سنڌي ٻولي، مختلف لساني پهلو

سنڌي ٻولي، مختلف لساني پهلو

سنڌي ٻولي، مختلف لساني پهلو

سنڌي ٻولي، مختلف لساني پهلو (ڪتاب): سنڌي ٻوليءَ جي مختلف پهلوئن بابت هيءُ ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر فھميدہ حسين جو لکيل آهي. ڪتاب بابت ناشر نوٽ ۽ پنھنجي پاران ڊاڪٽر فھميدہ حسين لکيا آهن. ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي گرامر ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جو سنڌي ٻوليءَ جو گرامر- هڪ جائزو، بيهڪ جون نشانيون، سنڌي صورتخطيءَ جا ڪي حل طلب مسئلا، صورتخطي ۽ هِجي جو علم، Orthography، علم اللغات ۽ سنڌيءَ ۾ لغت سازيءَ جي روايت ۽ ٻين مختلف مسئلن کي روشني وڌي وئي آهي. هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ متعلق تحقيق ڪندڙن لاءِ تمام ڪارائتو آهي.ڊيمي سائيز، ڊسٽ ڪور سان هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. 217 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو