سنڌي پسون ۽ پکي پرڏيهه ۾

سنڌي پسون ۽ پکي پرڏيهه ۾ (Sindhi Cattle & Birds in Foreign): سنڌ جي چراگاهي دور جي ترقيءَ سبب سنڌي نسل جي جانورن جي هاڪ دنيا ۾ ٿي. ڪنهن دور ۾ سنڌ جي مال جو وڏو کاپو وچ اوڀر ۾ ٿيندو هو.
سنڌ جي ٻن ٿوهن وارن اٺن جو ڏيساورن ۾ ايترو ته کاپو ٿيو، جو انهن جو نسل سنڌ مان مرڳو ئي ختم ٿي ويو. هيروڊوٽس (450 ق. م) پهريون تاريخدان هو، جنهن سنڌ جي ٻن ٿوهن وارن اُٺن جو ذڪر ڪيو آهي. اُن کانپوءِ عرب سياحن به سنڌ جي ٻن ٿوهن وارن اُٺن جو ذڪر ڪيو آهي. بشاري (375 هه) لکي ٿو ته، ”فارس ۽ بلخ تائين سنڌ جي ٻن ٿوهن وارن اُٺن جو نسل رائج ٿيو، جنهن کي سنڌي پالهه ۽ عربي فالج سڏيندا آهن.“
سنڌ ۾ انيڪ زمانن تائين، گهرو ۽ تاتيل جانورن جي هرهڪ جنس جا ڪي نمونا جهنگلي نموني ۾ به لڌا ويندا هئا. جهڙوڪ ڪارونجهر کان هيٺ ڪڇ واري قديم سنڌ جي ماڳ ۾ هزارين ٽولن جي صورت ۾ جهنگلي خر (گڏهه) گهمندا ۽ چرندا وتندا هئا. يا سنڌوءَ جي منڍ واري ماٿري ٿٻيٽ ۾ ’مارڪوپولو‘ نالي جهنگلي رڍون جبلن تي پيون چرنديون هيون.
ارغونن ۽ ترخانن جي دور تائين سنڌ ۾ جهنگلي اٺ به هوندا هئا، جڏهن همايون، شير شاهه سوريءَ پاران هندستان تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ دربدر ٿي سنڌ پهتو هو، ان دور ۾ شاهه حسن ارغون همايون کي هڪ هزار اٺ ڏنا هئا، جن مان 100 جهنگلي اٺ جهنگ منهن ڪري سامان سوڌو گم ٿي ويا هئا. جن جهنگلي جانورن مان کير، گوشت، ڏڌ ۽ مکڻ حاصل ٿي سگهي ٿو، تن کي قديم سنڌي لوڪن ڌڻن جي صورت ۾ پاليو ۽ انهن جي واڌويجهه ڪئي. نه رڳو ايترو، پر ان نسل کي چاريندي هڪ جوءَ کان ٻي جوءَ، هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ وڃي نڪتا.
ڊاڪٽر سرفراز ڀٽي پنهنجي مقالي ’بدين ضلعي جون ٻه مشهور قومون‘ (جت ۽ ملاح) ۾ لکي ٿو ته، ”سنڌ جا بهادر جت عرب ۾ مختلف وسيلن سان پهتا، انهن مان ڪجهه بصري کان عمان ۽ بحرين تائين وارن سامونڊي ساحلي علائقن ۾ آباد ٿي، رڍون، ٻڪريون ۽ اٺ پاليندا هئا.
هو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”انهن جتن مان گهڻائي ايراني شهنشاهن جي فوج ۾ سپاهه جي هئي، جيڪي ايران ۽ عرب ۾ رهندا هئا، سندن مرڪز ابلا (البصره) ۽ ڏکڻ يمن پهتو، جتي هنن جا وڏا وڏا شهر پڻ آباد هئا، جن مان ’سوق‘ نالي شهر به آباد آهي، جنهن کي ’زُطيه‘ به سڏيو ويندو هو.“
اهي سنڌي جت ئي هئا، جيڪي پهريون ڀيرو مينهُن جو نسل شام ملڪ ڏانهن وٺي ويا، جن کي ڏسي شام وارا اچرج ۾ پئجي ويا، ڇو ته شام واسين ان کان اڳ اهڙو کير ڏيندڙ جانور نه ڏٺو هو.
وچ اوڀر جي ملڪن ۾ چوپائي مال سان گڏ سنڌ جي پکين جهڙوڪ: سنڌ جي مورن جي گهرج جو ذڪر ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي هڪ مقالي ’سنڌ ۾ جهازرانيءَ‘ ۾ پڻ ڪيو آهي، اُهي مور اتي پهچي پنهنجو ساڳيو رنگ روپ قائم نه رکي سگهيا. سنڌي اصيل ڪڪڙ عرب ۽ وچ اوڀر ۾ ڏاڍا پسند ڪيا ويندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو