سنڌ ابن علي: سنڌ ابن علي نامور مسلم ماهر فلڪيات، ترجمي نگار، رياضي دان ۽ انجنيئر هو. هن جو والد علي موسى منصوره جو رهندڙ هو ۽ اسلام قبوليو هئائين. هي منصوره جو هڪ وڏو شاهوڪار ماڻهو هو. سنڌ ابن علي ابتدائي تعليم مقامي طور حاصل ڪئي ۽ اعلى تعليم لاءِ بغداد ويو. هن ’زج السنڌ‘ جو ترجمو ڪيو جو ڪافي مشهور ٿيو.
زج السنڌ پهرين جدول هئي، جيڪا مسلم دنيا ۾ متعارف ڪرائي وئي هئي. هن رياضي دان هئڻ ڪري الخوارزمي ۽ يعقوب ابن طارق سان گڏ ڪم ڪيو ۽ ڌرتي ۽ فلڪياتي جسمن جو قطر معلوم ڪيو. هن الخوارزميءَ جي ڪتاب ’ڪتاب الجبرو المقابل‘ تي به ڪافي سٺو تبصرو لکيو. عربي انگن ۾ ڏهائي به سنڌ ابن علي متعارف ڪرائي. ابن ابي اسيبه مطابق بنو موسيٰ وارن هن سان حسد جي ڪري هن کي عباسي خليفي متوڪل کان ڪافي پري رکيو ۽ هن جي ڪم تي تنقيد ڪندا هئا. جعفر ابن موسى ابن شاڪر ۽ احمد ابن موسى ابن شاڪر ٻنهي هڪ وڏي ڪينال جي کوٽائيءَ جو ڪم هن جي بدران الفرغانيءَ کي ڏنو ۽ الفرغاني ان ڪم ۾ ڪافي ٽيڪنيڪي غلطيون ڪيون ۽ پاڻي الجعفريه علائقي تائين نه پهچي سگهيو. ان غلطيءَ جي خبر جڏهن خليفي متوڪل کي پئي ته هو موسى ڀائرن تي ڪافي ناراض ٿيو پر سنڌ ابن علي انهن غلطين کي صحيح ڪري کين سزا کان بچايو. سنڌ ابن علي 864ع ڌاري وفات ڪئي.