سنڌي گرامر

سنڌي گرامر:
گرامر (Grammar)، يوناني لفظ (Grammatik) مان نڪتل آهي، جنهـن جي معنـيٰ آهي ‘لکڻ جو فن’. گرامر کي سـنڌيءَ ۽ سنسڪـرت ۾ ‘ويـاڪـرڻ’، عـربـي ۽ فارسـيءَ ۾ ‘صـرف و نحـو’ ۽ انگـريـزيءَ ۾ ‘گـرامـر’ (Grammar) چيو وڃي ٿو.
هر ٻوليءَ کي پنهنجي تنظيم ٿئي ٿي. ٻوليءَ جي ان تنظيم، عملي سٽاءَ، لفظن جي مقرر جاءِ يا زبان جي عملي نظام جي اڀياس ۽ علم کي گرامر چئبو آهي.
ٻولي جيئن ته اڳ موجود هوندي آهي ۽ ڪن اصولن ۽ قاعدن موجب ڳالهائبي آهي، پر گرامر انهن اصولن ۽ قاعدن کي چئبو آهي، جيڪي فطري طور ان کي هڪ خاص روپ ڏيندا آهن، جن تي اها بيٺل هوندي آهي. گرامر اصل ۾ فطري ٻوليءَ جي قاعدن کي سمجهڻ لاءِ لکيا ويندا آهن، جن جي مدد سان نه صرف ٻوليءَ جي بنياد، خاندان ۽ تاريخ وغيره جو پتو لڳائي سگهبو آهي، بلڪ اهي ٻولي سکڻ سيکارڻ لاءِ به رهنمائي ڪندا آهن. گرامر جي تجربي سان ٻوليءَ جي تخليقي سگهه سمجهائي سگهجي ٿي.
ننڍي کنڊ ۾ گرامر جي مختصر تاريخ:
برصغير جي وياڪرڻي، پاڻيڻيءَ (Panini)، 4000 ق. م ۾ گرامر لکيو هو، جنهن جي 18هين صديءَ جي آخر ڌاري يورپي عالمن کي سُڌ پئي. پاڻيڻي (پڻي لوڪن جو پٽ) جو تعلق قديم سنڌو ماٿريءَ ۾ شامل علائقي پشڪلاوتي، گنڌارا سان هو. هن جو گرامر اصل ۾ ‘ڀاشا’ جو گرامر سڏيو ويو ۽ جيئن ته اها ڀاشا يا ٻولي ويدن ۾ استعمال ٿي هئي، ان ڪري ان کي عموماً ‘سنسڪرت ’ جو گرامر سمجهيو ويو،
پر جديد لساني ماهرن جو خيال آهي ته اها ٻولي سنڌو ماٿريءَ ۾ ڳالهائجندڙ بنيادي ٻوليءَ مان اسريل زبان هئي، جنهن ۾ سنڌوءَ ڪناري ويد لکيا ويا هئا. پاڻيڻيءَ جو هي گرامر ڪنهن مخصوص مفروضي بدران حقيقتن ۽ مشاهدي جي روشنيءَ ۾ مرتب ٿيل هو ۽ ان وسيلي يورپي عالمن آڏو ٻولين جي تقابلي مطالعي جا امڪان پڌرا ٿيا. پاڻيڻيءَ جي گرامر، ٻوليءَ جي ڇيد جو اصول سيکاريو، جنهن موجب ٻولين جي ترڪيبي جزن جي ڀيٽڻ سان سندن هڪجهڙايون لڀي سگهن ٿيون. پاڻيڻيءَ، هي گرامر 400 ق. م ڌاري لکيو هو. پاڻيڻيءَ جي گرامر ملڻ سان ٻولين جي تقابلي ۽ تاريخي مطالعي ڪرڻ جو رواج پيو ۽ معلوم ٿيو ته سڀئي ٻوليون تبديل ٿين ٿيون. ان دؤر جي گرامر کي تقابلي (Comparative) ۽ تاريخي (Historical) گرامر چيو ويندو آهي.
سنڌ جو مشهور ماهر لسانيات سراج لکي ٿو ته: “هندستان ۾ سنسڪرت جو اڀياس هزارين ورهين کان رهيو ۽ ان جي گرامر ۽ وياڪرڻ تي اهڙا بلند پايي جا ڪتاب لکيا ويا هئا، جو يورپي عالم اڄ تائين 400 ق. م جي وياڪرڻي ڄاڻو پاڻيڻيءَ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو وياڪرڻي ڄاڻو (Grammarian) مڃين ٿا. دراصل کيس گرامر جي سائنس جو ابو تصور ڪيو وڃي ٿو.”
سنڌي گرامر: ارتقا، ماهيت ۽ خصوصيتون:
سنڌي ٻولي نهايت قديم ۽ شاهوڪار زبان آهي، پر سنڌ جي سماجي ۽ سياسي صورتحال اڪثر اهڙي نه رهي آهي، جو سنڌي ٻوليءَ کي گهربل تاريخي حيثيت نه ملي سگهي. جڏهن انگريزن جي حڪومت قائم ٿي ته انهن سنڌيءَ کي سرڪاري (Official) ۽ تعليمي (Academic) ٻوليءَ جو درجو ڏنو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رخن تي کوجنا جو ڪم 1843ع کان پوءِ ئي شروع ٿيو.
سنڌي ٻولي، سرڪاري ٻولي مقرر ٿيڻ کانپوءِ ڪئپٽن اسٽئڪ جي ڊڪشنري ۽ ‘سنڌي گرامر’ ڇپائڻ جي منظوري ملي. انگريزن سنڌيءَ جا گرامر به جوڙايا، پر اوائل ۾ سنڌي گرامر جو پهريون ڪتاب جارج پرنسيپ (J. Princep) 1835ع ۾ لکيو هو، جنهن بعد ايف. ڊي. ريمس (F. D. Rames) ۽ مسٽر واٿن 1836ع ۾ سنڌي گرامر جا ڪتاب جوڙيا. ڪيپٽن اسٽئڪ ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سنڌي گرامر تي باقاعدي ڪم ڪري ڪتاب آندا. سندن آڏو سنسڪرت، پراڪرت ۽ اپڀرنش جا گرامر ۽ انگريزي، عربي ۽ فارسي گرامر جون روايتون اڳ ئي موجود هيون.
گرامر يا وياڪرڻ کي عام طرح لفظن جي جوڙجڪ (علم صرف: Morphology) ۽ جملن جي بناوت (علم نحوِ: Syntax) جو علم سمجهيو ويندو آهي، پر ان جا ٻيا به اهم پهلو آهن، جن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهن ۾ لفظن ۽ جملن مان ادا ٿيندڙ مفهوم يا معنائن جو علم (Semantics) اهم آهي. ان کانسواءِ ٻوليءَ کي سهڻي نموني ڳالهائڻ يا لکڻ لاءِ جن خوبين جي ضرورت آهي، تن جي ڄاڻ، علم بديع ۽ علم بيان مان پوي ٿي.
سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ جا لفظ (Parts of Speech) ٻين زبانن وانگر ساڳيا آهن: اسم، ضمير، صفت، فعل، ظرف، حرف جر، حرف جملو ۽ حرف ندا، جن بابت تفصيل گرامر جي هر ڪتاب ۾ ملي ٿو. انهن لفظن جا ڦيرا يا گردان، مذڪر، مونث، واحد ۽ جمع صورتن ۾ يا فعلن جو استعمال زمانن ۾ صوتي، صرفي، نحوي، معنوي طور ٻين ٻولين جي گرامر وارن اصولن سان ڀيٽي سگهجن ٿا.
سنڌي گرامر تي ڪم ڪندڙ عالمن: ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، ڊبليو. ايڇ. واٿن، ڊاڪٽر ٽرمپ، جارج گريئرسن، منشي اڌارام ٿانورداس، جهمٽ مل نارومل وسناڻي، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، ڪشنچند گلابسنگهه گدواڻي، مرزا قليچ بيگ، ڏيارام وسڻ مل، آغا تاج محمد، محمد اسماعيل عرساڻي، واحد بخش شيخ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، سترامداس ‘سائل’ جڙياسنگهاڻي، غلام محمد شاهواڻي، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر الطاف جوکيي پنهنجي اڀياس ذريعي سنڌي گرامر جي خاصيتن جو ذڪر ڪيو آهي.
ڪئپٽن اسٽئڪ، سنڌي ٻوليءَ جي ڪن خصوصيتن جي خوبصورتيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي خوبيون کيس يورپي (لئٽن) آريائي ۽ ٻين هندستاني ٻولين ۾ نظر نه آيون، ڊاڪٽر ٽرمپ به پنهنجي گرامر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي عام ۽ سولي زبان نه هئڻ جو اعتراف ڪندي، ان ۾ پيچيدگين ۽ خصوصيتن جو اظهار ڪيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکندڙن عام طور ان جو بنياد ڪنهن خاص گروهه سان لاڳاپي ۽ ان جي گرامر موجب پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هڪڙن ان کي آريائي ٻولي قرار ڏئي ان جي گرامر کي سنسڪرت جي معيارن تي جوڙيو آهي، ٻين ان کي سامي گروهه سان لاڳاپي جو ڄاڻائي، عربي ٻوليءَ جي معيارن تي پرکيو آهي. جڏهن ته انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جا اڪثر گرامر انگريزي گرامر جي جوڙجڪ موجب تيار ڪيا ويا هئا. مثلاً: ڊاڪٽر ٽرمپ، سنڌيءَ کي آريائي ٻولي سمجهندي ان ۾ انگريزي گرامر واريون خوبيون تلاش ڪيون.
ڊاڪٽر ٽرمپ، سندس لکيل گرامر ۾ جڏهن Syntax (علم نحويات) جي سري هيٺ ’ڳالهائڻ جي اٺن لفظن‘ تي اچي ٿو ته هو. انگريزي گرامر جي معيار مطابق سڀ کان پهرين سنڌيءَ ۾ معروف جزي يعني definite article جي نه هئڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. جيتوڻيڪ اهو ضروري نه آهي ته جيڪي انگريزيءَ يا ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جو گرامر هجي، اهو سنڌيءَ ۾ ڳولجي. انگريزيءَ ۾ indefinite article لاءِ a/ an استعمال ٿين ٿا. ٻئي پاسي انگريزيءَ ۾ آفاقي شين جي نالن اڳيان The لڳائيندا آهن، مثال:the sun, the moon. اهڙيءَ طرح عربيءَ ۾ الشمس ۽ القمر وغيره ۾ ‘ال’ آهي، پر سنڌيءَ ۾ ائين ڪونهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ صفت جو ڦيرو ٻين آريائي ٻولين کان مختلف آهي. اها واحد، جمع، مذڪر ۽ مونث ۾ ڦيرن وقت اڪثر پنهنجي واٽ وٺي ٿي، مثلاً: ڪارو ٻلو، ڪاريون ٻليون- هنديءَ ۽ اردوءَ ۾ ‘ڪاريون’ واري بناوٽ ڪانهي.
سنڌيءَ ۾ ضميري پڇاڙين يا متصل ضميرن جو به هڪ باقاعدي نظام آهي، جنهن ۾ مفرد ۽ مرڪب نشانيون اچي وڃن ٿيون، اهي نشانيون ڪجهه سرائيڪي، فارسي ۽ عربيءَ ۾ به موجود آهن. سنڌيءَ ۾ اها ان جي اصلوڪي خصوصيت آهي ۽ ان ۾ اهي تمام مربوط ۽ منظم آهن. سنڌيءَ ۾ وڌيڪ ضميري پڇاڙيون (مفرد توڙي ٻٽيون) استعمال ٿين ٿيون ۽ نه صرف اسمن، ضميرن ۽ فعلن، پر حرفن جر ۽ ظرفن سان به لڳن ٿيون. مذڪر، مونث، واحد، جمع، ماضي، حال، مستقبل- مطلب ته هر پهلوءَ کان پنهنجا ڌار گردان به رکن ٿيون. مثال:
فعل: چوڻ (مصدر)
ماضي: چيم (مون چيو)، چيو مانس (مون هن کي چيو)
چيوسينس يا چيوسونس (اسان هن کي چيو)
چورايومانس: مون هن کي (ٻئي ڪنهن کان) چورايو.
حال: چئون ٿا، چئونس ٿا، چئونءِ ٿا
مستقبل: چونداسين، چونداسونءِ
حرف جر ۽ ضمير متڪلم جون پڇاڙيون:
کانئُم: مون کان
وٽم: مون وٽ
وٽانئم: مون وٽان
سنڌيءَ ۾ اهڙيون ساڳيون نشانيون اسمن ۽ ضميرن سان به لڳن ٿيون. خاص ڪري رشتن ناتن سان ۽ ساڳيءَ طرح ظرفن سان به پڇاڙيون ڳنڍجن ٿيون:
متڪلم حاضر غائب
پٽم پُٽهين پٽس
ڀاڻم ڀاڻهين ڀاڻس
ضميرن سان: سندم، سندءِ، سندس
ظرفن سان: منجهس- منجهن، مٿائنس- مٿانئن. اُنهن خاصيتن بابت جارج گريئرسن به ذڪر ڪيو آهي، پر اسڪولي گرامرن ۾ انهن تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو آهي.
گريئرسن لکيو آهي ته “انهن پڇاڙين جو استعمال سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت آهي، جيڪا ان کي هندستان جي ٻين ٻولين ۾ ممتاز ڪري ٿي، جيڪي اهڙين ضميري پڇاڙين کان محروم آهن.”
سنڌيءَ ۾ جملي ۾ لفظن جي حالتن بابت پڻ ڪي ڳالهيون مختلف آهن. ان سلسلي ۾ هڪ ‘حالت اپادان’ يا ‘Ablative case’ به آهي. سنڌيءَ ۾ ڪي اهڙا حرف جر به آهن، جيڪي سڀني ٻولين ۾ نه آهن. اردو ۽ هنديءَ ۾ انهن جي جاءِ تي ٻه حرف جر هوندا آهن: جيئن ‘کان’ لاءِ ‘سي’ ۽ ‘مان’ لاءِ ‘مين سي’ ۽ ‘تان’ لاءِ ‘پر سي’ ڪتب اچن ٿا. پر سنڌيءَ ۾ اهڙن حرفن يعني کان، مان، تان ۽ سان جي پڇاڙيءَ ۾ آيل ‘آن’، ‘حالت اپادان’ کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن کي ٻين لفظن ۾ جوڙي هن ريت لفظ ٺهن ٿا، مثال: گهران (گهر کان)، ڳوٺان (ڳوٺ کان)، دليان، پيٽان، ڏينهان، راتيان وغيره. اهو قانون شهرن سان به لاڳو آهي، مثال طور: سنان (سن مان، سن کان)، هالان (هالن کان). ان کان سواءِ به ڪجهه اهڙيون ٻيون خاص بناوتون آهن، جتي لفظن جي جري حالت ۾ مخصوص صورت ٿئي ٿي، جنهن ۾ ‘حرف جر’ لڪي ٿو وڃي، جيئن شاعريءَ مان مثال: ‘تو اوڏا مون ڏور’ يعني تو کي اوڏا، مون کان ڏور.
ان کان سواءِ سنڌيءَ ۾ اڪثر اسم، ضمير ۽ صفت ۾ ڪنهن خاص سُر/ اعراب (زبر، زير، پيش) وغيره جي استعمال سان حالتن ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي، جيئن حالت مڪاني (Locative Case) ‘وڻنِ ويٺا ڪانگ’ (وڻنِ: وڻن تي)، ‘ٻيا در ڏيئي ٻن، آيَسِ تنهنجي درِ’ وغيره. (ٻِيَنِ: ٻين کي، دَرِ: در تي). اهڙيءَ ريت ٻيا به ڪيترا مثال ملن ٿا، جيڪي عام گفتگو، پهاڪن يا شاعريءَ ۾ استعمال ٿين ٿا. جيئن: ‘هٿين گل ميندي، پيرين گل ميندي’ يا ‘هو پيرين پنڌ شهر گهمي آيو’. انهن مثالن ۾ ‘هٿين ۽ پيرين’ لفظن ۾ ‘اين’ پڇاڙي، ڪنهن حرف جر لاءِ آهي. اهڙيءَ طرح لاڙ ۽ ٿر ۾ چون: ‘گهرين’ پيو وڃان (گهر ڏانهن پيو وڃان).
ان کانپوءِ فعلن جا ڦيرا به ڏاڍا منفرد ۽ ٻين ٻولين جي ماهرن لاءِ منجهائيندڙ/ پيچيده آهن. جيئن: انگريزيءَ ۾ هڪڙا Regular Verbs (باقاعده فعل) ۽ ٻيا Irregular Verbs (بيقاعده فعل) ٿيندا آهن، انهن جي سمجهاڻي به ڏنل آهي ته ماضي ٺاهڻ لاءِ ڪٿي ed، ڪٿي صرف d ملائبو ته ڪٿي غير رواجي تبديلي ڪري ڪردنت (Participle) ٺاهبو. مثال: Write- Wrote- Written.
سنڌيءَ ۾ اهڙن فعلن جون ڌار فهرستون جارج گريئرسن ڏنيون آهن. سمجهاڻي ڏيندي هن ٻڌايو آهي ته ڪهڙن ڌاتن جي پڇاڙين (root endings) کي ڪيئن ڦيرائبو. هو لکي ٿو ته جن ڌاتن جي پڇاڙيءَ ۾ ‘ڻ’ هجي، انهن جو اسم مفعول ٺاهڻ مهل اها ‘ڻ’ ڪڍي ڇڏبي آهي ۽ ‘او’ ملائبو يا وري ‘يو’. مثال: هڻ- هنيو، کڻ- کنيو، وڪڻ- وِڪيو وغيره. پر جن ڌاتن جي پڇاڙيءَ ۾ حرف علت هجي ته انهن ۾ ‘تو’ ملائبو آهي.
جيئن: پي- پيتو، لاءِ- لاتو وغيره.
اهڙيءَ ريت جن ڌاتن جي آخر ۾ ‘چ’ ۽ ‘پ’ هجن ته آخري حرف ڪيرائي، اُن ۾ ‘تو’ ملائيندا آهن: پرچ- پرتو، رَچُ- رتو، کُپ- کُتو وغيره، پر اسان جي سنڌي گرامر جي ڪتابن ۾ اهڙيون سمجهاڻيون نه ٿيون ملن، جن جي ضرورت آهي.
سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ئي ٻيون بناوتون انهن اصولن کان هٽيل آهن، جي گرامر جي ماهرن طرفان ڪا وضاحت نه ڏيڻ ڪري، اڪثر انهن کي اصولن کان آجيون يا استثنيٰ (exceptions) ڄاڻايون وينديون آهن، جن تي پڻ غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. مثال طور: مصدر ‘ڀِڄڻ’ مان امر ‘ڀِڄ’ ته ماضيءَ ۾ ‘ڀِڳو‘ يا ‘ڀِنو’ ٺهي ٿو. ٽئين طرف ‘کڄڻ’ مان امر ‘کَڄ’ ته ماضيءَ ۾ ‘کَڄيو’ يا وري ‘کَنيو’- سو ان پهلوءَ تي ماهرن کي غور ڪرڻ گهرجي. ساڳئي آواز ‘ڄ’ سان ٺهيل ڌاتوءَ کي ڦيرائي، ‘ڳ، ن ۽ ي’ وجهي اسم مفعول ڪيئن ٺهن ٿا، اها ڳالهه به غور طلب آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي هڪ ٻي منفرد خوبي اها به آهي ته سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن به هندستاني ٻوليءَ ۾ ‘فعل بي فاعل’ ڪو نه ٿئي، جنهن کي ‘اڪر ترڪ’ چيو وڃي ٿو. مثال طور: ‘اچجي’، ‘وڃجي’، ‘اچبو’، ‘وڃبو’. هن پهلوءَ تي مرزا قليچ بيگ، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ ۽ سراج الحق ميمڻ تفصيل سان لکيو آهي، پر سنڌي گرامر جي ڪتابن ۾ ان بناوت بابت ڏنل سمجهاڻيون اڻپوريون آهن. هڪڙا ان خصوصيت کي قديم سنسڪرت سان لاڳاپين ٿا ته ٻيا ان کي سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي خوبي ڄاڻائين ٿا. هندي يا اردوءَ ۾ انهن جو ڪو متبادل هڪ لفظ نه ٿو ملي، جيڪي سنسڪرت مان سڌيون نڪتل آهن. ان ڪري چئبو ته اهي ‘خالص سنڌي بناوتون’ آهن. ائين ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ ‘زمان حال’ ۽ ‘زمان ماضيءَ’ ۾ ‘مدامي’ (Habitual) جو مثال پڻ منفرد آهي. مثلاً: ‘ايندو آهيان’، ‘ايندو هوس’. ٻين هند جي ٻولين ۾ عام حال ۽ ماضيءَ جهڙو ٿئي. سنڌي گرامر جوڙڻ مهل انهن خاصيتن کي اهميت ڏيڻ کانسواءِ اهو به ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته سنڌي ٻولي هند سنڌ جي قديم ترين، ٻولي هوندي به اتان جي ٻولين سان صدين کان لهه وچڙ ۾ رهي آهي، ڪي اثر پاڻ قبول ڪيا هوندائين ته ڪي انهن کي به ڏنا هوندائين. اها آريائي ٻولين وانگر جملي جي بيهڪ رکي ٿي. هن ۾ فاعل- مفعول ۽ آخر ۾ فعل واري جملي ۾ حرف جر اسمن کانپوءِ ايندا آهن ۽ صفتون ۽ فعل، عدد ۽ جنس سان ڦيرو کائيندا آهن، پر ضميري پڇاڙين جو اسمن، فعلن، حرف جرن ۽ ظرفن وغيره سان گڏجڻ وارو نظام سنڌيءَ جو پنهنجو آهي.
ساڳيءَ ريت دراوڙي ٻولين وانگر سنڌي ٻولي گهڻ پدائين (agglutinative) به آهي، جنهن ۾ پد هڪ ٻئي سان جڙيل هوندا آهن، ته اُن جا آواز به متحرڪ هوندا آهن. يعني اُن جي لفظن جي سمورن اکرن سان ڪو نه ڪو سُر شامل هوندو آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ پڻ ڇوٽو، ڊگهو يا گهڻو سُر ضرور هوندو آهي، اُن ڪري لفظ جو هر هڪ اکر واضح يا چٽو ٻڌبو آهي ته لفظ به ڌار چٽو ٿي بيهندو آهي.
دراوڙي ٻولين ۾ اڪثر وسرگ وينجن (aspirated consonants) ‘ڦ، ٺ يا ک’ وغيره ڪونه ٿين ۽ ٻين ڪن وسرگ آوازن کي به اوسرگ ڪري اچارين ٿا. اها خاصيت ڪجهه قدر سنڌيءَ جي لاڙي لهجي ۾ ملي ٿي. ڪن ماهرن جو زور اهو رهيو آهي ته انهن ڳالهين جي بنياد تي سنڌي ٻوليءَ کي هڪ نه ٻي ٻوليءَ يا ٻولين جي گروهه مان نڪتل ڄاڻائيندا آهن، پر حقيقت اها آهي ته خود سنڌي ٻوليءَ جي آزاد، خودمختيار ۽ اصلوڪي ٻولي هئڻ واري حيثيت کي مڃيندي، ان بنياد تي گرامر جا اصول بيان ٿيڻ گهرجن، پوءِ ڀلي ٻين ٻولين سان هڪجهڙايون يا اختلاف به بيان ڪجن.
سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جوڙيندڙ ماهرن، علم بديع، علم بيان، علم معاني وغيره کي به وياڪرڻ يا ‘صرف نحو’ سان گڏ ڪتابن ۾ بيان ڪيو آهي، جن ۾ مرزا قليچ بيگ يا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي وغيره شامل آهن، پر انهن جو گهڻو تڻو تعلق انشاپردازي ۽ شاعريءَ جي فن ۽ تحرير سان آهي.


لفظ سنڌي گرامرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو