سنڌي ٻوليءَ جي اڳوڻي ۽ هاڻوڪي دَور ۾ حيثيت

سنڌي ٻوليءَ جي اڳوڻي ۽ هاڻوڪي دَور ۾ حيثيت:
سنڌي ٻولي پنهنجي بڻ بنياد ۾ جيتري قديم ۽ وسيع آهي، ان جي اهميت، افاديت توڙي علمي، ادبي ۽ خانگي حيثيت به اوتري ئي اهم آهي. هن ٻوليءَ قديم زماني کان پنهنجي ڳالهائيندڙن جي روزمرهه جي زندگي، واسطيداري ۽ رابطي، وڻج واپار وغيره توڙي مادي ۽ روحاني ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو شروع کان سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ٻوليءَ کي ’مادري ٻولي‘ يعني ماءُ ٻوليءَ جو درجو ڏئي، ان سان جذباتي وابستگي پئي رکي آهي. قديم وقت کان سنڌ جي زرخيز هئڻ سبب اُن تي ڌارين جي هلائن، جتي سنڌ جي ڪلچرل مزاج کي ڇيهو پئي رسايو آهي، اتي ٻوليءَ جي لکت، تاريخ، لساني خوبيون، علم، ادب ۽ دفتري ذخيرو پوري جو پورو ناپيد آهي. تڏهن به سنڌ جي لوڪ روايتن، ٻوليءَ جي اڪيچار ويچارن ۽ ٻين صدري روايتن رستي اڄ جي هلندڙ دور توڙي انگريزن جي زماني جي ماهرن، علم، ادب ۽ ٻوليءَ جي تاريخ سهيڙڻ ۾ جانفشانيءَ کان ڪم ورتو آهي. استعمال جي لحاظ کان سنڌي قديم وقت کان سنڌ جي ماڻهن جي عام رابطي جي زبان ۽ گھريلو زندگيءَ جي باهمي تعلقات جي اظهار جي ٻولي رهندي پئي آهي. عرب سفرناما نويسن ۽ سياحن جي شاهدين موجب سنڌي قديم وقت کان علم جوتش، علم نجوم، علم رياضي، علم طب ۽ ٻين علمن جي سکڻ ۽ سيکارڻ واري سرشتي سان به همڪنار هئي. ان جو مطلب ته سنڌي ٻوليءَ جو رتبو قديم وقت کان ضرور سرڪاري ۽ درٻاري سطح تي ڦهليل رهندو آيو هوندو. خود موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جي ابتدائي پڙهڻين مان لسانيات جي ماهرن واضح ڪيو آهي ته اُن وقت به هن ٻوليءَ کي سنڌ جي مرڪزي ٻوليءَ واري حيثيت حاصل هئي. جيئن هڙاپا ۽ آمريءَ سميت سنڌو تهذيب جي ٻين ماڳن تان مليل ٿانوَن ۽ نوادرات تي اُڪريل ٻولي ان جي ساک ڀريندي نظر اچي ٿي. سنڌي ٻولي آڳاٽي زماني کان عروج ۽ لاهن چاڙهن وارا زمانا ڏسندي، تسلسل سان پنهنجو وجود سلامت رکندي دور جديد تائين جو سفر ڪيو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌي ٻوليءَ سان ئي سنڌ جي قومي، وطني ۽ سماجي حيثيت برقرار رهندي آئي آهي.
اسلام کان اڳ واري دور ۾ هيءَ ٻولي درس و تدريس جي زبان رهندي آئي آهي. جنهن جو واضح ثبوت پاٺشالائن، تعليمي درسگاهن ۾ ڏني ويندڙ تعليم ۽ خاص طور تڪش شلا (ٽيڪسيلا) واري درسگاهه مان ملي ٿو. سنڌ ۾ واپار جو وڏو رواج هو. ڏورانهن ڏيهن ۾ وڻج واپار ڪرڻ کانسواءِ خاص طور شهرن ۾ به هٽ قائم هوندا هئا، جتي پڻ ڪي ودوان والدين پنهنجي اولاد کي ويهي پَٽيون پڙهائيندا هئا. حساب ڪتاب رکڻ، ٻوليءَ ۾ درس، تدريس ٿيڻ، ٻوليءَ جي سماجي رتبي ۽ رياستي رتبي کي واضح ڪن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جا رسم الخط ان جو ثبوت آهن. ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجي ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي تحقيقن مان ثابت آهي ته سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ کان پنج سؤ ورهيه اڳ به سنڌي زبان ادبي ٻوليءَ جي صورت ۾ سنڌ اندر رائج هئي. عربن جي سنڌ تي قبضي بعد سنڌي ٻوليءَ جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي. عرب دور ۾ سرڪاري تدريس لاءِ مدرسا کليا، ڪيترائي عالم، فاضل سنڌ ۾ آيا ۽ هتان عربستان نيا ويا. جيتوڻيڪ اُن وقت ۾ عربيءَ کي دفتري زبان طور نافذ ڪيو ويو، تڏهن به سنڌي ٻولي پنهنجي قدري صلاحيت سان پنهنجو وجود سلامت رکندي اڃا به همه گير ٿيندي وئي.
هن دور ۾ سنڌيءَ مان عربيءَ ۾، عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ڪيترا ڪتاب الٿو ۽ ترجمو ڪيا ويا. دراصل عربن جي سنڌ ۾ اچڻ وقت ۽ ان کانپوءِ واري دور جو سنڌي ادب ۽ ان دور جا لکيل ڪتاب نٿا ملن. ان لاءِ متضاد رايا موجود آهن. بهرحال سنڌ جي عام ماڻهن پنهنجي مادري ٻوليءَ کي هنئين سان هنڊائي رکيو. وقت گذرڻ سان عربن تي به سنڌيءَ جي مزاج جو گهرو اثر ٿيو ۽ اهي هن ٻوليءَ جي همه گيريت کان مانوس ٿيا.
سومرن جو دور ‘سنڌي ٻوليءَ جي جاڳرتا جو دور’ چيو وڃي ٿو. اسلام جي تعليم ۽ تبليغ، اسماعيلي فرقي جي اشاعت ۽ ڦهلاءَ، لوڪ ادب جي اوسر، نثر توڙي نظم جي سرجاءَ، مسجع ۽ مقفيٰ نثر ۾ اسلامي عقيدن، اصولن ۽ شريعت جي مسئلن، تصوف ۽ ويدانيت جي پرچار ڪرڻ وارن ساهت جا ماخذ جوڙيا. سومرا حڪمرانن سنڌي ٻوليءَ جي محافظ، ڀٽن، ڀانن، چارڻن سگهڙن ۽ ڀڳتن جي درٻار ۾ تمام گهڻي سرپرستي ڪئي.
هن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکت لاءِ جيڪي رسم الخط ڪتب آندا ويا. تن ۾ چاليهه اکري/ ’خواجڪي سنڌي‘ اهم آهي. سنڌي ٻولي سومرن جي دور کان اڳ ئي اسماعيلي داعين ۽ صوفي بزرگن استعمال ڪئي، پر هن دؤر ۾ ٻوليءَ جي اهڙي تعليمات کي سرڪاري هٿي ملي. سنڌيءَ ۾ اسماعيلي مبلغن ۽ پيرن جا گنان ۽ ٻيا درسي ڪتاب لکيا ويا، جن ۾ کوڙن، رياضي، تاريخ، جاگرافي، اسلامي تاريخ، ملڪي تاريخ، اخلاقيات شعر و شاعري وغيره جي موضوعن تي ڪيترن ودوانن جا ڪتاب شامل آهن. انهن مان ڪي ’برٽش ميوزم، لنڊن لائبرريءَ جي انسٽيٽيوٽ آف اسماعيلي اسٽڊيز‘ ۾ موجود آهن. ان ريت سنڌي تخليقي اظهار سان گڏ درس ۽ تدريس جي ٻولي به رهي. ان ۾ هر قسم جو ڪار وهنوار هلندو هو. سرڪار جي درٻار ۾ به ٻوليءَ جو واهپو عروج تي هو ۽ بادشاهن پنهنجي رعيت لاءِ هن ٻوليءَ کي پسند ٿي ڪيو، جو هيءَ ٻولي سندن مادري زبان هئي. لوڪ هنر ۽ لوڪ ادب جي هر پهلوءِ کان ٻوليءَ جي همت افزائي ٿي، اهو ئي سبب آهي ته مضبوط سماجي سرشتي عيوض، جيڪي به عام ماڻهن جي اظهار خيال جا پيش خيما هن دور ۾ اسريا، انهن سمن جي وقت ۾ ڪلاسيڪي معيار حاصل ڪري ورتا.
سما حاڪمن به سنڌي ٻوليءَ جي سرپرستي قائم رکي. جيتوڻيڪ سندن حڪومت جي پوئين دَور ۾ فارسيءَ جي بالادستيءَ سبب سنڌي ٻوليءَ کي نقصان رسيو، تڏهن به هن دَور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پهرين ٻوليءَ وارو درجو حاصل رهيو. هن دَور ۾ اسلامي تعليم جو فروغ رهيو، سرڪاري خرچن سان علمي ادارن جو قيام عمل ۾ آندو ويو. بکر، ٺٽي، سيوهڻ، درٻيلي، ٽلٽي، ٻٻرلوءِ، هالا ڪنڊي، نصرپور، اگھاماڻي ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ادارن اندر سرڪاري طور عالم ۽ اڪابر قرآن شريف، تفسير، حديث سميت ٻين دنياوي علمن جي تعليم ڏيندا هئا. مڪتب قائم ٿيڻ سان سنڌي زبان جي ترقي ٿي. اسحاق آهنگر، مخدوم احمد ڀٽي ۽ ٻين اوائلي سنڌي شاعرن، شاعريءَ جي ميدان ۾ پاڻ موکيو. قاضي قادن، سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو بنياد رکيو. اهڙيءَ ريت سنڌي ٻوليءَ جي واڌري ۽ تدريس لاءِ هن دور ۾ معقول ماحول موجود هو.
سمن حاڪمن جي حڪومت کانپوءِ جيئن ئي ارغونن ۽ ترخانن سنڌ ملڪ کي پنهنجي گرفت ۾ ورتو ته سنڌي ٻوليءَ کي ناقابل تلافي ڇيهو رسيو. ڇاڪاڻ ته دفتري زبان فارسي ٿي، سنڌيءَ ۾ درس وتدريس کي بند ڪري پابنديون هنيون ويون، درٻار جي ٻولي به فارسي ٿي. تڏهن به ڪن سنڌ جي برگزيده عالمن سنڌي ٻوليءَ جي واهپي کي قائم رکيو. شاهه لطف الله قادريءَ ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري پنهنجو ڪلام سنڌيءَ ۾ تخليق ڪيو. هن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي عام واهپي تي بندش باوجود سنڌي ٻولي نسخ ۽ نستعليق رسم الخطن ۾ لکيل ملي ٿي. ڪنهن سرپرستي نه ٿيڻ باوجود به سنڌي ٻولي هن دور مان اڪري پار پئي.
مغلن جي دور ۾ به سنڌي زبان سان لڳ ڀڳ ساڳي روش روا رکي وئي، پر تڏهن به هن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ باقائده تعليم ڏيڻ جو رواج ڪن عالمن وڌو ۽ مغليه دؤر ۾ سنڌي ٻولي تعليمي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ رائج رهي.
ڪلهوڙن جي دور ۾ مخدوم ابو الحسن ٺٽوي، مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ ٻين سنڌي ٻوليءَ ۾ قابل قدر تصنيفون لکيون، صورتخطيون ترتيب ڏنيون، مڪتبن ۾ فارسيءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو رهيو. هن ئي دور ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اڻ ملهه خزانو سانڍيو. جيتوڻيڪ هن دور ۾ به سنڌيءَ تي فارسيءَ جي يلغار هئي، تڏهن به عالمن، اڪابرن ۽ شاعرن سنڌي ٻوليِءَ جي حيثيت مڃائي ورتي. ڀٽائيرح پنهنجي شاعريءَ جي صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ لازوال ورثو ڇڏيو. سنڌي ٻولي نستعليق يا نسخ خط ۾ لکي ويندي هئي. ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ ‘مقدمه الصلواة’ [1700ع] جهڙو ڪتاب خط نسخ ۾ پهريون ڀيرو لکيو ويو. هن ڪتاب لکجڻ سان مڪتبن ۽ مدرسن ۾ باقائده نصاب مقرر ٿيو. سنڌي زبان ٻيهر نصابي حيثيت ورتي، سنڌي ٻوليءَ جي لکت جو اهو نمونو سموريءَ سنڌ ۾ مروج ٿيو. هن دور ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم عبدالله نريي واري ۽ ٻين جون جوڙيل ‘سنڌيون’، ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته سنڌي ٻوليءَ هن دور ۾ خاص رتبو حاصل ڪري ورتو. ڪلهوڙن جي دور ۾ درسي ۽ علمي موضوعن تي ڪيترا ناياب قلمي ڪتاب لکجي عام ٿيا. جهڙوڪ: مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جو ‘مقدمة الصلواة’، ۽
‘چو علمي’؛ مخدوم ضياءُ الدين جو ‘مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي‘؛ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جا ‘وصيت نامه’، ‘ذبح شڪار عرف
راحة المؤمنين’، ‘فرائض الاسلام’ ۽ ‘زاد الفقير’؛ مخدوم عبدالخالق ٺٽويءَ جو ‘مطلوب المؤمنين’؛ مخدوم عبدالله نريي واري جا ‘ڪنزالبصيرت’
(2 جلد)؛ ‘بدرالمنير’، ‘نور البصار’، ‘هفت بهشت’، ‘قمر المنير’، ‘سنگ نامو’؛ مخدوم محمد ابراهيم ڀٽيءَ جو ‘مخدوم محمد ابراهيم جي سنڌي’ وغيره.
ٽالپرن جي وقت ۾ فارسي ٻوليءَ جو زور هو. اعليٰ تعليم لاءِ عربي ۽ فارسي نافذ رهي. هن دور ۾ سنڌيءَ بجاءِ فارسي سرڪاري ٻولي رهي، تڏهن به عالمن ۽ مشائخن سنڌيءَ ۾ لکڻ تي زور ڏنو. قرآن پاڪ جو، عزيز الله مٽيارويءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڪيترو ٻيو علمي، ادبي ذخيرو سنڌي ٻوليءَ ۾ جمع ٿيو.
هن دور ۾ به تعليم نصاب مطابق پهرين ‘نور نامي’ جي تعليم ڏني ويندي هئي. ان کان پوءِ محمد هاشم ٺٽويءَ جي ڪتابن:
فرائض الاسلام، وصيت نامي، ذبح شڪار عرف راحةالمؤمنين، بياض هاشمي، تفسير تبارڪ، تفسير عم، زاد الفقير، تهذيب الصلاح، فتح الڪلام ۽ حيات القواب جي تعليم ڏني ويندي هئي. ان سان گڏ عالم، فاضل، اديب وغيره جي سندن (Degrees) لاءِ سيف الملوڪ، ليليٰ مجنون (نظم جو ڪتاب) حڪايت الصالحين ۽ ڪن مشهور بزرگن جون سوانح عمريون، پيغمبر اسلام حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي حيات مبارڪ تي ٻڌل ڪتاب ‘حبيب سيار’، ‘معراج نامي’ سميت ‘سؤ مسئلا’ ڪتاب پڙهايا ويندا هئا.
ٽالپر اميرن سنڌي ٻوليءَ بجاءِ درٻاري زبان طور فارسيءَ کي بحال رکيو ۽ ان جي سرپرستي ڪئي، تڏهن به سنڌ جي عالمن، اڪابرن، سگھڙن، لوڪ روايتن جي پارکن سنڌي ٻوليءَ جو دامن نه ڇڏيو. سچل سرمست، سامي ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي ۽ سنڌي ٻولي عام ماڻهن جي وچ ۾ رابطي جو مضبوط مرڪزي ذريعو رهي.
انگريز دور ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ قابل قدر فيصلا ورتا ويا. سنڌي زبان کي سرڪاري، علمي، ادبي ۽ ڪورٽ جي استعمال واري ٻوليءَ جو درجو ڏنو. سر جارج ڪلرڪ جي جاري ڪيل حڪمنامي تحت سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي نافذ ڪري، ان جي ترقي ۽ ترويج لاءِ اپاءَ ورتا ويا. تڏهن سنڌ انتظامي طور تي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍيل هئي. 1848ع ۾ بمبئي جي گورنر سر جارج ڪلرڪ هڪ حڪمنامو ڪڍيو ته، “اسان کي ملڪي ٻولي سنڌي” کي دفتري ٻولي بڻائڻ گھرجي، مون کي خبر نه ٿي پوي ته اسان جا روينيو عملدار ۽ عدالتي کاتن جا عملدار فارسي ۽ انگريزيءَ جهڙين غير ملڪي ٻولين ذريعي ڪيئن ڪاميابيءَ سان ڪم ڪندا هوندا. انهيءَ سلسلي ۾ سڀني سول ڪامورن کي ارڙهن مهينن جو مدو ڏنو وڃي، جنهن ۾ هو سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان پاس ڪن. اهڙن ڪامورن کي ليفٽيننٽ جارج اسٽئڪ جي ڊڪشنري وڏي مدد ڏئي سگھي ٿي، جنهن جي ڇپائڻ جي هن کي اجازت ڏني وڃي.” ۽ اها ڊڪشنري خود بمبئي گورنمينٽ پنهنجي خرچ تي شايع ڪرائي هئي.
اهڙيءَ ريت انگريز سرڪار سنڌي ٻوليءَ لاءِ تعليمي پاليسي ۽ جامع رٿا تيار ڪئي ۽ هيٺيون خاص ڳالهيون عمل هيٺ آيون:
(1) سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ منتخب رسم الخط مقرر ڪئي وئي.
(2) مادري ٻولي سنڌي ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ حڪم نامو جاري ٿيو.
(3) سرڪاري دفترن ۾ سنڌي ٻولي رائج ٿي.
(4) سرڪاري آفيسرن لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ لازمي ڪئي وئي
(5) سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ سميت مترجمن لاءِ انعام رکيا ويا.
(6) سنڌ ۾ تعليم کاتو قائم ٿيو، اسڪولن ۾ نصاب لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکڻ شروع ٿيا.
(7) تعليم کاتي ۾ ترجمو سيل (Translation Cell) قائم ٿيو.
(8) سنڌي زبان جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي.
(9) سنڌي ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ ڇاپخانا قائم ڪيا ويا.
(10) سنڌي زبان جو ويا ڪرڻ (Grammar) ۽ لغتون (Dictionaries) لکرايون ويون.
(11) سنڌي زبان ۾ سرڪار طرفان اخبارن جو اجراءُ ٿيو.
(12) سرڪاري اشتهار ناما، سرڪيولر، پڌرناما، نوٽيس، سڀ سنڌيءَ ۾ جاري ڪيا ويا.
29 آگسٽ 1857ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي هڪ حڪمنامي سان سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري ٻوليءَ جو درجو ڏئي سرڪاري لکپڙهه لاءِ لازمي قرار ڏنو ويو ۽ سنڌي پهريون ڀيرو سرڪاري سرپرستي حاصل ڪري جائز ترقيءَ طرف قدم کنيا. سنڌي ٻوليءَ جو ساهت هڪ ڀيرو ٻيهر تخليق ٿيو ۽ ٻوليءَ جي اوسر لاءِ اهم سبب بڻجي پيو. ڇاپخانا/ پريسون کليون، اخبارن، رسالن جي اجراءُ ٿيو، ڪتابن جي اشاعت شروع ٿي. ڪتابن تي اعليٰ انعام ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. تحقيق ڪندڙن جي همت افزائي ڪئي وئي. پرڏيهي ادب کي سنڌيءَ ۾ الٿائڻ ۽ ترجمي ڪرڻ جون اسڪيمون تيار ڪري عالمن کي همٿايو ويو. انگريزي، فرينچ، جرمن، روسي، عربي، فارسي، ترڪي، هندي، بنگالي، سنسڪرت، گجراتي ۽ اردو ٻولين جي ادب مان خاص ترجما ٿيا. مذهبي ڪتابن: قرآن شريف، توريت، انجيل، زبور وغيره جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو. سنڌي لغتون تيار ڪيون ويون. شاهه لطيف جي ڪلام تي به قابل قدر ڪم ٿيو.
ٽالسٽاءِ، رومي، ڪاليداس، ٽئگور، حافظ شيرازي، خليل جبران، شيخ سعدي. عمر خيام، وليم شيڪسپيئر، بيڪن، ميڪاولي،
والٽر اسڪاٽ، ڪانن ڊائل، ڪارلائل، ابسن، شري ڪرشن، شري رامچندر، گوتم ٻڌ، گرونانڪ، ڀڳت ڪبير، ميرا ٻائي، ابن خلدون، بو علي سينا، امام غزالي ۽ ٻين اهم اديبن بزرگن ۽ مذهبي ماڻهن جون تصنيفون سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيون. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، جارج شرٽ، منشي اڌارام ٿانورداس، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، آخوند عبدالرحيم وفا، مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙيمل، هوتچند مولچند گربخشاڻي، پرمانند ميوارام ۽ ٻين دنيا جو بهترين ادب ترجمو ڪيو. طبعزاد ادب لکيو. اهڙيءَ ريت انگريزن جو دور سنڌي ٻوليءَ لاءِ هر طرح سان وڏي وٿ ثابت ٿيو. سنڌيءَ کي درس تدريس ۽ دفتري لکپڙهه جي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو. نصاب تيار ڪرايو ويو.
ورهاڱي کانپوءِ واري زماني تائين سنڌي ٻولي هر طرح سان بين الاقوامي سطح جي ترقي يافته ٻولين جي سٿ ۾ پهچي چڪي هئي. ورهاڱي کانپوءِ سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ڪري ادبي ۽ علمي ميدانن ۾ خال ضرور پيدا ٿيو، جنهن کي ڪجھه عرصي بعد سنڌ جي نامور عالمن ۽ اديبن ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. هندستان لڏي ويندڙ پڙهيل طبقي هندستان ۾ تڪليف واري دور مان گذرندي نه رڳو پاڻ کي معاشي طور سگهارو ڪيو، پر سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي بچايو. سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ڇاپخانا کوليا، ادبي انجمنون قائم ڪيون. هر موضوع تي ڪتاب ڇاپيا ۽ سنڌي ٻوليءَ کي اتي ‘قومي ٻوليءَ جو درجو’ ڏياريو. انهن عالمن ۽ اديبن ۾ لوڪناٿ جيٽلي، کيئلداس فاني، ليکراج ڪشنچند عزيز، حشو ڪيولراماڻي، هرو مل سدارنگاڻي، هري دلگير، ڪي ايس ٻالاڻي، نارائڻ شيام، گوبند مالهي، ايشور ’آنچل‘، ڪرشن راهي، موتي پرڪاش، سڳن آهوجا، پرسرام ضيا، اتم، هريڪانت، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، رام پنجواڻي، ڊي. ڪي منشاراماڻي، پوپٽي هيراننداڻي، لڇمڻ ڪومل، پرم ابيچنداڻي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، هري همٿاڻي، هيم ناگواڻي، جيون گرسهاڻي، بولچند لاجپال، آنند کيماڻي، شيام ڀاڳيا، سترام همدرد، هيرَي ٺڪر، مرليڌر جيٽلي ۽ ٻين ڪيترن اديبن هندستان جي مختلف شهرن، بمبئي، پُوني، مدراس، الهاس نگر، ڪلڪتي، لکنؤ، احمدآباد، جئپور، اورنگ آباد، حيدرآباد دکن، جوڌپور، اجمير، جيسلمير ۽ دهلي وغيره ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تدريس ۽ ادبي ترقي لاءِ پتوڙيو، سماجي سرگرميون وڌايون ۽ پنهنجي نئين ٽهيءَ تائين سنڌي ٻولي منتقل ڪري سنڌيءَ کي هِنئين سان هنڊايو ۽ اڄ به هندستان ۾ ‘سنڌي ساهتيه مالا’، ‘گجرات سنڌي اڪيڊمي’، ‘وينا پبليڪيشن’، ‘سنڌي اڪيڊمي دهلي’، ‘مهاراشٽر سنڌي اڪيڊمي’، ‘سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا’، ‘انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي’ جهڙيون ڪيتريون انجمون ڪم ڪن پيون ۽ سنڌي ٻولي کي هندستان جي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ ۾ پڻ انهن ودوان عالمن ۽ انجمنن جو اهم ڪردار آهي.
پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي ٻوليءَ جيڪا ترقي ڪئي آهي ۽ اڄ ان ۾ سڌريل ٻولين جي معيار وارو هر موضوع تي مواد موجود آهي ته ان ۾ عالمن ۽ اديبن ئي سنڌي ٻوليءَ کي اهو اوج ڏنو آهي.
ورهاڱي کانپوءِ جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي، ادب، نصاب، سماجيات ۽ مختلف علمن جي ميدان ۾گھڻي ترقي ڪري چڪي آهي، تڏهن به مخصوص رياستي پاليسين هيٺ پاڪستان ۾ ٻين ٻولين سميت سنڌيءَ کي جائز مقام نه ڏنو ويو آهي ۽ اردوءَ کي زوريءَ ٿاڦي، سنڌيءَ سميت خطي جي ٻين ٻولين: بنگالي، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سرائيڪيءَ تي فوقيت ڏني وئي. سنڌي ٻوليءَ جي علمي، ادبي ۽ قديم تهذيبي حيثيت کان انڪار ڪندي، ون يونٽ دوران انگريزن پاران سنڌي ٻوليءَ متعلق ورتل اڳڀراين، جوڙيل قانون، مليل تحفظ کي ختم ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ اديبن، عالمن ۽ دانشورن کي جيلن ۾ اماڻيو ويو. ان ماجرا سنڌ ۽ بنگال اندر ٻوليءَ جي تحريڪ کي وجود ڏنو. هن دؤر ۾ ‘سنڌي زبان سوسائٽيءَ’ جو قيام عمل ۾ آندو ويو. سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ لکين ماڻهن اڳوڻي صدر ايوب خان کي پوسٽ ڪارڊ موڪليا. اڳوڻي وزير ذوالفقار علي ڀُٽي جي مشاورت سان سنڌي لئنگئيج سوسائٽيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي مسئلن بابت صدر ايوب خان کي تاريخي ميمورنڊم موڪليو. نيٺ مجبور ٿي 1962ع ۾ صدر ايوب خان سنڌيءَ کي سنڌ ۾ تدريسي ٻوليءَ طور بحال ڪيو. 1967ع ۾ 4 مارچ تي حيدرآباد ۾ ڄام شوري روڊ (موجوده راجپوتانه اسپتال وٽ) تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن تي سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت بحال ڪرڻ لاءِ آواز اٿارڻ تي لٺبازي ڪئي وئي ۽ شاگردن کي زخمي ڪيو ويو ۽ 207 شاگردن کي گرفتار ڪري جيل ۾ بند ڪيو ويو. ڪتابن، پريسن ۽ آزادانه راءِ تي پابنديون پيون. ان تناظر ۾ ٻوليءَ ۾ مزاحمتي ادب به تخليق ٿيڻ لڳو ۽ سنڌ جي هر طبقي سان واسطيدار ماڻهن سنڌي ٻوليءَ جي جائز مقام لاءِ تحريڪ ۾ حصو ورتو.
1972ع ۾ سنڌ جـي عالمن، اديبن، سياسي ڪارڪنن جي ڪوششن رنگ لاتو. پيپلز پارٽيءَ جي صوبائي حڪومت سنڌ اسيمبليءَ ۾ 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌي ٻولي ائڪٽ پاس ڪيو، جنهن هيٺ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ اندر انگريز دؤر واري ساڳي حيثيت ڏني وئي. ستت ئي ڪن متعصب اردودان اديبن ۽ ڪٽر نسلي سوچ وارن حلقن ان ائڪٽ کي اردوءَ جي جنازي ڪڍڻ سان تعبير ڪيو ۽ اعتراضي جلوس، جلسا ڪڍيا، جنهنڪري سنڌ ۾ پهريون ڀيرو لساني جهيڙا ٿيا. اڳتي هلي ملڪ جي ان وقت جي وزيراعظم (شهيد) ذوالفقار علي ڀُٽي سنڌي ۽ اردودان اڳواڻن تي مشتمل ٻولي مامري بابت هڪ ڪميٽي ٺاهي، جنهن ۾ جي ايم سيد، شيخ اياز، قاضي فيض محمد ۽ ٻين کي شامل ڪيو ويو. ان ڪميٽيءَ مان جي ايم سيد اهڙي مذاڪراتي ٽيم کي رد ڪندي اعلان ڪيو ته “سنڌي ٻوليءَ بابت 1972ع ۾ سنڌ جي چونڊيل اسيمبليءَ پاران ڪيل فيصلي ۾ ترميم جو حق ڪنهن به اڻ چونڊيل شخص يا ڪميٽيءَ کي ناهي. جيتوڻيڪ اهو بل به اڻپورو آهي، پر ان ۾ تبديلي تاريخي هٿ چراند ٿيندي، ان ڪري آءٌ پنهنجو احتجاج تاريخ آڏو رکندي، ڪميٽيءَ ۾ شامل نه ٿيڻ جو اعلان ڪريان ٿو.” 1973ع جي آئين ۾ صوبن کي مقامي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ قانوني اپاءَ وٺڻ جو حق ڏنو ويو. (وڌيڪ ڏسو: سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ هلچل)
جولاءِ 1972ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم پاڪستان، قومي اسيمبليءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌين بابت هڪ تاريخي تقرير ڪري سنڌ ۽ سنڌين جي اهميت جو ذڪر ڪيو. اهڙين حالتن ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي اديبن سنڌي ٻوليءَ کي موضوعاتي توڙي هر حوالي کان ادبي ۽ علمي طور شاهوڪار ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون. ادب، تاريخ ۽ شاعريءَ سميت زراعت، اقتصاديات، علم طبعيات، علم ڪيميا، ارضيات، علم اللسان جي فني اصطلاحن تي ڪم ڪيو، ڪتاب لکيا. نتيجي طور سنڌي ٻولي علمي، سائنسي، ادبي مواد جي ذخيري سان مالامال ٿيندي وئي ۽ هن وقت باڪمال ٻولين جي سٿ ۾ بيهارڻ جهڙي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل جي ڳولا لاءِ سنڌ جي محققن سميت يورپ، آمريڪا، روس، جرمني، جاپان، هندستان، برطانيا وغيره جي عالمن تحقيقون ڪيون آهن. بهرحال سنڌي ٻولي علمي ۽ ادبي لحاظ کان پنهنجو اعليٰ مقام حاصل ڪري چڪي آهي. تڏهن به سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري طور آئيني مقام ۽ ‘سنڌ جي قومي ٻولي’ وارو درجو نه ملڻ سبب اڪيچار دشواريون ۽ خطرا لاحق آهن. باقي سنڌي ٻولي هن وقت تعليم، تدريس، علم، ادب، نشر و اشاعت، پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي عام واهپي جي ٻولي بڻجي چڪي آهي، جنهن کي پنهنجو بي بها لغوي خزانو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ‘سنڌي لئنگئيج اٿارٽي’ 1991ع کان مسلسل ڪم ڪري رهي آهي. هن اداري اڪيچار موضوعن تي ڊائريڪٽريون، لغتون ۽ ٻيا تحقيقي ڪتاب شايع ڪرڻ گڏ گذريل چئن سالن کان ‘انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا’ جا نوَ (9) جلد شايع ڪرايا آهن، دفتري لغت کان سواءِ مختلف موضوعن ۽ سنڌي انگريزي وغيره جون ويهارون لغتون، ‘مفصل سنڌي لغت’ جا ٻه جلد، ٻوليءَ بابت تحقيقي ڪتاب، ٻارن جو ادب ۽ سائنسي ادب شايع ڪرايو آهي. ان کان سواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ادب ۽ لسانيات جا موضوع پڙهايا وڃن ٿا، جتي تحقيقي مرڪز ۽ چيئرون: علامه آءِ آءِ قاضي چيئر، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ چيئر،
ايم ايڇ پنهور چيئر وغيره به پنهنجون تحقيقي خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ساڳئي طرز تي سنڌي شعبو ۽
شاهه لطيف چيئر ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ به سنڌي شعبو، سچل چيئر، شيخ اياز چيئر ۽ سورهيه بادشاهه چيئر قائم آهن. ان کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، ڄامشوري سميت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، وفاقي اردو يونيورسٽي پڻ هن زمري ۾ ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ ميوزم حيدآباد به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته هن حوالي سان سنڌ اندر ڪم ڪندڙ اڪيچار خانگي اشاعتي ادارن جو به ساراهه جوڳو ڪردار رهندو آيو آهي.
هندستان ۾ سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي. دهلي يونيورسٽي ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ سميت ڪيترين ئي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ سنڌيءَ جا شعبا قائم آهن، جتي ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون سندون به ڏنيون وڃن ٿيون. سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ هندستان ۾ به قدر لائق ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ڪيترائي ٻوليءَ جا ادبي ۽ تحقيقي مخزنون ۽ رسالا نڪرن ٿا.
جديد دور جي تقاضائن موجب سنڌي ٻولي هن وقت ڪمپيوٽر جي استعمال جي زبان به آهي. ماضي قريب ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ماهر ماجد ڀرڳڙي ۽ سندس ٽيم جي ساٿين سنڌي ٻوليءَ کي Cyber لئنگئيج بنائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ان کان سواءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ‘عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف سنڌي ڪمپيوٽنگ’ [جي محنتي ڪارڪن- فياض ٻرڙي] ۽ ٻين ادارن ۽ فردن قابل داد ڪم ڪيو آهي ۽ لاتعداد سنڌي ڪمپوزنگ فانٽس ايجاد ڪري، ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ نواڻ آندي آهي. جيتوڻيڪ اسان جي ڏيهي ٻوليءَ جي وسيع پئماني تي ٿيندڙ ترقي سڀاويڪ آهي، تڏهن به سائنس جي موضوع سميت جديد لساني تقاضائن تي پوري لهندڙ لسانياتي علم جي کوجنا جي اڃا به گهڻي ضرورت آهي. صنعتي شين جي واهپي عيوض انگريزيءَ جي يلغار، غير فعال تعليمي سرشتي ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪنهن به سرڪاري رتبي جي متعين نه هئڻ سبب ٻوليءَ کي خطرا لاحق آهن. انهن خطرن ۾ ٻوليءَ جي نج پڻي ختم ٿيڻ، ثقافتي مزاج بگڙجڻ، لغوي ذخيري جي واڌاري نه ٿيڻ سميت ٻوليءَ جي واهپي گھٽجي وڃڻ واري صورتحال جهڙا خطرا درپيش آهن. سنڌيءَ کي سرڪاري رتبو نه ملڻ سبب مادري ٻولي هئڻ واري فطري حق کي تمام وڏو نقصان پهتو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو