
سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس
سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس (ڪتاب): ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي هن ڪتاب جي مسودي کي هاير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، 2005ع ۾ ’مونوگراف ۽ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ‘ اسڪيم طور منظور ڪيو ۽ 2008ع ۾ HEC هيءُ ڪتاب اسلام آباد مان HEC پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. هي ڪتاب اهم صنفن جھڙوڪ: مضمون، مقالا، سفرناما، ناول، افسانا ۽ ڊرامن جي ڄاڻ تي مشتمل آهي. آخر ۾ ببليوگرافي ۽ ضميمو ڏنل آهي. ليکڪا هيءُ ڪتاب پنھنجي والدہ غلام فاطمہ کي ارپيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ دُعائيه ڪلمات لکيا آهن، جن ۾ هن ڄاڻايو آهي تہ “سنڌي نثار جي صنفن جي مطالعي لاءِ ليکڪا مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع ڪيو آهي.” ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي. ڊبل ڪرائون سائيز جي 404 صفحن جو هي ڪتاب HEC جي ويب سائيٽ تي موجود آهي.