سنڌي ڊرئميٽڪ سوسائٽي

سنڌي ڊرئميٽڪ سوسائٽي: هي ڊرئميٽڪ سوسائٽي، سنڌي ثقافت توڙي سنگيت جي ڄاتل سڃاتل شخصيت عنايت عباسيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ 1968ع ۾ قائم ٿي. هن سوسائٽيءَ پنهنجن نـاٽـڪـن جـي پيـشـڪـش کي موسيقيءَ سان سينگاري تمام گهڻو مقبول ۽ ڪامياب بڻايو. هن سوسائٽيءَ جو مکيہ ليکڪ ۽ هدايتڪار عنايت عباسـي هو. جنهن جو مشھور مزاحيہ ناٽڪ ’هـوشـيار ٺـڳ‘ انـوکو ناٽڪ هو، جيڪو تمام گهڻو ڪامياب ويو. هن ڊرامي ۾ نجمه شاهين، پرويز اختر، عباسي'>عنايت عباسي، غلام علي ۽ نذير ميمڻ اهم اداڪار هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو