سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت

سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت

سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت

سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت (ڪتاب): سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن: قاضي قادن کان شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري، لطف قادريءَ، شاھہ عنات رضوي، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، خواجہ محمد زمان، ڀائي چين راءِ سامي، سچل سرمست، عبدالرحيم گرهوڙي ۽ خليفي نبي بخش وغيرہ جي ڪلام ۾ موجود قديم ڏکين، متروڪ ۽ مستعار لفظن ۽ اصطلاحن جي معنائن تي مشتمل هيءَ لغت ڊاڪٽر فھميدہ حسين ۽ نگرانيءَ ۾ تيار ٿي آهي، جنهن جا مرتب ۽ محقق ڪمال ڄامڙو، طارق عزيز شيخ، انب گوپانگ، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، عبدالعزيز خاصخيلي، شاهدھہ دوست محمد، ياسر قاضي ۽ نصرالله ناصر آهن. هن لغت جي ايڊيٽنگ پڻ ڊاڪٽر فھميدہ حسين ڪئي آهي ۽ شيخ محمد اسماعيل سموري مواد جي نظرثاني ڪئي آهي. هيءَ لغت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران 2004ع ۾ شايع ٿي. ڊبل ڊيمي سائيز جي 472 صفحن تي مشتمل هن لغت جي قيمت 450 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو