سنڌي ٻولي

سنڌي ٻولي:
سنڌي، دنيا جي قديم ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا برصغير ۾، سنڌ جي پنهنجي قديم ٻولي آهي ۽ هندستان جي ڪن مخصوص هنڌن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. جديد تحقيق موجب هيءَ ٻولي سنڌ جي مٽيءَ جي خمير مان ڦٽي نڪتي آهي، جنهن جو بنياد سنڌو ماٿر جي تهذيب سان جڙيل آهي. سنڌ جي ناميارن عالمن ۽ اديبن سميت انگريز ۽ جرمن عالمن توڙي فن لئنڊ، فرانس، رشيا ۽ ٻين ملڪن جي ماهرن به سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل جي کوج بابت ڪيترائي نظريا پيش ڪيا آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جو بنياد معلوم ڪرڻ لاءِ نهايت ڪارائتا رهيا آهن ۽ هنن سنڌي ٻوليءَ بابت حتمي راءِ ڏني آهي ته هيءَ ٻولي هند- يورپي ٻولين جي گروهه مان آهي، جنهن جي مکيه ڇهن گروهن ۾: (1) جرمنڪ گروهه، (2) رومانس گروهه، (3) سلاوڪ گروهه، (4) يوناني گروهه، (5) هند - ايراني گروهه، (6) هند - آريائي گروهه شامل آهن. هند - آريائي گروهه کي جديد تحقيق موجب هند - يورپي گروهه به چيو وڃي ٿو. هي تحقيقي نتيجو ڪڍندڙ عالمن جي خيال ۾: “تاريخي طرح آرين جي مک قوم هئڻ وارو نظريو هاڻي مشڪوڪ ۽ افسانوي سمجھيو وڃي ٿو.”
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت جيڪا راءِ حتمي سمجھي وڃي ٿي ۽ هلندڙ دور جي اهم عالمن اُن تي اتفاق ڏيکاريو آهي، سا اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ جون پاڙون سنڌو ماٿر جي تهذيب ۾ کتل آهن. موجوده سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد به سنڌو ماٿر واري اها قديم ٻولي آهي، جيڪا قديم زماني ۾ هتان جا ماڻهو پنهنجي روزمرهه جي ڪاروهنوار، اُٿڻي ويهڻي ۽ وڻج واپار جي ڏي وٺ ۾ ڪتب آڻيندا هئا. اهي لوڪ ۽ سندن تهذيب ۽ تمدن هن واديءَ ۾ ٻاهران لڏي آيل لوڪن کان الڳ آهي. هي ماڻهو هتان جا اصلوڪا ۽ بنيادي رهاڪو آهن. سنڌي ٻولي هن سرزمين سنڌ تي انهن لوڪن ۽ سماج جي اوسر سان گڏ اُڀري، اُسري، وڌي ۽ ويجھي آهي.
سنڌي ٻولي پاڪستان ۾ ڳالهائجندڙ ٻولين مان هڪ مکيه ادبي ۽ تعليمي ٻولي آهي، جنهن تي ڪافي تحقيق ٿي آهي ۽ هيءَ ٻولي دنيا جي سڌريل ۽ ادبي علمي ذخيري سان مالامال ٻولين جي صف ۾ شمار ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت پنج نظريا مربوط بنيادن تي عالمن پيش ڪيا آهن، جن کي ترتيب وار هيٺئينءَ ريت بيان ڪري سگھجي ٿو:
(1) پهريون نظريو: جنهن جو محرڪ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ هو ۽ ٿوري گھڻي فرق سان مرزا قليچ بيگ، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، جي ايم سيد، ڪشنچند جيٽلي ۽ ڪي ٻيا سنڌي ٻوليءَ جا عالم هن نظريي سان سهمت رهيا آهن. هن نظريي موجب سنڌي ٻولي سنسڪرت مان پراڪرت، پالي، شؤرسيني، اپڀرنش ۽ پوءِ اپڀرنش مان وراچڊ اپڀرنش جي معرفت يارهين صدي عيسويءَ ڌاري هاڻوڪي صورت اختيار ڪئي. مطلب ته سنسڪرت مان ڦٽي نڪتل آهي.
(2) ٻيو نظريو: هن نظريي جو محرڪ سنڌي ٻوليءَ جو نامور عالم ۽ فاضل ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي، جنهن پهريون ڀيرو دعويٰ ڪئي ته سنڌي سنسڪرت جي ڄائي نه آهي، بلڪ مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان اسري نڪتي آهي. هن جو بڻ بڻياد سنڌو ماٿر جي سنسڪرت کان اڳ واري دور جي ڪا هند- ايراني ٻولي آهي. لهندا ۽ ڪشميري ان جون ڀينرون معلوم ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ ته انهن سڀني ٻولين ۾ داردي ٻولين واريون هڪجهڙيون خصوصيتون موجود آهن. سنڌ جي قديم تمدن جي زبان شايد ‘سامي سٿ’ جي هئي، جنهن تي اوائلي اثر منڊا، دراوڙي ۽ ايراني زبانن جا ۽ بعد ۾ داردي زبانن جا پيا هوندا. سنڌ جي ٻولي يا ٻولين تي سنسڪرت جو اثر دير سان پالي محاوري جي واسطي سان پيو هوندو. مگر انهيءَ عرصي ۾ اولهه ۽ اتر وارين زبانن، جھڙوڪ: ايراني، يوناني، ترڪي ۽ دارديءَ جو پڻ اثر ٿيو. انهن اثرن کان سواءِ سنڌ جي ٻوليءَ يا ٻولين مان اسريل سنڌي ٻوليءَ جي ذاتي اصليت خواه تاريخي حقيقت سنسڪرت ۽ ان جي پراڪرت ٻولين کان نرالي هئي. انهيءَ ڪري ئي سنڌي ٻولي ٻين پراڪرت ٻولين جي ڀيٽ ۾ هڪ نرالي نوعيت ورتي.
ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت تفصيلي بحث ڪندي وڌيڪ لکيو آهي ته، سنڌيءَ کان سواءِ ٻيون پراڪرت ٻوليون، جيڪي پنهنجي ٻئي ارتقائي دور مان گذري وڌيڪ بگڙيون، انهن ٻولين کان آڳاٽن نمونن کي ’اپڀرنش يعني معيار کان ڪريل‘ وغيره چيو ويو. انهن ۽ اهڙن ٻين نمونن جي پرک جو معيار سنسڪرت سان ويجھڙائپ ۽ مناسبت هو. پر سنڌي ٻولي، جيڪا پنهنجي اصلي سنجٽ ۽ سٽاءَ ۾ نرالي هئي ۽ جنهن تي هندستاني پراڪرتن جي ڀيٽ ۾ مغربي ۽ شمالي ٻولين جا اثر وڌيڪ پيا هئا، سا انهيءَ معياري پرک موجب ته گھڻو بگڙيل هئي، انهيءَ ڪري ڪن محققن جي چوڻ موجب جنهن ٻوليءَ کي اُنهن نحوين (گرامر نويسن) ‘وراچڊ اپڀرنش’ يعني گھڻو بگڙيل سڏيو، سا سنڌي ٻولي هئي.
اڳ ڪيل پنهنجي تحقيق جي انهيءَ نقطه نظر کي ڊاڪٽر بلوچ رد ڪندي لکيو آهي ته، حقيقت ۾ وراچڊ اپڀرنش جو نالو، سنڌي ٻولي، يعني سنڌ واري خطي کان گھڻو مٿي، اتر واري خطي جي ڪنهن ٻوليءَ تي اچي سگھي ٿو ۽ نه سنڌي ٻوليءَ تي. ڇاڪاڻ ته وراچڊ اپڀرنش جي اصطلاح ۾ سنسڪرت سان مناسبت ملحوظ آهي.
اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت جيڪي خيال ظاهر ڪيا ۽ پنهنجي تحقيقي ميراث ۾ ’سنڌين جي ماءُ ٻولي‘ جي تاريخ کي هڪ نئون رخ ڏنو، جيڪو اڳينءَ تحقيق جي ڀيٽ ۾ قابل قدر اضافو آهي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي پهرينءَ راءِ ۾ اظهار ڪيو هو ته، موجوده سنڌي ٻولي سڌو سنئون سنسڪرت مان نڪتل ناهي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان اسري. اها هند- آريائي ٻولي آهي، لهاذا سرائڪي، بهاولپوري، ملتاني، ديريوالي، هندڪو، ڪشميري ۽ اترئين سنڌ ماٿر جون داردي ٻوليون ان جون ڀينرون آهن. ان کانپوءِ ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي نقطه نظر ۾ ڪن تحقيقي نتيجن کي سامهون رکي، سنڌي ٻوليءَ کي ’سامي صفت‘ ٻولين مان هڪ ٻولي هئڻ قرار ڏنو ۽ لکيو ته، ”سنڌ جو هيءُ قديم تمدن هڪ قسم جو غير آريائي تمدن آهي ۽ انهيءَ ڪري چئي سگھجي ٿو ته قديم سنڌي تمدن جي ٻولي به ڪا غير آريائي يا سامي صفت زبان هئي، جا سنڌ ملڪ جي اوائلي زبانن منجھان هئي. انهيءَ جا مسخ شده نشان مئن [موهن] جي دڙي مان لڌل مهرن تي موجود آهن.”
پنهنجي ان تحقيقي ڪم ۾ ڊاڪٽر صاحب سامي صفت زبانن جي وصف بيان ڪندي ڄاڻايو آهي ته، “سرياني، عبراني ۽ حبشي زبانن کي عام اصطلاح ۾ سامي زبانون سڏيو وڃي ٿو، سامي صفت معنيٰ: انهن ٻولين سان مشابهه، انهن ٻولين جهڙي.”
ڊاڪٽر بلوچ جي ان نظريي تي سڀ کان پهريان ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻيءَ تنقيد ڪئي ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌي ٻولي سامي صفت ٻولي ناهي، بلڪ دراوڙي، عربي، فارسي ۽ داردي ٻولين جا اثر سنڌي ٻوليءَ تي آهن ۽ انهن کي فقط اثر هئڻ تائين وٺجي ته بهتر ٿيندو. ڊاڪٽر بلوچ جي ان راءِ تي ڊاڪٽر يشوڌرا واڌواڻيءَ به ٽيڪاٽپڻي ڪئي آهي.
(3)سـنـڌي ٻـولـيءَ بابت اڳ ٿيل تحـقيـق جي روشنيءَ ۾ برک اديب سراج ميمڻ ‘سنڌي ٻولي’ نالي هڪ ڪتاب (1964ع) لکيو ۽ نظريو قائم ڪيو ته “سنڌي ٻولي ته پنهنجي اصلوڪي مٽيءَ مان ڳوهجي نڪتي، پر مشرق توڙي مغرب جي تهذيبن ۽ ٻولين جو به اصل مقام ۽ بنياد سنڌو ماٿر آهي.” هن ڪن سائنسي ۽ علمي بنيادن تي پهريون ڀيرو آرين واري نظريي کي افسانوي ۽ جرمن عالمن جي ذهنن جو اختراع قرار ڏنو. هن ئي پهريون ڀيرو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌ جي تهذيب تي سمير ۽ بابل جي تهذيب جو اثر هئڻ بجاءِ الٽو سنڌ جي تهذيبن يعني موهن جي دڙي ۽ هڙاپا وارين سنڌو سڀيتا جا انهن تي اثر واضح ۽ نمايان آهن. هن پنهنجي کوج ۽ علمي پد سان سنڌيءَ لاءِ واضح طور هيءُ نظريو قائم ڪيو ته: “سنڌي قديم وقت کان نج نبار، الڳ ٿلڳ، صرفي ۽ نحوي خوبين سميت اڪيچار لسانياتي خوبين سان مالامال رهندي پئي آئي آهي.” هن ٻين نظرين کي رد ڪندي اهو ثابت ڪيو ته سنڌي سنسڪرت ڄائي نه، بلڪ خود سنسڪرت تي سنڌيءَ جو لفظي ذخيري طور وڏو قرض آهي. سراج ميمڻ اهو به لکيو ته، “سنڌي ٻولي جيڪڏهن سنسڪرت جي لفظن جي مرهون منت آهي ته سنسڪرت تي ته سنڌيءَ جو ان کان به وڏو قرض آهي. سنسڪرت ته هڪ طرح سان سڌي نه، پر اڻ سڌي طرح سنڌيءَ جي ڄائي آهي.” ان بحث ۾ هن دليل ڏنا ته: ”اسان جي ٻوليءَ جا اچار صوتي لحاظ کان اصلوڪا آهن، اوهين هندستان جي ڪنهن به حصي جي رهاڪوءَ بلڪ دنيا جي ڪنهن به ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهوءَ کان ‘ڳ، ڱ، ڄ، ڃ’ اُچارائي ڏسو ته هو ‘وڃ کي ونج’، ‘سڱ کي سنگ’، ‘ڳالهه کي ڳالهه’ وغيره جي اچار ۾ ورنائيندو.
سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ان مان به پرکي سگھجي ٿي ته اتر هندستان جي اڪثر ٻولين ۾ سنڌيءَ جو اثر وڌيڪ نمايان آهي ۽ ائين ٿيو به آهي ته نئين صورت ۾ آيل ٻوليون وري سنڌيءَ ٻوليءَ تي به اثر انداز ٿيون آهن. ان جو سبب يا ته ڪن پرانهن ديسن جي ماڻهن جو هتي سياسي تسلط برپا ٿيڻ واري حالت هئي يا وري سنڌ ديس سان انهن ڏيهن جي ماڻهن جي واپاري ۽ معاشي ڏي وٺ ۽ رابطو هو. سنسڪرت جو اثر موٽ ۾ ان طرح ئي سنڌيءَ تي ٿيو آهي. پر اُن اثر جي اهميت اها ناهي، جيڪا ان کي ڏني وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته سنڌي سنسڪرت کان اڳ ۾ پنهنجي مڪمل صورت اختيار ڪري چڪي هئي.“
سراج، سنڌي ٻوليءَ جي نحوي بناوت، فعلن ۽ اسمن جي عدد جنس ۽ فعلي صورتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ ڦيرين گھيرين جو به تفصيلي ذڪر آڻي، سنڌيءَ جي اصلوڪي ٻولي هئڻ بابت پختا دليل ڏيندي، عربيءَ جو فقط ان تي اثر هئڻ جون ثابتيون ڏنيون آهن. سنڌي ٻوليءَ تي عربيءَ جي اثر هئڻ ۽ سنڌيءَ جي گھڻي تڻي بناوت کي عربيءَ جي مرهون منت ثابت ڪرڻ وارين دعوائن تي هن عالم راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”صوتي نظام (Phonetic system) زبانن جو اهڙو اهڃاڻ آهي، جو يقيني طرح ٻڌائي سگھي ٿو ته ڪا زبان بنيادي طرح اصلوڪي زبان آهي يا ڪنهن زبان جي اپڀاشا يا پراڪرت. هڪڙي عالم کي اهو شڪ نه پر پڪ آهي ته سنڌيءَ ۾ عربن جي اچڻ کان اڳ حروف علت هئا ئي ڪونه ۽ عربيءَ اسان تي وڏو احسان ڪري ’الف، و ۽ ي‘ حرف علت اڌارا ڏنا. تڏهن وڃي اسان جي ٻولي جڙي راس ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌيءَ جا اصل حرف علت لکجن ٿا:
اَ، اِ، اُ، آ، اي، ايِ، ايَ، او، اوُ، اوَ، اَئــُو،
Aaoo, ao, uo, o ai ay, ee, aa, u, I, a
جنهن صاحب مٿين راءِ [ا، و، ي، حرف علت واري] قائم ڪئي، ان جيڪڏهن هنن حرف علتن جي هيٺان هن ريت انگريزيءَ جا حرف لکي جانچي ڏٺا هجن ها ته يقيني طور مٿين راءِ قائم نه ڪري ها. فاضل محقق ان راءِ جي پٺڀرائيءَ ۾ ‘ڪڪڙ’ ۽ ‘گدڙ’ جا مثال ڏنا آهن ته هي لفظ رڳو حروفِ صحيح جا مجموعا آهن، پر جيڪڏهن غور ڪجي ته انهن لفظن ۾ ٽن حروف صحيح کان سواءِ به اوترائي حرف علت موجود آهن. انهن ئي لفظن کي رومن انگريزيءَ ۾ هيئن لکبو:
گِدَڙُ Gidaru
ڪــُڪــُڙُ kukuru
سراج الحق ميمڻ پنهنجي تحقيقي نتيجي ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ٻولي ئي آهي، جيڪا صوتي لحاظ کان ڀرپور ۽ رچيل ٻولي آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر هند- يورپي ٻولين مان به ڪن ۾ ڪي اهڙا اچار نه آهن، جيڪي فقط سنڌيءَ ۾ ئي ملن ٿا. ان ٻوليءَ کي ڪنهن ٻوليءَ مان ڄاول يا ايترو مقروض قرار ڏيڻ ته اها ٻولي فقط ڪن ٻين ڌارين ٻولين جي مرهون منت آهي، اها سراسر نا انصافي ٿيندي.
ڊاڪٽر ٽرمپ ‘گرامر آف سنڌي لئنگئيج’ (1872ع) ۾ لکيو آهي ته، “هيءَ سنڌي زبان سنسڪرت سان لاڳاپيل ضرور نظر اچي ٿي، پر هن زبان ۾ ڪي اصلوڪيون خوبيون اهڙيون آهن، جيڪي سنسڪرت ۾ ڪونهن ۽ نه رڳو ايترو، پر تفصيلي طرح ڏٺو وڃي ته هن زبان جو اندروني مزاج ئي جداگانه ۽ انفرادي آهي.”
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ڪن عالمن لکيو آهي ته دراصل اهو به سنڌيءَ جي اصلوڪي ٻولي هئڻ واري حيثيت کان واقف هو، پر سياسي مصلحت سبب ’مٺي به ماٺ‘ وارو پهلو اپنائي خاموش رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي نامور محققن: ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، پنڊت دوارڪا پرشاد شرما، عين الحق فريد ڪوٽي، ڊاڪٽر مهرالحق، ڊاڪٽر محمد رفيق مغل، ڊاڪٽر جي مارڪ ڪنائر ۽ ڪن ٻين عالمن پنهنجي تحقيقي نتيجن ۾ سنڌو ماٿر جي تهذيب ۽ ان جي ٻولي ’سنڌي ٻوليءَ‘ کي اصلوڪي، هتي ئي وڌيل ويجھيل، عروج ۽ زوال ڏسندڙ تهذيب قرار ڏيڻ سميت آرين واري ڳالهه کي مفروضو قرار ڏنو آهي.
(4) ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته: موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پروٽو- انڊو يورپين نسل جي ٻولي مڃڻو پوندو ۽ انهيءَ مان موجوده سنڌيءَ جي وڪاس يا ارتقا مڃڻي پوندي. هو اهو به لکي ٿو ته: جيتري قدر وچ واري هند- آريائي (Middle indo-Aryan) جي حيثيت جو واسطو آهي. موجوده سنڌي ناگر يا شؤرسيني اپڀرنش سان گھڻي هڪجهڙائي ڏيکاري ٿي. جيڪا شؤرسيني اپڀرنش هندستان جي ان زماني ۾ ساهتيه (ادبي) ٻولي هئي، جيڪو زمانو آريائي ٻولين جي وجود کان اڳ جو هو. پر اسان وٽ لکت ۾ اهڙو ڪوبه رڪارڊ موجود ناهي، جيڪو ناگر اپڀرنش جي هڪ مقامي لهجي جي مختلف خصوصيتن جي اڀياس ۾ اسان جي مدد ڪري. ڇاڪاڻ ته اپڀرنش سنڌو ماٿر جي هيٺئين خطي، جتان سنڌي ٻولي هڪ نئين هند -آريائي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ اٽڪل 1000ع ڌاري، وجود ۾ آئي ۽ اسري. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:
“سنڌي ٻوليءَ جي بناوت ۽ گردانن جا اهڙا گڻ آهن، جن مان اسان کي وڌيڪ ثابتي ملي ٿي ته سنڌي ٻولي ۽ قديم هند آريائي ٻوليءَ جي وچ ۾ ڪو ويجھو سنٻنڌ ضرور آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي لغت ۽ لفظي معنيٰ مان ظاهر ٿئي ٿو. ان ريت ڊاڪٽر جيٽلي جي راءِ سنڌيءَ کي آريائي (هند- آريائي) ٻولي مڃڻ واري آهي.”
ڊاڪٽر ايس آر راؤ جي راءِ موجب ته سنڌي ٻولي ويدن واري ٻوليءَ کان به اڳ جي ٻولي آهي. ان بابت هو ‘سنڌو لکت’ (Indus Script) جي صفحي 37 تي لکي ٿو ته، “سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ پد وارن لفظن جي گهڻائي آهي ۽ هڪ پد وارن نالن جي گھڻائيءَ مان اسان کي پتو پوي ٿو ته هيءَ ٻولي ويدن کان به گھڻي پراڻي آهي.” اهڙيءَ ريت هن لسانياتي ماهر جي نظريي موجب سنڌي ٻولي، رگ ويد جي زماني کان به اڳ جي ٻولي آهي، جنهن جو واسطو قديم هند- آريائي ٻوليءَ سان رهيو آهي. هن عالم جي تحقيق موجب سنڌو ماٿر جي تهذيب ۾ ويدن واري زماني کان به اڳ ۾ هند- آريائي نسل جون ڪي ذاتيون يا ان نسل جا ڪي ماڻهو آباد هئا.
ان کان پوءِ پنڊت دوارڪا پرشاد جو نظريو به اهميت لهڻي، سندس نظريو ڪن چند اختلافي ۽ غير مستند دليلن کي ڇڏي، باقي سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت سنڌو ماٿريءَ جي ڪک مان ئي ڦٽي اوسر ماڻي هيل تائين جيئدان وٺي پهتل ٻوليءَ واري ڪڍيل نتيجي تي بيهي ٿو. هن صاحب 1944ع ۾ ‘سنڌ پراچين اتهاس’ نالي ڪتاب ڇپايو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل متعلق پنهنجي راءِ قائم ڪئي. هي پنهنجي ساڳئي ڪتاب ‘سنڌو لکت’ جي صفحي 135 تي لکي ٿو ته: مون کي وشواس آهي ته اسان جي سنڌو سڀيتا، ڌارين ملڪن جي درخت جي شاخ نه بلڪ انهن جو بنياد آهي. يعني سميري ۽ مصري سڀيتا، ان جي سنڌو يعني ڀارت ورش جي سڀيتا جا ميوا آهن. هن صاحب موجب موهن جي دڙي جا ماڻهو ويدڪ هندو آريا هئا، جن جو انداز هاڻوڪن هندن جي وڏن جو هو ۽ اڳتي انهن جي ئي سڀيتا ۾ وقت گذرڻ سان انقلابي تبديليون سرزد ٿينديون آيون آهن. هن موجب ته آريا ڪنهن ٻاهرين نسل جا ماڻهو نه بلڪ هن ئي موهن جي دڙي جي تهذيب ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ انهن جا ابا ڏاڏا هئا. هن جو نظريو پڻ سنڌيءَ کي آريائي نسل جي ٻولي سمجهڻ وارو آهي.
هند جو مشهور لسانياتي ماهر ڊاڪٽر ڪرشنا راءِ به سنڌو تهذيب ۽ هتي جي ماڻهن جي ٻولي ۽ اصل نسل بابت ان راءِ جو آهي ته: سنڌو ماٿر جي لکت جي پڙهڻيءَ مان ثابت ٿيو آهي ته سنڌو ماٿر ۾ رهندڙ اصلوڪي قوم ‘آريا’ ۽ ‘اشور’ هڪ گڏيل نسل واري اها قوم هئا، جنهن جو اصل نسل، تهذيب ۽ تمدن ساڳئي ئي بڻ بڻياد وارو هو. اها جاتي سنڌو ماٿر ۾ ڪٿان ٻاهران آيل ڪا نئين جاتي (New comers) نه آهي، پر اها قوم ۽ ان جا ماڻهو جُڳن کان هن ئي سرزمين سنڌو ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو آهن.
سنڌي ٻوليءَ بابت سنڌ ۽ هند جي ٻين عالمن ۽ اديبن: گنگارام سمراٽ، سوامي شنڪر آنند، پوپٽي هيراننداڻي، ڊاڪٽر ڪشنچند جيٽلي، ايم. ايڇ پنهور، هيري ٺڪر، ٻلديو مٽلاڻي، منوهر مٽلاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي لائق محققن پنهنجا رايا ڏنا آهن، جن جو تفصيل وار ذڪر اڳتي ايندو.
(5) سنڌي صوتيات جي علم تي سنڌ جو سنڌي لسانيات جو واحد ماهر عالم ۽ ڄاڻو ڊاڪٽر غلام علي الانا آهي. هن محقق سنڌي ٻوليءَ تي سائنسي انداز سان تحقيق ڪندي ڪي نتيجا آندا آهن. ڊاڪٽر صاحب جي نقطه نظر موجب سنڌي ٻولي هر لحاظ کان غير آريائي ٻولي آهي، هن جون پاڙون سنڌو ماٿر واري تهذيب ۾ کتل آهن، موجوده سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد سنڌو ماٿر واري اها قديم ٻولي آهي، جيڪا هن ماٿر جا رهواسي لوڪ پنهنجي روزاني ڪار وهنوار، اٿڻي ويهڻي ۽ وڻج واپار جي ڏي وٺ ۾ روزانو ڪم آڻيندا هئا. سنڌو ماٿر جا اهي لوڪ ۽ سندن تهذيب ۽ تمدن هن واديءَ ۾ ڪٿان ٻاهران لڏي آيل لوڪن جي تهذيب ۽ تمدن ڪانهي، پر هي ماڻهو هن واديءَ جا اصلوڪا ۽ بنيادي رهاڪو آهن. هنن ماڻهن ۽ سندن تهذيب ۽ تمدن هن واديءَ ۾ ئي جنم ورتو. سندن ٻولي هن سرزمين ۾ ئي انهن لوڪن ۽ سندن سماجي اوسر سان گڏ اڀري، اسري، وڌي ۽ ويجھي. هن ماٿر جو اصلوڪو نالو سئنڌو/ سئنڌئي/ سنڌ سڏيو ويندو هو ۽ سندن ٻوليءَ کي سئنڌوئي/ سئنڌئي/ سنڌي سڏيندا هئا. ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي ٻوليءَ متعلق سائنسي دليلن سان تحقيق ڪري ڪي نتيجا ڪڍيا آهن. سندس چوڻ موجب ته، ان وقت جيئن ته سنڌ ملڪ جو خطو وسيع ايراضيءَ تي ڦهليل هوندو هو، ان وقت هتان جي اصلوڪي ٻوليءَ جون نوَ (9) شاخون هيون، جيڪي ملڪ جي مختلف حصن ۾ شاخن جي صورت ۾ ڳالهايون وينديون هيون. انهن ۾ (1) هڪ ’سئنڌئي‘ يعني سنڌي سڏبي هئي، جيڪا جاگرافيائي طور سنڌو ماٿري جي ڏاکڻي حصي ۾ سامونڊي ڪناري تائين ڳالهائي ويندي هئي ۽ ماڻهن جي روزاني جي ڪاروهنوار ۽ رابطي جي ٻولي هئي. (2) هن ٻوليءَ جي ٻي شاخ سنڌو ماٿريءَ جي اتر واري حصي يعني ڪشمير جي واديءَ ۾ ڳالهائي ويندي هئي. (3) ٽي شاخ داردستان ۽ ڪشمير جي حدن تائين هڙاپا وارن آثارن جي علائقي ۾ رائج هئي، ان کي داردي زبان به چون ٿا. (4) چوٿين لهندي شاخ، اها اڳتي هلي سرائيڪي، ملتاني، هندڪي، پوٺوهاري، شاهپوري ۽ ڌني لهجن ۾ ورهائجي وئي، جن کي هن وقت زبانن واري حيثيت حاصل آهي. (5) پنجين شاخ اڀرندي، جيڪا لوٿل کان اڳتي اوڀرندي پاسي نرمدا نديءَ تائين ڳالهائجڻ ۾ ايندي رهي. هيءَ شاخ ڌار ڌار ٻولين ۾ ورهايل هئي، جن ۾ بيڪانيري، جيسلميري، ڍاٽڪي، مارواڙي، ميواڙي، ٻيلي وغيره اچي پئي ويون. (6) ڇهين شاخ ۾ اتر- اوڀر طرف هرياڻا ۾ ڳالهائجندڙ بانگڙو، باگڙي وغيره جهڙيون ٻوليون شامل هيون. (7) هن شاخ کي ڏکڻ اوڀر واري شاخ چئجي ٿو. گجراتي، پارڪري، ڪڇي، سوراشٽري (ڪاٺياواڙي) وغيره ٻوليون ان جا لهجا هيون، جيڪي اڳتي هلي ٻوليون ٿيون ۽ هن وقت وڏي آدمشماري هي ٻوليون ڳالهائي رهي آهي. (8) بروهي ٻولي به سئنڌوئي جي شاخن مان آهي، جيڪا لهندي شاخ واري علائقي جي ڏاکڻين حصي يعني هن وقت سنڌ ۽ بلوچستان جي جابلو علائقن واري حصي ۾ هئي ۽ هينئر پڻ بروهڪي جاتيءَ ۾ رائج آهي. (9) نائين شاخ قديم دراوڙي ٻولي هئي، جيڪا هينئر موجود دراوڙي ٻولين جي ماءُ ليکجڻ ۾ اچي ٿي ۽ ان مان ئي جديد دراوڙي ٻوليون ڦُٽي نڪتيون، اهي ٻوليون [تامل، تيليگو، ڪنڙ وغيره] هندستان ۾ موجود آهن.
اهو يقين ڄاڻڻ گھرجي ته صوتي ۽ وياڪرڻي هڪجهڙاين عيوض دراوڙي ٻوليون سنڌو ماٿر جي قديم تهذيب واريون ٻوليون آهن. سنڌي ٻوليءَ تي ٿيل تحقيقي نتيجن ۾ ڪجھه عالمن موجوده سنڌيءَ بابت راءِ ڏيندي ڄاڻايو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي موجوده صورت يارهين صديءَ کانپوءِ جي برپا ٿيل آهي، نه ته ان کان اڳ ۾ ڪنهن به قياس آرائيءَ کان ڪم وٺي اڳ واري سنڌي ٻوليءَ کي هاڻوڪي ٻوليءَ جي صورت سان ملائي نه ٿو سگھجي. ان سلسلي ۾ نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته، “سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءَ وارو بنيادي دور راءِ گھراڻي، برهمڻ گھراڻي ۽ عربي حڪومت جي عرصي وارو دور آهي، جو ٿلهي ليکي عيسوي پنجين صديءَ کان وٺي يارهين صديءَ جي آخر تائين سمجھڻ گھرجي. هن دور ۾ موجوده سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل ٿي. انهيءَ کان اڳ واري دور کي اسان سنڌي ٻولي يا ٻولين وارو دور چونداسين، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ڪو به يقيني دليل موجود نه آهي ته راءِ گھراڻي جي حڪومت کان اڳ، يعني پنجين صديءَ کان اڳ ۾ موجوده سنڌي ٻوليءَ جو خاڪو موجود هو.
سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪي هئڻ نه هئڻ ۽ موجوده سنڌيءَ جي صوتي، صرفي ۽ نحوي بناوت ۽ صوتياتي سٽاءَ ۽ اڳ واري سنڌيءَ جا اهڃاڻ ساڳيا هئڻ يا نه هئڻ واري علمي مونجھاري تي ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، پروفيسر جھمٽمل ڀاوناڻي،
ديوان پرم ابيچنداڻي، پوپٽي هيراننداڻي، سراج الحق ميمڻ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا هن وقت رائج سنڌي ۽ آڳاٽي سنڌيءَ جي لاڳاپي ۽ ساڳئي هئڻ بابت پنهنجا ويچار پيش ڪيا آهن.
ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ، ڀرت مُنيءَ (Bharat Muni) جي ڪتاب ‘ناٽيه شاستر’ ۾ سنڌو سؤوير ديش جي ماڻهن جي معاشري ۾ رائج ٻوليءَ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان جا حوالا ڏنا آهن. اهڙي طرح ‘آچاريه اڌيوتن’ (Udhyotana) نالي آڳاٽي دور جي ليکڪ سنڌو سؤوير ديش کي سئنڌواس (Saindhavas) ۽ سئنڌوس جي ماڻهن کي ڪتاب ‘ڪُواليه مالا ڪٿا’ (Kuvalayamala Katha) (779ع) ۾ ذڪر هيٺ آندو آهي. اڌيوتن ڪتاب ۾ شامل ڪيل ٻين ديش ڀاشائن مان ‘سئنڌوس ديش’ جي ڀاشا (ٻوليءَ) کي خاص اهميت ڏني آهي.
پروفيسر جھمٽمل ڀاوناڻيءَ موجوده سنڌيءَ کي يارهين عيسوي صديءَ کانپوءِ اسريل ٻولي سڏڻ واري نقطه نظر متعلق لکي ٿو ته: اپڀرنش مان جدا جدا ديش ڀاشائون، جهڙوڪ: گجراتي ۽ هندي وغيره ڇڄي ڌار ٿيون، اها ئي ڀاشا يارهين صدي عيسويءَ ۾ شروع ٿي. پر پوءِ به گھٽ ۾ گھٽ ٻه صديون پوءِ سنڌ ۽ اولهه راجسٿان جي لوڪن جي عام وهنوار واري ڀاشا ۾ گھڻو ڦيرو نه آيو ۽ عام خلق جي ٻولي سنڌي هلندي آئي.
پوپٽي هيراننداڻيءَ پنهنجي ڪتاب ‘ڀاشا شاستر’ ۾ صفحي 207 ۽ 208 تي جين ڌرم جي ڊگمبر پنٿ جي ليکڪ آچاريه اڌيوتن جي ڪتاب ‘ڪُواليه مالا ڪٿا’ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته: آچاريه اڌيوتن پنهنجي ڪتاب ۾ اٺين صدي عيسويءَ دوران ۽ ان کان اڳ ۾ ڀارت ديس جي ڌار ڌار ديسن ۾ چالو مختلف ٻولين جو ذڪر ڪيو آهي. تن ۾ سنڌي به موجود آهي. آچاريه سنڌيءَ جي ساراهه ڪجھه سرس ڪئي آهي ۽ لکيو آهي ته:
سَلِلَت مِدُ مَنَد پئي، گَنڌ وو پئي سديِس گَيچتِي،
چَئُڊيدَ مي ڀيڙَي سـُهِڻي آههَ سِنڌوي دِٺِي.
[معنيٰ: نزاڪت سان، ميٺاج سان، ڍلي ڍار سان، ڳائڻ کي پيار ڪندڙ، پنهنجو ديس چت ۾ رکندڙ چوندا، سٺو ڳائيندا، اهي سينڌي اسان ڏٺا.]
اڌيوتن پنهنجي ڪتاب ۾ 16 ٻولين جا نالا درج ڪيا آهن ۽ هر هڪ ٻوليءَ لاءِ ٻه ٻه سٽون لکيون آهي. ان مان چٽي ثابتي ملي ٿي ته سنڌي ٻولي اٺين صدي عيسويءَ کان اڳ ۾ به پنهنجي عروج تي هئي. سنڌيءَ لاءِ اهو چوڻ قطعي غلط ٿيندو ته ان موجوده صورت يارهين صدي عيسويءَ کانپوءِ ورتي. ٻين صدي عيسويءَ جي نامور ليکڪ ڀرت منيءَ به پنهنجي ڪتاب ‘ناٽيه شاستر’ ۾ سنڌو سؤوير ديش جي ماڻهن جي معاشري ۾ رائج ٻوليءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان به پتو پوي ٿو ته قديم سئنڌو ديش (سنڌ ملڪ) ۾ رائج ٻولي سنڌي هئي، جنهن ۾ پنهنجون خوبيون ۽ خصلتون شروع کان هيون.
سنڌي ٻوليءَ پنهنجي ديس جي حالتن وانگر لاها چاڙها ضرور ڏٺا آهن، پوءِ به هيءَ ٻولي هتان جي اصلوڪي ٻولي رهي آهي، جيڪا ابتدا کان وٺي سنڌي سڏبي اچي. سنڌي ٻولي صوتي لحاظ کان ڀرپور ۽ رچيل ٻولي آهي، جنهن ۾ دنيا جي اڪثر ٻولين جا اچار اُچارجي سگهن ٿا. هيءَ ٻولي هند- يورپي خاندان جي ٻين ٻولين وانگر هڪ قديم ترين ٻولي آهي. هن ٻوليءَ مان ئي ويدڪ ڌرم جنم ورتو ۽ سنڌو درياهه جي ڪناري ويد لکيا ويا. اڳتي هلي سنسڪرت واري زماني ۾ به هن ٻوليءَ سنسڪرت جي گوناگونيت مان لاڀ ورتو ۽ پنهنجو پاڻ زندهه رکيو.
سنڌي ٻوليءَ لاءِ جديد تحقيق جي تناظر ۾ پختيون ثابتيون ملن ٿيون ته هيءَ ٻولي موهن جي دڙي جي تهذيب کان به گھڻو آڳاٽي ڪار وهنوار جي ٻولي رهي، جنهن جي ڳالهائيندڙن جي تهذيب جي اوج جو زمانو موهن جي دڙي جي تهذيب هئي. ان کانپوءِ به هيءَ ٻولي سنڌ جي ماڻهن ۽ اصلوڪن رهاڪن جي عام واهپي جي زبان رهي.
هڪ رايو هي آهي ته عربن جي اچڻ بعد سنڌ جي علم ادب کي ويدڪ ۽ هندو ڌرم جو ادب قرار ڏئي تاراج ڪيو ويو. سر هينري ڪزنس ان بابت لکي ٿو ته: “عربن سڀ ڪجھه ڊاهي ڇڏيو، ٺاهيو ڪجھه به نه..!” ان سموري ماجرا باوجود سنڌي ٻولي سنڌ جي عام لوڪن جي واهپي هيٺ رهندي آئي، جنهن متعلق عرب سفرناما نويسن ۽ سياحن گهڻو ڪجهه لکيو آهي. ان زماني ۾ سنڌيءَ جي آڳاٽي عالم ‘ڀونگر’ جو علم نجوم تي لکيل ڪتاب ‘الفضاري’ نالي سان عرب ترجمي نويسن عربيءَ ۾ آندو ۽ ان جو نالو ‘سنڌ- هند’ رکيائون.
سنڌي ٻوليءَ جون جاگرافيائي حدون:
سنڌي ٻولي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي ۾ گوناگونيت رکندڙ ٻولي آهي ۽ برصغير هند جي مکيه ۽ اصلوڪي ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا صدين کان ادبي ذخيري ۾ مالامال، عام ماڻهن جي سماجي، معاشي، سياسي، مذهبي، تاريخي، علمي وابستگي ۽ اظهار جو ذريعو رهي آهي.
سنڌ جي نامور عالمن: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر محمد عمر چنڊ، پرسي گدواڻي ۽ ٻين سنڌي ٻوليءَ جي ‘لسانياتي حدن’ جي احاطي سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي واڌويجهه جو به تفصيلي مطالعو ڪيو آهي.
لسانياتي جاگرافيءَ مان مقصد موجوده سنڌ کان ٻاهر جون اهي حدون ۽ هنڌ آهن، جتي سنڌي ٻوليءَ پنهنجا اثر ڇڏيا ۽ پنهنجي سرحدن ۾ به واڌارو آندو. پنهنجي وجود کي سلامت رکيو پئي اچي.
تاريخ کان اڳ موهن جي دڙي مان مليل مهرن تي لکيل سنڌو لکت جو سمير مان ملڻ ۽ ڀارت جي گجرات رياست جي ڍولاويرا ۽ ٻين علائقن مان لڀجڻ، بلوچستان ۽ پنجاب کان به اڳتي دور دراز خطن مان ملڻ ثابت ڪري ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو واهپو پري پري تائين ڦهليل هو.
تاريخ واري دور ۾ سومرا راڄ گھراڻي جي دور کان اڳ به سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي جاگرافي ڪافي وسيع هئي، جنهن جي لهجي ۽ لکت جون اڪيچار صورتون هيون. اهڙيءَ ريت سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي جاگرافيءَ جون حدون موجوده سنڌ سميت ڪڇ، ڪاٺياواڙ، راجستان، بهاولپور، بلوچستان جي علائقن کيتران، ساراوان، جھالاوان، قلات، لسٻيلي، مڪران کان ٿيندي، ايران جي سرحد تائين ڦهليل رهيون، جتي هن ٻوليءَ جي لهجن جو واهپو رهندو آيو. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي جاگرافيءَ ۾ ڳالهائجندڙ ٻولين مان هن وقت ڪن لهجن ۽ سنڌيءَ جو اثر ورتل شاخن الڳ الڳ ٻوليءَ جي حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي، پر تڏهن به اصل نسل ۾ انهن جو ڳانڍاپو سنڌيءَ سان آهي.
لسانياتي جاگرافيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اڳوڻن لهجن، هاڻوڪن رائج لهجن، سياسي، سماجي، علمي، ادبي، مذهبي ۽ جاگرافيائي طور سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهائجڻ وارين حدن جو تعين شامل آهي. ٻوليءَ جو سماجي عمل ئي ڪنهن ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ سان لاڳاپيل آهي. لهجاتي فرق ۽ لسانياتي جاگرافيءَ وسيلي ٻوليءَ جي صورت، اهميت ۽ هيئت جي خبر پوي ٿي ۽ ايندڙ وقت ۾ ٻوليءَ جي سڌاري ۽ ترقيءَ جون راهون هموار ٿي سگهن ٿيون.
سنڌي ٻولي مٿي ڄاڻايل خطن يعني ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات بلوچستان، ايران ۽ سرائيڪي ايراضيءَ ۽ سنڌ جي موجوده جاگرافيائي حدن يعني سَري، وچولي، لاڙ، ڪوهستان، ٿر ۽ اتر وغيره ۾ ڪهڙين حالتن مان گذري آهي ۽ هن وقت انهن ايراضين ۾ ڪهڙي حالت ۾ ڳالهائجي ٿي، ان جو مطالعو لسانياتي جاگرافيءَ جي زمري ۾ اچي ٿو.
موجوده سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ جا هيٺيان مکيه لهجا مڃيا وڃن ٿا. جن مان وري ڪي مقامي لهجا جڙن ٿا. مکيه لهجن ۾: (1) اترادي يعني سَريلي، (2) وچولي، (3) لاڙي، (4) ٿري، (5) ڪوهستاني، (6) ڪڇي. ان کان سواءِ ’لاسي‘ به سنڌيءَ جو لهجو آهي. ان کان سواءِ سنڌ کان ٻاهر اهڙن هنڌن تي، جتي سنڌي ٻوليءَ جو واهپو يا ان مان ڦٽي نڪتل لهجن وغيره جو واهپو فقط گھر ۾ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ کان وڌي ماڻهن جي معاشي، ثقافتي، سماجي توڙي تاريخي قدرن سان ميل کائي ٿو. انهن هنڌن کي سنڌيءَ جي لسانياتي جاگرافيءَ ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو. ان نقطه نظر کان سنڌيءَ جي لسانياتي ڦهلاءَ وارن هنڌن ۽ اتي اسريل سنڌي ٻوليءَ بابت سرسري تذڪرو ڪجي ٿو:
سنڌي ٻوليءَ جو ڪڇ ۾ واهپو، ڦهلاءُ ۽ پهچ:
جاگرافيائي سرحدن جي حد بندين طور ڪڇ هن وقت هندستان جو حصو آهي ۽ سياسي طور هن علائقي جو سنٻنڌ سنڌ سان نه رهيو آهي، پر تاريخي، سماجي، جاگرافيائي، اقتصادي، ثقافتي ۽ لساني طور آڳاٽي زماني کان ڪڇ سنڌ جو حصو رهيو آهي. سنڌ سان مذهبي پرچار، وڻج واپار، زراعت، سماجي ميل جول، شادين مرادين، ميلن ملاکڙن، اوليائن بزرگن جي ڏهاڙن ۽ تهوارن، خوشين غمين ۾ اچ وڃ ۽ علمي، ادبي ڏي وٺ سبب ڪڇ کي سدائين سنڌ جو حصو سمجھيو ويو آهي. جڏهن سنڌ جون سرحدون اوڀر ۾ قنوج تائين ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ڪڇ واري علائقي تائين پکڙيل هيون ته هتي سنڌي ٻولي پنهنجي مڙني خصوصيتن سان پروان چڙهي ۽ ڪڇيءَ جي مکيه لهجي طور [بلڪه سنڌيءَ جو لاڙي ۽ ٿري گاڏڙ لهجن طور] عام ماڻهن جي واهپي ۾ رهندي آئي آهي.
ڪڇ جاگرافيائي طور سنڌ جي ڏکڻ اوڀر واري سرحد وٽان راجپوتانا کان سمنڊ تائين پکڙيل آهي. هيءُ خطو سڪندراعظم جي وقت ۾ نار جي صورت ۾ هو، جتان درياهه جو پاڻي ’ڪوري کاريءَ‘ ذريعي سمنڊ ۾ داخل ٿيندو هو. ان کاريءَ تي علي بندر ۽ سنڌڙي بندر هئا، جن ٻنهي بندرن ذريعي ٿيندڙ آمدرفت موجوده سنڌ جا ڪڇ سان سماجي ناتا قائم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. هتي راجپوتن، سومرن، سمن ۽ جاڙيجن حڪمراني ڪئي. خاص طور سومرن جي طاقت جو رُخ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات وارين سرحدن طرف وڌيڪ هو. اهو ئي زمانو هو، جنهن دوران سنڌي ٻولي ڪڇ ۾ پکڙي.
سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي ماهرن تحقيق آڌار، ڌار ڌار نتيجا ڪڍي، ڄاڻايو آهي ته ڪيئن ڪڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو وڌيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ‘سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ ان جو ڪڇي محاورو’ عنوان سان ٽماهي مهراڻ (جون 1956ع) ۾لکي ٿو ته، “ڪڇ جو ملڪ اول ۾ محمد بن قاسم فتح ڪيو ۽ ان بعد سنڌ جي عربي حڪومت جي اثر رسوخ هيٺ رهيو. ان کانپوءِ سنڌي نسل وارين ذاتين جو دائمي وطن رهيو ۽ اهي ذاتيون اڄ تائين ڪڇ ۾ آباد آهن.”
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ڄاڻائي ٿو ته: “ستين صدي عيسويءَ ۾ ڪڇ ملڪ سنڌ جي حڪومت هيٺ هو، پوءِ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ سنڌ جي سمن راڄپوتن پنهنجو ڌاڪو ڄمايو هو. سنڌي ماڻهن جي حڪومت اوڏانهن ٿي ته سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ به انهن پاسن ڏي ٿيو، جنهن ڪري سنڌي ٻولي نه فقط ڪڇ جا جاڙيجا، لوهاڻا ۽ ڀاٽيا ڳالهائين ٿا، پر ڪاٺياواڙ جي اتر واري ڀاڱي ۾ به سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي. ڪڇ ۾ سنگھار پٽ دودي پهرين سنڌي حڪومت برپا ڪئي هئي.”
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب ته: “سومرن، سمن جي مدد سان سنڌ جي حاڪميت پنهنجي هٿ ڪئي، حاڪم بڻجڻ کانپوءِ هو سمن کي ستائڻ لڳا، نيٺ سمن کي ڪڇ ڏانهن ڀڄائي ڪڍيائون.”
مٿين روايتن سان گڏ هيءَ روايت به سڀاويڪ ۽ دليل واري ثابت ٿئي ٿي ته ڪڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ سومرا حاڪمن پاران هن علائقي کي پنهنجو مطيع ڪرڻ کانپوءِ ٿيو. سنڌ ۾ ڪنهن به ڌارين هلان وقت حاڪمن کي ڪڇ مان مدد ملندي هئي. راءِ کنگھار سميت جاڙيجن جي خاندان جي ڇهن نسلن ڪڇ تي حڪومت ڪئي. سمن جي راڄ وقت به ڪڇ علائقو سندن قبضي هيٺ هو. ارغونن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ به ڪڇ، سما خاندان جي حڪومت جو مرڪز رهيو. نه فقط ايترو، پر مرزا شاهه حسن ارغون تي جوابي حملي ڪرڻ وقت ڄام فيروز سان گڏ ڪڇ مان فوج آئي. ان کانپوءِ ڪلهوڙن جي وقت ۾ به ڪنهن حـد تائين اثر رسوخ رهيو. نيٺ ان اثر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪڇ تي ٻه ڀيرا حملو ڪيو ۽ ڪڇ جي راءِ جي سؤٽ جي ڌيءَ سان شادي ڪري راءِ جي استدعا تي صلح ڪيائين. ‘سنڌ راڻيءَ’ جي لقب سان نوازيل اها ڪڇ جي راءِ جي سوٽ جي ڌيءَ هئي. ان تناظر ۾ ڪڇ جي علائقي جو سنڌ سان جڙيل رهڻ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪڇ ۾ ڦهلجڻ جو سبب بڻيو. سنڌ ۾ سياسي ۽ واپاري ناتن کان سواءِ حاڪمن توڙي ڪڇ جي عام ماڻهن جا سماجي سنٻنڌ به هئا، جن ۾ باهمي شاديون، ملڻ جلڻ، لڏپلاڻ، مذهبي پرچار، ميل ملاکڙا، اوليائن ۽ بزرگن جا ڏهاڙا، عام ميل جول اچي وڃن ٿا. ان ڪري اتان جي ٻولي سنڌيءَ جي گهري اثر ۾ رهي آهي.
انگريز لسانياتي ماهرن توڙي ڏيهي محققن ڪڇ ۾ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ کي سنڌيءَ جو ‘ڪڇي لهجو’ قرار ڏنو آهي. ڪڇيءَ ۾ جيتوڻيڪ ورهاڱي سبب گھٽ اچ وڃ جي ڪري اتي هن وقت مروج سنڌيءَ ۾گجراتيءَ جا گھڻا لفظ شامل ٿي ويا آهن، تڏهن به هن ٻوليءَ جو تاڃي پيٽي سنڌي ٻوليءَ سان ئي جڙيل آهي. ڪڇ جي حاڪمن سنڌي ڪڇي زبان کي همٿايو ۽ چارڻ فقيرن ۽ شاعرن وغيره کي دان ۾ قيمتي شين سان نوازيو. ائين هتي لوڪ ادب سرجيو ۽ اڄ به ڪڇي لوڪ گيت توڙي عشقيه داستان سنڌي لوڪ ادب جو نادر نمونو ليکجڻ ۾ اچن ٿا. ڪڇي لهجو گھڻو تڻو لاڙي لهجي کي ويجهو آهي، ان ڳالهه جو جائزو مشهور لسانيات جي ماهر سر جارج گريئرسن چڱيءَ ريت ورتو آهي. سنڌيءَ
جو ڪڇ جي اتر ۾ لاڙي لهجو، اوڀر طرف گجراتي گاڏڙ ٻولي، ڏکڻ ۾ ڪاٺياواڙي ۽ گجراتي ٻوليون ڳالهائجڻ ۾ اچن ٿيون. هتي برهمڻ، لوهاڻا ۽ واڻيا گجراتي ٻولي ڳالهائين ٿا. چارڻ، جت ۽ ٻيا ڀاڳيا ماڻهو روزمرهه جي وهنوار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مقامي لهجو ۽ ڪڇي ٻولي واهپي هيٺ آڻين ٿا. انهن سان گڏوگڏ جاڙيجن، لوهاڻن، ڀاٽين ۽ ٻين اهڙن قبيلن جي عام ٻولي به ڪڇي سنڌي آهي. ڪڇ ۾ وڏي تعداد ۾ معياري سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. ٿيٻا، متوا، هاليپوٽا، سما ۽ ٻيون ذاتيون سنڌي ڳالهائين ٿيون. لساني جاگرافيءَ جو احاطو ڪرڻ سان ڪڇي سنڌي زبان سان شامل ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ سنڌي ٻولي:
ڪاٺياواڙ: گجرات هن وقت هندستان جو حصو آهي، جنهن ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ شامل آهن. تاريخي طور هي علائقا ڌار ڌار حيثيت ۾ رهيا آهن. ورهاڱي تائين به ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ڌار ڌار رياستن جي صورت ۾ هئا. انهن رياستن جا حڪمران انگريزن جي وقت اندروني طور ته آزاد هوندا هئا، پر دفاعي لحاظ کان انگريزن جا مطيع هئا. ورهاڱي کان پهريان ڪاٺياواڙ وارو حصو چئن حصن يا ڊويزنن ۾ ورهايل هوندو هو، جن ۾: جھالاوار، هالار، سورٺ، گوهيلوار چوندا هئا. ان کان به آڳاٽي وقت ۾ ڪاٺياواڙ ڏهن ڊويزنن ۾ ورهايل هو، جن ۾ مڇ ڪنٺا، هالال، اوکا منڊل، باڙدا يا جيٺواڙ، سورٺ، بابريوار، ڪاٺياواڙ، اندسروي، گوهيلوار، گوهيلا (راجپوتن وارو) حصو وغيره اچي ويا ٿي.
هنن مڙني حصن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪاٺياواڙي لهجي جو واهپو رهندو آيو آهي. ڪاٺياواڙ تي اهو نالو پڻ ‘ڪاٺي قبيلي’ تان پيل آهي، جيڪو قبيلو سنڌ مان لڏي ڪاٺياواڙ ۾ وڃي آباد ٿيو. [سنڌ ۾ اڄ به ڪاٺيا ذات، دادو ضلعي ۾ آباد آهي.] ولبر فورس ايڇ. بيل نالي انگريز ليکڪ، پنهنجي ڪتابThe History of Kathiawar ۾ لکي ٿو ته: “ڪاٺي قبيلو ڪڇ ۾، پوءِ اتان سؤراشٽر ۾ اچي رهيو. هي قبيلو بهترين جنگجو قبيلي جي حيثيت ۾ مشهور هو. هي چوپايو مال چورائڻ ۾ خاص مشهور هئا.”
ڊاڪٽر محمد اسماعيل بيگ ڄاڻائي ٿو ته: “ڪاٺي نسل وارا پهريون ڀيرو يارهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ مان ڪڇ ۾ ۽ ٻيو ڀيرو پندرهين صدي عيسويءَ ۾ سؤراشٽر ۾ وڃي آباد ٿيا. اتي هنن جا مرهٽن سان ڪافي مقابلا ٿيا. انهيءَ ڪري مرهٽن هن علائقي
کي ‘ڪاٺياواڙ’ جو نالو ڏنو ۽ اهڙي طرح ‘سؤراشٽر’ جو نالو ‘ڪاٺياواڙ’ پئجي ويو.”
ڪڇ تي حڪمراني ڄمائيندڙ جاڙيجا سما، جيڪي ٺٽي واري سمانگر جي سردار نرپٽ سمي جي اولاد مان هئا، ۽ چوڙا سما، جن سنڌ مان نقل مڪاني ڪري جھونا ڳڙهه ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي، انهن سؤراشٽر طرف حملا شروع ڪيا. تيرهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري لاکو گراڙ ڄام جي لقب سان هن ئي گھراڻي مان اتي جو پهريون حاڪم ٿيو، پوءِ ائين هن علائقي تي حملا ٿيندا آيا ۽ انهن جو اقتدار رهندو آيو. تنهن وقت ڪاٺياواڙ ۾ جھونا ڳڙهه، ماهي ڪنٺ، درول، راجڪوٽ، ماليا، موروي، واراهي، نوانگر، منگرول وغيره اهم ننڍيون ننڍيون رياستون ۽ شهر هئا، جتي جاڙيجن سمن جون حڪومتون رهيون ۽ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو رهيو. ڪاٺياواڙ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ جا خاص ڪارڻ سياسي ناتن سان گڏ اقتصادي، تهذيبي ۽ سماجي ناتا به هئا. مختلف وقتن تي هتان هنرمندن، ڪاريگرن توڙي ديني مبلغن جي اچ وڃ رهندي هئي. انهن مان ڪي اتي آباد به ٿيندا ويا. ورهاڱي کانپوءِ خاص طور لڏي ويل ڪيترائي هندو سنڌي ڪاٺياواڙ جي ڪيترن هنڌن تي وڃي آباد ٿيا. اهو ئي سبب آهي، جو اُتي سنڌي ٻوليءَ کي چڱو خاصو وڌڻ ويجھڻ جو موقعو مليو ۽ اڄ تائين هتي سنڌي ٻولي پروان چڙهيل آهي.
گجرات: ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ وانگر گجرات سان به سنڌ جا سياسي، سماجي، علمي، ادبي توڙي اقتصادي ناتا آڳاٽي وقت کان رهيا آهن. هتي به سنڌ جي هنرمندن، واپارين، جنگجو جوانن ۽ ديني مبلغن ذريعي سنڌي ٻوليءَ جو واهپو وڌيو. خاص طور سمن جي دور ۾ سنڌ ۽ گجرات ۾ مضبوط ناتن جو سنٻنڌ جڙيو. راءِ گھراڻي جي حڪومت وقت سنڌ جون سرحدي حدون ڪافي ڦهليل هيون ۽ گجرات جو سمورو علائقو ان گھراڻي جي حڪومت جو حصو هو. برهمڻن جي دور ۾ به سنڌ جون حڪومتي سرحدون اوڀر طرف چتوڙ تائين وسيع علائقي تي ڦهليل هيون. اڳتي به سمن حاڪمن پنهنجو تسلط قائم رکيو. خود سلطان محمود بيگڙو، ڄام جوڻي جي ڌيءَ بيبي مغليءَ جو پٽ هو، جيڪا گجرات جي شاهي گھراڻي ۾ پرڻيل هئي. اهڙيءَ ريت سمن حاڪمن، گجرات جي بااثر صوفي بزرگن سان به مِٽيون مائٽيون ڪيون، ايتري قدر جو
ڄام جوڻي جو مدفن به گجرات ۾ آهي. سلطان محمود بيگڙي جا ته سڪا ‘لاڙي’ ۽ ‘محمودي اشرفيون’ سنڌ ۾ هلندا هئا، جن جي سنڌ ۾ ٻارنهن آنا قيمت هوندي هئي. اهڙيءَ ريت سنڌ سان گجرات جا اوائلي وقت کان ناتا هئڻ سبب هتي سنڌي ٻوليءَ کي وڌڻ ويجھڻ جو موقعو مليو. ڄام فيروز پنهنجي ڌيءَ، سلطان بهادر پٽ سلطان مظفر گجراتيءَ کي پرڻائي ڏني هئي. گجرات ۽ سنڌ جي ويجهڙائيءَ جو سبب واپاري آمدرفت، سياسي ميل جول، ماڻهن جي لڏ پلاڻ ۽ مٽيون مائٽيون هيون، سماجي خواه تمدني طور ٻنهي سلطنتن وچ ۾ مضبوط قسم جو ناتو رهندو آيو. خاص طور ميمڻ، خواجا، لوهار، ڀاٽيا، پڃارا، ڪنڀار، سونارا، کتري، رنگريز، جت، اوڏ، ٿيٻا، متوا، ميگهواڙ، سوٽهڙ، ملتاني ۽ ٻيون ڪيتريون سنڌي ذاتيون لڏي گجرات ۾ رهائش پذير ٿيون. گجرات جي سامونڊي ڪناري تي گھڻي قدر سنڌي ناکئا اڄ به ملن ٿا. گجرات ۾ ڪڇي، ڪاٺياواڙي، ميمڻي ۽ ٻيون ڪي ٻوليون زندهه رهيون آهن ۽ انهن سنڌيءَ جي لهجن جو استعمال اڃا به هتي ٿيندو اچي ٿو.
گجراتيءَ جو خاص طور سنڌيءَ جي لاڙ ۽ ٿر واري ڀاڱي تي اثر ۽ سنڌيءَ جو گجرات جي سموري علائقي ۾ ڦهلاءُ ٿيو.
سنڌ جي صوفين سالڪن به پنهنجي تعليم جو سلسلو وڌايو ۽ عالمن هتي جي ماڻهن کي علمي فيض سان آراسته ڪيو. انهن گجرات ۾ اچي درسگاهون کوليون ۽ علمي ۽ روحاني فيض ڏيڻ شروع ڪيو. خاص طور سنڌ جي اسماعيلي داعين جي پير صدرالدين شاهه، پير شهاب الدين، پير تاج الدين ۽ پير امام شاهه گجرات ۾ اسلام جي تبليغ ڪئي. اُنهن مان ستگر نور ۽ پير امام شاهه ۽ ان جا پونيئر گجرات ۾ دفن آهن. خاص طور سنڌ ۽ گجرات جي شاهي گھراڻن توڙي راڄن جي چڱن مڙسن جون هڪٻئي سان شاديون ڪرڻ اهو ثابت ڪن ٿيون ته سنڌي ٻولي مذڪوره علائقن ۾ باقائدي واهپي هيٺ هئي. سنڌ جي جتن، نهڙين، سمن، سومرن، چارڻن وغيره جهڙين برادرين ۽ قبيلن جو ته گجرات سان گھڻو واهپو هو ۽ انهن مان گھڻن جون مٽيون مائٽيون گجرات جي گھراڻن ۾ ٿيل هيون ۽ سنڌي ٻوليءَ کي گجرات ۾ وڌڻ ۽ ڦهلجڻ جو ڀرپور موقعو مليو.
سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي جاگرافي ۾ گجرات وارن علائقن کي جوڳي اهميت حاصل آهي، جتي اڄ به سنڌي زبان پنهنجي ڳالهائڻ کان وٺي ريتن رسمن ۽ ميل جول واري صورت ۾ زندهه آهي.
گـجـرات جـي ضلـعـن: (1) امـريـلــي، (2) احـمـدآباد، (3) بــڙودا، (4) بانس ڪانٺا، (5) ڀـڙوچ، (6) ڀـاونـگـر، (7) ڀـاونـگر پنـج محل، (8) جھوناڳڙهه، (9) ڊانگ، (10) راجڪوٽ، (11) سابه ڪانٽا، (12) سريندرنگر، (13) سورت، (14) ڪڇ، (15) کيڙا، (16) مهسانا وغيره ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو وڏو تعداد رهائش پذير آهي، جيڪي نه فقط ٻولي، پر رهڻي ڪهڻي، قدرن ۽ ريتن رسمن جي حوالي سان به سنڌ سان ڳنڍيل آهن.
راجستان ۾ سنڌي ٻولي:
راجستان جي سرحد سنڌ کي ٿر واري طبعي ڀاڱي کان لڳي ٿي. هتان جا اهم علائقا جيسلمير، بيڪانير ۽ جوڌپور قديم زماني کان سنڌ جو حصو رهيا آهن. سنڌ جي سمن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي حڪومتن ۾ راجستان سنڌ سان ڳنڍيل رهيو آهي. سنڌ تي عربن جي حملي وقت سنڌ مان لوهاڻا ۽ ڪي ٻيون هندو [مهيشوري، ميگهواڙ ۽ سوٽهڙ] ۽ ٻيون ذاتيون [ٿيٻا، متوا، نهڙي، هاليپوٽا] لڏي وڃي راجستان ۾ آباد ٿيون.
هن خطي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ جو وڏو ذريعو ۽ سبب سگھڙن، سياڻن ماڻهن جي اچ وڃ ۽ محفلون وغيره بڻيون. ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي ماڻهن جي مٽي مائٽي ۽ اچ وڃ جي رواج وانگر راجستان جي راجائن مان سنڌ جي سوڍن، راڻن ۽ ٻين راجائي نک وارن مائٽيون ڪيون، جنهنڪري سنڌ ۽ راجستان وچ ۾ مضبوط تهذيبي، سماجي، سياسي، ثقافتي ناتا رهيا آهن ۽ سنڌي ٻولي هتي گھڻي وڌي ويجھي آهي. اهي مٽيون مائٽيون اڄ تائين جاري آهن.
تازو عمرڪوٽ [راڻا جاگير] جي راڻي هميرسنگهه جي پٽ ڪرني سنگهه جي شادي، جئپور جي سوڍي مانسنگهه جي ڌيءَ سان ڌام ڌوم سان ٿي.
بلوچستان ۾ سنڌي ٻولي:
بلوچستان ۽ سنڌ جو سنٻنڌ اوائلي وقت کان رهيو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي تهذيبي، سماجي، سياسي، ثقافتي، تاريخي ۽ تمدني تاريخ سان گڏ واپار ۽ جاگرافيائي حالتن جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته سنڌ جي سرسبز ۽ زرخيز هئڻ ڪري بلوچستان تي ان جو اثر رهيو آهي. خاص طور سبي، ڪڇ، قلات، لورالائي، مڪران، لسٻيلي ۽ سامونڊي پٽيءَ وارا علائقا تهذيبي ۽ تمدني لحاظ کان سنڌ جي اثر هيٺ رهيا آهن ۽ انهن جون اقتصادي، تهذيبي ۽ سماجي حالتون هڪجهڙيون رهيون آهن. سياسي لحاظ کان بلوچستان جي سرزمين ٻن حصن ۾ ورهايل رهي آهي، جن مان هڪ حصو بلوچستان جو صوبو آهي، جنهن جون سرحدون سنڌ سان لڳن ٿيون ۽ ٻيو حصو ايران جي حدن ۾ شامل آهي. بلوچستان طبعي لحاظ کان جھالاوان، مڪران، خاران، قلات ۽ لسٻيلي وارن قدرتي حصن ۾ ورهايل آهي.
بلوچستان صوبي ۾ مجموعي طور ڇهه مکيه ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جن مان سنڌي ٻولي اهم آهي. بلوچستان جي مکيه ڊويزنن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي مجموعي طور شرح هن ريت آهي:
سبي 3.12% قلات 24.74%
لورالائي 1.98% ڪوئيٽا 00.49%
لس ٻيلو 66.58% خاران 00.33%
چاغي 00.33%
هارورڊ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر هينري فيلڊ 1955ع ۾ هڪ مضمون ‘West Pakistan Archeological Survey’ لکيو هو، جنهن ۾ هن انگ اکر هيٺئينءَ ريت ڄاڻايا آهن، جنهن مطابق بلوچستان جي هيٺ ڄاڻايل هنڌن تي سنڌي ٻوليءَ جي واهپي جي شرح هيٺينءَ ريت آهي:
لس ٻيلو 80% چاغي 1.0%
قلات 29% سبي 20%
خاران 19%
جڏهن ته مڪران، لورالائي، ڪوئٽا ۽ زهوب ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو نه هئڻ جي برابر ڄاڻايو ويو آهي. مٿي ڏنل شرح جي برعڪس هن وقت بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو اڃا به گهڻو وڌيو آهي.
اوائلي وقت کان موجوده بلوچستان جي سرزمين، سنڌ ۽ مغربي ايشيا جي ترقي يافته ملڪن جي وچ ۾ ڄڻ ته سنگم جي حيثيت رکندي آئي آهي. بلوچستان جي سامونڊي پٽيءَ سان قديم بستيون مليون آهن، جيڪي هڙاپا تهذيب جون علمبردار معلوم ٿين ٿيون. قديم آثارن جي ماهرن جو خيال آهي ته وثوق سان چئي سگھجي ٿو ته بلوچستان جي سامونڊي علائقي تي سنڌ جي ماڻهن جو اثر وڌيڪ هو. خود آمريءَ جي دڙي مان مليل وٿن کي قديم آثارن جي فرينچ ماهر ‘زين ميري ڪاسل’ (Jean Merry Casal) بلوچستان مان مليل وٿن سان ڀيٽيندي نتيجو ڪڍيو ته اتان مليل ٿانون وغيره ۾ هڪجهڙائي آهي. ڍاڍر ويجھو مهرڳڙهه ۽ ٻين ماڳن جون کوٽايون پڻ ان ڳالهه جي ساک ڏين ٿيون ته سنڌ ۽ بلوچستان جا سڀيتڪ ناتا جڳن کان قائم آهن. سنڌ جي تهذيبي، سماجي، سياسي ۽ تمدني ميل جول سبب يقيني طور ٻوليءَ جو اسرڻ به فطري عمل آهي، تنهنڪري هتي سنڌي ٻولي پنهنجين پورين خوبين سان استعمال هيٺ رهندي آئي آهي. بلوچستان جي مکيه هنڌن تي سنڌي ٻوليءَ جو واهپو هن ريت آهي:
سبي ۽ گنداواهه (ڪڇي) علائقن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو:
هنن هنڌن تي سنڌ جو سياسي ۽ سماجي تسلط آڳاٽي دور کان ثابت آهي. هي علائقا 450ع- 642ع ۾ راءِ گھراڻي جي حڪومت جو حصو هئا. چچ گھراڻي جي حڪومت به مڪران کان وٺي ڪرمان تائين ڦهليل هئي ۽ ان ۾ هي علائقا به اچي ٿي ويا. محمد بن قاسم جي سنڌ تي قبضي تائين هي علائقا سنڌ جي سرحدن ۾ شامل هئا. سمن جي حڪومت ۾ به سبيءَ وارو خطو سنڌ ۾ شامل هو. مير چاڪر خان ۽ مير گهرام خان، ڄام نندي کان ڪڇ جو علائقو واپس ورتو هو. ميان يار محمد ڪلهوڙي به هي علائقا پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيا، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪومت به هنن علائقن تائين ڦهليل هئي. ميان نور محمد ڪلهوڙي ڪڇيءَ وارو علائقو پنهنجي مرڻ وقت وصيت ۾ پنهنجي پٽ ميان مرادياب خان ڪلهوڙي کي ڏنو. ٽالپرن جي وقت به سبي ۽ ڪڇيءَ وارا علائقا خيرپور وارن ٽالپرن جي حڪومت ۾ شامل هئا. مطلب ته سبي ۽ ڪڇي (گندا واهه) قديم وقت کان سنڌ جو حصو پئي رهندا آيا آهن. اهو ئي سبب آهي ته هتي سنڌي ٻولي پروان چڙهي، وڌي ويجھي ۽ مادري زبان طور ڳالهائبي آئي آهي.
قديم وقت کان سنڌ مان واپاري قافلا ايران، افغانستان، بلخ ۽ بخارا تائين هتان جي رستن ذريعي ويندا هئا ۽ سنڌ ڏانهن واپس ٿيندا هئا. انهيءَ اچ وڃ جي ڪري به سنڌي ٻوليءَ جو واهپو وڌندو رهيو. سنڌي جيئن ته واپاري حوالي سان شاهوڪار ۽ زرخيز ٻولي آهي، اهو ئي سبب آهي ته هيءَ ٻولي نه فقط سبي ۽ ڪڇيءَ وارن خطن ۾ اثر انداز ٿي، بلڪ هن جا اثر قلات ۽ خاران تائين رسيا. بلوچستان ۾ سبي ۽ ڪڇي (گنداواهه)، جھالاوان وارن علائقن ۽ سنڌ جي اتر واري طبعي ڀاڱي جي رهاڪن جي هميشه کان لڏپلاڻ رهي آهي. انهن علائقن مان جيڪي قبيلا لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا، انهن هتي سنڌيءَ کي مادري ٻوليءَ طور اپنايو. تنهن کان سواءِ سنڌ مان ڪيترن ئي قبيلن سبي، ڪڇي (گنداواهه)، قلات، جھالاوان، ساروان خطن ڏانهن نقل مڪاني ڪئي ۽ اتي وڃي آباد ٿيا ۽ انهن اصلوڪي ٻولي اڄ تائين وساري ناهي ۽ گھريلو ٻوليءَ طور وٽن ان جو واهپو آهي. جھل رياست جا مگسي نواب پاڻ کي سنڌي سماٽ سمجھن ٿا. (حوالو: ڊاڪٽر غلام علي الانا، سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، ص: 80)
اهڙيءَ طرح جھلاوان جا بروهي سياري جي مند ۾ هر سال سنڌ ۾ اچي پورهيو ڪري وري واپس موٽندا رهيا آهن، اهو سلسلو وڏي
وقت کان هلندو اچي. سنڌ مان جت، نوحاڻي ۽ ٻيا ڪيترا قبيلا وڃي بلوچستان ۾ آباد ٿيا، جنهن سان سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻايل خطن سان گھرو سنٻنڌ جڙيل رهندو آيو. سنڌي حاڪمن ۽ قلات جي سردارن توڙي بلوچستان جي نوابن وچ ۾ سڱابنديون به ٿينديون رهيون آهن. اوستا محمد، جھٽ پٽ، مانجھي پور، گنداخه ۽ جھل مگسيءَ ۾ اڄ به سنڌي ٻولي عام طور ڳالهائي وڃي ٿي. ان جي اُچارن ۾ ڪجھه ڦيرو يا فرق ضرور آهي.
سبي علائقي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لهجي کي ‘فراڪي’ سڏين ٿا. سبي علائقي ۾ سوئي ڳوٺ کان وٺي لسٻيلي تائين هڪ سؤ ميل ويڪري ۽ پنج سؤ ميل ڊگھي ايراضيءَ ۾ اصلوڪيون سنڌي ذاتيون صدين کان وٺي آباد آهن، جن ۾: ابڙا، بوهڙ، ٻپر، ٻرڙا، اعواڻ، ٻلال، پنهيار، پنهور، ڀنگر. تنيا، چنڙ، چوهاڻ، چاچڙ، ڌپالي، ڏنگر، رِڏ، ريٽي، سماجي، سيال، سومرا سيانچ، سيلاچي، شيخ، ڪنڀر، ڪورائي، ڪوري، ڪولاچي، کوکر، گوپانگ، ملڪ، ماڇي، موچي، اڙها، نائچ ۽ ناوڙا ۽ هندو ذاتيون اچي وڃن ٿيون. هنن ذاتين جي مادري ٻولي سنڌي آهي. هتي جي رهندڙ بگٽي، مري ۽ رند قبيلن به ثانوي ٻوليءَ طور سنڌي ٻوليءَ کي اپنايو آهي. ڪڇي (گنداواهه) جي گھڻو ڪري سڀني ذاتين جي مادري ٻولي سنڌي آهي. ڪڇي ضلعي جي جھٽ پٽ تعلقي جي ڳوٺ فتح پور ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ٻه مشهور صوفي شاعر سيد رکيل شاهه ۽ سندس فرزند سيد چيزل شاهه ٿي گذريا آهن، جن جي آخري آرمگاهه به اتي ئي آهي. رکيل شاهه جو سنڌي ڪلام سندس عرس جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا نامور راڳي وڃي محفلون ڪن ٿا. مشهور شاعر قادربخش گولو پڻ ڳوٺ صحبت پور جو رهواسي آهي. مطلب ته هتي سنڌي ٻوليءَ جو واهپو مادري ٻوليءَ طور گھڻو آهي.
لسٻيلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو:
لسٻيلو جيتوڻيڪ هينئر بلوچستان جو حصو آهي ۽ سنڌ سان سياسي طور منسلڪ نه آهي، تڏهن به تاريخي طور هن علائقي جو سنڌ سان گهرو تعلق رهيو آهي. هيءُ علائقو 450ع جي زماني ۾ راءِ گھراڻي جي حڪومتي دور کان سنڌ جو حصو رهندو آيو. هتي رهندڙ 80% آبادي اڄ به سنڌي ٻولي ڳالهائي ٿي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جو ‘لاسي لهجو’ سڏيو وڃي ٿو. لسٻيلو ڄڻ ته سنڌ جو اٽوٽ حصو رهيو آهي، اتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ٻولي، ريتون رسمون، رواج، سنوڻ ساٺ، ميل جول، مزاج وغيره سڀ سنڌ وارا ساڳيا آهن. راءِ گھراڻي کانپوءِ برهمڻ (چچ) گھراڻي، سومرن توڙي سمن جي هن علائقي تي حڪمراني رهي. ڪلهوڙن جي گھراڻي مان ميان يار محمد ڪلهوڙي، پاهڙ خان برفت تي حملو ڪرايو ۽ هتي پنهنجا منصبدار مقرر ڪيا.
سنڌ ۾ سمن جي حڪومت پوري ٿيڻ بعد لسٻيلي ۾ انهن جو اثر رسوخ ڪافي وقت تائين برقرار رهيو. اهو ئي سبب هو، جو لسٻيلي ۾ سنڌي تمدن رائج رهيو ۽ سنڌي ٻولي هن علائقي جي مقامي ٻولي بڻجي وئي. پرانهن ملڪن سان خشڪيءَ رستي ڪاروبار جو مکيه لنگھه لسٻيلي وٽان لنگھندو هو. سنڌ ۾ ڪراچي بندر کان اڳ ‘سون مياڻي بندر’ واپارين جو مرڪز هو، جتي واپار جو سامان اٺن ذريعي آندو ۽ نيو ويندو هو.
سنڌو تهذيب جي کوجنا مان پتو پوي ٿو ته واپار جي ڪري لسٻيلي ۾ سنڌ جا ماڻهو آباد ٿيندا ويا. لسٻيلي ۾ رهائش پذير قبيلن ۽ ذاتين ۾ ڪي مکيه ذاتيون: رونجھا، نومڙيا (برفت)، صابرا، جدگال، شهزادا، موندرا، واهرا، موچي، باريچا، جيلاني پير، مسڻ، ڄاموٽ، ميد، ڪاتيار، خواجه وغيره آهن.
سنڌي ٻوليءَ جو مشهور سگهڙ شاعر ۽ صوفي بزرگ ڪبير شاهه پڻ لسٻيلي ۾ وڃي رهيو ۽ ڄام مير خان جي ڪچهري وسايائين. ان کان علاوه مردوئي، مانڊڙا، لنگھا، گونگا، ڪڙيائي، شيخ، شاهڪ، ساسولي، راهو، دودا، ڇُٽا، برباز، براديا ۽ آٿا وغيره قبيلا بلوچستان جي ٻين حصن سميت لسٻيلي ۾ آباد آهن. هي سڀ سنڌ جون اصلوڪيون ذاتيون آهن، جيڪي سماجي، معاشي ۽ تاريخي سببن جي ڪري لڏي وڃي انهن هنڌن تي مقيم ٿيون آهن. سندن ٻولي، رهڻي ڪهڻي، وغيره سنڌي ۽ سنڌ سان جڙيل آهي.
ناميارو عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي’ ۾ لکي ٿو ته، “سياسي تسلط، ساڳي حڪومت، سماجي، مذهبي، علمي ۽ ادبي ميل جول سبب لسٻيلو سنڌ جو سياسي، طبعي ۽ لساني حصو بڻجي چڪو هو.” برهمڻن جي دور کان وٺي رونجھن، ڪلهوڙن، ڪوريجن توڙي انگريزن جي حڪومتن تائين لسٻيلي جي عام لوڪن جي مادري زبان سنڌي رهي آهي. جيتوڻيڪ 1955ع ڌاري ون يونٽ جي ٺهڻ تائين لسٻيلي جي حيثيت الڳ رياست واري رهي. ون يونٽ ۾ هتي اردوءَ کي تعليم ۽ تدريس جي ٻولي قرار ڏنو ويو، پر تڏهن به سنڌي زبان جون پاڙون هتي نهايت پختيون آهن. عام واهپي ۽ روزاني وهنوار جي ٻولي سنڌي رهندي پئي اچي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مقبول ۽ معروف آهي. هتي سنڌي لوڪ ادب تمام گھڻو وڌيو ويجھيو آهي
۽ ڪيترائي نامور سگھڙ ۽ لوڪ ورثي جا مالڪ هتي آباد آهن. لسٻيلي ۾ ڪيترا قادرالڪلام لوڪ سنڌي شاعر پيدا ٿيا آهن،
جن ۾ نم فقير، شيخ بکر، احمد شاهه، دوست محمد ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. شاهه لطيف جي ڏهن ڏاتارن مان ڄام سپڙ سمي جو تعلق به لسٻيلي سان هو. هتي ڳالهائجندڙ ٻوليءَ تي لاڙي لهجي جو ڀرپور اثر آهي، لاسي لهجي جو محاوراتي طور ڳانڍاپو لاڙي لهجي سان گھاٽو معلوم ٿئي ٿو.
مڪران ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو:
لسٻيلي وانگـر مـڪـران به سـنـڌ جـو حـصـو رهـندو آيـو آهـي ۽ راءِ سهيرس جي دور کان چچ برهمڻ ۽ عربن جي حملي تائين مڪران سياسي طور سنڌ سان ڳنڍيل رهيو. عربن جي حملي وقت به مڪران سنڌ جو حصو هو. مڪران کان قنڌار، افغانستان، بلخ ۽ بخارا، عربستان وغيره ڏانهن سنڌ مان واپاري مال موڪليو ۽ آندو ويندو هو. ايران کان ايندڙ يا انهن ملڪن ڏانهن ويندڙ رستا ۽ ڪي اهم لنگھه بلوچستان جي مکيه خطن سان گڏ مڪران مان گذرندا هئا. واپاري قافلن کي مڪران جي وچان گذري اڳتي وڃڻو پوندو هو. انهن رستن مان هڪ رستو خضدار، نال ۽ تربت کي ملائيندو، درياهه، مشڪيءَ وارين ماٿرين مان گذرندو وڃي ڪولواهه ۽ ڪيچ جي وادين ۾ پوندو هو ۽ ٻيو رستو سوراب کان پنجگور وڃڻ لاءِ به هوندو هو. اهو رستو مڪران ۽ سياهان جبل جي وچ مان گذرندو هو ۽ بلوچستان جي خطن کي مڪران ذريعي ملائيندو هو، ٽين واٽ مڪران ۽ لسٻيلي مان نڪرڻ بعد لڪيءَ کي اڪاري سنڌ ۾ داخل ٿيندي هئي. هيءُ اهو رستو آهي، جنهن کان ڪيترائي سنڌي ڪٽنب ۽ قبيلا لڏي وڃي مڪران ۾ ترسيا. مڪران ۽ سنڌ جي وچ ۾ ڏيساورن جي گھڻي اچ وڃ هوندي هئي. اهو ئي سبب آهي ته مڪران ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو وڌيو. اڄ به مڪران ۾ تمام گھڻا قبيلا سنڌي ٻولي ڳالهائي ۽ سمجھي سگھن ٿا.
تاريخ جي ماهرن، علم لسانيات جي ڄاڻن ۽ آرڪيالاجيءَ جي عالمن جي تحقيق موجب بلوچستان ۾ موجود بلوچ قبيلا ڪي هتان جا اصل رهاڪو نه آهن، بلڪ اهي چوٿين صدي عيسويءَ ۾ اچڻ شروع ٿيا. اڳ موجود بلوچستان جي موجوده سرزمين جا ڌڻي دراوڙ، بروهي، راجپوت ۽ جت قبيلا هئا، جن سان گڏ عرب ۽ ايراني به هتي رهائش پذير هئا. ڏهين صدي عيسويءَ ۾ مڪران جا حاڪم جدگال يعني سنڌي جت هئا.
مڪران ۾ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ کي ’جدگالي‘ چيو وڃي ٿو، جيڪا سـنڌي ٻـولـيءَ جو لهجـو آهـي. هتان جـا مکيـه شهـر: باهـو، دشتيـاري،
مير جاوا ۽ مهراڻ آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ اهم بندر هوندا هئا. اتي جدگالن جي اڪثريت هئي، جيڪي واپار ۾ ڀڙ هئا. اڄ به گوادر جي
اتر اولهه طرف باهو ۽ دشتياري ضلعن ۾ جدگال وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. ڪالنچ واري ايراضيءَ ۾ به سندن اڪثريت آهي. جيتوڻيڪ اهي هاڻي بلوچن سان رلي ملي ويا آهن، پوءِ به جدگالي ٻولي [سنڌي] اڄ تائين استعمال ڪندا پيا اچن. مڪران ۾ به جدگالن جا مختلف پاڙا آهن، جن ۾ رئيس، ڪينگزئي، مهدي زئي، بندر، ڪوڙڪ ۽ سنگر شامل آهن.
مڪران ۾ ٻيا به ڪيترا سنڌي قبيلا آباد آهن، جن جي ٻولي ۽ رهڻي ڪهڻي سنڌي آهي. انهن قبيلن ۾ گچڪي، بزنجا، وردلي، ميد ۽ هندو وغيره اچي وڃن ٿا. مڪران جون چار مکيه ٻوليون بلوچي، جدگالي، لاسي ۽ لوري چيني (لوڙي چيني) آهن، جيڪي مادري ٻوليءَ طور ڳالهايون وڃن ٿيون. جدگالي سميت لاسي يا لوري چيني سنڌي ٻوليءَ سان ملن ٿيون. هن ٻوليءَ بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا مستند دليل ڏنا آهن ته اها سنڌيءَ مان ئي نڪتي آهي، مطلب ته هن خطي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو صدين جي اتهاس تي ٻڌل آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي جاگرافيءَ ۾ اهميت رکي ٿو.
سرائيڪي خطي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو:
سرائيڪي خطي ۾ موجوده ملتان ۽ بهاولپور ڊويزنن وارا علائقا اچي وڃن ٿا. هيءُ خطو قديم زماني ۾ عظيم سنڌ جو هڪ پرڳڻو رهيو. راءِ گھراڻي کان وٺي برهمڻ، چچ گھراڻي جي حڪومتي دور تائين ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ اروڙ هو، ان وقت به هيءُ خطو سنڌ سان ڳنڍيل هو، جنهن کي ملتان پرڳڻي جي حيثيت حاصل هئي. ملتان جو هاڻوڪو شهر ان پرڳڻي جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ هتان جي زبان سنڌي هئي، جنهن لاءِ ماهرن پنهنجا مستند نتيجا به سامهون آندا آهن. اڳئين وقت ۾ هن خطي کي سرو يعني مٿانهون علائقو چيو ويندو هو. خاص طور ٽالپر بلوچ روزگار سانگي ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل خان کان لڏي سنڌ آيا ۽ اڳتي هلي هتان جا حڪمران ٿيا. سندن مادري زبان سرائڪي، سنڌيءَ جو ئي لهجو هئي. ٽالپرن جي وقت ۾ درٻار جي ٻولي فارسي هئي ۽ سندن واهپو سنڌ جي عام ماڻهوءَ سان هو، جن جي ٻولي سنڌي هئي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ، ان دور ۾ ڪا خاص ترقي نه ڪئي، پر پوءِ به هن خطي سان منسلڪ رهندي آئي، ۽ ڪجھه زماني کان ان جي ئي لهجي هڪ خاص صورت اختيار ڪئي، جنهن کي سرائيڪي سڏيو وڃي ٿو.
ملتان تائين جو علائقو قديم وقت کان سورهين سترهين صدي عيسويءَ تائين سنڌ جو حصو هو. ملتان تي سمن حاڪمن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن حڪمراني ڪئي. ڪلهوڙن جي دور ۾ هتي لانگاهه قبيلو اثر رسوخ وارو هو، جنهن هن خطي تي 80 ورهيه حڪومت ڪئي.
ديني تبليغ جي نسبت سان هن خطي جو سنڌ سان گھاٽو سنٻنڌ رهيو آهي. 1182ع ۾ هتي شيخ بهاؤالدين زڪريا جو جنم ٿيو. اسماعيلي دائي پير شمس الدين، پير صدرالدين، پير شهاب الدين ۽ ٻين اُچ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ اسماعيلي عقيدي جو پرچار ڪيو، جن جي ٻولي سنڌي هئي. اڳتي هلي ملتان شهر سنڌ جو روحاني مرڪز بڻجي ويو، سنڌ جي اڪثر هنڌن تان ماڻهو هتي بزرگن جون زيارتون ڪرڻ ۽ فيض وٺڻ لاءِ ايندا رهيا، جيڪو سلسلو اڄ تائين هلندو پيو اچي. سنڌ ۾ حضرت بهاوالحق ذڪريا جي مريدن ۽ عقيدت مندن جو وڏو تعداد موجود آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هتي جي قريشي ۽ گيلاني پيرن جي سنڌ ۾ وڏي پيري مريدي آهي. خواجه غلام فريد جو سنڌيءَ ۾ چيل ڪلام ۽ مخدوم سجاد حسين قريشي [اڳوڻي سجاده نشين درگاهه غوث پاڪ] جو سنڌ مان پهتل مريدن سان سنڌيءَ ۾ مخاطب ٿيڻ، سنڌيءَ جي هن خطي ۾ ڦهلاءَ واري حقيقت جا ثبوت آهن. هتي علم، ادب به ترقي ورتي ۽ ان جو چرچو ڏيهان ڏيهه ٿيو. جيتوڻيڪ هتي واهپي هيٺ ٻوليءَ (سرائڪيءَ) لاءِ مختلف قومن جي عالمن ۽ لسانيات جي ماهرن جا ڌار ڌار رايا آهن، انهن ۾ پنجابي دانشورن مان ڪن جو چوڻ آهي ته هي پنجابيءَ جو لهجو آهي. ڪن موجب لهندا جو هڪ روپ آهي. ابتدا ۾ ڪن انگريز محققن هتي جي ٻوليءَ کي سنڌيءَ جي ڀيڻ ٻولي قرار ڏئي تحقيق ڪئي. هن خطي جي ڪن محققن جو خيال آهي ته سرائيڪي ئي اصل قديم ٻولي آهي، جنهن مان سنڌي، پنجابي ڦٽي نڪتيون آهن، پر ان معاملي کي سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري عالم ۽ لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ٻين رد ڪيو آهي ۽ هتي جي ٻوليءَ کي سنڌي لهجو ۽ هاڻي مڪمل ٻوليءَ جي روپ اختيار ڪيل خودمختيار ٻولي قرار ڏنو آهي. سنڌي توڙي انگريزي لسانيات جي ماهرن موجب سرائيڪي در اصل سنڌيءَ جو اترئين حصي جو لهجو آهي، سنڌي ٻوليءَ جون هي لسانياتي جاگرافيءَ جون حدون سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ خاصيتن جو تعين ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. سرائيڪي خطي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو قديم وقت کان رهندو آيو آهي. هن خطي ۾ سنڌيءَ جي انهيءَ لهجي ۾ انفراديت ٿيڻ بعد به سنڌيءَ جو هن زبان سان اصولي اشتراڪ ۽ تعلق رهيو آهي، جيڪو اڄ به قائم آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي لساني ۽ لهجاتي(Dilectical) جاگرافي
سنڌي ٻولي سنڌ جي موجوده جاگرافيءَ ۾ ڪهڙن هنڌن تي ڪهڙي صورت ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ٻوليءَ جي اچار جي نسبت ان جا لهجا مختلف ڪيئن آهن ۽ انهن کي ڪهڙين حدن ۾ ڪهڙن نالن سان سڏيو وڃي ٿو، دراصل اها سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي سڏبي.
سنڌي ٻوليءَ جا لهجا:
سنڌي ٻوليءَ جي لهجن تي سڀ کان پهرين ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پنهنجي گرامر ۾ روشني وڌي، جنهن ابتدائي طور سنڌيءَ کي ٽن لهجن ۾ ورهايو: (1) لاڙي (سامونڊي- ڊيلٽا وارو لهجو)، (2) سري (مٿيون ڀاڱو- سرائڪي گاڏڙ)، (3) ٿري (بيابان- ٿاريلي).
اڳتي هلي جارج ابراهم گريئرسن لهجاتي لسانيات تي ڪم ڪندي پنهنجي ڪتاب ‘لينگويسٽڪ سروي آف انڊيا’ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڇهن بنيادي لهجن ۾ ورهايل ڄاڻايو: وچولو، سرائيڪي، لاسي، لاڙي، ٿري ۽ ڪڇي. هن صاحب اتراديءَ کي سنڌيءَ جو نج نبار لهجو سڏيو آهي. ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ’ ۾ هن ٻوليءَ جا ڇهه محاورا ڄاڻايا آهن، حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ سنڌيءَ ٻولي کي سنڌ جي ٽن مکيه طبعي ڀاڱن اتر (سرو)، ڏکڻ (لاڙ)، اوڀر (وچولو) ۽ ساهتي ۾ ورهايو. هن صاحب وچولي جون حدون لاڙڪاڻي ۽ ان جي آسپاس کان وٺي حيدرآباد ۽ ان جي آسپاس ويجهي پسگردائيءَ تائين ڄاڻايون.
ڊاڪٽر داد محمد خان بروهيءَ سنڌيءَ جي لهجن کي ٻارهن مکيه لهجن ۾ ورهايو آهي، جن ۾ مقامي لهجن سميت سبي ۽ بلوچستان جي ٻين هنڌن وارن محاورن کي به شامل ڪيو آهي، جن ۾ (1) معياري، (2) اتـرادي، (3) ماڇڪـي، (4) جـغـدالـي، (5) فـراڪـي، (6) کيـتراڻـي، (7) ڪوهستانـي، (8) لاسـي، (9) جـدگالـي، (10) لاڙي، (11) ڪـڇـي، (12) ٿري لهجا اچي وڃن ٿا.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي، مٿين مڙني عالمن جي نقطه نظر جي روشنيءَ ۾ سنڌيءَ جا ڏهه مجموعي محاورا ڄاڻايا آهن: معياري، اترادي، ماڇڪي، ڪوهستاني، لاسي، جدگالي، لاڙي، ڪڇي، ٿري، ڪاٺياواڙي يا ميمڻي، باقي رهيل محاورن کي هن ننڍا ثانوي لهجا قرار ڏنو آهي. سنڌي ٻولي هونئن مکيه ستن لهجن ۾ ورهايل آهي، جن ۾ وري ننڍا ننڍا لهجا ڳالهايا وڃن ٿا. مکيه طور اهي هيٺيان آهن: (1) وچولي (معياري)، (2) اترادي، (3) لاڙي، (4) ڪوهستاني، (5) ٿري، (6) لاسي ۽ (7) ڪڇي. هنن لهجن ۾ به وري مقامي سطح جا ڪي ڌار لهجا آهن، جن ۾ اچارن جو فرق آهي. علم لسان جي ماهرن وٽ اها حقيقت مڃيل آهي ته هر ٻوليءَ ۾ ٻارهن ڪوهن تي لهجو تبديل ٿيندو آهي. جنهن جا سبب جاگرافيائي تبديلين جي زير اثر هجن ٿا. ٻوليءَ جي لهجن پيدا ٿيڻ جا سبب سياسي، سماجي ۽ معاشي به ٿين ٿا. اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ شڪـارپـوري، دريـاهـي، ڪڪـرالـي، مـاڃـر، کاري، مـاٿيـلـوي، اوٻاڙوي، ڍاٽڪي، پارڪري، مارواڙي، ٺٽئي، جتڪي، ميمڻي، مهاڻڪي، ڀيلڪي وغيره سنڌيءَ جا ثانوي لهجا ڳڻجن ٿا.
سنڌي ٻولي سڌريل ٻولين (International Standard) جيان هڪ ئي منتخب رسم الخط ۾ لکي، ڳالهائي ۽ سمجھي وڃي ٿي. ادب ۽ عام رابطي جي لحاظ کان ان ۾ مرڪزيت قائم آهي، باقي ’ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي‘ واري اصول جي مدنظر سنڌيءَ کي پنهنجا ڌار ڌار لهجا ۽ مکيه لهجن جا ثانوي لهجا آهن.
هيٺ انهن جو مختصر ذڪر ڏجي ٿو:
(1) وچولو (معياري): هن لهجي کي ساهتيه يا ساهتي لهجو به چيو وڃي ٿو. هي لهجو سنڌي ٻوليءَ جي لکت واري زبان ۽ تعليم ۽ تدريس لاءِ منتخب ٿيل آهي. هن لهجي جو طبعي ڀاڱو سنڌ جو وچ وارو مرڪزي حصو آهي. جنهن ۾ نوشهري فيروز، دادوءَ جي اتر واري ڀاڱي کان ڪوٽڙيءَ تائين (سيوهڻ شامل)، حيدرآباد، نوابشاهه جو هيٺيون حصو ويندي لاڙڪاڻي ضلعي جي حدن تائين وارا هنڌ اچي وڃن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي لپي ٺاهڻ وقت سنڌي ٻوليءَ جي عالمن ۽ اديبن هنن هنڌن تي ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي متوازن هئڻ ۽ ان ۾ معياري صوتي خوبين هئڻ سبب علمي، ادبي، درسي لکت واري ٻوليءَ يعني معياري لهجي طور منتخب ڪيو. سنڌي ٻوليءَ جي ٻين لهجن جي ڀيٽ ۾ هن لهجي ۾ ڳالهائڻ ۽ اچارن جي ڍنگ جون مرڪزي خوبيون وڌيڪ آهن، تنهنڪري ان کي ’معياري لهجو‘ چيو وڃي ٿو.
(2) سِريلي (اترادي) لهجو: هي لهجو سري واري طبعي ڀاڱي يعني سنڌ جي مٿئين اتر واري طرف جي نسبت سان نشانبر آهي. هن لهجي جون جاگرافيائي حدون سکر، گھوٽڪي، خيرپور، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، ۽ دادوءَ جي ڪجهه اُترين حصن تي مشتمل آهن. سِريلي لهجو سنڌيءَ جي سڀني لهجن کان وڌيڪ وسيع ايراضيءَ تي ڦهليل آهي. هن محاوري جي حد بندي خيرپور رياست جي پراڻين حدن کان وٺي اوٻاوڙي تعلقي، سيوهڻ کان دادو، سموري لاڙڪاڻي، شهدادڪوٽ، جيڪب آباد کان ڪشمور تعلقي جي ڇيڙي تائين گهوٽڪيءَ سميت آهي. هتي جو لهجو نمايان ۽ لفظن جو اچار پوريءَ ريت چٽائيءَ سان اچارجي ٿو. ڪشمور اوٻاوڙي ۽ گهوٽڪيءَ ۾ هن تي سرائيڪيءَ جو اثر ۽ جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ ۾ وري بلوچيءَ جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. هن لهجي جا اچار چٽا، تز ۽ تکيرا آهن، هتان جي ماڻهن جا سُرائتا آواز اُچارن کي چٽو ۽ نمايان ڪن ٿا. هتي جي ٻوليءَ ۾ ‘ٽ’، ‘ڊ’ جهڙن آوازن ۾ هلڪي ‘ر’ جو اچار ڪيو ويندو آهي ۽ زمانِ ماضي متڪلم لاءِ فعل لازميءَ سان به ‘م’ جي ضميري پڇاڙي لڳائي ويندي آهي (آيم- ڊوڙيم وغيره)، جڏهن ته وچولي ۾ اها ‘س’ هوندي آهي. هتي جي ٻوليءَ ۾ جنس مونث جو جمع لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ‘آن’ ملائڻ سان ٺهي ٿو. جڏهن ته معياري لهجي ۾ ساڳيو ‘اون’ وغيره لڳائڻ سان ٺهي ٿو. (زال- زالون- زالان) هن ۽ لاڙي لهجي ۾ آوازن جا سر بدلجن ٿا، جيئن لاڙ ۾ (آءِ، اِي) جو سري ۾ سُر ڪڍندا (آ، اَ). هن لهجي ۾ اڪثر حرڪت ’پيش‘ جي هوندي آهي، جڏهن ته ٻين لهجن ۾ ’زير‘ جي حرڪت تقريباً آوازن سان ملي ٿي. جڏهن ته سريلي کان سواءِ باقي ٻين محاورن ۾ ساڪن آواز به محسوس ٿيندا آهن. ٻوليءَ ۾ لهجاتي فرق ان جي سونهن ليکيا ويندا آهن. سِريلي لهجي جا ثانوي لهجا شڪارپوري، ماٿيلي، اوٻاوڙي جا لهجا آهن، جن جي انفراديت پنهنجي آهي. هنن لهجن وارا ادبي، علمي، لکپڙهه ۾ سنڌيءَ جي مرڪزي سرشتي سان ڳنڍيل آهن، پر مقامي سطح تي ڳالهائڻ ۽ اچار توڙي اصطلاحن، چوڻين وغيره ۾ انهن ثانوي لهجن جو پنهنجو منفرد ۽ نمايان ڍنگ آهي.
شڪارپوري: سنڌي ٻوليءَ جو ثانوي لهجو، نفاست، لطافت، شائستگيءَ ۽ انفراديت جهڙين خصوصيتن وارو سڏيو وڃي ٿو. هن لهجي جي ڳالهائڻ ۾ ٻين هنڌن تي ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي نسبت ۾ ميٺاج ۽ سواد وڌيڪ آهي. ڪارپوري لهجي ۾ زير کي زبر ۾ بدلايو وڃي ٿو. جيئن معياري لهجي ۾ چون ‘جِن’، شڪارپوري ۾ ‘جَن’، ‘ڪِنِ’ کي ‘ڪَنِ’ ڪري اچارين ٿا. اتراديءَ ۾ اڪثر ‘غ’ کي ‘گ’، ‘خ’ کي ‘ک’، ‘ظ’ کي ‘ذ’ جي اچار ۾ اچاريندا آهن، پر شڪارپوري لهجي ۾ اهي تلفظ چٽا ٿين ٿا. مثال وٺجي ته: سريلي (اترادي) ۾ لاڙڪاڻي جا ماڻهو ‘ف’ جو تلفظ ‘ڦ’، ‘ڇ’ کي ‘ش’ ۽ ‘ش’ جو تلفظ وري ‘ڇ’ ۾ ڪڍندا آهن، جيئن: ‘مڇيءَ’ کي چوندا ‘مشي’، ‘فقير’ کي چوندا ‘ڦقير’، ‘شڪارپور’ کي ‘ڇڪارپور‘، ’ڇوڪرو’ کي ‘شوڪرو’ وغيره. شڪارپوري لهجي ۾ سڀئي وسرگ آواز استعمال ٿين ٿا ۽ اهي سنڌي توڙي فارسي ٻوليءَ جا آواز صحيح نموني اچارين ٿا. باقي شڪارپوري لهجي ۾ ڪن وينجنن جي اچار کي بدلائي ڳالهايو وڃي ٿو. شڪارپوري لهجي ۾ اڪثر ‘نِي’ جو واڌارو ڪن ٿا يا وري اسم خاص ۾ ‘آن’ هڻندا آهن. جيئن ‘کٽان’، ‘ميزان’، ‘عمارتان’ وغيره. هن لهجي تي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو لکيل ڪتاب ‘شڪارپور جي ٻولي’ عنوان سان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ شايع ڪرايو، جنهن ۾ سريليءَ جي ثانوي لهجن ۾ شڪارپوريءَ کان سواءِ ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي، خيرپور ۽ جيڪب آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ کي به سنڌيءَ جا ثانوي لهجا سڏيو وڃي ٿو. هنن مان ‘اوٻاوڙي ۽ ماٿيلي جي ٻولي’ عنوان سان پروفيسر شيخ محمد فاضل جو ڪتاب لکيل آهي، جيڪو به سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپايو آهي.
(3) لاڙي لهجو: حيدرآباد ضلعي جا ڪجهه علائقا، ضلعي ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، بدين، ٺٽي، ميرپورخاص، سانگھڙ جا ڪجھه علائقا وغيره هن لهجي ۾ شمار ٿين ٿا. لاڙ جي معنيٰ آهي: لڙيل يا هيٺيون. ان جي ڏکڻ ۾ سمنڊ ۽ ڪڇ، اتر ۾ سنڌ جو وچولي وارو ڀاڱو، اولهه ۾ ڪوهستان ۽ اوڀر ۾ ٿر آهي. هن لهجي ۽ ٻين لهجن ۾ خاص تفريق اَوسرڳائيءَ جي ڪري آهي. ڀيرومل مهر چند آڏواڻي اَوسر ڳائيءَ واري فرق کي داردي ٻولين جي اثر هيٺ پيدا ٿيل ڄاڻائي ٿو. اوسر ڳائيءَ جي سبب هتي جا ماڻهو ‘ڍ’ کي ‘ڊ’، ‘ڌ’ کي ‘د’ ڪري اچارين ٿا. هن لهجي ۾ سُرائتا آواز ننڍا ڪري اچاريا ويندا آهن. هتي ضميري پڇاڙين ۾ فرق واضح طور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. لاڙي لهجي جي جھيلار نرم، نفيس ۽ وڻندڙ ٿئي ٿي. ڪي لسانياتي ماهر هن لهجي کي ‘ڪچي ٻولي’ چون ٿا. تڏهن به هن لهجي جون پنهنجون اڪيچار انفرادي خوبيون آهن. شاهه لطيف جي شاعريءَ جو وڏو حصو لاڙي لهجي ۾ چيل آهي. سنڌيءَ جي ٻين لهجن وانگر لاڙيءَ ۾ به ثانوي لهجا آهن، جن مان ماڃر، ڪڪرالي، گهاري، ٺٽي، بدين، بٺوري، ٽنڊي محمد خان، سانگهڙ، ميرپورخاص وغيره جي هنڌن تي ڳالهائجندڙ روزمرهه جي ٻوليءَ ۾ ڌار خوبيون ۽ خصوصيتون آهن، جنهن سان ٻوليءَ ۾ نکار ۽ ندرت محسوس ٿئي ٿي. لاڙ ۾ جتڪي لهجو پنهنجو منفرد اسلوب ۽ لغوي توڙي لوڪ ورثو رکي ٿو. ٺٽي ۾ ماڃر، ڪڪرالي، جاتي، شاهبندر ۽ کاري ۾ جت قبيلو گهڻي تعداد ۾ آباد هئڻ سبب اتي ‘جتڪيءَ’ جو واهپو آهي. ان کان سواءِ ماڃر ڪڪرالي ۽ کاري ۾ وري ثانوي لهجن کان سواءِ ننڍڙا لهجا پڻ آهن. جيڪي هيٺينءَ ريت آهن:
مهاڻڪي، شڪارڪي، ڀيلڪي، جوڳي، ڪولهڪي، ساميڪي، ڪوڪڙيڪي وغيره. هنن ننڍن ثانوي لهجن جو هڪٻئي سان گهرو واهپو هئڻ سبب مٿن هڪٻئي جا اثر به آهن. هنن لهجن متعلق حافظ حبيب سنڌيءَ ‘ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي’ عنوان سان پنهنجي ڪتاب ۾ تفصيلي ذڪر ڪندي انهن جون خوبيون بيان ڪيون آهن.[هي ڪتاب به سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپايو آهي]. سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي واري سب ڊويزن سجاول جي پنجن تعلقن: ميرپور بٺورو، سجاول، جاتي، شاهبندر ۽ کاري ڇاڻ کي ئي ماڃر ڪڪرالو ۽ کارو سڏجي ٿو.
(4) ڪوهستاني لهجو: ڪوهستاني لهجي جون پنهنجون ڌار خوبيون ۽ خصلتون آهن، خاص طور ڪراچيءَ جي ڪاٺوڙ، ڄامشوري ۽ دادو ضلعي جي مٿئين حصي ۾ [جوهي تعلقي جي مٿئين حصي، گورک جبل] ۽ ڄام شوري ضلعي جي ٿاڻي بولا خان، ٿاڻي عارب خان، گورک جبل ۽ ڪجهه ٻين هنڌن جي ٻولي ’ڪوهستاني لهجو‘ شمار ٿئي ٿي. هن لهجي جون پنهنجون خصوصيتون ۽ لغوي خزانو آهي. ڳالهائڻ جي ڏانءَ ۾ به هتي جي ٻولي ڪافي مختلف لڳي ٿي. هي لهجو لاسي لهجي سان ميل کائي ٿو. هن لهجي جو لوڪ ادب ڪافي سگهارو آهي، خاص طور پروليون، ڳيچ، لوڪ گيت، ڳجهارتون وغيره خاص انداز رکن ٿيون. ڪوهستاني محاوري کي شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ جي سُر سسئيءَ ۾ خوب ڳايو آهي. لاسي ۽ ڪوهستاني لهجن جي وچ ۾ لوڪ ادب جي گهڻي مماثلت آهي. هن لهجي ۾ شاهه لطيف ڪيتري باڪمال شاعري سرجي آهي:
پريـٽـن پـالـيــاس، ٻـانڀـڻ ٻيـٽـي آهـيـان،
حسن هوت پنهونءَ جي، ماري موت وڌياس،
جانڪيتان جيندياس، پسي ور وصال جو.
ڪوهستاني لهجي جو لاسي لهجي سان گهڻو ربط آهي.
(5) ٿري لهجو: ٿر جاگرافيائي طور سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي ثانوي لهجن جو ميڙ آهي، جهڙيءَ ريت لاڙ جي علائقي ۾ ٺٽي، ماڃر، بدين، ٽنڊي محمد خان وغيره جا محاورا لاڙيءَ جا ثانوي لهجا آهن، ائين ئي ٿري لهجي جا به ڪيترائي نمونا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي هيءُ ٿري لهجو پڻ ثانوي لهجن ۾ ورهائجي ٿو، جيڪي علائقائي سڃاڻپ رکن ٿا. انهن ثانوي لهجن ۾ ٿري لهجي واريون خصوصيتون يڪجاءِ هئڻ سميت هرهڪ ۾ انفراديت پڻ آهي، لفظن جو ذخيرو، چوڻيون، پهاڪا، جهيلار، اصطلاح وغيره به لهجن جا مجموعي هڪجهڙا توڙي ڌار ڌار
به آهن.
ٿر به سنڌ جي ٻين جاگرافيائي خطن جيان هڪ ثقافتي ايڪو آهي ۽ لاڙيءَ وانگر ٿري لهجي جا ثانوي لهجا به اَوِسرگائي آهن، جنهن جو مثال ته ٿر ۾: ‘جنهن، تنهن، ڪنهن ۽ ڪڏهن’ بدران چوندا؛ ‘جين، تين، ڪين ۽ ڪڏين’ وغيره. اسم خاص کي به پنهنجي مخصوص طريقي سان اچاريندا آهن جيئن: ‘آچار’ کي چون ‘آچاريو’، ‘سومار’ کي چون ‘سوماريو’. صنعتن ۾ به ٿري جي لهجاتي خوبين جو لاڙيءَ سان گهڻو ميل آهي. فعلن ۾ به هتي جي لهجن جو پنهنجو سرشتو آهي. ماضيءَ جي صيغي ۾: ‘اُڏيو، ٻَڌو، اگهيو، ماريو، ڦٽيو’ وغيره کي چوندا: ‘اُڏاڻو، ٻڌاڻو، اگهاڻو، ماراڻو، ڦٽاڻو’ وغيره.
برک محقق رائچند هريجن ٿريءَ جي اڪثر علائقن واري ٻوليءَ کي ‘ڍاٽڪي ’ سڏيو، جڏهن ته وڌيڪ ڳوڙهي تحقيق جي نتيجي ۾ لسانياتي ماهر ٿريليءَ جا هيٺيان لهجا شمار ڪن ٿا: ڍاٽڪي، مهراڻو، پارڪري، سامروٽي. تڏهن به سنڌيءَ جا لسانياتي ماهر ٿري ٻوليءَ کي سنڌي ٻوليءَ جو ثانوي لهجو شمار ڪن ٿا.
ڍاٽڪي: ٿري ٻوليءَ جو هيءُ اهم محاورو آهي. ڍٽ اصل ۾ راجستانيءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ: رڻ پٽ، صحرا، ريگستان آهي. ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ موجب: ڍاٽڪي دراصل سنڌي، راجسٿاني ۽ گجراتي ٻولين جي ميلاپ مان جڙيل سنڌيءَ جي ٿري لهجي جو هڪ ثانوي لهجو (محاورو) آهي، جيڪو هاڻي لڳ ڀڳ هڪ قسم جي ٻولي بڻجي پيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ ڍاٽڪيءَ جون حدون: عمرڪوٽ، مٺي، ڏيپلي جو ڏاکڻيون حصو، ڇاڇري تعلقي جو اڀرندو پاسو ۽ ننگرپارڪر جا ڪجهه حصا، اونهير وارو ڀاڱو ڄاڻايون آهن. ڊاڪٽر صاحب اونهير واري ڀاڱي ۾ ڳالهائجندڙ ڍاٽڪيءَ کي وڌيڪ صاف ۽ چٽي تسليم ڪيو آهي. ڍاٽڪيءَ ۾ بي انداز لوڪ گيتن، ڪهاڻين، ڳاهن سميت لوڪ ادب جو ورثو سمويو پيو آهي.
پارڪري: پارڪر سنڌ جي ڏکڻ- اوڀر ڪنڊ وارو علائقو آهي، جتي ڪارونجهر جبل سنڌ ۽ هند جي سرحدن جي وچ ۾ پوي ٿو. هتي ڳالهائجندڙ ٻوليءَ کي ٿريءَ جو پارڪري لهجو چيو وڃي ٿو. منگهارام اوجها هن کي بگڙيل گجراتي يا گجراتيءَ جو اثر ورتل سنڌيءَ جي ٿري لهجي جو ثانوي لهجو قرار ڏنو آهي. پيٽر گرينگر ۽ نيٺا گرينگر
نالي لسانياتي ماهرن هن ثانوي لهجي کي ٻن ننڍن مقامي لهجن: (1) ’پارڪري ڪولهي‘، (2) ’پارڪري ڪولهي ڪنري‘ ۾ تقسيم ڪيو آهي.
پارڪريءَ جي نج ٻوليءَ هئڻ تي به ڪم ٿيو آهي. هن لهجي جي لکت لاءِ 56 اکرن واري الف- ب پڻ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌي 52 اکرن سميت ’ڌ، ز، زهه، هه‘ شامل ڪيا ويا. اهي چارئي وينجن صوتيا سنڌيءَ ۾ ڪو نه آهن، پر سنڌيءَ جي شمار ٿيندڙ هن لهجي ۾ استعمال ٿين ٿا.
پارڪريءَ ۾ نوجوان برطانوي اسڪالر رچرڊ هائيل ۽ سندس ساٿين جي مدد سان هيٺيان نصابي ڪتاب ڇپيا آهن: ’پارڪري ٻولي ڀڻيارو ڪتاب‘ (1985ع)، ’پارڪري اکر ان ڦوٽو‘ (1990ع)، ’پارڪري ڀڻو‘ (1990ع)، ’ڀڻوا شِيکو‘ (1990ع)، ’وارتائون ڀڻو‘ (1990ع)، ’پارڪري ڪتاب ڀڻوا هارُو‘ (1990ع)، ’پارڪري ٻارون رو ڪتاب‘ (1990ع)، ’پارڪري پيرهيون ڪتاب‘ (1990ع)، ’پارڪري ٻيزو ڪتاب‘ (1990ع)، ’شروعاتي سائينس‘ (1990ع)، ’آپڻو جڳت‘ (1990ع)، ’جهنگ ري وارتائون‘ (1990ع)، ’زناوران ري وارتائون‘ (1991ع، ’مارو گهر‘ (1991ع)، ’روما رئي اڪائي‘ (1991ع)، ’هڏمو ٻائي‘ (1991ع)، ’ٿاڻوڪو هاري‘ (1991ع)، ’پاڪستون آپڻو ڏيهه‘، ’ڌڪه ان تاو‘، ’ماکي آپڻي دشمن‘ (1991ع) وغيره.
پارڪريءَ ۾ سنڌيءَ جا چوسڻا آواز استعمال ٿين ٿا. سنڌيءَ جو هيءُ پهريون ثانوي لهجو آهي، جنهن ۾ لکت ۾ نصاب لاءِ ايترو ڪم ٿيو آهي. ڍاٽڪيءَ وانگر پاڪريءَ کي به لوڪ ادب جو وڏو ذخيرو آهي.
سوڍڪي: هيءُ ٿريلي محاوري جو ننڍو، ثانوي لهجو آهي. هيءَ هونئن ته ساڳي ڍاٽڪي آهي، پر مينگهواڙ جاتين کان سوڍن جي ڳالهائڻ واري محاوري ۾ ڪجهه قدر فرق آهي، ان ڪري هن کي ٿريليءَ جو سوڍڪي محاورو سڏيو وڃي ٿو.
سوڍڪي رڻ ۾ ڳالهائجي ٿي، تڏهن اها جديد اثرن کان آجي آهي. سنڌي ٻوليءَ تي جديد اثرن سبب ڪيترائي لفظ اهڙا آهن، جيڪي هينئر استعمال هيٺ نه آهن، پر سوڍڪيءَ ۾ اهي روزمرهه جي ڳالهائڻ واري ٻوليءَ ۾ موجود آهن، جيئن: رتو= ڳاڙهو، ڪناتو= نيرو،
ليلو= سائو، پيرو= پيلو، ٽاڻو= ٽائيم، وقت، کڙڪي= گهنٽي، جهريل= ٽٽل، خراب ٿيل.
سنڌي ٻوليءَ جي لهجاتي خوبين جو پنهنجو رنگ آهي. لهجن مان ڪي پنهنجين خوبين ۽ ڳالهائيندڙن جي اثر سبب ڄڻ ته ٻوليون بڻجي ويا آهن، جن مان ڍاٽڪيءَ کي مکيه حيثيت حاصل آهي.
ٿريلي لهجي ۾ لوڪ ادب جو وڏو ذخيرو آهي. پارڪر، مٺي، عمرڪوٽ وغيره ۾ هن جا مکيه محاورا ڳالهايا وڃن ٿا. عمرڪوٽ کان راجسٿان واري بارڊر تائين هن محاوري جون حدون آهن، جنهن کي پنهنجو لفظن جو وڏو ذخيرو ۽ اچارن جو هڪ خاص اسلوب آهي.
(6) لاسي لهجو: لسٻيلي ۾ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ کي سنڌي ٻوليءَ جو لاسي لهجو چيو وڃي ٿو. هي لهجو لاڙي لهجي سان مشابهه آهي. لاڙي ۽ ٿري لهجن وانگر هن لهجي ۾ به اوسرڳائي موجود آهي. نحوي خوبين ۾ هيءُ بلوچستان ۾ ڳالهائجندڙ سنڌي ٻوليءَ جي لهجن: کيتراني، فراڪي ۽ جگداليءَ سان ملندڙ جلندڙ آهي. ٻين لهجن وانگر شاهه لطيف به هن لهجي کي ورجايو آهي. هن لهجي ۾ سنڌي لوڪ ادب جو لازوال ورثو آهي. هن لهجي جو ربط ڪوهستاني لهجي سان آهي. لاسي لهجي ۾ اڪثر رواجي حرڪات کي وڌائي اچارين ٿا، جيئن: ’نه ته‘ کي ’ناتي‘ ڪري اچاريندا آهن.
لاسي محاوري جي پکيڙ سنڌ ۽ بلوچستان جي جابلو ايراضيءَ سان لاڳاپيل آهي. لسٻيلي ۽ ٿاڻي بولا خان کان دادو ضلعي جي سرحدن تائين هيءُ لهجو ڳالهائجي ٿو، جنهن ۾ هن لهجي جا ننڍا ننڍا محاورا موجود آهن. شيخ ابراهيم [سگهڙ شاعر] پنهنجي شاعريءَ ۾ لاسي لهجي جي لغت کي خوب سمويو آهي ۽ ان جي شاعري لاسي لهجي جي پوريءَ ريت نمائندگي ڪندي نظر اچي ٿي. شاهه لطيف به هن لهجي کي پنهنجي بيتن ۾ آندو آهي:
جانڪيتان جيندياس، پسي ور وصال جو.
ان کان سواءِ سنڌ کان ٻاهر ڪڇي، ڪاٺياواڙي، فراڪي، کيتراني سنڌي ٻوليءَ جا مکيه لهجا آهن.


لفظ سنڌي ٻوليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو