
مسيح الاوليا شيخ عيسيٰ سنڌي جي مزار سنڌي پوره انڊيا
سنڌي پوره برهانپور: برهانپور، مڌياپرديش (هندستان) جو شهر، جيڪو 11- 18 عرض البلد اتر ۽ 76- 12 طول البلد اوڀر، تاپتي نديءَ جي اتر ۾ واقع آهي. 1141ھہ/ 1728ع ۾ نظام الملڪ آصف جاھہ اول درياهي پاسو ڇڏي ٻين طرفن کان هڪ فصيل (شھر پناھہ) ڏياري ڇڏي. ان شھر جو نالو هڪ بزرگ برهان الدين غريب جي نالي پٺيان رکيو ويو. شيخ عيسيٰ پاٽ شھر ڇڏي تقريباً محرم 998ھہ/ سيپٽمبر 1590ع ۾ برهانپورا اچي مقيم ٿيو، ان کانپوءِ ڪيترائي عالم ۽ صوفي سنڌ مان وڃي برهانپور ۾ شيخ عيسيٰ جي صحبت ۾ مستفيض ٿيا، بلڪ ڪجهہ واپارين سندس ذات سبب برهانپور سان تجارتي رابطا قائم ڪيا، جن جي شيخ عيسيٰ پرگهور لهندو هو، اتي سنڌ مان ٻين جي اچي آباد ٿيڻ سبب ان علائقي جو نالو ئي ’سنڌي پوره‘ پئجي ويو. اتي نہ صرف صوفي ۽ عالم وڏي تعداد ۾ وڃي آباد ٿيا بلڪ ڪاروباري طبقو بہ ڪافي تعداد ۾ سنڌي پوره ۾ وڃي آباد ٿيو.
شيخ عيسيٰ جو سنڌي پوره ۾ علمي ادبي ۽ راڳ جي محفلن جو ذڪر ملي ٿو. ’گلزار ابرار‘ جو مصنف لکي ٿو ته، ”شيخ عيسيٰ لاڏجيو حسن صورت ۽ حسن سيرت سان گڏ خوش گلوئي (خوبصورت ۽ سريلي آواز) جي نعمت سان بہ مالامال هو. نغمه سنجيءِ نغمه نوازي سندس رات ڏينهن جو شعار هو. سنڌي ڪافيون اهڙي درد ۽ سوز ۾ پڙهندو هو، جو نہ رڳو پاڻ مست ٿي ويندو هو، بلڪ ٻڌندڙ بہ محو ٿي ويندا هئا.“
انهن محفلن سنڌي پوره ۾ اهڙو تہ رنگ ڄمايو، جو نہ رڳو برهانپور بلڪ آسپاس جا غير سنڌي رهاڪو بہ سنڌي ڪافيون ٻڌڻ لاءِ ڇڪجي ايندا هئا. سنڌي پوره ۾ ڪافيءَ جون محفلون رچائيندڙ پاٽ جو رهاڪو شيخ لاڏجيو برهانپور ۾ 1007ھہ/ 1598ع ۾ وفات ڪئي.
شيخ عيسيٰ جو پنھنجي وطن سان مسلسل رابطو هجڻ ڪري سنڌ مان ڪيترائي سندس حياتيءَ ۾ وقفي وقفي سان سنڌي پوره ۾ اچي آباد ٿيندا رهيا. سندس خانقاھہ سنڌي عالمن، صوفين، شاعرن ۽ سوداگرن جو مرڪز بڻجي چڪي هئي. سنڌي پوره ۾ شيخ عيسيٰ جي پيروي ڪندڙن ۾ شيخ طيب بن مخدوم هارون، قاضي عبدالسلام سنڌي، شيخ ابراهيم ڪلهوڙو، شيخ وهبان سنڌي، بن عمر سنڌي'>شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي، مولانا شيخ مبارڪ سنڌي، شيخ موسيٰ بوبڪائي، شطاري سنڌي'>شيخ ابراهيم قاري شطاري سنڌي، سيد ابراهيم بکري، حڪيم عثمان بوبڪائي، شيخ اسحاق قلندر سنڌي، شيخ صالح سنڌي، شيخ بابو ۽ ملا محب علي سنڌي شامل آهن. شيخ عيسيٰ جي خليفن ۾ نصيرالدين سنڌي، شيخ برهان الدين، شيخ محمد سنڌي، شيخ اسماعيل فرحي منتري، حضرت پير سيري، خواجہ علي، شيخ صدر جهان، شيخ عبدالقدوس سنڌي، ملا عبدالعزيز لاهوري، عبدالرحيم ميلادخوان ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. سيد بلي شاھہ جو سلسله تصوف پڻ شطاري سلسلي ۾ حضرت مسيح الاوليا شيخ عيسيٰ سنڌيءَ سان ملي ٿو.
عبدالرحيم خان خانان پڻ انهيءَ خانقاھہ جو معتقد هو. سنڌي پوره جي انهيءَ خانقاھہ جو تعلق اڄ بہ پاٽ جي بزرگن سان آهي، جيئن مخدوم سليم ﷲ صديقي پاٽائيءَ کي ڪتاب وغيرہ موڪليندا رهن ٿا.