سنڌ اسٽڊيز

سنڌ اسٽڊيز

سنڌ اسٽڊيز

سنڌ اسٽڊيز Sindh Studies): ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي انگريزي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ تعليم ۽ آثار قديمہ سان لاڳاپيل انگريزيءَ ۾ لکيل مضمون/ مقالا شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ جا 55 مضمون ۽ مقالا شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سندس ذاتي دستاويزن مان هٿ ڪيل ۽ سمينارن ۾ پڙهيل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ، ان جي سهيڙيندڙ ۽ ايڊٽ ڪندڙ گل محمد عمراڻيءَ جو لکيل آهي، جڏهن تہ پبلشر جو نوٽ ڊاڪٽر حبيب صديقيءَ لکيو آهي.
400 صفحن تي مشتمل چار رنگي ٽائٽل واري ڊبل ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج، سال 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 800 روپيا آهي.


لفظ سنڌ اسٽڊيزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو