
سنڌي ٽپڻو
سنڌي ٽپڻو: هي سنڌي ڪئلينڊر آهي، جنهن کي ’تٿ پتريڪا‘ بہ چون، جنهن ۾ سنڌي هندن جا خاص ڏڻ ۽ تٿ ڏنل آهن ۽ هر مهيني چنڊ جي تاريخن موجب اهم موقعن جي ڳولا ڪري سگهبي آهي، جن ۾ سنتن جا جنم ڏينهن ۽ ورسيون بہ آهن. هن سنڌي ٽپڻي مان ساڳئي وقت انگريزي ڪئلينڊر ۽ انهن جون متبادل تاريخون بہ ڏسي سگهجن ٿيون. هن ڪئلينڊر ذريعي انهن ڏينهن جي خبر بہ پوندي آهي، جن تي روزا/ ورت رکڻا هوندا آهن ۽ اهو بہ معلوم ٿيندو آهي تہ ڪهڙن ڏينهن تي ماس مڇي کائڻ جي منع هوندي آهي. (وڌيڪ ڏسو: ٽپڻو، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو، ص: 447)