سنڌي ڪلچر

سنڌي ڪلچر

سنڌي ڪلچر

سنڌي ڪلچر

سنڌي ڪلچر

سنڌي ڪلچر

سنڌي ڪلچر

سنڌي ڪلچر

سنڌي ڪلچر

سنڌي ڪلچر

سنڌي ڪلچر

سنڌي ڪلچر: ’ڪلچر‘ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ’پرورش ڪرڻ‘ ۽ ’کيڙڻ‘ ۽ ان جو مقصد سڌارڻ ۽ سٺو بنائڻ بہ آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي تہ ڪلچر معنيٰ کيڙڻ ۽ سڌارڻ، پر ڪلچر جي سادن ۽ سليس اکرن ۾ معنيٰ آهي تہ ”زندگي گذارڻ جو طريقو“. ڪلچر جي تشڪيل ۾ ٻہ شيون تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون: هڪ ٻولي ۽ ٻيو مذهب. سائين جي. ايم. سيد پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ڪلچر‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”ڪلچر لاءِ ثقافت، تھذيب ۽ سڀيتا جي لفظن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، پر جيتري قدر مون کوجنا ڪئي آهي، اهي لفظ ڪلچر جو نعم البدل ٿي نٿا سگهن. لغتن ۾ ثقافت جي معنيٰ عقل وڌائڻ سان ڪئي وئي آهي، جنهن جو تعلق صرف ذهني ڳالهين سان ٿيندو، تھذيب جو واسطو ظاهري ۽ نفسياتي آراستگيءَ سان رهي ٿو. سڀيتا مان ڪم و بيش تھذيب ۽ تمدن جي معنيٰ نڪري ٿي. منهنجي سمجهہ ۾ ڪلچر جو لفظ وڌيڪ جامع آهي، تنهنڪري ان کي وڌيڪ بحال رکيو اٿم، جنهن مان ثقافت، تھذيب ۽ تمدن ٽنهي جو مطلب نڪري سگهي ٿو.“ڪلچر جي معنيٰ بيان ٿي چڪي آهي ۽ هن جي اصطلاحي معنيٰ ’انسان جي زندگي گذارڻ جو طريقو“ آهي. جيئن تہ انسان جو تعلق انهيءَ زمين سان آهي جتي هو رهي ٿو، تنهنڪري انهي زمين جي ساخت، آبهوا، آبادي، جنگلي جيوت، وڻ ٽڻ، ريتون رسمون ۽ گهر گهاٽ سندس زندگيءَ تي اثر انداز ٿين ٿا. ڪلچر ۾ ذهني ترقي، آداب و اخلاق، تھذيب و تمدن اچن ٿا ۽ ڪلچر ماحول ۽ ضرورت هيٺ جنم وٺي ٿو. انهيءَ لحاظ کان ڪلچر هر شخص جي ضرورت آهي ۽ هر شخص ڪلچر ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. موجودہ دؤر جي محققن ڪلچر جي دائري ۾ تهذيب، تمدن، مذهب، فلسفي، ڪاريگرين (Skills)، آرٽ (فنون لطيفہ)، ٻوليءَ، رهڻي ڪهڻيءَ ۽ معاشرت کي بہ شامل ڪري ڇڏيو آهي ۽ تھذيب ۾ هر قسم جو ٽيڪنيڪي علم پڻ شامل آهي. ڪلچر جي ترقيءَ ۾ تھذيب اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ڪلچر تھذيب يافتہ توڙي غير تھذيب يافتہ ٿي سگهي ٿو. ڪلچر قومن جي عروج ۽ زوال ۾ پڻ وڏو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڊاڪٽر جميل جالبي پنھنجي ڪتاب ’پاڪستاني ڪلچر‘ ۾ لکي ٿو ته، ”ڪلچر جي سلسلي ۾ ٻہ لفظ استعمال ٿيندا رهيا آهن، انهن مان هڪ لفظ ’تھذيب‘ اهي ۽ ٻيو لفظ ’ثقافت‘ آهي. تھذيب جو لفظ صدين کان نہ صرف اسان جي ٻوليءَ ۾ بلڪ عربي ۽ فارسيءَ ۾ پڻ مروج آهي. عربي ٻوليءَ ۾ لفظ تھذيب جي معنيٰ آهي درخت پوکڻ، ڪٽڻ ۽ ان جي اصطلاح ڪرڻ. تھذيب لفظ مجازي معنيٰ ۾ شائستگيءَ طور استعمال ٿئي ٿو، جنهن ۾ خوش اخلاقي، طور طريقا، گفتار ۽ ڪردار جي شائستگي شامل آهي، ٻيو لفظ ’ثقافت‘ آهي. ’لسان العرب‘ ۾ هن جي معنيٰ ٻڌايل آهي تہ علوم و فنون و ادبيات تي قدرت و مهارت، ڪنهن شيءِ کي تيزيءَ سان سمجهڻ ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ، سڌو ڪرڻ، گويا لفظ ’ثقافت‘ انهن شين سان تعلق رکي ٿو، جن جو تعلق اسان جي ذهن سان آهي. هاڻي واضح ٿيو تہ لفظ ’تھذيب‘ جو زور خارجي شين ۽ طرز عمل جي ان اظهار تي آهي، جنهن ۾ خوش اخلاقي، طور طريقا، گفتار ۽ ڪردار شامل آهن ۽ لفظ ’ثقافت‘ جو زور ذهني صفتن تي آهي، جن ۾ علوم و فنون ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۽ ترقي ڏيڻ جون صفتون شامل آهن، مون لفظ تھذيب ۽ ثقافت جي معنائن کي يڪجا ڪري انهن لاءِ هڪ ئي لفظ ’ڪلچر‘ استعمال ڪيو آهي.“سبط حسن پنھنجي ڪتاب ’پاڪستان ۾ تھذيب کا ارتقا‘ ۾ ڪلچر بابت لکي ٿو ته، ”ڪنهن معاشري جي بامقصد تخليقن ۽ سماجي قدرن جي نظام کي تھذيب چئجي ٿو. تھذيب مـعـاشــري جـي طرز زندگي ۽ طرز فڪر و احساس جو جوهر ٿئي ٿي، انهي ڪري زبان، آلات و اوزار، پيداوار جا طريقا، سماجي رشتا، رهڻي ڪهڻي، فنون لطيفه، علم و ادب، فلسفو، حڪمت، عقيدا، اخلاقي قدر، عادتون، قصا، رسمون ۽ روايتون، عشق و محبت ۽ خانداني تعلقات وغيرہ تھذيب جي دائري ۾ اچن ٿا.انگريزي زبان ۾ تھذيب لاءِ ’ڪلچر‘ جو اصطلاح استعمال ٿئي ٿو. ڪلچر لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”زراعت، ماکيءَ جون مکيون، ريشم جو ڪيڙو، سپون، جسماني يا ذهني اصلاح ۽ ترقي، هارپو ڪرڻ“ وغيرہ. اردو، فارسي ۽ عربيءَ ۾ ڪلچر لاءِ تھذيب جو لفظ استعمال ٿئي ٿو. تھذيب عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. عربيءَ ۾ لغوي معنيٰ آهي ”وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽن کي هڻڻ ۽ ڪٽڻ“، فارسيءَ ۾ تھذيب جي معنيٰ آهي ”آراستن پيراستن، پاڪ و درست ڪردن و اصلاح نمودن“، اردوءَ ۾ هي لفظ شائستگيءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. مثلاً: جڏهن اسين چئون ٿا تہ فلاڻو ماڻهو وڏو مهذب يا تھذيب يافتہ آهي تہ ان مان مراد هي هوندي آهي مذڪور شخص جو ڳالھہ ٻولھہ ڪرڻ، اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ جو انداز ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو طريقو اسان جي روايتي معيار مطابق آهي، هو اسان جي طور طريقن کي سھڻي نموني ادا ڪري ٿو ۽ شعر شاعري يا فنون لطيفہ جو ذوق رکي ٿو. تھذيب جو هي مفهوم دراصل ايران ۽ هندستان جي اميرن ۽ سردارن جي زندگيءَ جو عڪس آهي. هي ماڻهو تھذيب جي تخليقي عمل ۾ خود شريڪ نہ ٿيندا هئا ۽ نہ تخليقي عمل ۽ تھذيب ۾ جيڪو رشتو آهي، ان جي اهميت کي محسوس ڪندا هئا. هو تھذيب جي نعمتن مان لطف اندوز ٿيڻ تہ ڄاڻندا هئا، پر فقط تماشائي بڻجي. انهيءَ ڪري تھذيب جو تخليقي ڪردار انهن جي نظرن کان اوجهل رهيو ۽ هو آداب مجلس جي پابندي ئي کي تھذيب سمجهڻ لڳا. هو جڏهن ’تھذيب نفس‘ يا ”تھذيب اخلاق جو ذڪر ڪندا هئا تہ ان مان انهن جي مراد نفس يا اخلاق جي طھارت يا اصلاح هوندي آهي.“ سنڌ جو ڪلچر گهڻو قديم آهي. سنڌ ڌرتي صدين کان ڪيترن ئي غير ملڪي خاندانن جي حڪومت ۾ رهي آهي. سنڌ جي سرزمين پنھنجي مشھور شهرن، شاهوڪار بندرن، زرخيزي ۽ شادابيءَ سبب بين الاقوامي مرڪز رهي آهي. آثار قديمہ جي ماهرن 5000 سال اڳ واري سنڌو تھذيب کانپوءِ وارن دورن بابت اهو ثابت ڪيو آهي ته، سنڌ جي ڪلچر تي عربن جي حملي کان گهڻو اڳ ايرانين، سفيد هنن، سٿين ۽ پارٿين جو گهرو اثر هو. مذهبي لحاظ کان هتي هندو مت، ٻڌ مت، جين مت ۽ آخر ۾ اسلام جي اثر سبب پڻ هتان جي ڪلچر تي انهن جا اثر پيا. 516 ق.م ۾ ايران جي حاڪم دارا اعظم (اول) سنڌو نديءَ جي ڇوڙ تائين ڪاهي آيو ۽ هي خطو پنھنجي قبضي ۾ ڪيائين. 325 ق.م ۾ سڪندر اعظم، 180 ق.م ۾ بختر (باختري) قوم جي حاڪمن، 70 ق.م ۾ سٿين ۽ سفيدهن گهراڻي سنڌ تي گهرا اثر ڇڏيا.سنڌ جي تھذيب سنڌو نديءَ جي سوغات آهي. سنڌي ڪلچر ان تھذيب جو مرهون منت آهي، جيڪا هزارن سالن کان سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي پروان چڙهندي پئي اچي ۽ موجودہ دؤر تائين پهچي عظيم هستيون پيدا ڪيائين، جن ۾ مخدوم بلاول، حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، شاھہ عنايت شھيد ۽ سچل سرمست وغيرہ شامل آهن. ’سنڌي ڪلچر‘ ڪتاب ۾ غلام رباني آگرو لکي ٿو تہ: ”تاريخي پس منظر ۾ ڏٺو ويندو تہ معلوم ٿيندو تہ خود هند جي فلسفي ۽ ڪلچر تي سنڌ جي ڪلچر ۽ فلسفي جي مھر لڳل آهي.“دنيا جي مڃيل هندو فلاسافر ۽ ڪلچر جي ترجمان ۽ شارح پروفيسر راڌا ڪرشنن پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب ‘Hindu View of Life’ ۾ لکيو آهي تہ: ”هندو فلسفي ۽ ڪلچر جا بنيادي ڪتاب ’ويد‘ آهن ۽ پاڻ ئي اعتراف ڪيو اٿس تہ آرين اهي ويد سنڌوءَ جي ڪنارن تي لکيا هئا ۽ رگ ويد جي ڪن بيتن ۾ سنڌو نديءَ جي تعريف ڪيل آهي.“ پروفيسر ڪي. ايم. سين نالي جڳ مشھور محقق جيڪو رابندرناٿ ٽئگور جو مرڻ گهڙي تائين ساٿي هو، پنھنجي مشھور ڪتاب ‘Hinduism’ ۾ لکي ٿو تہ: ”آرين سنڌو ماٿريءَ جي رهاڪن کان متاثر ٿي سندن ڪي مذهبي نظريا قبول ڪيا، اهڙو مواد اٿرويد ۾ موجود آهي.“ اڳتي مسٽر سين موهن جي دڙي جي تھذيب جو ذڪر ڪندي سنڌو ماٿريءَ جي رهاڪن جي ڪلچر کي گهڻو ساراهيو آهي. هي لکي ٿو تہ: ”سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب جي بنياد وجهندڙ هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي رهاڪن کي سون، چاندي، ٽامي، جست ۽ پتل جي استعمال جي گهڻي ڄاڻ هئي ۽ لکڻ پڙهڻ ڄاڻندا هئا. جڏهن موهن جي دڙي جي ٻولي پڙهي ويندي، تڏهن وڃي اها ڳالھہ چٽي ٿيندي. وٽن واپاري طبقو بہ هو ۽ ڪن هنرن ۽ ڪاريگرين ۾ تہ تمام هوشيار هئا.“ اڳتي لکي ٿو تہ: ”هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان ’گڏجي عبادت ڪرڻ جون ڪي جايون‘ ناهن مليون، پر ايترو چئي سگهجي ٿو تہ سنڌو ماٿريءَ جا رهاڪو ’لامذهب‘ نہ هئا.“ هند جي سرزمين تي اسلام سڀ کان پهرين سنڌ ۾ رائج ٿيو ۽ سنڌ ۾ سڀ کان اول ٻڌمت جي پوئلڳن اسلام قبول ڪيو، اهڙي ريت سنڌي ڪلچر، هندو ڪلچر ۽ ٻڌمت جي تعليم جون سرحدون اُڪري هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيون. سنڌ جي ڪلچر ۾ صوفين جو پڻ اهم ڪردار رهيو آهي. سنڌ جي صوفين ڪنهن بہ ڏاڍ ۽ ڏمر اڳيان سر نہ جهڪايو. هر دؤر ۾ هر قسم جي ظلم ۽ دٻاءُ جو مردانه وار مقابلو ڪيو آهي. هنن پيغمبر جي سنت پوري ڪئي آهي، ظلم خلاف جهاد ڪيائون، مخدوم بلاول لشڪر جو مهندار ٿي حق ۽ انصاف جي راھہ ۾ وڙهيو. هن ڪڏهن بہ آڻ نہ مڃي ۽ آخر شهادت ماڻيائين. شاھہ شھيد هيئن ۽ مسڪينن جي حمايت ڪئي. سندس اڳواڻي ڪئي، جهاد ڪيائين ۽ شهادت ماڻيائين. محققن جو چوڻ آهي تہ انساني ڪلچر جو بنياد سھپ (Tolerance) جي اصول تي ٻڌل آهي، جنهن معاشري مان سھپ جو مادو ختم ٿي وڃي ٿو، اهو معاشرو غير مهذب ۽ منفي قوتن، خانہ جنگي ۽ افراتفري جو شڪار ٿي وڃي ٿو. سھپ تيسين ممڪن نہ آهي، جيسين ماڻهوءَ ۾ قرباني جو مادو ڪونهي. قرباني اهو ئي ڏيندو جيڪو رواداريءَ جو قائل هجي. رواداري جنهن چشمي مان سيراب ٿئي ٿي، ان جو نالو ’محبت‘ آهي. اهو ئي سبب آهي جو تصوف جو پيغام ’محبت جو پيغام‘ آهي ۽ سنڌ جي صوفين ’انسانذات جي برابري ۽ ڀائپيءَ‘ جو نعرو هنيو آهي. نفرت جو لفظ صوفين جي لغت ۾ متروڪ آهي. سنڌ جي ڪلچر ۾ شادي غميءَ جون رسمون، قبيلائي ۽ مذهبي ڏڻ/ وار، سماجي دستور ۽ قومي ڪردار، حب الوطني ۽ قوم پرستي، سخاوت ۽ ايثار، اهنسا يا عدم تشدد، رواداري يا بي تعصبي، روايات جي حمايت ۽ غيرت، آزاديءَ جي تمنا، ڏاڍ جو مقابلو ۽ سنڌي آرٽ (اديب فنون لطيفہ) جو اهم ڪردار رهيو آهي. هر دؤر ۾ سنڌي ڪلچر ڪنهن نہ ڪنهن شڪل ۾ زندہ رهندو اچي ۽ اهو صرف ان ڪري جو سنڌو ماٿريءَ جا رهاڪو ازل کان وٺي انسان دوست، مهذب، همدرد رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ جانورن ۽ ٻين ساهوارن لاءِ قياس ۽ ڪھل ڪرڻ پڻ سنڌي ڪلچر جو حصو آهي. مجموعي طرح سان سنڌ ڌرتيءَ جو ڪلچر پنھنجي جدا سڃاڻپ ۽ خصوصيتون رکي ٿو.


لفظ سنڌي ڪلچرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو