ويو، جن جو ذڪر ڌار ڌار صنفن جي حوالي سان ڪيو ويندو. هن دور ۾ ڪيترائي نوان لاڙا ۽ رجحان آيا. نئين ٽهيءَ جو ادب، جديديت، شعور جي وهڪري، سرريئلزم ۽ اهڙن ٻين لاڙن سان لکيو ويو. نوي جي ڏهاڪي تائين سنڌي نثر جي هر هڪ صنف ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو. موجوده دور ۾ يعني 20 صديءَ جي آخري ڏهاڪي کان 21 صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ هند ۽ سنڌ جي سنڌي ادب ۾ اڃا به ڪي نوان لاڙا ڏسجن ٿا، جن ۾ پوسٽ ماڊرنزم يا بعد جديديت، فيمينزم يا عورتازاد وغيره، نثري ادب جو نئون رخ سامهون آندو، جنهن فڪشن جي صنفن کانسواءِ تنقيد جا نوان نظريا جهڙوڪ: ‘ساخيات’، رد ساخيات (Structuralism and Post Structuralism) تشڪيل ۽ رد تشڪيل (Construction & Deconstruction) وغيره ذريعي ادب ۽ ان جي ٻوليءَ جي ڀڃ گهڙ بعد پرک ڪرڻ جهڙا نوان پهلو سامهون آيا ۽ سنڌي نثر ۾ اهم اسلوب ۽ هيئتون متعارف ٿيون.
موجوده دؤر جي ادب جو نئين نسل جي شعوري آبياري ۾ تمام اهم ڪردار آهي. هن دؤر ۾ سياسي، سماجي ۽ تاريخي، حوالي سان ناول لکيا ويا. سنڌي افساني پڻ ترقي جون نيون منزلون طي ڪيون، مضمون نگاري، خط نويسي، سفرنامي، تنقيد ۽ تحقيق جا جديد فني ۽ فڪري بنياد به جديد رکيا ويا، جنهن سان سنڌي ادب جي فني ۽ فڪري دنيا کي تمام گهڻي وسعت ملي.
وڏيڪ ڏسو: سنڌي ادب ۾ مضمون نگاري


لفظ سنڌي نثري ادبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو