سنڌ جا بندر: بندرگاهه لفظ جي لغوي معنيٰ آهي: بندر ڪرڻ جي جاءِ، درياهه يا سمنڊ جي ڪناري تي جهازن ۽ ٻيڙين وغيره جي بيهڻ ۽ ماڻهن، مال وغيره جي لهڻ چڙهڻ جي جاءِ. سنڌ ۾ آڳاٽي زماني کان وٺي بندرگاهن کي اهميت حاصل رهي آهي، سنڌ قدرتي بندرگاهن کان سواءِ هٿرادو بندر پڻ موجود آهن. بندرگاهه لاءِ لازمي آهي ته درياهه يا سمنڊ جي ڪناري وٽ اُن جاءِ تي هجي، جتي پاڻي ڪجهه اونهائيءَ ۾ هجي ته جيئن جهاز ڪناري تي ڦاسي نه پوي ۽ ان کان سواءِ تيز لهرن جي موجودگي به هجي ته جيئن جهاز پاڻيءَ ۾ ڌوڪي سگهن.
سنڌو درياهه ۾ قديم دورن کان ٻيڙن وسيلي آمدورفت جاري رهندي پئي آئي آهي، پر سنڌ ۾ جديد جهازرانيءَ جي ابتدا انگريزن دور ۾ ٿي. هندستان تي قبضي کانپوءِ انگريز جديد جهازرانيءَ جي شروعات سنڌ مان ڪئي. سنڌو درياهه ۾ پهريون وڏو ٻيڙو ’انڊس‘ 1835ع ڌاري هلايو ويو، جنهن بعد انگريزن ٻيا به ڪيترائي ٻيڙا سنڌو درياهه ۾ هلايا. سنڌ تي قبضي کانپوءِ جڏهن انگريزن سنڌو درياهه کي واپاري مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ان لاءِ سڀ کان پهريان 1856ع ڌاري ’Oriental Inland Steam Company‘ قائم ڪئي وئي. ان ڪمپنيءَ کي برطانوي سرڪار 50 هزار روپيا سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پر ترت اُن ڪمپنيءَ جو ڏيوالو نڪري ويو ۽ 1869ع ڌاري ڪمپنيءَ پنهنجو ٻيڙو وڪڻي ڇڏيو. 1859ع ڌاري انگريز سرڪار جي ڪوششن سان ’Indus Steam Prilla‘ نالي سان ڪمپني ٺاهي وئي ۽ ان ڪمپنيءَ کي ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي لائين وڇائڻ ۾ مدد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. سمنڊ وٽ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جي سطح مٿي هئڻ ڪري انگريز سرڪار سنڌ جي قديم شهر ’جهرڪ‘ ۾ ’انڊس فلوٽيلا‘ جو بندرگاهه ٺاهيو، جيڪو برطانوي سرڪار جو سنڌ ۾ قائم ڪيل پهريون بندرگاهه هو. ان دور ۾ جهرڪن ويجهو سنڌو درياهه انتهائي گهرو هوندو هو. تنهنڪري اتان جهازن جي آمدرفت آسانيءَ سان ٿي سگهندي هئي. بندر ٺهڻ ڪري جهرڪ شهر تمام گهڻي ترقي ڪئي. 1858ع ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ’انڊس فلوٽيلا‘ ڪمپنيءَ جو هيڊڪوارٽر ڪوٽڙيءَ ۾ مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي سمورن شهرن ۽ پنجاب کان ايندڙ مال ڪوٽڙيءَ ۾ لهندو هو. ڪوٽڙيءَ جي بندر کي ’خانپور بندر‘ چيو ويندو هو. هي بندر تمام اوکو بندر هو، جتي قابل ٻيڙيائتا سامان سان ڀريل جهاز وٺي اچي سگهندا هئا. هيءُ بندر مکيه بندر هو ۽ ڪوٽڙيءَ واري لاهيءَ سبب هتي درياهن جي لاهي هئي، جنهنڪري هتي پاڻيءَ جي گهرائي وڌيڪ هئي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ لليا پتڻ، ڪوٽڙي ڪبير، بکر وغيره اهم درياهي بندر هئا. نامور محقق مولائي شيدائيءَ پنهنجي ڪتاب ’تاريخ سکر‘ ۾ لکيو آهي ته انهن ڏينهن ۾ انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جا جهاز مهراڻ جي ڊيلٽا مان شير شاهه ۽ ملتان جو مال ڍوئيندا هئا، جن سان فلاٽون ٻڌندا هئا، جيڪو ڪراچيءَ کان ولايت ويندو هو ۽ ولايتي سامان سنڌ ۽ پنجاب جي شهرن ۾ پهچندو هو. آگبوٽن ۾ ڪاٺيون ٻرنديون هيون، جن جي کڻڻ لاءِ مهراڻ جي ڪپ تي اسٽيشنون قائم ڪيون ويون هيون، وري جيڪي شهر بندر هئا، اتي ٽرئفڪ ايجنسيءَ جا دفتر کوليا ويا. سکر بندر تي به هڪ وڏو گودام هو، جيڪو بعد ۾ ڪوٽڙيءَ منتقل ڪيو ويو.
تاريخي طور سنڌ جا بندرگاهه تجارتي مرڪز رهيا آهن، جتان پرڏيهي تهذيبن مصر، عراق، سمير ۽ ٻين هنڌن ڏانهن واپاري سامان بحري ٻيڙن ذريعي نيو ويندو هو. ان ڳالهه جون ثابتيون پراڻين تهذيبن: عراق، فلسطين ۽ مصر جي قديم آثارن مان به معلوم ٿين ٿيون ته بابل جا رهاڪو سنڌ مان پهتل ململ کي ’سنڌو‘ سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته اهو ڪپڙو سنڌ مان ايندو هو ۽ يهودين سان ٻين جنسن جو واپار سمنڊ رستي ٿيندو هو. قديم زماني ۾ عربي سمنڊ وسيلي به سنڌ جا جهاز ڪيترن ئي ملڪن تائين پهچندا هئا، جڏهن ته ٻاهرين واپارين جا جهاز سنڌ جي بندرگاهن تي اچي لنگر انداز ٿيندا هئا. سڪندراعظم آڏو به سنڌ تي قبضو ڪرڻ جو مقصد سنڌ جي اڻکٽ دولت هٿ ڪرڻ ۽ يوناني تهذيب، ٻولي ۽ هنر جو اثر سڄي خطي ۾ قائم ڪرڻ هو، ان ڪري هن اُر، پٽالا، ڀنڀور ۽ سون مياڻيءَ جي بندرگاهن تي گوديون تعمير ڪرايون، نتيجي ۾ سمنڊ رستي يونان تائين مال پهچايو ويندو هو. اسلامي دور حڪومت کان اڳ عربن جا سنڌ سان تمام ويجها واپاري لاڳاپا هئا، ۽ اهي خشڪيءَ وسيلي يمن، شام ۽ مصر تائين واپار ڪندا هئا. سمنڊ تي حملي ڪرڻ وقت سندن عربي سمنڊ، ڳاڙهي سمنڊ ۽ ڀونوچ سمنڊ جي بندرگاهن تي قبضو ٿي چڪو هو.
’سنڌو ڊيلٽا جا قديم بندرگاهه‘ (Ancient Shaping Forts of the Indus Delta) جو مصنف ڊاڪٽر ايس. ايم. اشفاق لکي ٿو ته: سنڌوءَ جو ڊيلٽا شايد دنيا جي جهازرانيءَ وارن بندرگاهن مان سڀ کان وڏو دفن ٿي ويل ڊيلٽا آهي. اهو ڊيلٽا سنڌو تهذيب جي شروعات کان وٺي گذريل صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين، هيٺين سنڌو ماٿريءَ ۽ ڏورانهن ملڪن: مصر، عرب، سمير، ايران، اوڀر آفريقا، مهاراشٽر، سريلنڪا ۽ چين جي وچ ۾ واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن جي هڪ لچڪدار حد رهيو آهي. (حوالو: Quarterly Archaeology Vol: V-No 1 and 2, 1992) عربن جو جڏهن سنڌ تي قبضو ٿيو ته ان زماني ۾ مال جو ويمو ڪرائڻ جو به رواج هو، جيڪڏهن ڪنهن سوداگر جي مال کي سمنڊ تي نقصان پهتو ٿي ته جهازران اها رقم ڀري ڏيندو هو. ايشيا جي ملڪن جا واپاري گجرات کان سچا موتي خريد ڪندا هئا ۽ سنڌ مان مصالحو، خوشبودار شيون، ڪپڙو، نير ۽ ڪاٺ خريد ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته بابل کي عمارتي ڪاٺ جي سخت ضرورت هئي. اهي جهاز ايراني نار ۽ مڪران جو ڪنارو وٺي سنڌ جي بندرن تي لنگرانداز ٿيندا هئا. واپاري قافلن وارا جٿا ’واها‘ سڏبا هئا، هرهڪ قافلي سان حفاظت لاءِ جٿا رکيل هوندا هئا، جيڪي ساڻن گڏ هلندا هئا. مينهن پوڻ ڪري رستا خراب ٿي ويندا هئا، جنهنڪري واپارين کي ڏکيائي ٿيندي هئي. تنهن دور ۾ بنارس جو مال قافلن ذريعي گنگا (ڀالپور) کان بنگال جي اپسمنڊ تي پهچندو هو. اهو مال، الهندي ۾ ڀڙوچڪا (ڀڙوچ) ۽ راجپوتانا لتاڙي ڀنڀور کان اوفير (Ophir) ڏانهن ۽ يمن جي بندرن کان شام ۽ مصر تائين ويندو هو. فنيقا جا سوداگر آئونين ٻيٽن کان گندرف ۽ سڪو ميوو آڻيندا هئا ۽ را جگري جي مال جا قافلا گنڌارا تائين ويندا هئا. اهو رستو وچ ايشيا تائين ويندو هو، جيڪو ٽئڪسيلا مان لنگهندو هو، پنجاب جي ندين ذريعي چين ۽ ڪشمير جو مال سنڌ جي بندرگاهن تي پهچندو هو. عربن کان سواءِ ايراني ۽ مصري واپاري سنڌوندي ۽ سامونڊي بندرن تي به واپار ڪندا هئا. درياهه تان جيڪو به مال ڀنڀور پهچندو هو، سو هتان سامونڊي جهازن ۾ ڀربو هو ۽ واپارين کي گمرگ (ڪسٽم ڊيوٽي) ڏيڻي پوندي هئي. ڌارين ملڪن جي واپارين لاءِ بندرگاهن تي رهڻ لاءِ خاص انتظام هوندو هو. يونانين جي حڪومت ۾ سڄي هند ۾ سون، چاندي ۽ هيرن جو واپار هلندو هو، جيڪي سنڌ جي بندرگاهن کان ٻاهرين ٻين ملڪن ڏانهن نيا ويندا هئا. يوناني حڪومت جي ڪري وچ ايشيا جو مال ۽ بحيره خزر پار ملڪن جو مال جهڙوڪ: وولگا جو چمڙو ۽ قالين وغيره به سنڌ ۾ پهچڻ لڳا. يوناني حڪومت ننڍا وڏا سڪا ايجاد ڪيا هئا، جيڪي پڻ هتي رائج ٿيا. سنڌ، ايراني نار ۽ عمان کي ويجهي آهي. ايراني نار جي بندرن ابلهه، سيراف، قيس، تيز ۽ سوهر جي بندرن سان ديبل ۽ ڀنڀور جا بندر لاڳو هئا. چين جا جهاز پڻ سنڌ جي بندرگاهن تي لنگر انداز ٿيندا هئا. 1527ع ڌاري ايراني، چين جي ريشم جو واپار مشرقي بازنطيني سلطنت سان ڪندا هئا. قسطنطنيه ۽ روم جي شهزادين لاءِ ريشم، عطر، ململ ۽ سچن موتين جي ضرورت هئي. شهرن جي دروازن کان مال نڪرڻ وقت واپارين کي محصول ڀرڻو پوندو هو ۽ بندرن ۽ سرحدن تي مال جي رقم جو پنجون حصو ڍل طور ڏيڻو پوندو هو، تنهن دور ۾ سمنڊ تي بحري ڦورن جو به خطرو هوندو هو، جن کي ’ميد‘ سڏيو ويندو هو، جيڪي جهازرانيءَ جا ماهر هئا. سنڌ ۽ گجرات جا راجا کين پنهنجي بحري ٻيڙن تي ملازم رکندا هئا، سندن خوف کان ساسانين، پنهنجي شط العرب واري بندر ابلهه کي قلعو ڏياريو هو. سندن خوف جي ڪري چيني پاڻ سان جهازن تي پنج سئو ملاح رکندا هئا، عرب ڀونوچ سمنڊ جي ڦورن کي ’قرصان‘ ۽ سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات جي ڦورن کي ’بوراج‘ چوندا هئا ۽ اهو قبيلو بندرگاهن جي آسپاس رهندو هو.
سمير جي بندرگاهن تي عاج، ڀولڙا، مور ۽ قيمتي پٿر وغيره سنڌ مان نيئي واپار ڪيو ويندو هو، جنهن جون ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون. سوٽي ڪپڙو هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب جي هڪ اهم وٿ هو ۽ ميسوپوٽيميا سان ڪجهه واپار سوٽي ڪپڙي جو هوندو هو ۽ پوءِ واري تاريخي دور دوران ان سُٽ کي ’سنڌو‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ يونانين وٽ اهو ’سِندن‘ ٿي پهتو. دلمون کان اُر ڏانهن ويندڙ سامان ۾ عاج، ڪاٺ، سُٽ، ٽامو ۽ سون شامل هو، جن جو ذڪر سميري ڪتابن ۾ ملي ٿو. سميرين جي ’جنت ڏندڪٿا‘ ۾ دلمون کي ڌرتيءَ جو بندرگاهه گهر ڪري ڄاڻايو ويو آهي. گووا جا جهاز انهيءَ بندرگاهه ڏانهن هر قسم جا وکر هن بندرگاهه تان آڻيندا هئا ۽ اهو ساڳيو مال سامونڊيءَ رستي دمشق ۽ شام جي بندرگاهن تائين پهچندو هو. سمير سان واپاري تعلق لڳ ڀڳ ڏکڻ بلوچستان جي ڪُلي ثقافت وارن واپارين پاران شروعاتي حڪومتي دور ۾ شروع ڪيل هو، ۽ هن واپاري سرشتي کي انهن ماڻهن سان منسوب ڪرڻ، توڙي انهن پاران سمير جي شهرن ۾ ڪارخانا قائم ڪرڻ جا ثبوت به ملن ٿا، جيڪي سنڌ ۽ هند جي سوداگرن جون آباديون مڃيون ويون آهن. سوداگرن ۽ واپاري دستاويزن تي پنهنجي سڃاڻپ وارا ٺپا ڪتب آڻي اُر، لگاش ۽ ٻين واپاري مرڪزن تي پنهنجا نمائندا مقرر ڪيا.
سميري ڪتابن ۾ عِريدو بندر جو گهڻو ذڪر اچي ٿو. هي نوح جي اوريڪ کان اڳ ۽ پوءِ هڪ مصروف ترين بندر هو. عريدو بيرسوسَس جي ديوتا اوئينيس طور سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ ۽ سمير وچ ۾ سمنڊ وسيلي واپاري لاڳاپن بابت اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌو ماٿري جا ماڻهو سڀ کان پراڻا سامونڊي واپاري هئا ۽ سندن جهاز هر قسم جا وکر عريدو بندر ڏانهن کڻي ويندا هئا. سنڌ، واپاري لحاظ کان صدين کان مشرق ۽ مغرب کي ملائيندڙ واپاري رستن جو لنگهه تي رهي آهي. رومي واپاري، مصر، شام، عراق، ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ نه ويندا هئا، تنهن هوندي به مسلمانن ۽ رومين جي وچ ۾ يهودين جي قوم ئي هئي، جنهن سان بندرگاهن تان واپار ٿيندو هو. اهي عربي، فارسي، لاطيني، انگريزي، اسپيني ۽ ملائي زبانون ڳالهائيندا هئا ۽ اوڀر کان اولهه ۽ اولهه کان اوڀر خشڪي ۽ سامونڊي رستن ذريعي ايندا هئا. انهن جو واپار سنڌ کان سواءِ چين ۽ هندستان ۾ به هلندڙ هو. اهي ريشم جي ڪپڙي، غلامن، کلن ۽ تلوارن جو واپار ڪندا هئا. سنڌ جو ان دور ۾ جن ملڪن سان خشڪيءَ وسيلي واپار هو، تن ۾ عربستان،خراسان، ايران، ترڪي، چين، افغانستان، ميسوپوٽيميا ۽ ايشيا جا ٻيا هنڌ اچي وڃن ٿا، جڏهن ته سامونڊي واپار ايراني نار جي اهم بندرن، ڊيو، ڪمبي، گوئا، سورت ۽ ملبار ڪناري جي ڪيترن ئي بندرن تائين هلندڙ هو، جڏهن ته سنڌ ۾ لاهري بندر، ڀنڀور، اورنگا بندر، شاهه بندر، منصوره بندر، ديبل بندر ۽ سون مياڻي بندر سميت ٻيا ڪيترائي اهم بندر شامل هئا. جيڪي ان وقت ۾ وسيل اهم واپاري بندر هئا.
سنڌ جي مشهور بندرگاهن جا تفصيل هيٺ ڏجن ٿا:
آمري بندر: هي بندر سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري تي، سن شهر کان نو ميل اتر طرف موجوده ضلعي ڄام شوري ۾ واقع هو. پنهنجي دؤر ۾ هي ننڍو بندر هوندو هو، جتان واپاري سنڌ جي مختلف بندرگاهن تي ٻيڙن وسيلي ويندا هئا، جڏهن ته هتي پرڏيهي واپاري سنڌ جي وڏن بندرن ڏانهن تجارت ڪرڻ لاءِ درياهي ۽ سامونڊي رستي ويندا هئا. هن بندرگاهه کان ٿوري پنڌ تي ٻه وڏا دڙا آهن، جن جي باري ۾ قديم آثارن جي ماهرن جو خيال آهي ته اصل ۾ بندر اهو هو، جيڪو اليگزينڊر برنس جي چوڻ مطابق قديم زماني ۾ هڪ وڏو شهر ۽ راجائن جي رهڻ جو ماڳ هو، پر سنڌو درياهه جي ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويو. آمري بندر هن وقت هڪ شهر جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جتي مقامي ماڻهن لاءِ سرڪاري سهولتون مهيا ٿيل آهن.
اروڙ بندر: سنڌ جو هي قديم بندرگاهه روهڙي، ضلعي سکر کان پنج ميل ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي. ابن خردازبه، 250هه ۾ پنهنجي ڪتاب ’المسالڪ والممالڪ‘ ۾ هن بندر جو نالو ’وور‘ ۽ ’رور‘ ڄاڻايو آهي، جڏهن ته هن کي مقامي طور الور، الروز، الدور، الرود ۽ رور جي نالن سان به سڏيو ويو آهي. هڪ هزار سال اڳ سنڌ جو دارالسلطنت رهندڙ هي بندرگاهه 450ع کان 642ع تائين چندر ونسي راجائن جي حڪومت هيٺ هو، جن کي راءِ گهراڻو سڏيو ويندو هو. هن گهراڻي 1100 ق.م ۾ به اروڙ تي حڪومت ڪئي.
ڪتاب ’سنڌ جي هندن جي تاريخ‘ موجب سنڌ جي راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي وارن راجائن جي گاديءَ جو هنڌ الور (اروڙ) هو، جڏهن ته چچنامي ۾ لکيل آهي ته: ”هن شهر تي راجا سهيرس پٽ راءِ سهاسي جي حاڪميت هئي. سندس بادشاهي اولهه طرف مڪران، اوڀر طرف ڪشمير، ڏکڻ ۾ سمنڊ ۽ ديبل بندر ۽ اتر طرف ڪيڪان هئي ۽ سندس دارالسلطنت الور هو.“
ويدن جي دور کان آباد هن شهر جي بندرگاهه تان ٻيڙا ۽ وڏا جهاز درياهه کان سمنڊ رستي بابل، ڪلداني، مصر ۽ ايراني نار جي بندرگاهن تي لنگر انداز ٿيندا هئا ۽ مختلف ملڪن جا واپاري جهاز هن بندرگاهه تي ايندا هئا.
هن بندرگاهه جي کنڊرن مان پراڻا ڪٽيل سڪا ۽ ڪچيون پڪيون سرون مليون آهن. ڪالڪان ديويءَ جو هڪ مندر، جنهن کي قديم ڄاڻايو پيو وڃي. ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن مندر کي راءِ گهراڻي ٺهرايو هو، جنهن ۾ برهمڻ سيلائج ۽ سندس پٽ پوڄا ڪئي هئي. هي مندر اڄ به اروڙ ۾ موجود آهي ۽ هڪ مسجد جنهن کي محمد بن قاسم جوڙايو، سا پڻ موجود آهي، جڏهن ته هن بندرگاهه جي تباهه ٿيڻ متعلق مؤرخن جا مختلف رايا آهن.
ونسينٽ اي. سمٿ ’تاريخ قديم هند‘ ۾ هن جي بربادي جو زمانو 700ع ڏيکاري ٿو. هي لکي ٿو ته: ”سيف الملوڪ نالي عرب سوداگر، واپار لاءِ الور آيو ۽ سندس زال کي راجا پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ چاهيو، جنهن جي بددعا سبب هي شهر تباهه ٿي ويو ۽ سنڌو درياهه هاڻوڪو رخ اختيار ڪيو.“ 1521ع ۾ مرزا شاهه بيگ ارغون جڏهن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن هن بندرگاهه جي قلعي کي ڊهرائي اتي پڪين سرن مان بکر جو قلعو تعمير ڪرايو.
الهيو بندر: هيءُ بندرگاهه اورنگ بندر کان اٽڪل پنجاهه سال اڳ آباد ٿي چڪو هو، جيڪو ضلعي ٺٽي جي جاتي تعلقي ۾ ڪلڪان ڇاڻي کان ارڙهن ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ الهيي خواجي جي نالي پويان سڃاتو ويندو هو. پنهنجي اوج واري زماني ۾ هن بندر تان بحرين، مسقط ۽ بمبئي جي بندرن سان واپار هلندو هو. جڏهن ته ڪيترائي ڏيهي توڙي پرڏيهي جهاز ۽ ٻيڙا هتي اچي لنگر انداز ٿيندا هئا. هندستان جي بادشاهه اورنگ زيب عالمگير جي حڪومت ۾ جڏهن اورنگا بندر ٺهيو ته هن بندرگاهه جي اهميت ۾ گهٽتائي اچڻ لڳي، جنهن ڪري هي مڪمل طور ختم ٿي ويو.
اورماڙو بندر: هيءُ بندر مڪران بلوچستان ۾ کنڊرن جي صورت ۾ واقع آهي، جنهن کي هينئر نئين سر آباد ڪري اتي ’جناح نيول بيس‘ نالي سان سامونڊي فوج جو اڏو قائم ڪيو ويو آهي. هيءُ بندر هاڻوڪي جاگرافيائي حدن جي لحاظ کان ضلعي گوادر ۾ آهي.
اورماڙا هن وقت بلوچستان جو تعلقو آهي، جڏهن ته هي پراڻي زماني ۾ سنڌ جو حصو رهيو آهي. يونانين هن تي ’باجيسرا‘ نالو رکيو هو ۽ تنهن وقت ۾ هن بندر جا رهاڪو ميد هئا، جڏهن ته قديم زماني ۾ فنيقي قوم وارن هن بندر تي پنهنجون فوجون پڻ لاٿيون هيون. پنهنجي دؤر جي مصروف ترين هن بندرگاهه تي ڪيترائي جهاز، ٻيڙا ۽ غوراب تجارت وسيلي لنگر انداز ٿيندا هئا. ان وقت هتي پرڏيهي ۽ ڏيهي سوداگرن ۽ واپارين جون ڪوٺيون پڻ قائم هونديون هيون، جڏهن ته هتان جي ڄامن کي هن بندر تان ڇهه هزار ساليانو آمدني ٿيندي هئي ۽ تنهن وقت ۾ هن بندر تان مسقط، ڪراچي، بمبئي ۽ ملبار جي اهم بندرن سان واپار هلندو هو، جڏهن ته 1935ع ۾ زلزلي سبب هي بندر مڪمل طور تباهه ٿي ويو. اورماڙا جو نئون بندر جتي جناح نيول بيس قائم آهي، اهو ڪراچيءَ کان 240 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي گوادر طرف آهي.
اورنگا بندر: مشهور مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير جي نالي پٺيان قائم هي بندرگاهه سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ’سپر پکا‘ واهه، ضلعي ٺٽي ۾ پنجن ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل هو. هي بندر لاهري بندر جي زوال پذير ٿيڻ بعد وجود ۾ آيو ۽ ان کي ’ڪڪرالا بندر‘ جي نالي سان به سڏيو ويندو هو. هن بندرگاهه کي پنهنجي زماني ۾ ڪافي اوج حاصل هو، هن بندررگاهه ذريعي ڏيهان ڏيهه سنڌ مان ٺهيل شيون وڪري لاءِ وينديون هيون. هيءُ بندرگاهه سنڌ جي وڏن بندرگاهن ۾ شمار ٿيندو هو. هن بندرگاهه ذريعي سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کان علاوه ڪيترن ئي ملڪن سان تجارتي لاڳاپا هئا، جن ۾: افغانستان، خراسان، عربستان، ايران، ترڪي، ميسوپوٽيميا، ايشيا، چين ۽ مغرب جا ملڪ شامل هئا. تنهن دور ۾ سنڌ جو واپار ايراني نار جي بندرن ۽ ڊيو، ڪمبي، گوئا، سورت ۽ ملبار ڪناري جي ڪيترن ئي بندرن سان پڻ هلندو هو، جڏهن ته خشڪيءَ جي رستي، سنڌ جا واپاري قافلا، کيرٿر جبل جي لنگهه، مولا لڪ کان بلوچستان مان ايران پهچندا هئا ۽ اتان ’ڀونوچ‘ سمنڊ وارن ملڪن ڏانهن ويندا هئا. افغانستان ۽ ٻين اتر وارن ملڪن سان واپار بکر کان شروع ٿيندو هو، پر جڏهن شڪارپور ۾ واپار زور ورتو ته خشڪيءَ جو رستو هالار جبلن جي لڪن مان ’بولان لنگهه‘ پار ڪري قنڌار ۽ مَروَ کان ٿيندو، ترڪستان ۾ وڃي ختم ٿيندو هو. ان کان سواءِ اورنگا بندر تان مغربي ملڪن کي ڳنڍيندڙ بحري رستو به هو، جيڪو لاهري، شاهه ۽ وستا بندر کان ايراني نار جي بندرن: بصري، گومرون (بندر عباس)، آرمز، مسقط، ڪانگو (ڪنگون) ۽ بحرين بندر تائين هوندو هو. تنهن دور ۾ هن بندرگاهه وسيلي ان وقت جي چئن اهم واپاري مرڪزن: لاهور، ملتان، آگري ۽ احمدآباد سان پڻ تجارت ٿيندي هئي ۽ هن بندر تي ڏيهي توڙي پرڏيهي جهاز ۽ ٻيڙا لنگر انداز ٿيندا هئا.
اورنگا بندر جي تباهيءَ جو سبب سنڌو درياهه جو رستو مٽائڻ هو، جڏهن ته مقامي ماڻهن جي خيال موجب ڌرتيءَ ڌٻڻ ڪري هي بندرگاهه برباد ٿي ويو، جنهن کان پوءِ اتي جا رهواسي شاهه بندر ۽ ٻين شهرن ۾ وڃي آباد ٿيا. هن بندرگاهه جي تباهه ٿيڻ جون شاهديون واضح ناهن، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هن بندرگاهه جي تباهي ڪهڙي طرح ٿي، ماضيءَ ۾ هن بندرگاهه کي ڪافي اهميت هئي. مغل دور ۾ هي بندرگاهه مرڪزي بندرگاهن ۾ شمار ٿيندو هو. هن وقت هن بندرگاهه جو نالو نشان ئي ڪونهي.
برهمڻ آباد / منصوره بندر: هي بندرگاهه ضلعي سانگهڙ جي شهدادپور ريلوي اسٽيشن کان اٺ ميل اوڀر طرف ڦٽل شهر جي صورت ۾ موجود آهي. هن جو هندي نالو ’بهمنوا‘ هو، جڏهن ته چچنامي ۾ هن نالي جي صورتخطي ’برهمناد‘ آهي، اهو ايراني نالو آهي، جيڪو ايران جي بادشاهه بهمن اردشير جي نالي پٺيان ورتو ويندو هو، جيڪو بدلجي ’بهمن آباد‘ ٿيو ۽ پوءِ برهمڻ آباد سڏجڻ لڳو، جيڪو سنڌ ۾ برهمڻن جي اچڻ کان پوءِ ٿيو. هندستان جي برهمڻ راجا ’قفند‘ پنهنجي ڀاءُ ’’ساهيڌ‘ کي جڏهن سنڌ تي حملي لاءِ موڪليو هو ته هن برهمڻ آباد ۾ آتشڪدي جي جاءِ تي بتخانو ٺهرايو. البيروني پنهنجي ڪتاب ’الهند‘ ۾ لکيو آهي ته يارهين صديءَ جي شروعات ۾ هن شهر جو نالو ’بهمنوا‘ هو، جنهن مان پڻ هن شهر جي اصلي ايراني نالي جي تائيد ٿئي ٿي. فتح نامي مان ظاهر آهي ته راءِ گهراڻي جي وقت ۾ برهمڻ آباد، لوهاڻي پرڳڻي جو مرڪزي شهر ۽ اتي جي حاڪم ’اگهم راجا‘ جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهن کي هاڻوڪي وقت ۾ ’منصوره‘ جي نالي سان سڏيو ٿو وڃي.
محمد بن قاسم جي فتح وقت 712ع ۾ برهمڻ آباد هن علائقي جو مکيه قلعو هو ۽ شهر مضبوط قلعي اندر هو، جنهن کي چار وڏا دروازا هئا ۽ شهر جي اڀرندي پاسي کان ’جلوالي‘ نالي نهر وهندڙ هئي. هي شهر سنڌ جو تخت گاهه هو. عربن منصوره جي هن نئين نالي برهمڻ آباد ۽ بهمن آباد ۾ تميز ڪرڻ لاءِ اصلي ’برهمنا باد قديم ماڳ‘ يا ’برهمنا قديم‘ ڪري سڏيو آهي.
هن بندرگاهه تان مقامي ماڻهو اٺين صدي عيسويءَ ۾ جهازراني ڪندا هئا ۽ سنڌونديءَ جو پتڻ هوندو هو. هن بندر تان ڪشمير جو مال، جنهن ۾ چين جو ريشم به هوندو هو، وڏين ٻيڙين ذريعي سنڌ جي مختلف بندرن تي پهچندو هو ۽ سمنڊ رستي ملبار ۽ سرانديپ کان سيڌو سامان هن بندر تي رسندو هو. هن بندرگاهه ذريعي ايراني نار جي بندرن ۽ مسقط سان سنڌ جو واپار هلندو هو. کٿا، بيد، بانس ۽ ململ سنڌ مان ويندا هئا.
ڪن روايتن موجب هن بندرگاهه يا شهر جو حاڪم ’دلوراءِ‘ هو، جنهن جي ظلم سبب هي شهر تباهه ٿيو، پر اصل ۾ درياهه جي رخ مٽائڻ جي ڪري هي بندر ميسارجي ويو. ڪن جو خيال آهي ته محمود غزنويءَ سومناٿ فتح ڪرڻ بعد واپسيءَ تي هن بندر تي حملو ڪيو، ڇاڪاڻ ته اتي اسماعيلي خفيف سومري جي حڪمراني هئي ۽ اسماعيلين جو غزنويءَ سان وير هو. ڪن تاريخدانن جو خيال آهي ته محمد بن قاسم 712ع ۾ برهمڻ آباد کي فتح ڪيو، پر ان کي تباهه نه ڪيو ۽ منصوره جو ان کان 25 يا 30 سال پوءِ بنياد رکيو ويو. امڪاني ڳالهه اها آهي ته برهمڻ آباد کي ويران ڪيو ويو هجي. بلاذري پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿو ته: ”محمد بن قاسم منصوره کان ٻه فرلانگ پري پراڻي برهمڻ آباد طرف آيو، جيڪو ان وقت آباد ڪونه هو، پر هاڻي تباهه ٿي چڪو آهي.“
بکر بندر: هي بندر سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ ۾ واقع هو، جنهن کي عباسي خليفي هارون الرشيد جي جرنيل شيخ ابو تراب 787ع ۾ الور (اروڙ) بندر جي تباهيءَ کانپوءِ آباد ڪيو ۽ هن جو نالو ’فرشته‘ رکيو ۽ الور بکر جي ٻهراڙي وارو ڳوٺ بڻجي ويو. تيرهين صدي عيسويءَ ۾ سيد محمد مڪيءَ جي هتي اچڻ کان پوءِ ان جو نالو ’بکر‘ پيو. ’قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو‘ (ڪتاب) ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”فارسي ٻوليءَ ۾ هن بندرگاهه کي ’بکر‘ يا ’ڀڪر‘ ڪري لکندا آهن“، جڏهن ته هڪ راءِ هيءَ به آهي ته: اهو پنجاب جو شهر ’ڀکر‘ آهي. ’آئينه قديم سنڌ‘ ۾ لکيل آهي ته: ”سڪندراعظم جهلم نديءَ ذريعي سنڌو درياهه آيو، جتي سوگدي جي حڪومت هئي، جنهن جو تخت گاهه ’ڀکر‘ نالي شهر هو.“
پنجاب، ڪشمير، چين، هندستان ۽ مالوه جو مال سنڌو درياهه وسيلي سنڌ ۾ هن بندرگاهه تي اچي لهندو هو ۽ پنج سئو ٻيڙيون هر هفتي بکر بندر تي اچي لنگرانداز ٿينديون هيون. ان زماني ۾ سنڌ جو سامونڊي واپار ايراني نار جي اهم بندرن ۽ ڊيو، ڪمبي، گوئا ۽ سورت جي ڪيترن بندرن سان هلندو هو، جڏهن ته خشڪي رستي سنڌ مان واپاري قافلا کيرٿر جبل جي لنگهه ’مولا لڪ‘ کان بلوچستان ٽپي ايران پهچندا هئا ۽ اتان ’ڀونوچ‘ سمنڊ وارن ملڪن ڏانهن ويندا هئا. افغانستان ۽ ٻين اتر وارن ملڪن سان واپار بکر بندر کان شروع ٿيندو هو. افغاني واپاري ميوو، ڪشمير جون شالون، خراسان جو ريشم، ڪرمان جو پشم، ترڪستان جا پشمينا، ايراني ۽ ڪابلي غاليچا، گهوڙا، هٿيار، دوائون ۽ جڙي ٻوٽيون سنڌ جي هن بندرگاهه ۽ ٻين ڪيترن بندرن وسيلي شهرن ۾ پهچائيندا هئا.
ڪلهوڙن جي دور ۾ جڏهن ’خدا آباد‘ کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بنايو ويو ته هن بندر جو زوال شروع ٿي ويو ۽ ويهين صديءَ ۾ بکر بندر جي تباهي شروع ٿي. اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ مير معصوم شاهه ڦٽل الور بندر جي سرن مان اتي قلعو ٺهرايو ۽ اهو قلعو نادر شاهه اچي ويران ڪيو. هي قلعو پهرين شيخ ابو تراب عرب ٺهرايو هو، جنهن جي مرمت وري شاهه بيگ ارغون ڪرائي. محمود غزنويءَ جي سپهه سالار عبدالرزاق هيءُ قلعو 411هه/ 1020ع ۾ فتح ڪيو هو. ڪلهوڙن جي دور ۾ بکر بندر هڪ تعلقي يا سب ڊويزن طور سڃاتو ويندو هو، جنهن کانپوءِ خيرپور جي ميرن جي ملڪيت بڻجي ويو ۽ انهن کانپوءِ انگريزن جي ملڪيت بڻيو. 1543ع ۾ هتي هڪ جنگ به وڙهي وئي، هينئر هي بندر مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي، پر بکر جي قلعي ۾ پاڪستاني فوجي رهندڙ آهن.
بلري بندر: سنڌ جي هن بندرگاهه بابت قديم آثارن جي کاتي کي ڪي کنڊر ته نه ملي سگهيا آهن، پر ابن حوقل جي راءِ موجب: ”هاڪڙي درياهه جي ڪپ تي جتان هن وقت ڍورو نارو ڦٽي نڪري ٿو، ان جي ٻاهر، اتر طرف بلري نالي بندرگاهه جا آثار موجود آهن.“ پر هاڻوڪي سنڌ جي نقشي موجب ان جاءِ تي هن بندر جا ڪي به آثار ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن، ڇاڪاڻ ته هن جي ڪا خاص جاگرافي نه ملي سگهي آهي.
بن قاسم بندر: هي سنڌ جو هڪ نئون بندر آهي، سنڌ جي هن اهم بندر جو نالو ’محمد بن قاسم‘ جي نالي پٺيان ’بن قاسم‘ رکيو ويو آهي، جنهن جو بنياد اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀُٽي 27 جون 1973ع تي ڪراچيءَ کان 35 ميل پري پپري واري علائقي ۾ اسٽيل مِل جي ڪري رکيو. اسٽيل مِل جي مال جي آمدرفت جو گهڻو دارومدار هن بندر تي ئي آهي، جنهنڪري بن قاسم بندر کان اسٽيل مل تائين ريل سروس کانسواءِ هڪ خودڪار چئن لڳل آهي، جنهن وسيلي مختلف سامان بندرگاهه کان اسٽيل مل ۽ اسٽيل مل کان بندرگاهه تائين آسانيءَ سان پهچائي سگهبو آهي.
هن وقت بن قاسم بندر سنڌ جو وڏو ۽ مصروف ترين بندر آهي. ڪراچيءَ جي هن بندر تان تقريباً هڪ ڪروڙ 30 لک ٽن کان وڌيڪ مال جهازن تان لاٿو ۽ چاڙهيو وڃي ٿو، جڏهن ته هتي ڪيترا وڏا جهاز ڏينهن رات لنگر انداز ٿيندا رهن ٿا.
ڀاڻوٺ بندر: هيءُ بندر هالا کان ٻارنهن ڪلوميٽر پري ضلعي مٽياريءَ ۾ سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري تي آباد هو. هن بندر جو شمار سنڌ جي ننڍن بندرن ۾ ٿيندو هو، ڇاڪاڻ ته هتان پري جي بندرگاهن ڏانهن ڏيهي توڙي پرڏيهي تجارت ڪانه ٿيندي هئي، جڏهن ته واپار جو دارومدار به آبادي جي لحاظ کان تمام گهٽ هوندو هو، جنهنڪري تجارت فقط ننڍين ٻيڙين ذريعي دريائي رستي سان ويجهن بندر تائين ٿيندي هئي. مقامي ماڻهن جي خيال موجب هن بندر جي اوج ختم ٿيڻ جو سبب ڌرتيءَ جو ڌٻڻ آهي، جڏهن ته قديم آثارن جي ماهرن موجب هي بندر سنڌو درياهه جي رخ مٽائڻ ڪري ويران ٿيو. جڏهن ته هن وقت هتي ساڳي ئي نالي سان ڳوٺ آباد آهي، جتي زندگيءَ جون سهولتون رهواسين کي دستياب آهن.
ڀنڀور بندرگاهه: سنڌ جو هي قديم ترين بندر ڪراچيءَ کان سمنڊ رستي 62 ڪلوميٽر ۽ خشڪيءَ رستي 54 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي موجود آهي. هن جو اصل نالو ’بَن بِهار‘ يا ’ون وهار‘ (Vanvihar) يا ’ڀن ڀور‘ (سج جي ديوتا جو شهر/ بندر) هو، پر مقامي طرح هن بندر جو نالو ’ڀنڀور‘ آهي.
ڀنڀور جي اڏاوت بابت مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکي ٿو ته: ڀنڀور، ڀنڀوراءِ اڏيو هو ۽ هو هتي جو بادشاهه هو. درياهه ويجهو هئڻ ڪري هن شهر ۽ بندر کي خاص اهميت حاصل هئي، جڏهن بنو اميه جي گورنرن جي خلاف سنڌ ۾ بغاوت شروع ٿي ته ڀنڀور جو بادشاهه به بغاوت ڪرڻ لڳو. 750ع ۾ بنو اُميه جو دور ختم ٿيو ۽ عباسي خلافت جي شروعات ٿي. انهيءَ سال عرب فوج سنڌ ڏانهن اماڻي وئي ۽ ٻين رياستن سميت ڀنڀور به عباسي خلافت جي اثر هيٺ اچي ويو. ساڳئي ڪتاب مطابق ڀنڀور شيخ تراب جي دور ۾ ڌرتي ڌٻڻ جي ڪري ڦٽو، پر مير طاهر جي خيال موجب ڀنڀور درياهه جي سُڪڻ يا رُخ مٽڻ سبب تباهه ٿي ويو.
ڀنڀور سنڌونديءَ جي ڊيلٽا جي اولهندي ڪناري تي هڪ مشهور بندرگاهه هو، جتي ٻيڙيون ڏيساورن ڏانهن ويندڙ مال سامونڊي رستي ذريعي پهچائينديون هيون. هن بندرگاهه تي ڪوڪن، ملبار، سريلنڪا (سرانديپ)، ڪارو مندل، ايراني نار، سوراشٽر، مشرقي ٻيٽن، چين، مصر، فنيقي، ڪلداني ۽ يمن جا سامونڊي جهاز لنگر ڪندا هئا، جنهنڪري هن بندرگاهه ذريعي ٻين ملڪن سان سنڌ جا واپاري تعلقات بهتر ٿيا. ان باري ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي، پنهنجي ڪتاب ’جنت السنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ، هندستان ۽ ٻين ملڪن کان وڌيڪ دولتمند ملڪ هو ۽ سنڌونديءَ جي جهاز رانيءَ ۽ مغربي ملڪن کي ويجهو هئڻ سبب ان جو واپار هزارين ورهين کان مغربي ملڪن سان هلندڙ هو.“ هن بندرگاهه ذريعي بيد مشڪ، لاک، نير، سوٽي ململ، چمڙو، ريشمي ۽ اوني ڪپڙا ۽ گهوڙا مغربي ۽ مشرقي ملڪن ڏانهن موڪليا ويندا هئا. اهي سڀ شيون ٻين ملڪن ڏانهن ايراني نار ۽ يمن جي بندرگاهن تان ٿينديون وينديون هيون. مشرق ۽ مغربي دنيا جي تعلقات تي H. G Rawlinson هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته: ”سنڌ جي سوٽي ململ جي هنڌين ماڳين هاڪ هوندي هئي ۽ سنڌ جي نالي پٺيان ’سنڊن‘ (Sindon) سڏبي هئي، اها دنيا جي هر حصي ۾ خريد ڪئي ويندي هئي. خاص ڪري هن کي مصر وارا خريد ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته اها ململ لاشن جي ’ممين‘ لاءِ ڪم ايندي هئي.“
13صدي عيسويءَ جو مشهور سياح مارڪوپولو (Marcopolo) پنهنجي تصنيف ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌ جا قيمتي گهوڙا وڏين رقمن عيوض بندرگاهن ذريعي دکن ۾ وڪامندا هئا. اهڙي قسم جي ٻئي وڻج واپار ۽ دولت جي ڪري يوناني سياحت معرفت به ’ڀنڀور‘ وارو بندرگاهه سنڌ جو هڪ تجارتي مرڪز معلوم ٿئي ٿو.“
بطليموس جنهن سڀ کان پهرين دنيا جو نقشو ٺاهيو، تنهن ’ڀنڀور‘ کي باربريڪ ايمپوريم (Barbarik Emporium) جي واپار جي وڏي مرڪز جو نالو ڏنو آهي.
ڀنڀور جي بندرگاهه تي فنيقي، يهودي، ايراني، عرب ۽ مصري واپارين جي رهائش جو خاص انتظام هوندو هو. سنڌ جي رومانوي داستان ’سسئي پنهون‘ جو قصو به ڀنڀور سان لاڳاپيل آهي، جنهن جو ذڪر وڌ ۾ وڌ شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي رسالي جي پنجن سُرن ۾ ڪيو آهي.
هن بندرگاهه جي تباهيءَ بابت ڪننگهام جو خيال آهي ته ڀنڀور 1250ع ڌاري تباهه ٿيو، جڏهن ته ايلين جو چوڻ آهي ته: ڀنڀورا يا ڀنڀور بندرگاهه جي تباهيءَ بابت سنڌ جي لکيل پراڻي تاريخ ۾ ذڪر ڪو نه ٿو ملي، پر هاڻوڪي دور جي مقامي مصنفن جو چوڻ آهي ته هي بندرگاهه خليفي هارون رشيد جي زماني ۾ فتح ڪيو ويو ۽ سنڌ جي ڏندڪٿائن جو مرڪز رهيو. سنڌ جا مقامي ماڻهو درياهه جي ان وقت جي وهڪري ۽ بندرگاهه جي ماڳن کي نظر ۾ رکندي هن بندرگاهه کي قديم سمجهن ٿا ۽ هن بندر جو سڪندراعظم جي هندستان تي حملي ڪرڻ وقت هجڻ جو امڪان ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر زمين جي مٿاڇري تي عربن جي حملي کان اڳ جا اهڙا ڪي به نشان نظر ڪو نه ٿا اچن.
تيز بندر: هي قديم بندر ايران کان نوَن ميلن جي مفاصلي تي واقع هو. هي مڪران (بلوچستان) جو پهريون بندر ليکيو وڃي ٿو، تنهن وقت ۾ اهو سنڌ جي حدن ۾ هو. ياقوت حموي ۽ ابن حوقل هن بندر جو پهرين صدي هجريءَ کان ٽين صديءَ هجريءَ تائين اوج ڏيکارين ٿا. ڏهين عيسوي صديءَ تائين تيز بندر بلوچستان ۾، ديبل بندر سنڌ ۾، کنڀات، سوبارا ۽ جيسورا گجرات ۾، ملبار بندر مدراس ۾ ۽ ڪولم ملي جا بندر اهم هئا. هندستان ۽ چين جا جهاز ۽ ٻيڙا ايراني نار، يمن ۽ حبش ڏانهن ويندي تيز بندر تان لنگهندا هئا. ان ڪري هي بندر واپار جو بهترين مرڪز پڻ هو، جتان کجي ۽ گهوڙا هندستان، سنڌ، زنجبار، يمن ۽ فارس جي ٻين اهم بندرن ڏانهن ٻيڙن ذريعي موڪليا ويندا هئا، جڏهن ته اُتان جي ملڪن جون ڪيتريون ئي شيون هن بندرگاهه تي اچي لهنديون هيون.
ڏهين عيسوي صديءَ ۾ ڪرمان جي بندر هرمر کي اهميت حاصل ٿيڻ کانپوءِ هي بندر زوال پذير ٿي ويو، جتي هاڻ ساڳئي نالي سان هڪ ڳوٺ آباد ٿي چڪو آهي.
پاتال بندر: سنڌو درياهه جي ڇوڙ وٽ موجوده ٺٽي ضلعي جي قديم دور جو هڪ شهر ۽ بندر، جيڪو هڪ وڏو واپاري مرڪز هو. هِتان درياهه ٻه شاخون ٿي وهندو هو. 325 ق. م ڌاري سڪندراعظم جي ڪاهه'>سنڌ تي سڪندراعظم جي ڪاهه وقت اهو ’پاتال‘ بندر نالي مشهور هو، جنهنڪري يونان جي تاريخ نويسن ان جو تفصيل سان بيان ڪيو آهي. سڪندراعظم هت گودي به ٺهرائي هئي. ميجر جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ’دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته ”حضرت سليمان عليه السلام جي وقت ۾ دُنگيون ۽ جهاز، سنڌونديءَ جي پاتال بندر وٽ اچي بيهندا هئا. هت سنڌوندي اچي ڇوڙ ڪندي هئي ۽ مصر ملڪ جا جهاز پاتال بندر تائين ايندا هئا. هن قديم شهر ۽ بندر جا آثار ڪيٽي بندر ۽ شاهبندر جي لڳ سرکاڻي ڪريڪ ۾ ٻڏل آهن، پر ڪڏھن ڪڏھن سمنڊ جي ويرن لھڻ چڙھڻ مھل نظر ايندا آھن. هي سورج وَنسي گھراڻي ۽ سنڌو تھذيب جو اوائلي بندر آهي. درياهه جي ھڪ شاخ جيڪا شاھبندر ڏانهن ويندي ھئي، جنهن تي شاھه ڪپور طرف اھو بندر ھو. جنرل ھيگ ساڳئي ڪتاب جي صفحي 20 تي لکيو آھي ته اڪشو اِڪو ڪُل وارا ھن بندر تي رھندا ھئا. اڪشو اِڪو سورج ونسي گھراڻي جو پھريون بادشاهه ھو، جيڪو گوتم ٻڌ جي ڀيڻ ’اِلا‘ سان پرڻيل ھو.
پاري بندر/ نگر: پاري نگر جي بندر جو بنياد عيسوي پهرين صديءَ ۾ پيو، جيڪو ننگرپارڪر کان 14 ڪلوميٽر اتر طرف واقع شهر ويراواهه جي ڀرسان ڊٺل ۽ ويران کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهي. آباديءَ جي لحاظ کان، هتي اڳ اٽڪل 40 هزار ماڻهو رهندا هئا. هتي اوسواڙن (جين ڌرم) جي اڪثريت هئي. جيڪي شاهوڪار ماڻهو هوندا هئا، تنهن وقت موجوده ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي صورت ۾ موجود هو ۽ جنهن جو بندرگاهه پاري ننگر هوندو هو. ڪڇ جي رڻ مان جهاز سڌو اچي ڏوتڙ (ٻه تڙ) وٽ لنگر انداز ٿيندا هئا. ڏوتڙ، ويراواهه کان ٻه ميل اولهه ۾ آهي، انهي ڦٽل بندر جا نشان اڄ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن تاريخي شهر سان سڏونت- سارنگا جو مشهور عشقيه منسوب آهي، جنهن کي هتان جي مقامي شاعرن خوب ڳايو آهي، روايت آهي ته پاري نگر جي واپارين پئسي جي زور تي هڪ تلاءُ ٺهرايو هو، جنهن جو نالو ’ڪجلاسر‘ هو. پاري نگر جون پدمڻيون صبح جو ننڊ مان اُٿي ان تلاءَ ۾ منهن ڌوئنديون هيون. تلاءَ جي پاڻيءَ ۾ انهن مرگهه نيڻن جي ڪجل جا ڪارا ڪارا ليڪا ٺهي ويندا هئا ۽ سڄو پاڻي ڪجل جي سهڻي رنگ سان رڱجي ويندو هو، اهو تلاءُ اڄ به ويراواهه جي اوڀر طرف موجود آهي. ٻيءَ روايت آهي ته پاري نگر ۾ هڪ ارب پتي اوسواڙ ڪاجل شاهه نالي رهندو هو. تنهن تان اهو ’ڪجلاسر‘ نالو پيو هو.
(وڌيڪ ڏسو: پاري نگر، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون)
پتڻ منارو بندر: هي بندر کنڊر جي صورت ۾ رحيم يار خان کان پنج ڪلوميٽر اوڀر طرف سنڌو درياهه جي ڦٽل وهڪري تي واقع آهي. هن بندر کي ’پتڻ پور‘ به سڏيو ويندو هو، جڏهن ته تاريخ جي حوالن مان ڄاڻ ملي ٿي ته هي بندر پنهنجي دؤر ۾ اهم ۽ مصروف ترين بندر هو، جتي ڪيترائي ٻيڙا ۽ جهاز واپار جي سلسلي ۾ سنڌو درياهه رستي سنڌ جي مختلف بندرگاهن ڏانهن ويندا هئا. هي بندر هن وقت دڙن جي صورت ۾ ڪيترن ئي ميلن ۾ پکڙيل آهي. ڪرنل منچن 1870ع ڌاري هن بندر جي کوٽائي ڪرائي، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. جيمس ٽاڊ، جيسلمير جي تاريخي واقعن جو ذڪر ڪندي هن بندر جو ذڪر ڪيو آهي. هي بندر ڪنهن زماني ۾ هڪ حڪمران جي گاديءَ جو هنڌ پڻ رهي چڪو هو، جيڪو پوءِ برباد ٿي ويو. اڄ به هن بندر جي اتر ۾ پراڻي وهڪري جا نشان موجود آهن، جن کي مقامي طور ’گهگهر درياهه‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ڏهين صدي عيسويءَ ۾ سومرن هن کي ٻيهر آباد ڪيو. هن بندرگاهه جي مٿاڇري تي ٺڪراٺو ۽ سرن جا اڌڙ گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا، جڏهن ته هن بندر جي باقاعدي کوٽائي نه ٿي آهي، پر ان جي باوجود مينهن جي مند ۾ ٽامي جا سڪا ۽ ٽامي جا ٿانو به ملن ٿا. روايتون آهن ته هي مشهور بندرگاهه ڪيترن ئي ميلن تي پکڙيل هو ۽ ڀرپاسي وارا دڙا به هن جو حصو آهن، جن ۾ ڀنڊار ۽ کوکڙ جا دڙا شامل آهن.
هن بندرگاهه جي اوج ختم ٿيڻ بابت تاريخي حوالن مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته سنڌو درياهه پنهنجو رخ مٽائي ٻئي گس تان وهڻ لڳو ته هي بندر زوال پذير ٿي ويو.
پٽالا بندر: هي سنڌ جو هڪ قديم بندرگاهه آهي. هن جي نالي بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته ’پٽالا‘ دراوڙي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ’پاتال‘ آهي، جڏهن ته ڪن محققن موجب پاتال يا پٽالا لفظ جي معنيٰ ست ماڙ عمارت به آهي ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ پٽالا جي معنيٰ مندر آهي. عام طرح پٽالا جو وجود ڪن سکر، ڪن حيدرآباد ڄاڻايو آهي. علامه شمس الدين محمد بن محمود شهروزيءَ ڪتاب ’نرهة الارواح و روضة الافراح في تواريخ الحڪماءَ المتقدمين والمتاخرين‘ ۾ نيرون ڪوٽ کي پٽالا بندر ڄاڻايو آهي (جنهن کي ڪن تاريخدانن حيدرآباد سڏيو آهي)، جڏهن ته مؤرخ ۽ جاگرافي نويس ابوالهند، سنڌ جي هن بندرگاهه کي نيرون جي نالي سان سڏيو آهي ۽ علامه بلاذريءَ پنهنجي مشهور ڪتاب ’فتوح البلدان‘ ۾ نيرون ڪوٽ کي ’بالنون‘ سڏيو آهي، جيڪو ديبل ۽ منصوره بندر جي وچ ۾ سنڌو درياهه جي ڪپ تي آباد هو. تنهن دور ۾ منصوره وٽان سنڌو درياهه جون ٻه شاخون ڦُٽي نڪرنديون هيون ۽ اهي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون. پهرين شاخ تي جيڪا الهندي پاسي کان وهندي هئي، منج آبري، نيرون ۽ ديبل بندر هئا، جڏهن ته ٻي شاخ تي جيڪا اڀرندي پاسي کان وهندي هئي، بانيا، ڪامهل ۽ کنڀاٽ بندر هئا. عراق جي قديم شهرن ڪِش ۽ اُر مان موهن جي دڙي جا سڪا دستياب ٿيا آهن ۽ اوزارن ٺاهڻ لاءِ ٽين ۽ شيهو سنڌ ۾ فنيقيا جا واپاري مهيا ڪندا هئا، جنهن مان به سنڌ سان ٻاهرين دنيا جي واپاري تعلقات جو ثبوت ملي ٿو. سنڌ سان سامونڊي ۽ خشڪي رستي ٻاهرين ملڪن جو واپار هلندو هو ۽ خشڪيءَ جي رستي قافلا عراق جي بازارن جو مال کڻي سنڌ ۾ پهچائيندا هئا. عربي سمنڊ رستي، سنڌ جا جهاز بابل تائين ويندا هئا. ڪلداني، مصري، فنيقي ۽ عرب واپارين جا جهاز ايراني نار ۽ مڪران جو ڪنارو ڏئي سنڌ جي بندرگاهن: پٽالا، مينانگر ۽ ڀنڀور تي لنگر انداز ٿيندا هئا.
پٽالا بندر جو يوناني جاگرافيدانن هن طرح ذڪر ڪيو آهي ته: ”سڪندراعظم جي ڪاهه وقت سنڌ تي ’راجا سامبس‘ راڄ ڪندو هو. پٽالا، سيوستان ۽ ديبل تي ننڍن راجائن جي حڪومت هوندي هئي، جيڪي راجا سامبس جا ماتحت هئا. راجا سامبس، سڪندراعظم سان مقابلو ڪيو هو، پر پٽالا جي راجا موڪريس بنا مقابلي جي آڻ مڃي هئي. ان کان پوءِ سڪندراعظم هليو ويو. هن پٽالا ۾ هڪ نئون قلعو ٺهيل ڏٺو هو، سڪندراعظم پنهنجي دور ۾ يوناني تهذيب، زبان ۽ هنر جو اثر مشرق ۾ قائم رکڻ لاءِ اُچ (اسڪلنده)، پٽالا، ڀنڀور ۽ سون مياڻيءَ جي بندرگاهن تي گوديون تعمير ڪرايون هيون. ڪنهن زماني ۾ پنهنجو اوج رکندڙ هي بندر هاڻي مڪمل طرح ميسارجي ويو آهي.
پسني بندر: هي قديم بندر ڪراچيءَ کان 194 ميلن جي مفاصلي تي پسني نار تي واقع هو. نار جي اڀرندي پاسي ۾ شهر جي ويجهو راس الجدي آهي، جيڪا سمنڊ جي مٿاڇري کان 150 فوٽ بلنديءَ تي آهي. هن بندر تي ڪيترائي جهاز ۽ ٻيڙا لنگرانداز ٿيندا هئا. 1802ع تائين ڪيترائي ڀيرا هن بندر کي پورچوگيزن ۽ عربي سمنڊ جي ٻين قزاقن نقصان پهچايو. سن 1881ع ۾ لوئيس ڊي آلميدا هن بندر کي ساڙائي ڇڏيو ۽ اڄ به ان جا آثار اتر اولهه ۾ موجود آهن. تنهن کانپوءِ 1905ع ۾ انگريزن هن بندر کي ٻيهر آباد ڪيو، پر 28 نومبر 1945ع تي زلزلي سبب هي بندر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو.
جاکي بندر: جاکي بندر جا آثار ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپور ساڪري ۾ سنڌو درياهه جي هڪ قديم شاخ پٽياڻيءَ جي اڀرندي ڪناري تي، ٻهارن جي شهر کان اٽڪل 5/ 6 ميل کن اولهه طرف ۽ بگهياڙ ڦاٽ جي قديم پيٽ جي اولهه طرف موجود آهن. ڌاراجا ۽ راڻيءَ جي ڪوٽ جا آثار پڻ جاکي بندر جي ڀر پاسي ۾ آهن. جاکي بندر ۽ ڌاراجا ٻئي مقامي نالا آهن، جن جو آڳاٽي تاريخ ۾ ڪو به ذڪر ڪونهي. جاکي بندر ڏکڻ طرف ۽ ڌاراجا اُتر طرف آهي، پر گهڻو ڪري هڪ ساڳيءَ قديم وستيءَ جا ڦٽل نشان هتي موجود آهن ۽ يقيناً اهي آثار مشهور تاريخي بندر ’لاهري‘ جا آهن. ڪئپٽن پوسٽنس 1843ع کان 1845ع واري عرصي دوران لکيو آهي ته: ”ڌاراجا اڳي ٺٽي جي واپار جو مکيه بندر ۽ هڪ مشهور شهر هو. مگر درياهه جي ڦيرگهير سبب هن بندر جي اهميت گهٽجي وئي. هن وقت ڌاراجا يا لاهري بندر جي بدران ڪراچيءَ کي ئي بندر طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.
جاکي بندر واري ايراضيءَ ۾ هڪ ڊٺل ڪوٽ جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪو اٽڪل 2500 چورس والن تي پکڙيل آهي. کوٽائي ڪرڻ سان هتان ڪاشيءَ جون سرون ۽ ٽامي جا سڪا مليا آهن، جن تي ’محمد شاهه‘ جو نالو اُڪريل آهي. جاکي بندر تي پکڙيل ٺڪراٺو هڪ شاهوڪار شهر جو ئي معلوم ٿئي ٿو. هن شهر جي ٺڪراٺي ۾ چينيءَ جي ٿانون جي ٽڪرن تي چيني ٻوليءَ جا اکر لکيل آهن. اهي ٿانوَ اڇي فرش تي گلن ۽ چٽن وارا آهن. باقي ٺڪراٺـي ۾ ڪاشي جام ملي آهي. هتي شيشو، جنڊيءَ جا ٽڪر، چوڙيون، سونا زيور ۽ ننڍڙا سڪا به ملن ٿا. هتان ٺڪر جي مورتي به لڌي وئي آهي. ٻاهران ڪوٽ آيل آهي، جيڪو سالم حالت ۾ آهي. ڪوٽ جي اندر ۽ ٻاهر گهرن جي اڏاوت موجود آهي. قبرستان ۽ کوهه به ملن ٿا. اڏاوتون پڪين سرن جون آهن. البت انهن جا بنياد ريتيءَ ۽ چن واري پٿر تي رکيل آهن.
جاکي بندر جي اتر ۾ کُڏي کاري آهي، ڏکڻ ۾ پئٽياڻي کاري، کُڏي کاريءَ جي هاڻوڪي اونهائي 60 کان سؤ فوٽ آهي، جڏهن ته پئٽياڻي ان کان به اونهي آهي. ان ماڳ کي ’قبي‘ به چون ٿا. اهو ان ڪري ته جاکي بندر آڏو کڏي ڪريڪ ۾ هڪ قديم مسجد يا قبي جا نشان آهن. قلعي جو دروازو 15 فوٽ ويڪرو آهي. قلعي کي ٻارنهن برج آهن، ٻاهرئين پاسي کان ديوار جي هاڻوڪي اوچائي 10/12 فوٽ آهي. برجن جي بيهڪ ڪنڊائتي بيضوي نموني جي آهي. سڀني برجن جي ماپ ۾ فرق آهي، پر سراسري طور انهن جي ماپ 15X20 فوٽ چئي سگهجي ٿي. ديوارن جي ڪل ڊيگهه ويڪر هم چورس 105 وال آهي. جڏهن ته ديوار جي ٿولهه پنج فوٽ آهي. جاکي بندر کي ’جانکي بندر‘ به سڏيو ويندو آهي.
جسڪ بندر: هي قديم بندر سنڌ جي سامونڊي ڪناري لڳ مڪران، بلوچستان جي حدن ۾ شامل ٿئي ٿو، جڏهن ته آڳاٽي زماني ۾ هي بندر سنڌ جي تهذيب جو حصو هو. پندرهين عيسوي صديءَ ۾ پورچوگيزن ۽ بلوچن وچ ۾ هن بندرگاهه لاءِ بحري جنگيون پڻ لڳيون، جڏهن ته 1618ع ۾ انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني هن جي تجارتي اهميت کي سمجهندي هتي واپار جي ڪوٺي پڻ قائم ڪئي هئي. تنهن دور ۾ هن بندر تان شيراز ۽ اصفهان جو ريشم ۽ ڪرمان جو پشم ڪمپني خريد ڪندي هئي، جڏهن ته مغلستان جي بندر هرمز تي 1623ع ۾ انگريزن قبضو ڪيو، جنهن ڪري جسڪ بندر جي اهميت گهٽجڻ لڳي ۽ زوال پذير ٿي ويو.
جيوڻي بندر: هيءُ بندرگاهه ڪراچيءَ کان 290 ميلن جي مفاصلي تي مڪران، بلوچستان ۾ سمنڊ جي ڇوڙ تي واقع هو، پر ڪنهن دؤر ۾ هن جو شمار سنڌ جي حدن ۾ ٿيندو هو. هن تي جيوڻي نالو سردار جيوڻ خان جدگاليءَ جي پويان رکيو ويو، ڇاڪاڻ ته چوڏهين صدي عيسويءَ تائين هن بندر تي جدگالن جو قبضو هو. ڪي ماڻهو هن کي ’جيونڙي‘ پڻ چوندا آهن.
1938ع تائين جيوڻي، ميربحرن جي هڪ اڻڄاتل وسندي هئي، انهيءَ سال مسقط جي سلطان ۽ انگريزن جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تان نااتفاقي ٿي پئي، جنهنڪري سلطان، انگريزن جي هوائي ڪمپني BOAC جي مسقط ۾ قائم آفيس بند ڪرائي ڇڏي، تنهنڪري برطانيه جي حڪومت، خان آف قلات سان معاهدو ڪري جيوڻيءَ ۾ هوائي اڏو قائم ڪيو ۽ جيوڻي بندر تي جهازن جو هڪ خاص لنگرگاهه بنايو ويو. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ برطانيا جي فوج هتي ئي رهائش اختيار ڪئي، جنهنڪري هي بندرگاهه ترقي پذير ٿيو، جتي ڪيترائي جهاز لنگرانداز ٿيندا هئا، پر ان وقت ٻين ملڪن سان هن بندر جي تجارت نه ٿي سگهندي هئي، جڏهن ته ان کان پهرين بندر عباس ۽ ٻين بندرگاهن جا ڪيترائي سامونڊي قافلا هتي جهازن ۽ غورابن وسيلي واپار ڪرڻ ايندا هئا. هي بندر هن وقت ايران جي حڪومت جي قبضي هيٺ آهي.
ديبل بندر: ديبل، اسلامي دور کان اڳ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ حڪومتي دور ۾ سنڌ جو قديم مشهور واپاري بندرگاهه هو. ديبل کي چؤگرد قلعو هو. فتحنامي مان هن شهر جي قدامت جو ڪافي احوال ملي ٿو. ڇهين صدي عيسويءَ کان وٺي تقريباً تيرهين عيسوي صديءَ جي اڌ تائين ديبل بندر بهتر يا زبون حالت ۾ سنڌ جي نقشي تي قائم هو. ڏهين صديءَ ۾ جڏهن سنڌ تي عربن جو قبضو ٿيو ته ان وقت بندر اوج تي هو. عربن جي دؤر ۾ هن جو اوج برقرار رهيو، پر جيئن جيئن عربن جي اقتدار جو سج لهندو ويو، تيئن سندن طاقت ۽ واپار جي مرڪز ديبل جي اهميت پڻ گھٽجي وئي. سنڌو درياهه جي موج ۽ مستين جي ڪري هڪ ٻئي نئين بندرگاهه جنم ورتو، جيڪو لوهاراني/ لاهوري/ لاهري جي نالي سان مشهور ٿيو. هن نئين بندرگاهه جي اسرڻ ڪري پڻ قديم بندر ديبل جو اوج گھٽ ٿي ويو. 1334ع ۾ جڏهن ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو ته هن ’لاهري‘ بندر کي وڏي اوج تي ڏٺو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ديبل بندر اٽڪل ڇهه سؤ ورهيه سنڌ جو مکيه بندر ٿي رهيو، جنهن سان سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي تاريخ جو لاڳاپو هو. جيتوڻيڪ ديبل تباهه ۽ برباد ٿي ويو، مگر سنڌ وارن نئين بندرگاهه کي به ديبل ئي سڏيو، ڇاڪاڻ ته گذريل ڇهه سؤ ورهين جي عرصي ۾ ’بندر‘ ۽ ’ديبل‘ جا لفظ لازم ۽ ملزوم بنجي ويا هئا. پوئين زماني جي تاريخ هن عام رواج جي تصديق ڪري ٿي ته سورهين صدي عيسويءَ ۾ پورچوگيزن هن ساڳئي لاهوري بندر کي ’لاهري بندر‘، ’دربل‘، ’ديوئل‘ ۽ ’ديوئلسز‘ ڪري لکيو آهي. ابوالفضل ’آئين اڪبريءَ‘ ۾ ٺٽي کي ديبل سڏيو آهي. مير معصوم، لاهري بندر توڙي ٺٽي کي ’ديبل بندر‘ ڪري لکيو آهي. انهن حوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اصل ۾ ديبل، جنهن تي محمد بن قاسم قبضو ڪيو هو، اهو زماني جي انقلابن سبب تباهه ۽ برباد ٿي ويو، تڏهن به ان جو اهو نالو هلندو رهيو ۽ بعد ۾ لوهاراڻي يا لاهري بندر خواه ٺٽي کي ديبل بندر سڏڻ لڳا.
سنڌ جي مشهور تذڪره نگار مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ ۾ لاهري بندر کي پراڻو ديبل سڏيو آهي. ساڳيءَ طرح بگھاڙ شاخ تي هڪ بندر گاهه کي به ديبل ڪري سڏيو ويو آهي. اتي دفن ٿيل شيخ حسين عرف پير پٺي کي ’ديبلي‘ ڪري سڏيو ويو آهي. ناليواري سياح البيرونيءَ جو چوڻ آهي ته ديبل هڪ ساحلي بندر هو ۽ لوهاراڻي کان اڀرندي ڏانهن سنڌونديءَ جي شاخ تي اڏيل هو. ان ڪري پاٽنجر ۽ ڪننگهام ’لاهري بندر‘ کي اصلي ديبل سمجھن ٿا. رچرڊ برٽن، ڪئپٽن مئڪ مرڊو، ڊيلهوسٽ، هئملٽن ۽ هينري ڪزنس وري ٺٽي کي قديم ’ديبل‘ ڪري لکن ٿا. ايليٽ صاحب ڪراچيءَ کي ’ديبل‘ ڪوٺيو آهي، حالانڪه ڪراچيءَ جو ان وقت اڃا وجود ئي ڪونه هو. ڪراچي، بندر طور 1729ع ڌاري استعمال ٿيڻ ۾ آيو. موجوده ڌاٻيجي اسٽيشن کان اٽڪل 5 ميلن جي مفاصلي تي، ڏکڻ اوڀر طرف ٺٽي کان ڪراچي ويندڙ رستي کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي ’گھارو‘ نالي هڪ سامونڊي کاري جي ڪپ تي قديم شهر ڀنڀور جي کوٽائي مان قديم آثار وارن ماهرن کي ڪي شيون ۽ نشانيون لڌيون، جن جي بنياد تي هن شهر کي سنڌ جو قديم ’ديبل بندر‘ سڏيو ويو.
سنڌ جي هن قديم بستيءَ متعلق مؤرخن ۾ ڪافي اختلاف آهن ۽ مختلف دورن ۾ هن بستيءَ کي جدا جدا هنڌن تي ڄاڻايو ويو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڀنڀور کي ديبل سڏيو آهي. ان جي برعڪس پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ ۽ ايم. ايڇ. پنهور ان ڳالهه کي نه ٿا مڃين. پير حسام الدين راشدي ’مڪلي نامھ‘ جي حاشين ۾ ٺٽي شهر جي قدامت تي بحث ڪندي، ديبل جي ماڳ ۽ زوال تي پڻ ڳچ قديم ڪتابن جي مدد سان روشني وڌي آهي. پير صاحب جي راءِ آهي ته ديبل بندر 658هه/ 1272ع کان پوءِ زوال پذير ٿيو. اهو ئي دور آهي جڏهن ٺٽي ننگر جي اوسر شروع ٿي. مڪلي ٽڪر جي بلڪل ڏاکڻينءَ ڪنڊ تي پير پٺي جي مزار آهي. ڪتابن ۾ هن بزرگ کي ديبلي سڏيو ويو آهي. ڏکڻ ۾ جتي مڪلي ٽڪر ختم ٿئي ٿو، ان جي ڀرپاسي ۾ ميداني علائقي ۾ قديم ديبل بندر جي هجڻ جون شاهديون موجود آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ عرب تاريخ نويسن جي احوال جي آڌار تي لکي ٿو ته سن 637ع- 636ع ۾ حضرت عمر رضه جي خلافت جي زماني (5 هه) ۾ عمان جي گورنر عثمان بن ابي العاص الثقفي، مغيره ۽ حڪم جي هٿ هيٺ سمنڊ ذريعي هڪ مهم موڪلي هئي، جنهن هندستان جي ٽن بندرگاهن ديبل، ڀڙوچ ۽ ٿاڻه تي حملا ڪيا هئا. ان کانپوءِ عبيدالله بن نبهان ۽ بديل بن طهفة البجلي 711هه ۾ ديبل تي حملو ڪيو. بعد ۾ محمد بن قاسم 713ع ۾ ديبل تي ڪاهه ڪئي ۽ فتح ڪيو. ان دور ۾ سنڌ ۾ ديبل وڏو بندر ۽ وڏو شهر هو، جيڪو عربن جي اچڻ کانپوءِ علمي شهر بڻجي ويو. هن شهر ۾ پهريون ڀيرو اسلامي مدرسن جو بنياد پيو. عراق ۽ عرب کان ڪيئي عالم هن شهر ۾ اچڻ لڳا ۽ خود هن شهر ۾ وڏا جيد عالم، محدث، مفسر ۽ فقيھ پيدا ٿيا. عرب تاريخ نويسن ڪيترن اهڙن عالمن کي ان شهر جي نسبت سان ’ديبلي‘ ڪري لکيو آهي. علامه سمعاني پنهنجي ڪتاب ’ڪتاب الانساب‘ ۾ اهڙن ڪيترن ئي عالمن جو ذڪر ڪيو آهي.
ڌاراجا بندر: هيءُ بندرگاهه لاڙي بندر کان ٻه ميل اوڀر، تعلقي ساڪري، ضلعي ٺٽي ۾ کنڊرات جي صورت ۾ موجود آهي. هن بندرگاهه تي راڻو ارجن راڄ ڪندو هو، جنهن جو ڪوٽ ’راڻي جي ڪوٽ‘ جي نالي سان اڄ به دڙن جي شڪل ۾ موجود آهي. سامونڊي ڪناري تي آباد هجڻ جي ڪري هتي ڪيترائي جهاز ۽ ٻيڙا لنگر انداز ٿيندا هئا، جنهن سبب هتان ڪپڙي، لونگين، غاليچن ۽ پاکڙن جو واپار سنڌ جي بندرن جهڙوڪ: شاهه بندر ۽ وڪر بندر سميت هندستان، خراسان ۽ يورپي ملڪن سان ٿيندو هو.
هن بندرگاهه جي اوج ختم ٿيڻ بابت تاريخي حوالن مان ڄاڻ ملي ٿي ته هن بندرگاهه جي حاڪم راڻي ارجن (جنهن کي مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ’قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو‘ ۾ راڻي ارجن بدران اجمل لکيو آهي) ۽ ڪڪرالي جي ڄام (1151هه/1738ع) ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پٽ محمد مرادياب جو رستو روڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين ۾ ويڙهه ٿي هئي. راڻو ارجن ۽ ڪڪرالي جو ڄام هن بندرگاهه تان جهاز وٺي سمنڊ رستي درياهه ۾ آيا، پوءِ پاڻيءَ توڙي ميدان تي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سخت ويڙهه ٿي، جنهن سبب ڌاراجا بندر جو راجا راڻو ارجن ساٿين سميت ڀڄي نڪتو ۽ 1747ع ۾ هن ٺٽي تي ڪاهه ڪئي، جنهن جي ڪري وري هن ۽ ڪلهوڙن ۾ ويڙهه ٿي. ٺٽي ۾ ڪلهوڙن طرفان شيخ شڪر الله، مسو فقير سامٽيو ۽ بولا خان نومڙيو پنهنجا لشڪر وٺي وڙهيا ۽ شيخ شڪر الله جي اشاري تي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ويجهي ساٿي بجار خان جوکئي رات جو حملو ڪيو، جنهن ۾ راڻو ارجن مارجي ويو. ان ويڙهه جي نتيجي ۾ هن بندرگاهه تان ٿيندڙ سموري آمدورفت متاثر ٿي ۽ راڻي ارجن جي مرڻ کانپوءِ هي بندر مڪمل طور ويران ٿي ويو.
روهڙي بندر: هيءُ بندر سنڌو درياهه جي ٻئي ڪناري ڏکڻ طرف هاڻوڪي سکر شهر جي سامهون آباد هو. هن جي نالي متعلق ’سنڌوءَ جو سفر‘ ۾ بدر ابڙو لکي ٿو ته: ”روهه معنيٰ ٽڪري ۽ روهڙي معنيٰ ننڍي ٽڪري“. هي هڪ جاگرافيائي نالو آهي، جڏهن ته اتان جا مقامي ماڻهو هن کي ’لوهري‘ به سڏيندا هئا، جيڪو هڪ مهاڻي جو نالو هو. تاريخ موجب هن کي ’لوهر ڪوٽ‘ به چيو ويندو هو، جيڪو سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ’کهراڻ‘، ’سخت‘ يا ’نهري‘ آهي.
روهڙيءَ کي تقدس مان روهڙي شريف پڻ سڏيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هتي نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم سان منسوب ’وار مبارڪ‘ آهي، جيڪو سنڌو درياهه تي هڪ عمارت ۾ محفوظ آهي، جيڪا 1545ع ۾ ميرمحمد ڪلهوڙي ٺهرائي هئي.
هن بندرگاهه کان اتر ۾ ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي اروڙ جو بندر آباد هو. 335هه/ 47-946ع ۾ سنڌو درياهه پنهنجو رستو بدلايو، جنهن جي ڪري اروڙ بندر تباهه ٿي ويو ۽ اتان جا رهواسي لڏي اچي روهڙيءَ ۾ آباد ٿيا. هن بندر کي ٺٽي ۽ سيوهڻ جو همعصر چيو وڃي ٿو، جڏهن ته هن بندرگاهه جي اڏاوت بابت متضاد رايا آهن: اي. ڊبليو. هيوز سنڌ گزيٽيئر ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”روهڙي بندر سيد رڪن الدين 996هه بمطابق 1297ع ۾ تعمير ڪرايو.“
راورٽيءَ ڪتاب ’مهراڻ‘ ۾ لکيو آهي ته: ”روهڙي بندر قديم آهي، جنهن جو هندي نالو ’رورا پورا يا رورا نگر هو. انهن ٻنهي نالن جي هڪڙي معنيٰ ’جبلن تي ٺهيل شهر‘ نڪري ٿي.“ هو اڳتي لکي ٿو ته: ”اڳي آڪلاڻيءَ جي مندر وٽ سنڌو درياهه پنجاهه فوٽ جي بلنديءَ تي بندر جي هيٺيان وهندو هو، جنهن جي پاڻيءَ جا نشان اڄ به اتي موجود ٽڪرين تي نظر اچن ٿا.“ ڪئپٽن ويسٽ هئڪاٽ لکي ٿو ته: “بکر بندر جو سلطان محمود 980هه ۾ وفات ڪري ويو ته ان وقت ٺٽي بندر جو حڪمران مرزا عيسيٰ خان ترخان هو ۽ ساڳي سال سيد سرود الدين بکر بندر تي آباد هو، جيڪو بکر بندر تان لڏي اچي روهڙي بندر تي ويٺو.“
اسلامي دور ۾ روهڙي بندر سنڌ جي واپاري مرڪزن مان هڪ هو. ان وقت روهڙيءَ جو ڪپڙو ’دريائي‘ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور هوندو هو ۽ هندستاني ۽ پرڏيهي واپاري هتي تجارت لاءِ ٻيڙن ذريعي ايندا هئا ۽ ان کان سوا نير جو واپار به ٿيندو هو. جڏهن ته ٻاهرين شهرن ۽ ملڪن جو سامان هن بندرگاهه تي سنڌو درياهه وسيلي اچي لهندو هو. جوزف سئلبئنڪ 1609ع ۾ روهڙي بندر جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته: ”هتي جا شهري محنتي، ڪڙمي ۽ هوشيار ڪاريگر آهن، جيڪي سوٽي ڪپڙي، نير ۽ ٻين شين جو واپار ڪن ٿا.“ 999هه بمطابق 91-1590ع ۾ اڪبر بادشاهه مير معصوم کي بکر بندر جاگير طور ڏنو، جنهن سکر ۽ روهڙي بندر کي سينگارڻ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي، پر هن بندرگاهه جي تباهه ٿيڻ بابت ڪو به تاريخي حوالو نه ٿو ملي ۽ هاڻوڪي وقت هي بندرگاهه مڪمل طور تي شهر جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جتي ملڪ جي وڏي ريلوي جنڪشن اسٽيشن، مسجدون، اسڪول، ڪاليج، بازار ۽ اسپتالون ٺهي چڪيون آهن.
رهمڪي بندر: هن بندرگاهه کي گذريل اٺين کان ڏهين صديءَ ۾ تمام گهڻي اهميت حاصل رهي آهي. هن بندر جا آثار موجوده رهمڪي بازار ڀرسان ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي ۾ ڪڇ جي رڻ جي ڪنڌيءَ تي پراڻ درياهه جي وهڪري تي موجود آهن. ان وقت ۾ ڪوري نار کان وٺي ونگي پتڻ تائين پراڻ جي ڪنڌيءَ تي علي بندر، سنڌڙي بندر ۽ رهمڪي بندر مشهور هئا. سومرن جي دؤر ۾ هن بندر تي درياهي رستن کان ٻاهران ايندڙ مال تي واپارين کان محصول جي وصوليءَ لاءِ چونڪي پڻ قائم هوندي هئي، پر اصل ۾ ڪڇ جي رڻ واريون بندري بستيون ڄڻ ته سرحدي چونڪيون هيون، اتي ڪوٽ پڻ اڏيل هوندا هئا، جن ۾ سنڌ يا ڪڇ جا سرحدي محافظ موجود هوندا هئا. انهيءَ سرحدي چونڪيءَ جي ويجهو يا ان سان گڏ هڪ نئين بستي وجود ۾ آئي، جنهن جو مقصد صرف تجارت ڪرڻ هو، جنهن ۾ ٻاهران آيل سوداگر ۽ واپاري ڏيهي تاجرن سان مال جي خريد و فروخت ڪندا هئا. انهيءَ لحاظ سان هن نئين بستيءَ جو نالو ئي بازار پئجي ويو ۽ اڳتي هلي ’رهمڪي بازار‘ مشهور ٿيو.
رهمڪي بندر پنهنجي دؤر ۾ هڪ وڏو تجارتي مرڪز رهي چڪو آهي، جتي سامونڊي ۽ درياهي رستي ڪيترائي ٻيڙا ۽ جهاز لنگرانداز ٿيندا هئا. سنڌ ۽ ڪڇ جو ڳانڍاپو به هن ئي بندرگاهه وسيلي قائم هو ۽ اڄ به سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ خشڪيءَ وارو سفر رهمڪي بازار وٽان آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو.
هن بندر جو اوج سنڌو درياهه جي رخ نه بدلائڻ تائين قائم رهيو، پر ميان غلام شاهه جي زماني ۾ درياهه پنهنجو رخ مٽائي ٻئي گس سان وهڻ لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ پراڻ جو وهڪرو بند ٿي ويو ۽ هي بندر زوال پذير ٿي ويو.
سکر بندر: سنڌ جو هي مشهور بندرگاهه روهڙي شهر جي سامهون واقع هو، جنهن جي وچ ۾ سنڌو درياهه وهي ٿو. هن بندر متعلق گهڻا رايا پيش ڪيا ويا آهن، ڪن جو خيال آهي ته بکر لفظ جي بگڙيل صورت سکر آهي، ڪن جو خيال آهي ته اردو ٻوليءَ جي لفظ شڪر مان سکر پيو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن زماني ۾ هتي ڪمند جو فصل تمام گهڻو ٿيندو هو، جنهنڪري اهو نالو پيو، جڏهن ته ڪن جي خيال موجب هي بندرگاهه سنڌو درياهه جي ڪناري تي آباد هو، جنهنڪري هتي هر رهواسي سکيو هو. سکر جي معنيٰ سکيو آهي، ان ڪري هن شهر تي اهو نالو پيو.
هاڻوڪي سکر جو بنياد 1842ع ۾ پيو، جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، ان کان پهرين خيرپور جي ميرن جي ماتحت هو، انگريزن جي قبضي ۾ نئين سکر سميت پراڻو سکر به آهي، جيڪو بندرگاهه هو ۽ وڏو واپاري مرڪز هو. سنڌ جي هنري مرڪزن تان چمڙي جو سامان، ڪاشيءَ جون سرون، ڪاشيءَ جي چٽساليءَ وارو سامان، پتل جو سامان، پاکڙا، هنا ۽ ٻيو سامان سنڌ جي ڪيترن بندرگاهن وسيلي سکر جي بندرگاهه تان ڪيترن ئي ملڪن ۾ موڪليو ويندو هو، جنهنڪري هن بندر تي ڏيهي توڙي پرڏيهي جهاز لنگر انداز ٿيندا هئا.
ميرن جي حڪومت ۾ واپارُ، قافلن ۽ ٻيڙين وسيلي ٿيندو هو. پنجاب، ڪشمير، چين، ترڪستان، وچ هندوستان ۽ مالوه جون شيون سنڌو درياهه رستي سنڌ ۾ پهچنديون هيون ۽ پاڙيسري ملڪن سان پڻ سٺا تعلقات هوندا هئا، جن ۾ ڪابل، قنڌار، ايران، مسقط ۽ قلات شامل هئا. خراسان جا قافلا سرديءَ جي موسم ۾ هن بندرگاهه تي پهچندا هئا ۽ افغان واپاري رات جو مسافري ڪندا هئا ۽ بلوچي قافلا ڏينهن جو سفر ڪندا هئا. افغاني واپاري ميوو، ڪشمير جون شالون، خراسان جو ريشم، ڪرمان جي قيمتي پشم، ترڪستان جا پشمينا، ايراني ۽ ڪابلي غاليچا، گهوڙا، هٿيار، دوائون ۽ جڙي ٻوٽيون هن بندر ذريعي سنڌ جي شهرن ۾ نيڪال ڪندا هئا. مشهد، يزد ۽ ڪرمان جي مشهور ريشمي صنعت کي سنڌ جي نير جي سخت ضرورت هوندي هئي. هڪڙي اٺ تي ستر مڻ نير جي، تبريزي وزن جي حساب سان ايران جي بندرگاهن ڏانهن موڪليو ويندو هو. جيئن ته سنڌ صدين کان مشرق ۽ مغرب کي ملائيندڙ واپاري رستن جو لنگهه رهي آهي. مسلمان واپاري جيئن ته يورپ نه ويندا هئا ۽ روم جا واپاري مصر، شام، عراق، ايران ۽ ٻين مسلمان ملڪن ۾ نه ويندا هئا، تنهن هوندي به مسلمانن ۽ رومين جي وچ ۾ يهودين جي قوم هئي، جيڪا وچ وارو رستو اختيار ڪري ٻنهي قومن سان واپاري ناتا برقرار رکيو پئي آئي، ڇاڪاڻ ته اسلامي ملڪن ۾ يهودي اهل ڪتاب جي حيثيت رکندا هئا ۽ يورپ مان ته اهي يونانين جي زماني کان ئي واقف هئا.
ابن خردارز به لکيو آهي ته: ”يهودي عربي، فارسي، لاطيني، انگريزي، اسپيني ۽ ملاوي ٻوليون ڳالهائن ٿا. اهي اوڀر کان اولهه ۽ اولهه کان اوڀر خشڪي ۽ سامونڊي رستي وسيلي هلندا رهن ٿا. انهن جو واپار سنڌ، هندستان ۽ چين تائين هلي ٿو. اهي ريشم جي ڪپڙي، غلامن، کلن ۽ تلوارون وڪڻڻ جي تجارت ڪن ٿا. يورپ کان هلي، بحرِ روم مان لنگهي، شام ۽ پوءِ خشڪيءَ جي رستي هتان عراق ڏانهن وڃن ٿا ۽ فرات نديءَ وسيلي بغداد پهچن ٿا، پوءِ جهازن ۾ سوار ٿي دجلا رستي کان ابله بندرگاهه ۽ جنهن کانپوءِ عمان، سنڌ، هندستان ۽ چين ۾ واپار ڪن ٿا.“
خشڪيءَ ۽ سامونڊي ڦورن جي باوجود سنڌ جا هندستان کان ٻاهر اهم واپاري شهرن سان پڻ تجارتي تعلقات هئا.
هن وقت هي بندر ويران ٿي چڪو آهي، هن جاءِ تي سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر سکر آباد آهي. هن شهر جي حوالي سان لئنسڊائون پل به مشهور آهي، جيڪا 1888ع ۾ ٺهي ۽ 27 مارچ 1889ع ۾ اچ وڃ لاءِ کولي وئي، پل جو نالو تڏهوڪي انگريز وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون جي پويان رکيو ويو ۽ ان جو افتتاح بمبئيءَ جي گورنر لارڊ ري ڪيو. پل جي اڏاوت ڏهن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ڪئي وئي، جنهن ذريعي سنڌوءَ جا ٻئي ڪنارا ڳنڍجي ٿي ويا.
ان کان سواءِ هتي سکر بئراج پڻ موجود آهي، جيڪو ايشيا جو وڏي ۾ وڏو نهري نظام آهي.
سنڊو بندر: سنڌ جو هي قديم بندر، جاتي تعلقي کان ڏکڻ ۾ چار ميل پري سمنڊ مان نڪتل سيري کاريءَ جي ڪناري تي آباد هو، جنهن ڪري هن کي ’سير ڳنڍو’ جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو هو. ٽالپرن جي حڪومت ۾ جڏهن پيڃاري واهه تي بند ٻڌايو ويو ته سامونڊي رستي وسيلي هن بندر تي ڪيترائي جهاز، غوارب ۽ ٻيڙيون لنگر انداز ٿيڻ لڳا، جنهن سبب اناج، لؤنگ، ايلائچي/ ڦوٽي ۽ ڪپڙي جي واپار ۾ پڻ اضافو ٿيو، تنهن دؤر ۾ هن بندرگاهه تان لکپت، علي بندر، بمبئي، مسقط، سورت ۽ بحرين جي بندرگاهن سان واپار هلندو هو، جڏهن ته 1947ع ۾ ورهاڱي کانپوءِ هتان جا مقامي ماڻهو گهڻي تعداد ۾ لڏپلاڻ ڪري ويا، جنهنڪري هي بندر مڪمل طور تي ويران ٿي ويو.
سوتڪا جيندو بندر: سنڌو تهذيب جو هي چار هزار سال قديم بندر هاڻي بلوچستان جي سامونڊي ڪناري لڳ ايران جي سرحد جي ويجهو کنڊرات جي شڪل ۾ موجود آهي. هن کي سوختا جيندو جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو. هن بندرگاهه بابت ڪجهه ٻين ڪتابن سان گڏ مختصر احوال اسٽوئرٽ پِگٽ ’Prehistoric India‘ ۾ ۽ ماٽيمر ويلر ’The Indus Civilization‘ جي ٽئين ايڊيشن ۾ ڏنو آهي. پنهنجي اوج واري زماني ۾ هن بندر تان وڏن جهازن ۽ غورابن وسيلي ايران جي اهم بندرگاهن سان سمنڊ رستي واپار هلندو هو ۽ تنهن زماني ۾ هي تجارت جو اهم مرڪز پڻ هوندو هو. جڏهن ته هن جي زوال پذير ٿيڻ بابت آثارِ قديمه جي ماهرن موجب سمنڊ جو پوئتي هٽڻ آهي.
سوخته ڪوهه بندر: هيءُ بندر پسني بندر جي اتر طرف کان 15 ميلن جي مفاصلي تي سوخته ڪوه جبل جي هڪ ڇاڙهه تي شادي ڪور ماٿريءَ جي سامونڊي ڪناري لڳ ٻن ميلن ۾ کنڊرات جي صورت ۾ واقع آهي.
سنڌو درياهه جي آخري ماڳ/ بندر طور دنيا ۾ سڃاتي ويندڙ هن بندرگاهه جي کوٽائي، آمريڪا جي آرڪيالاجسٽ جارج-ايف ڊيلس 1960ع ڌاري ڪئي، جنهن مان هن اندازو لڳايو ته هي هڙاپا دؤر ۾ سامونڊي بندر هو، جتي ڪيترائي غوراب لنگرانداز ٿيندا هئا. جڏهن ته هتان ٺڪراٺو گهڻي تعداد ۾ هٿ آيو آهي، جنهن مان اهو اندازو پڻ لڳايو ويو ته قديم زماني ۾ هتي ٺڪر جي ٿانو ٺاهڻ جي ڪا وڏي صنعت هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته ڪيترين ئي آوين سان گڏ هتان گندڙا، گنديون، ڪولا، پاٽيون، ڍڪڻا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون مليون آهن. قديم آثارن جي ماهرن موجب هيءُ بندرگاهه جاگرافيائي حالتن سبب تباهه ٿيو، جنهن ۾ بندر جي منهن وٽ مٽي جمع ٿيڻ يا سمنڊ جو پوئتي هٽڻ شامل آهن.
سورت بندر: هيءُ تاريخي ۽ قديم بندرگاهه هن وقت گجرات (هندستان) جي راڄڌاني ۾ اچي ٿو، جڏهن ته ڪنهن زماني ۾ هي سنڌ حڪومت جي ماتحت هو. ڪرشن ڀڳوان جي دؤر کان آباد هن بندر جو ذڪر مهاڀارت ۾ پڻ ملي ٿو، جڏهن ته هن کي قديم آثارن جي ماهرن پندرهين صديءَ ۾ ڳولي لڌو. ماهرن جي خيال موجب هن کي پورچوگيزن باهه ڏئي تباهه ڪيو، جڏهن ته ان کان اڳ مورا بندر تان ڪيترن ئي ڏيهي توڙي پرڏيهي جهازن ۽ ٻيڙن وسيلي درياهي ۽ سامونڊي رستي تجارت ٿيندي هئي. مغل بادشاهن جي حڪمرانيءَ جي دؤر ۾ کنڀات بندر کي اهميت حاصل ٿي ۽ هي آڳاٽي زماني ۾ زوال پذير ٿيڻ ڪري شهر جي صورت اختيار ڪري چڪو هو، جڏهن ته هاڻوڪي وقت ۾ هي هندستان جي اهم شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو.
سوکي بندر: لاڙ جي سامونڊي پٽيءَ تي موجود هي تمام ننڍڙو بندرگاهه هو، جتان سنڌ جي ويجهن بندرن ڏانهن ننڍي پيماني تي ٻيڙين وسيلي واپار ٿيندو هو. جڏهن ته سمنڊ جي چاڙهه سبب هي بندر مڪمل طور ويران ٿي ويو ۽ هتان جا مقامي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ٻين علائقن ۾ آباد ٿيا.
سون مياڻي بندر: هي بندرگاهه ضلعي لسٻيلي (بلوچستان) جي پوراليءَ ندي جي ڏاکڻي ڪناري جي ڇوڙ تي واقع هو. قديم زماني ۾ هن بندر جو شمار سنڌ جي اهم بندرن ۾ ٿيندو هو. انگريزن جي اچڻ کان اڳ هي سنڌ جو اهم ۽ مشهور بندر هوندو هو، جيڪو ڪراچيءَ جي بندرگاهه کان خشڪيءَ رستي 45 ميلن جي مفاصلي تي هو ۽ سمنڊ کي ويجهو هئڻ ڪري هتي ڪيترائي جهاز ۽ ٻيڙا واپار لاءِ لنگرانداز ٿيندا هئا. تاريخي حوالن مان ڄاڻ ملي ٿي ته راجا ڏاهر جي خلاف عرب حملي آورن هن بندرگاهه تي سامونڊي رستي پنهنجا لشڪر لاٿا هئا. هن بندر کي 1808ع ۾ عربن باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ هي ٻيهر بندر جي صورت ۾ آباد ٿي نه سگهيو.
سيوهڻ بندر: قديم زماني کان آباد هي بندر لڪي شاهه صدر کان سترهن ڪلوميٽر اتر طرف (موجوده ضلعي ڄامشوري) ۾ کنڊرات جي صورت ۾ واقع آهي. سڪندراعظم جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي تڏهن هو موسيڪانس کي فتح ڪرڻ بعد هن بندر کي پڻ فتح ڪرڻ آيو هو. تنهن وقت ۾ اروڙ بندر سان هتان واپار ٻيڙن ۽ جهازن وسيلي درياهي رستي ٿيندو هو. ’سڪندر جون مهمون‘ ڪتاب جو مصنف هن بندرگاهه جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”سڪندر جي اڳين پيش قدمي سامبس ڏي هئي، جيڪو هندستاني جابلو قبيلن جو گورنر هو. سامبس ۽ موسيڪانوس (اروڙ بندر) جي پاڻ ۾ دشمني هئي، جڏهن سامبس ٻڌو ته سڪندراعظم، موسيڪانوس سان همدرديءَ سان پيش آيو آهي ۽ کيس حڪومت واپس ڏني آهي، تڏهن اها خبر ٻڌي هو ٽري ويو. سڪندر سنڊيمان (سيوهڻ بندر) پهتو ته ان جا دروازا کوليا ويا، جيڪو سامبس جي گادي جو هنڌ هو.“ جڏهن ته هن بندر جو ذڪر ڪندي ٽاڊ لکي ٿو ته: ”سيوهڻ بندر، ٻڌ جي ويراڳي شهزادي راجا بهارا تاري جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهن کي سندس ڀاءُ وڪراها ديتوا چندرگپت (ٻين)، اجين مان نيڪالي ڏني هئي، جيڪو گپتا شهنشاهيت جو ٽيون حڪمران هو.“ راءِ گهراڻي جي دؤر ۾ به سيوهڻ بندر جو ذڪر مصروف ترين بندر طور ملي ٿو، تنهن وقت ۾ راءِ سهاسيءَ جي پٽ راءِ سهيرس جي حڪومت جون حدون اڀرندي کان ڪشمير تائين، اولهندي کان مڪران تائين، ڏکڻ کان سمنڊ ڪناري ديبل بندر تائين ۽ اتر ۾ ڪيڪانان تائين هيون ۽ هن بندرگاهه وسيلي ديبل بندر، اروڙ بندر، ملتان بندر کانسواءِ عربي سمنڊ ۽ ڀونوچ سمنڊ وسيلي سنڌ جو واپار ايراني ۽ عرب واپارين سان پڻ هلندو هو.
عربن جي جاهليت واري دؤر ۾ سنڌ مان قافلن رستي ريشمي ڪپڙا، گرم مصالحو، عاج، سون ۽ خوشبودار شيون مڪي شريف مان جهاز جي رستي بيت المقدس ۽ مصر ڏانهن وينديون هيون، جڏهن ته اهو سامان يمن، شام ۽ عراق تائين پڻ ويندو هو. ان وقت هن بندرگاهه تان سنڌوءَ رستي عربي سمنڊ، ڳاڙهي سمنڊ، ڀونوچ سمنڊ ۽ ايراني نار لڳ بندرگاهن سان پڻ سٺا واپاري تعلق هئا. تنهن دؤر ۾ سنڌ جي واپارين جي تجارت چين سان پڻ هلندي هئي، خاص ڪري گينڊن جي سڱن جو واپار چين سان ٿيندو هو. چيني انهن تي تصويرون ڪڍندا هئا ۽ انهن مان صندوقون ٺاهيندا هئا. تڏهن سنڌ جي مشڪ کي به خاص اهميت حاصل هوندي هئي ۽ اها ٻاهر وڪامندي هئي، جڏهن ته شيراز ۽ اصفهان جي گلاب جو عطر ۽ بيدمشڪ جو عرق سنڌ ۾ وڪامندو هو. هتان جي نير ۽ ڪاري لوڻ کي پڻ اهميت حاصل رهي آهي، جنهن ذريعي هتان جي حڪمرانن کي گهڻي اُپت ٿيندي هئي.
عربن جي حملي وقت هن بندرگاهه تي راجا بجهراءِ جي حڪمراني هئي، جنهن محمد بن قاسم سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ست ڏينهن مسلسل وڙهندو رهيو. ان کانپوءِ هي بندر سومرن جي ماتحت هيٺ آيو، پر اختيار دهلي حڪومت جو هو. هن بندر تي خلجي گهراڻي جي علاؤالدين محمد شاهه جي دؤر ۾ حاڪم دهلي حڪومت کان مقرر ٿي ايندا هئا. ابن بطوطه 1333ع ۾ هن بندر تي سنڌو درياهه جي رستي آيو هو. هن بندر جي حوالي سان ’تاريخ معصومي‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”1517ع ۾ امير ذوالنون جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميرزا شاهه بيگ سيوهڻ بندر ۾ گاديءَ تي اچي ويٺو ۽ هتان هن سنڌ تي ڪاهون ڪيون.“ جڏهن ته ترخانن جي دور ۾ هن بندر تي ڪافي حملا ٿيا. 1554ع ۾ هن بندر تي مرزا عيسى جي حڪومت قائم ٿي، پر مغل دور ۾ همايون بادشاهه کان وٺي اورنگزيب تائين هن بندر تي مغلن جي بادشاهي رهي. ’شاهه جهان نامه‘ مان ڄاڻ ملي ٿي ته ملتان بندر کان پوءِ کيس بکر ۽ سيوهڻ بندر جي حڪمراني ملي.
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ هن بندرگاهه تي گهڻو ڌيان نه ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته خداآباد ۽ حيدرآباد جا شهر هنن پنهنجي حڪمرانيءَ ۾ آباد ڪرايا، جنهنڪري هن بندر جي واپاري اهميت ۾ گهٽتائي اچي وئي. تنهن کانپوءِ ميرن ۽ انگريزن جي دؤر ۾ هن بندر کي خاص اهميت حاصل نه ٿي سگهي، جنهنڪري هي مڪمل طرح زوال پذيز ٿي ويو، جڏهن ته ڪجهه مؤرخن جي خيال موجب سنڌو درياهه جي رُخ مٽائڻ جي ڪري يا جنگين سبب هي بندر تباهه ٿيو.
مينهن جي مند ۾ هتان جي مقامي ماڻهن کي ٺڪراٺا، پراڻين وٿن جا ٽوٽا ۽ ڪاراٽيل سڪا ملي وڃن ٿا، جنهن جو ذڪر رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ‘Sindh Revisited’ ۾ پڻ ڪيو آهي. هي بندرگاهه هن وقت ساڳي نالي سان شهر جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جتي سرڪار طرفان مقامي ماڻهن کي هر جديد سهولت ميسر ڪئي وئي آهي.
شاهه بندر: شاهه بندر ضلعي ٺٽي جو مشهور بندرگاهه هو، جنهن کي اتر ۽ اوڀر طرف تعلقو جاتي، اولهندي ۾ سنڌو درياهه ۽ گهوڙاٻاري تعلقو ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ آهي. هي بندرگاهه پنهنجي اوج واري دور ۾ ڪيترن ئي ملڪن سان تجارت جي لحاظ سان واڳيل هو. سئبسٽيَن مانرچ (Sebastian Manrique) پادري، ٺٽي کان نصرپور، عمرڪوٽ، جيسلمير جو رستو وٺي آگره ڏانهن ويو. ٺٽي ۽ احمدآباد جي وچ ۾ هڪ خشڪي رستو پڻ هوندو هو. تنهن دور ۾ اوڀر هندستان ۾ ڍاڪا ۽ الهندي ۾ ٺٽو ڪپڙن جي هنر جا ايشيا ۾ مرڪز هئا. ڪپڙي سازيءَ جي حوالي سان سوٽي ململ، شالون، ريشمي ڪپڙا ۽ رنگين ڇٽيون بمبئيءَ کان هن بندر تي ٻيڙن وسيلي اينديون هيون، جڏهن ته ريشمي ڪپڙي جون لونگيون، غاليچا، ڪمبل، کٿا ۽ اوني کرسڻ ٺٽي ۾ تيار ڪيا ويندا هئا ۽ ٿر جا کٿا هن بندرگاهه ذريعي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليا ويندا هئا. ٻاهرين ملڪن مان واپارين هن بندرگاهه تي ڪپڙي جي واپار لاءِ ڪوٺيون پڻ قائم ڪيون. ان متعلق پوسٽن لکي ٿو ته: ”سنڌ سوٽي ڪپڙي جو گهر آهي.“ سترهين صديءَ جي آخر ۽ ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ ٺٽي کان سواءِ نصرپور ۽ سيوهڻ به ڪپڙي سازيءَ جي حوالي سان اهم مرڪز هئا، جڏهن ته ننڍا مرڪز ڪنڊيارو، درٻيلو، بکر، سکر، روهڙي، گنبٽ، بوبڪ ۽ سن هئا، جنهنڪري هتي پرڏيهي واپاري سامونڊي رستي ايندا هئا ۽ خشڪيءَ رستي به تجارت لاءِ ايندا هئا. ائنٽو نيو بوڪارو (1631ع) ۾ لکي ٿو ته: ”ٺٽي ۾ ٽيهه هزار آڏاڻا هئا.“ پورچوگيزن موجب: ”ٺٽي ۾ ايترو ته ڪپڙو تيار ٿئي ٿو، جو شاهه بندر تي ايندڙ سڀ جهاز ڀرجي وڃن ٿا.“
سنڌ جا تنهن وقت ۾ جن ملڪن سان تجارتي تعلقات هئا، تن ۾: عربستان، ايران، ترڪي، افغانستان، چين، ايشيا ۽ مغرب جي ڪجهه ملڪن سان هئا، جن جا جهاز ۽ ٻيڙا، شاهه بندر تي اچي لنگر انداز ٿيندا هئا. اورنگا بندر جي تباهه ٿيڻ کان پوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي اتي جي رهواسين کي شاهه بندر تي آباد ڪيو ۽ بندر جي چوڌاري هڪ ڪوٽ پڻ اڏايو، جڏهن ته هتي فتح علي شاهه ۽ ميين عثمان جا قبا اڄ به موجود آهن. شاهه بندر جي تباهي 1819ع ۾ ڌرتيءَ ڌٻڻ ۽ سنڌو درياهه جي رخ ڦيرڻ جي ڪري ٿي.
شڪارپور بندر: هي قديم بندر شڪارپور جو اهم بندر رهيو، جيڪو ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ پنهورن جي ماتحت هو، جن انهيءَ جو نالو خداآباد رکيو هو.
هي بندرگاهه تنهن دؤر ۾ سنڌ ۽ هند جي واپار جو نه فقط تختگاهه هو، پر وچ ايشيا ۽ ٻين ڏورانهن ملڪن ۾ ان جهڙو وڏو واپاري مرڪز ٻيو ڪونه هو. اليگزينڊر برنس لکي ٿو ته: ”شڪارپور بندر جي اهميت سنڌو درياهه وسيلي ٿيندڙ واپار سبب آهي ۽ هن بندرگاهه جي ايشيائي تجارت ۾ گهڻي اهميت آهي.“ تاريخي حوالن مان ڄاڻ ملي ٿي ته 1786ع ۾ تيمور شاهه، جنهن سڀ کان پهرين شڪارپور ۾ هندن کي آڻي وهاريو هو، جن مان گهڻا واپاري کتري هئا ۽ انهن ۾ گجرات ۽ راجسٿان جا واڻيا پڻ شامل هئا. اهي وچ ايشيائي ملڪن ۽ ايران وسيلي، اُتر هندستان کان روس تائين ڦهليل وسيع واپار جي نگراني ڪندا هئا. ارڙهين صديءَ دوران روس ۾ سندن واپاري سرگرمين تي پابندين ۽ ايران ۾ واپاري ڏکيائين سبب سندن واپار زوال پذير ٿي ويو. تڏهن ايراني شهنشاهت 1750ع ڌاري هندستان ۾ وچ ايشيائي ملڪن ۾ قافلن رستي ٿيندڙ واپار تي ضابطا لاڳو ڪيا، جنهنڪري سندن واپار ۽ تجارت ۾ واڌارو آيو. ايراني شهنشاهت جي پهرين راڄڌاني قنڌار سان ويجهڙائيءَ سبب هن بندرگاهه جي واپارين بولان لڪ واري اُن رستي سان ڳنڍيل تجارتي سهولت مان فائدو ورتو هو، جيڪو رستو اتر سنڌ ۽ اتر هندستان کان افعانستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن ڏانهن ويندڙ تجارتي قافلا استعمال ڪندا هئا. برطانوي حڪومت 1830ع ۾ گهڻن وچ ايشيائي ملڪن تائين ڦهليل واپاري سرشتي سبب واضح طور واپاري مرڪز شڪارپور ۾ خاص دلچسپي پڻ ڏيکاري ۽ اُتي جي جامع آدمشماري ڪرائي ۽ اُن کي افغانستان ڏانهن فوجي پيش قدميءَ لاءِ مرڪز پڻ ٺاهيو. آدمشماريءَ موجب واپارين ۾ درجابندي ڪئي وئي. شهر جي واپاري اشرافيه ٻن طبقن يعني شاهوڪارن ۽ صرافن ۾ ورڇيل هئي. انهن ٻنهي طبقن جي وچ ۾ تميز ڪرڻ ڏکيو هو. صراف عام طور تي هن بندر تان ناڻي جي مٽاسٽا، هُنڊيءَ جي ڦيرڦار ۽ موڙيءَ جي سيڙپ ڪندا هئا، جڏهن ته شاهوڪار وڏا واپار ڪندا هئا. تنهن وقت ۾ هن بندرگاهه جي وچ ايشيائي ملڪن جي تجارت ۾ اهميت، تجارتي ۽ واپاري مرڪز جي ڀيٽ ۾ مالياتي مرڪز جي حيثيت سان وڌيڪ هئي. تنهنڪري هن بندر جا واپاري خشڪي توڙي سنڌوءَ رستي واپار ڪندا هئا. خشڪي ۽ سامونڊي ڦورن جي باوجود سترهين صديءَ جي آخر ۽ شروعاتي ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ جا واپاري لاڳاپا نه صرف اُن وقت جي چئن اهم واپاري مرڪزن لاهور، ملتان، آگري ۽ احمدآباد سان هئا، پر هندستان کان ٻاهر اهم مرڪزي واپاري شهرن سان پڻ سنڌ جو تجارتي تعلق هوندو هو. هن بندر جي واپارين طرفان پنهنجي اباڻي شهر ۾ وچ ايشيائي ملڪن وچ ۾ سفر لاءِ ڪتب ايندڙ رستن ۾ بخارا ڏانهن بولان لڪ وسيلي ڪوئيٽا، خوجڪ لڪ، قنڌار، ڪابل، بلخ ۽ قريش وارو روايتي رستو اوڻيهه صديءَ جي پڇاڙي تائين استعمال هيٺ هو، پر پوءِ هو ڪابل کان بخارا وڃڻ لاءِ پشاور کان خيبر لڪ وارو گس وٺندا هئا، پر گڏوگڏ ٻيا رستا به استعمال ڪندا هئا، جنهن ۾ ٻه ايران مان ويندا هئا. پهريون رستو ڪراچيءَ کان بندر عباس ڏانهن سامونڊي رستي ذريعي، ٻيو رستو مشهد وارو ميداني رستو هوندو هو. ڪجهه واپاري ڪوئيٽا مان ايراني سرحد، نوشڪي ۽ زاهدان به ويندا هئا.
جڏهن ته ڪي واپاري بندر تان سنڌو درياهه وسيلي بمبئي، جنهن کانپوءِ ڪاري سمنڊ جي ذريعي روسي بندرگاهه واپار ڪرڻ ويندا هئا. هن بندر کان بخارا تائين وڃبو هو، وچ ۾ مٿين سڀني رستن وسيلي سفر جو عرصو گهٽ ۾ گهٽ ٻه مهينا لڳندو هو، جڏهن ته وچ ايشيائي ملڪن ۾ سفر ڏاڍو سست ۽ ڪنهن قدر غير محفوظ به هوندو هو. سنڌ جا ننڍي کنڊ جي سامونڊي علائقن ۽ ايراني نار سان ابتدا کان وٺي واپاري ناتا رهيا آهن ۽ سنڌ جو وچ ايشيا ۽ ننڍي کنڊ ۾ تجارتي حيثيت سان اهم ڪردار پڻ رهيو آهي، ان دؤر ۾ سامونڊي، دريائي ۽ خشڪيءَ جا انيڪ واپاري رستا اتر هندستان، ايراني نار ۽ عرب ملڪن سان ڳنڍيل هئا. پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ کان ارڙهين صديءَ جي اڌ تائين سنڌ ۽ ان جو شهر ٺٽو اهم واپاري مرڪز هوندو هو، جڏهن ته ساڳي صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪراچي هڪ متبادل بندرگاهه جي حيثيت ۾ اڀريو پئي، انهيءَ دوران اتر سنڌ ۽ اُن جا شهر ماتحتيءَ جو ڪردار ادا ڪندي پنجاب، اتر هندستان ۽ وچ ايشيا جي واپاري قافلن کي لاڙ جي بندرگاهن تائين آڻيندا هئا. وچ ايشيا ۽ اتر هندستان جو واپار شڪاپور بندر کي نظرانداز ڪري ڇڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته ملتان تڏهن واپاري قافلن لاءِ واپاري ۽ معيشت جو وڏو مرڪز هوندو هو. پر ارڙهين صديءَ جي اڌ ۾ واپار ڏکڻ ڏانهن رخ ڪيو، جنهنڪري اُتر سنڌ ۾ شڪارپور بندر سميت جيڪي بندر هئا، تن کي فائدو رسيو. انهيءَ جا ڪارڻ سياسي هئا، پر هڪ ڪارڻ ملتاني گربنديءَ جو زوال هو، جنهن سترهين صديءَ ۾ اتر هندستان، روس ۽ ايشيائي ملڪن وچ ۾ واپار جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، پر هي بندر وچ ايشيائي ملڪن سان تجارت ۾ پيداواري شراڪت سبب چٽا ڀيٽي نه ڪري سگهيو ۽ انهي کانپوءِ ڪراچيءَ بندرگاهه کي تمام گهڻي اهميت حاصل ٿي چڪي هئي. ورهاڱي کانپوءِ هتان جا ڪيترائي واپاري لڏپلاڻ ڪري ويا، جنهنڪري هن بندر جو اوج ختم ٿي ويو.
علي بندر: هي بندرگاهه، ڳاڙهي ڀڙي جي کنڊرن جي اولهه طرف تعلقي ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ کنڊرات جي صورت ۾ موجود آهي. ڪنهن دور ۾ هي بندر پراڻ ۽ هاڪڙي درياهه جي ميلاپ تي آباد هو، جتان جهازن ذريعي مختلف ملڪن سان واپار ٿيندو هو. روايت آهي ته ڪشمير جي هڪ سوداگر زال جي بيوفائيءَ جي ڪري پراڻ ۾ مٽي وجهرائي ڇڏي هئي، جنهنڪري هي بندر زوال پذير ٿي ويو، جڏهن ته عام راءِ اها آهي ته 1819ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ زلزلو آيو هو ته پراڻ جو اوج زلزلي جي ڪري ختم ٿي ويو، جنهنڪري هي بندرگاهه تباهه ٿي ويو.
ڪراچي بندر: سنڌ جو هيءُ قدرتي بندر، عربي سمنڊ جي ڪناري تي واقع آهي. قديم زماني کان يورپ، آفريڪا، مصر، سريلنڪا، ايران، انڊيا ۽ عرب جي ملڪن سان هن بندر ذريعي سنڌ جي تجارت هلندي هئي. هن بندرگاهه جي اهميت کي ڏسندي سڪندراعظم کان وٺي انگريزن تائين سڀني حملي آورن هن بندر کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکيو. سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ڌاري سنڌ ۾ مڇيءَ ۽ پلي جو واپار عروج تي هوندو هو ۽ اهو سڄو واپار هن بندرگاهه وسيلي ٿيندو هو. هتان لوڻيل ۽ سُڪايل مڇي وڏن جهازن ۽ ٻيڙن ذريعي ڏورانهن ملڪن ڏانهن موڪلي ويندي هئي. پوسٽنس لکي ٿو ته: ”ڪراچيءَ کان ڪڇ، گجرات ۽ مسقط ڏانهن برآمد ٿيندڙ شين ۾ سُڪل مڇي به هڪ مکيه شيءِ آهي ۽ ڄرڪن جا هڏا ۽ ڪنهڙ، بمبئيءَ ڏانهن موڪليا ويندا آهن.“ تنهن دؤر ۾ سنڌ جو گيهه هندستان جي شهرن ۾ ’ڪراچي گيهه‘ جي نالي سان مشهور هو ۽ ان گيهه جو واپار اڪثر ڪري ميمڻ، خشڪي، درياهي ۽ سامونڊي رستي ڪندا هئا. ميرن جي دؤر ۾ ڪراچي، سنڌ جو واپاري مرڪز بنجي چڪو هو، جتي مسقط بندر عباس، کنڀات، بمبئي ۽ ملبار جي سوداگرن جا ايجنٽ رهندا هئا. هن بندر تان ميرن کي ڪسٽم ڊيوٽي مان تمام گهڻي آمدني ٿيندي هئي. هن بندرگاهه تي ميرن پنهنجي حڪومت ۾ هڪ قلعو پڻ تعمير ڪرايو هو، پر انگريزن سنڌ تي قبضي کانپوءِ ان قلعي کي ڊاهي ڇڏيو. هن بندرگاهه جي داخلي رستي تي پاڻيءَ جي اندر هڪ جابلو سلسلو موجود آهي، جنهن سبب وڏا جهاز لنگر انداز نه ٿي سگهندا هئا. ان کان سواءِ لياري ندي ڊيلٽا جي علائقي ۾ هجڻ ڪري پاڻيءَ سان ايندڙ مٽيءَ جي ڪري به بندرگاهه جي اونهائيءَ ۾ گهٽتائي اچڻ لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي جهاز حادثن جو شڪار پڻ ٿيا. ان ڪري سر چارلس نيپيئر هن بندرگاهه جي ترقيءَ لاءِ خاص اپاءُ ورتا. 1870ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر ميري ويڌر ڪراچي بندر جي ترقي ۽ انتظام هلائڻ لاءِ ’ڪراچي هاربر ورڪس‘ نالي هڪ ادارو قائم ڪيو ۽ 10 مارچ 1880ع ۾ هاربر ورڪس کي ڪراچي هاربر بورڊ ۾ تبديل ڪيو ويو. 24 سيپٽمبر 1880ع ۾ وائسراءِ هند، لارڊ رپن ڪياماڙيءَ ۾ پهرئين گوديءَ جي پيڙهه جو پٿر رکيو، جنهن کانپوءِ 1882ع ۾ هن بندرگاهه تان سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ ۾ آساني ٿي ۽ ان پهرين گوديءَ جو نالو ’ميري ويدر برٿ‘ رکيو ويو. 1886ع ۾ بمبئي ليجسليٽيو ڪائونسل هاربر بورڊ کي ختم ڪري ڪراچي پورٽ ٽرسٽ قائم ڪيو، جنهن سان مقامي ماڻهن ۽ واپارين جو بندرگاهه جي انتظامن ۽ ٽيڪسن سان سڌو سنئون تعلق جڙيو. تنهن دؤر ۾ هن بندرگاهه جي آمدنيءَ جو دارومدار ڏيهي ۽ پرڏيهي جهازن کان حاصل ٿيندڙ ٽيڪسن، آمد ۽ درآمد مان حاصل ٿيندڙ پئسي تي هوندو هو. آمدني ۽ خرچ جا تفصيل سال ۾ ٻه ڀيرا حڪومت کي پيش ڪيا ويندا هئا. ٽرسٽ طرفان تجارتي اهميت سان گڏ بندر جي فوجي اهميت کي آڏو رکندي ڪنهن به فوجي حملي کان بچڻ لاءِ قدم کنيا ويا. پورٽ ٽرسٽ نيپئر واري دؤر ۾ قائم لائيٽ هائوس کي پهرين اپريل 1889ع تي جديد لائٽن سان مڪمل ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ ۾ جهازن کي آساني حاصل ٿيڻ لڳي.
هن بندرگاهه جي ترقيءَ سان فوجي اهميت پڻ حاصل ٿي، جنهن جي ڪري 1914ع ۾ پهرين مهاڀاري جنگ ۾ اتحادي فوجين ۽ فوجي سامان کي ٻين جنگي محاذن تائين پهچائڻ لاءِ هڪ انتهائي اهم بندرگاهه جو ڪم ڏنو. اتحادي فوجين کي جنگ کٽرائڻ ۾ هن بندرگاهه جو پڻ اهم ڪردار هو ۽ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ هن بندرگاهه کي انگريزن فوجي اهميت لاءِ حاصل ڪيو. سيپٽمبر 1920ع ۾ بندرگاهه کي واڌاري لاءِ اولهه پاسي کان گودين جي اڏاوت ڪئي وئي پر ان کان ڇهه ورهيه اڳ چينا ڪريڪ ريلوي پل جي اڏاوت مڪمل ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ بندرگاهه تان سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ ۽ ملڪ جي ٻين حصن خاص ڪري پنجاب ۽ سرحد ڏانهن سامان موڪلڻ ۽ واپار ڪرڻ ۾ آساني حاصل ٿي. ورهاڱي وقت به هتي ڪيترائي جهاز لنگرانداز ٿيندا هئا ۽ اهو سلسلو هن وقت تائين به هلندڙ آهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ اسٽيل مل جي ڪري هن جي ويجهو ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو جديد بندر ’بن قاسم‘ جي نالي پڻ جوڙيو ويو، جنهن ۾ کليل سمنڊ کان بندرگاهه تائين هڪ چئنل ٺاهيو ويو ته جيئن بندرگاهه تائين جهازن کي سولائيءَ سان پهچايو وڃي، پر ’بن قاسم‘ بندر جي ٺهڻ باوجود ڪراچي بندر جو شمار سنڌ جي مشهور ۽ اهم بندرن ۾ ٿئي ٿو.
ڪوٽڙي بندر: سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري تي آباد هي بندر نيرن ڪوٽ (هاڻوڪي حيدرآباد) کان ٽي ڪلوميٽر پري موجود پُل ڀرسان واقع هوندو هو، جتي وڏا ٻيڙا ۽ جهاز لنگرانداز ٿيندا هئا، جن جي ذريعي درياهي رستي ويجهن بندرن سان واپار ٿيندو هو، پر تنهن هوندي به هن جو شمار سنڌ جي ننڍن بندرگاهن ۾ ٿيندو هو. هن بندرگاهه جي نالي بابت تاريخي ڪتابن مان ڪا خاص ڄاڻ نه ٿي ملي، پر ڪن ماهرن جو خيال آهي ته هتي واپارين لاءِ ڪوٺي جڙيل هوندي هئي، جنهن کي ڪوٽي ۽ بعد ۾ ڪوٽڙي ڪري ڪوٺيندا هئا. هي بندر ميرن جي دور ۾ اوج تي هو ۽ اهو اوج ڪلهوڙن واري حڪومت ۾ به قائم رهيو، پر جڏهن سنڌ، انگريزن جي قبضي ۽ حڪمرانيءَ هيٺ آئي، تڏهن هنن سنڌ جي هر قسم جي واپار ۽ هنر کي پنهنجي صنعتي انقلاب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ ئي دؤر ۾ ريل سروس شروع ٿيڻ کانپوءِ آمدورفت ريل وسيلي ٿيڻ سان گڏ ڪراچي بندر کي اهميت حاصل ٿيڻ لڳي، جنهن سبب هي بندر مڪمل طور تي زوال پذير ٿي ويو جڏهن ته هاڻ اهو بندر شهر جي صورت ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.
ڪيٽي بندر: سنڌ جو هي قديم ۽ مشهور بندرگاهه ٺٽي ضلعي ۾ سامونڊي ڪناري تي درياهه جي ڇوڙ وٽ ڦٽل شڪل ۾ موجود آهي. تاريخي حوالن مان اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته ڪيٽي بندر (سنڌ) جو وچ ايشيا ۽ ننڍي کنڊ جي واپار اهم ڪردار رهيو آهي. هن بندر جي اوج واري زماني ۾ ٺٽي جو شهر اوڀر جي شاهوڪار شهرن مان هڪ هو. سندس شاهوڪاريءَ جو ڪارڻ ڪپڙي جي صنعت هئي، جن ۾ سادو ڪپڙو، بافتو، ململ، ڇيٽ ۽ ريشم جو ٺهيل اوچي قسم جو ڪپڙو شامل هوندو هو ۽ اهو سڄو مال ٻين بندرگاهن سميت هن بندر تان مڪران، عدن، بمبئي، گجرات، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ ملبار جي ملڪن ڏانهن ويندو هو ۽ پنجاب ۽ اتر هندستان کان واپاري درياهي ۽ سامونڊي رستن وسيلي هن بندر تي تجارت ڪرڻ ايندا هئا. سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ڌاري سنڌ ۾ مڇي ۽ پکيءَ جو واپار به عروج تي هوندو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ کي تمام ڪشادو سامونڊي ڪنارو آهي، پر اهو واپار درياهه وسيلي هر دؤر ۾ سنڌ جي مختلف بندرگاهن تان پڻ ٿيندو رهيو. پنهنجي اوج واري زماني ۾ پلي ۽ مڇيءَ جو واپار هن بندرگاهه وسيلي سنڌ کان ٻاهر گهڻو ٿيندو هو ۽ لوڻيل ۽ سُڪايل پلا ٻين ملڪن ڏانهن ٻيڙن ۽ غورابن وسيلي ڪراچي، ڪڇ، گجرات، مسقط ۽ ڏورانهن ملڪن ڏانهن موڪليا ويندا هئا، جڏهن ته هن بندر جي ختم ٿيڻ بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته هي بندر دريائي زلزلن ۽ ڌٻڻن سبب تباهه ٿيو جڏهن ته آخري دفعو سنڌو درياهه جي پاڻي جي گهٽ وڌ ٿيڻ سبب هي بندر مڪمل طور تي اُجڙي ويو.
کڏو بندر: هيءُ بندر عربي سمنڊ جي ڪناري تي تعلقي جاتيءَ ۾ کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهي. پنهنجي اوج واري زماني ۾ هن بندر تان وڏن ٻيڙن، جهازن ۽ غورابن وسيلي اناج جو واپار بمبئي، بحرين ۽ مسقط جي بندرگاهن سان ٿيندو هو، جڏهن ته تاريخي ماهرن موجب سنڊو بندر جي وڌندڙ اهميت سبب هي بندرگاهه ويران ٿي ويو.
کنڀات بندر: هيءَ قديم بندرگاهه ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي راڄڌانيءَ جو حصو هو، جڏهن ته هاڻوڪي وقت ۾ گجرات (ڀارت) جي حدن ۾ اچي ٿو. مقامي ماڻهن جي خيال موجب هن بندر تي نالو راڻي کنڀاتا جي نالي پويان مٿس پيو. جڏهن ته لسانيات جي ماهرن موجب لفظ ’کنڀات‘ عربيءَ جي لفظ ’ڪنبوجاس‘ جي بگڙيل شڪل آهي ۽ جيمس ٽاڊ جي راءِ موجب هي سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ’ڪنباوٽي‘ مان نڪتل آهي. 915ع ڌاري عرب سياح المسودي هن بندر تي سامونڊي رستي لٿو هو، جڏهن ته 1293ع ۾ مارڪوپولو هن بندرگاهه کي ’ڪنبات‘ جي نالي سان سڏيندي سندس اوج بابت پنهنجي ڪتاب ۾ تفصيل ڄاڻايو آهي. پنهنجي اوج واري زماني ۾ کنڀات بندر تان وڏن جهازن ۽ غورابن وسيلي نير، ريشم، ڪپڙي، سون، چمڙي ۽ ڪپهه جو واپار پرڏيهي بندرگاهن سان ٿيندو هو. جڏهن ته اهم تجارتي مرڪز هئڻ جي ڪري هتي پرڏيهي واپارين لاءِ ڪيتريون ئي ڪوٺيون پڻ قائم هونديون هيون.
هن بندرگاهه جي تباهه ٿيڻ جو سبب تاريخي حوالن سان سمنڊ جو پوئتي هٽڻ آهي، جڏهن ته هاڻ هتي هڪ شهر آباد ٿي چڪو آهي جتي ڀارت سرڪار پاران اتي جي مقامي رهواسين کي زندگيءَ جي هر جديد سهولت ڏني وئي آهي، جنهن جي ڪري هن بندر جا آثار مڪمل طور تي ميسارجي چڪا آهن.
گدو بندر: هي بندرگاهه سنڌ جي ڪلهوڙن حاڪمن جي وزير سيٺ گدومل جي نالي پٺيان سنڌو درياهه جي ڪناري تي آباد هو. گدو مل ڪابل شهر ڏانهن ويندي، اتان جي ٻيڙين ۾ سوار ٿيو هو ۽ واپس اچي درياهه جي جنهن ڪناري لنگر انداز ٿيو، تڏهن کان هي بندر مشهور ٿيو. هن بندر تان سنڌو درياهه وسيلي مقامي شهرن ۾ واپار ٿيندو هو، جنهن ۾ حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي به شامل هئا. ڪنهن دور ۾ جڳ مشهور بنگالي شاعر رابندرناٿ ٽئگور به هن بندرگاهه تي آيو هو ۽ هتي جي شام جي تعريف پڻ ڪئي هئائين. جيئن ته هي بندر مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي ۽ هاڻوڪي وقت اُتي وحدت ڪالوني ۽ لطيف آباد، حيدرآباد شهر تعمير ٿي چڪو آهي.
لاهري بندر: هيءُ بندر ٺٽي کان چاليهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود هو. جڏهن ته سمنڊ کان سورنهن ميل پري هو، جنهن تي اٽڪل چار هزار ٻيڙيون بيهارڻ جي جاءِ هئي. هن جي پکيڙ اوڀر ۽ اولهه ۾ چار ڪلوميٽر، اتر ۽ ڏکڻ ۾ ٻه ڪلوميٽر آهي. هن بندرگاهه کي البيروني ’لوهاراني‘ جي نالي سان سڏيو آهي، جڏهن ته ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ هي لکيل آهي ته ”قاضي علاءُ الملڪ فصيح الدين 1334ع ۾ هتي آيو هو، جيڪو هڪ فاضل شخص هو، ان کي بادشاهه، لاهريءَ جو حاڪم مقرر ڪيو.“ جڏهن ته انگريز مصنف ڪننگهام پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ لاهري بندر يا لاڙي بندر جي اتر طرف ديول بندر جا کنڊر تمام ٿوري مفاصلي تي آهن. لاهري بندر، ديول بندر جي کنڊرن مان جوڙيو ويو آهي.“ تاريخدانن لاهري بندر کي ’سنڌي بندر‘، ’سنڌو‘ يا ’ديول‘ جي نالن سان به سڏيو آهي. انگريز واپاري جيڪي شروع واري دور ۾ سنڌ ۾ آيا، تن هن بندر کي ليري بندر، بندر لاهري، بندر لاري، لاڙي بندر، سنڌ بندر، لاهاري، سنڌ يا بندر جي نالي سان سڏيو آهي. هن بندر تي اهو نالو پوڻ پويان تاريخدانن جو خيال آهي ته هي بندر لاڙ جي ان حصي تي آهي، جيڪو سنڌو درياهه جي منهن جي ويجهو آهي. تنهن ڪري هن کي لاهري بندر ڪوٺيو ويو، لوڪ سطح تي قياس آرايون اهي پڻ آهن ته هن کي سنڌ جي هڪ قبيلي ’لهر‘ جي نالي پٺيان به سڏيو وڃي ٿو.
لاهري بندر پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري تمام گهڻو مشهور هوندو هو. بندرگاهه جي ڀرسان آبادي پڻ هوندي هئي. عبدالرحيم خان سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ لاهري بندر ڏسڻ لاءِ آيو ته جيئن بندر کي شاهي نگرانيءَ هيٺ رکيو وڃي، سندس مقصد اهو هو ته ترخانن ۽ پورچوگيزن جو ڪو به پاڻ ۾ ڳانڍاپو نه ٿي سگهي ۽ ڪو به مغلن خلاف قدم نه کڻي سگهي. اُن وقت مغلن اهو خطرو محسوس پئي ڪيو ته متان ترخان پنهنجي مدد لاءِ پورچوگيزن کي چون. اها مدد بندر ذريعي ئي کين ملي پي سگهي، ڇو جو ان دور ۾ لاهري بندر مشهور هو، جتي هزارن جي تعداد ۾ جهاز بيهارڻ جي جڳهه موجود هئي.
نامور تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي، پنهنجي مضمون ’لاهري بندر‘ ۾ لکي ٿو ته يورپي واپارين جي اچڻ کانپوءِ لاهري بندر جي آمدني وڌي وئي، انهيءَ ڪري اڪبر بادشاهه اُن کي پنهنجي شاهي جاگير ۾ شامل ڪري ڇڏيو. جهانگير جي زماني ۾ جڏهن نور جهان کي اثر رسوخ مليو ته هن لاهري بندرگاهه کي پنهنجي ڀاءُ آصف خان جي جاگير ۾ ڏياري ڇڏيو، جڏهن انگريز ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيا ته آصف خان انهن جي مدد ڪئي ۽ ڪسٽم ڊيوٽي پڻ وڌي وئي. سنڌ کي لاهري بندر هندستان جي اتر اولهه وارن سامونڊي ڪنارن واري شهرن سان ملائي ڇڏيو هو، جنهنڪري بصري، بندر عباس، مسقط، ڪونڪن، بحرين، ڪمبي ۽ سورت سان واپار ۾ اضافو ٿيو. اُن زماني ۾ سوٽي ڪپڙو، سلڪ، کنڊ، ڌاڳو، نير، چمڙي جو سامان ۽ نقش نگار جو سامان سنڌ مان ٻاهرين ملڪن ۾ موڪليو ويندو هو، جڏهن ته موتي، سون ۽ چاندي ۽ دوائون ٻاهرين ملڪن مان بندرگاهن ذريعي گهرايون وينديون هيون. هن بندرگاهه جي اهميت ۾ ان وقت گهٽتائي آئي، جڏهن 1635ع ۾ هرمز تي انگريزن جو قبضو ٿيو، پر سياسي حالتن کان وڌيڪ فطري حالتون اُن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيون. سترهين صديءَ ڌاري هن بندرگاهه تي مٽيءَ جا تهه ڄمڻ شروع ٿيا ۽ بندر ۾ جهازن جي داخل ٿيڻ ۾ ڏکيائي ٿي، اُن ڪري اورنگزيب بادشاهه هڪ نئين بندرگاهه جو حڪم ڏنو، جنهن کي ’اورنگا بندر‘ يا ’ڪڪرالا بندر‘ جي نالي سان سڏيو ويو، تنهنڪري لاهري بندر ارڙهين صديءَ ۾ زوال پذير ٿيندي برباد ٿي ويو.
هن وقت لاهري بندر جي ڏکڻ ۾ پئٽياڻي ڪريڪ ۽ اتر ۾ کڏي ڪريڪ جا هنڌ آهن، جيڪي اڳتي هلي ٻئي هڪ ٻئي سان ملي وڃن ٿا. هي آثار هن وقت ڪافي حد تائين پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن. بندر جا آثار جنهن ٻيٽ تي موجود آهن، اُهو چنڊ جي شڪل جهڙو آهي. هي ٻيٽ اوڀر- اولهه ۾ چار ڪلوميٽر ڊگهو ۽ اتر- ڏکڻ ۾ ٻه ڪلوميٽر ويڪرو آهي. ٻيٽ جي اوڀر واري پيٽ تي شهر جا کنڊر موجود آهن، جڏهن ته اولهه وارو پاسو ويران آهي، جنهن ۾ تمر جا وڻ بيٺل آهن.
لاهري بندر ڏهين کان ٻارهين صديءَ ڌاري ڀنڀور سان گڏ وجود رکندو هو، پر اهو چوڻ مشڪل آهي ته هن بندر جو ڀنڀور جي ڀيٽ ۾ ڪهڙو ڪارج هو.
لوٿل بندر: سنڌو تهذيب جو هي قديم بندرگاهه گجرات (هندستان) ۾ کنڊرات جي صورت ۾ واقع ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري تي قائم آهي. تاريخي ماهرن موجب لوٿل بندر هڙپا تهذيب واري دؤر ۾ اوج تي هو، تنهن وقت ۾ هتان سمنڊ ۽ درياهه رستي چانورن ۽ ڪپهه جي تجارت غورابن ۽ وڏن ٻيڙن وسيلي ايران ۽ عربستان سميت ويجهن بندرگاهن سان پڻ ٿيندي هئي. هن بندرگاهه جي کوٽائيءَ بعد هتان ٺڪراٺا، ڪاراٽيل سڪا، پراڻا زيور ۽ سرون لڌيون آهن، جڏهن ته قديم آثارن جي ماهرن جي خيال موجب هي بندر سمنڊ جي پوئتي هٽڻ جي ڪري زوال پذير ٿيو.
منج آبري بندر: سنڌو درياهه جي ڪناري تي ڪنهن دؤر ۾ آباد هن بندرگاهه جو نالو موج بندر ۽ چچ نامي ۾ هن جو نالو منج آبري ڄاڻايل آهي ۽ اُن کي سيوستان (هاڻوڪي سيوهڻ) جو قلعو سڏيو آهي، جڏهن ته ابنِ حوقل پنهنجي نقشي ۾ هنج آبري جو نالو ڄاڻايو آهي ۽ ڪن مؤرخن جي خيال موجب هن بندر جو نالو منج آبري آهي، جيڪو تعلقي ڏوڪريءَ ۾ هو، جڏهن ته هن بندرگاهه بابت تاريخي ڪتابن ۾ ٻي ڪا به ڄاڻ نه ملي سگهي آهي.
موهن جو دڙو بندر: سنڌ جو هي قديم ترين بندرگاهه ڏوڪري شهر کان ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي تي اوڀر طرف ضلعي لاڙڪاڻي ۾ کنڊرات جي صورت ۾ واقع آهي. هن بندر جي نالي بابت محققن جا مختلف رايا آهن، ڪي هن کي مُهن جو دڙو، ڪي مئن جو دڙو ۽ ڪي موهن جو دڙو سڏيندا آهن، جڏهن ته ڀرپاسي جا مقامي ماڻهو هن کي مُهون يا مُهين جي دڙي جي نالي سان سڏيندا آهن. سر جان مارشل به هن کي ‘Mohen Jo Daro’ (مهين جو دڙو) ڪوٺيو آهي، 1922ع ڌاري جڏهن هن دڙي جي کوٽائي ڪيائون ته هڪ عاليشان شهر دريافت ٿيو، جنهن جي ڪن گهرن ۾ ماڻهن جا لاش به هٿ آيا، تنهنڪري به هي شهر ’موهن جو دڙو‘ سڏجڻ لڳو.
پنج هزار سال پراڻي هن شهر جا کنڊر ٻن وڏن حصن ’مٿيون شهر‘ ۽ ’هيٺيون شهر‘ ۾ ورهايل آهن. مٿيون شهر هڪ بيضوي شڪل جي دڙي تي قديم آباديءَ جي اولهه واري ڪُنڊ جي منهن وٽ آهي. انهيءَ ۾ اسٽوپا، هڪ وڏو حوض، مدرسو ۽ ٿنڀن وارو هال آهي، جڏهن ته ’هيٺين شهر‘ ۾ رهڻ جون جايون، دڪان، رستا ۽ گهٽيون آهن. هن بندرگاهه جي رهواسين جي رهڻي ڪهڻي قديم آثارن جي دستاويزن تائين محدود آهي. هتي جي تهذيب کي پنهنجي لکت به هوندي هئي، جيڪا ڪجهه کوٽاين ۽ کوجنائن وسيلي معلوم ٿي آهي، جڏهن ته ڪنهن جڳهه تي ڪا معلوماتي يا ڊگهي لکت اُڪريل ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي. پر انهيءَ ئي دؤر ۾ ميسوپوٽيميا ۽ مصر جي تهذيب ۾ اهڙيون ڳالهيون موجود هيون. موهن جي دڙي، مصر ۽ ميسوپوٽيميا جي تهذيبن جو شمار دنيا جي قديم تهذيبن ۾ ٿئي ٿو ۽ هنن ٽنهي تهذيبن ۾ ڪي هڪجهڙايون ملن ٿيون، جن ۾ مکيه هي آهن ته: ”اهي وڏن درياهن جي ڪنڌين تي آباد هيون، جنهنڪري ٻني ٻاري واري ڌنڌي ۾ وڏو اتساهه مليو، ٻيو ته انهن موجود بندرن وسيلي پاڻ ۾ توڙي ٻاهرين دنيا سان تجارتي ۽ واپاري ناتا قائم هوندا هئا.“
’سنڌو ڪناري وسايل شهر‘ ڪتاب ۾ جارج ايف ڊيلس لکي ٿو ته: ”درياهن سان قائم قديم تهذيبن جي وڏن شهرن جا رهواسي پنهنجي ڀرپاسي وارن علائقن سان تجارت ڪندا هئا.“ سنڌو درياهه تي آباد هن بندرگاهه جي واپار بابت ايران ۽ مصر جي قديم آثارن مان اهو معلوم ٿيو آهي ته بابلي تهذيب جا رهواسي سنڌ سان واپار غورابن ۽ ٻيڙن وسيلي ڪندا هئا، جڏهن ته تنهن دؤر ۾ يهودين سان پڻ سنڌ جا سٺا تجارتي لاڳاپا هئا. عراق جي پراڻي شهرن ڪش (Kish) ۽ اُر (Ur) مان مُهين جي دڙي جا سڪا پڻ هٿ آيا آهن ۽ اوزارن ٺاهڻ لاءِ ٽين ۽ شيهو سنڌ ۾ فنيقيا وارا مهيا ڪندا هئا ۽ اهي پڻ واپاري هئا. سنڌ جي جغرافيه دان پيٿاولا پنهنجي مضمون ’سنڌ هسٽاريڪل جرنل ڪراچيءَ‘ ۾ لکيو آهي ته: ”صديون اڳ موهن جو دڙو جي تهذيب جو لاڳاپو ايران جي مٿاهين پٽ کان پري بابل جي رياستن سان هو، تنهن زماني ۾ خشڪيءَ رستي عراق جا قافلا ڪچو مال کڻي سنڌ ۾ پهچائيندا هئا، جڏهن ته هتان جا غوراب عربي سمنڊ وسيلي بابل پهچندا هئا“. ڊاڪٽر ڊبليو هنٽر لکيو آهي ته: ”مُهين جي دڙي بندرگاهه تان واپاري سينائي اپٻيٽ ۽ سوئيز تائين تجارت ڪرڻ ويندا هئا.“
هن بندر جي کوجنا ڪرڻ کان اڳ قديم آثارن جي ماهرن جي نظر ۾ ٽئڪسلا، پاٽنا، رانچي، ڀليسيا، سرناٿ، مٽرا، گيا، ايجنٽا ۽ مدورا جا قديم آثار شمار ٿيندا هئا، پر سنڌ ۾ سڀ کان پهرين جهونن بندرن الور ۽ برهمڻ آباد، ڪاهو جي دڙي ۽ ٻين دڙن جي کوٽائي ڪئي وئي هئي ۽ موهن جي دڙي واري بندر جي کوٽائي آر. ڊي. بئنرجيءَ (Rakhaldas Bannerji) 1922ع ۾ شروع ڪئي، جتان کيس ڪيتريون ئي شيون هٿ آيون، جن ۾ ٻڌڌرم جو اسٽوپا شامل هو. هن مندر/ اسٽوپا جون ديوارون سنڌو درياهه کان 46 فوٽ اتاهين مٿاڇري حصي تي هيون، مندر جي چؤطرف عبادت گذارن جا حجرا هئا، جڏهن ته مندر جي هڪ پاسي واري تهه خاني مان اٽڪل چار سؤ ننڍيون وڏيون گولائيءَ ۾ اڇيون سنگ مرمر جون صندوقون پڻ لڌيون آهن. ان کان علاوه راجا واسديو پهرين جي زماني جا سڪا به ان مان مليا آهن. ٺڪر جا ٽڪرا نقش ٿيل ۽ ٺڪر جون مس ڪپڙيون، ڍڪڻيون ۽ ڪوناريون به هٿ آيون آهن، جڏهن ته سر جان مارشل جي خيال موجب موهن جي دڙي بندر مان لڌل شين ۽ يونان جي قديم دڙن مان هٿ آيل شين جي پاڻ ۾ گهڻي مشابهت آهي. ان کانپوءِ عراق جي قديم آثارن جي ماهرن لڌل شين کي پاڻ ۾ ڀيٽايو ته ٿانوَ، جانورن جون مورتيون، ڍڳي جي تصوير، زيور ۽ سرون هڪجهڙيون هيون. اهڙي طرح هڙپا ۽ موهن جي دڙي مان جيڪا لکت هٿ آئي آهي، تنهن کي جڏهن سامي تهذيب وارن اکرن سان پڻ ڀيٽايو ويو، جيڪي عيسوي سن کان ٽن سؤ سالن کان چوويهه سؤ سال قديم آهن، سي به مشابهت رکن ٿا. قديم زماني موهن جي دڙي ۽ عراق جي سامي تهذيب جو پاڻ ۾ گهرو تعلق هو، جنهن کي پهرين ’انڊو سامي‘ (Indo-Semetic) تهذيب جو نالو ڏنو ويو، پر پوءِ انڊس (Indus) نالو رکيو ويو، ڇاڪاڻ ته عراق سان سنڌ جو تعلق نه فقط تمدني هو پر واپاري پڻ هو.
يورپ جي ڪن ماڻهن جي خيال موجب دنيا عيسوي صديءَ کان ڇهه هزار ورهيه اڳ شروع ٿي آهي، پر هن بندرگاهه کانپوءِ کين يقين آيو ته دنيا گهڻي آڳاٽي آهي ۽ قديم زماني ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري تي هڪ زبردست تمدني حڪومت قائم هئي، جنهن ۾ عمارتسازي، واپار، صنعت ۽ حرفت ۽ قانون اعلى درجي جو هو، جڏهن ته هن بندر جي زوال پذير ۽ تباهه ٿيڻ بابت مؤرخن جا مختلف رايا آهن.
جارج ايف. ڊيلس پنهنجي مضمون ’موهن جي دڙي ۾ ٿيل قتل عام هڪ ڏندڪٿائي قصو‘ ۾ لکي ٿو ته: ”موهن جو دڙو بندر تي حملو ڪيو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هتان جي رهواسين، عورتن جو ٻارڙن سميت قتل عام ٿيو ۽ هاڻوڪي دؤر جي مؤرخن، لسانيات جي ماهرن ۽ آثار قديمه جي ماهرن اهو حملو آرين طرفان ڏيکاريو آهي، پر آرين جو هندستان ۾ پهچڻ وسيع انڊو يورپين ٻوليءَ جي اوڀارين شاخ جو ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ نئين تاريخي دؤر جي شروعات ڪرڻ جو ڄڻ اعلان هو. ان قديم دؤر جي سماجي ۽ مذهبي زندگيءَ بابت تفصيلي ذڪر سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لکيل رگويد ۾ موجود آهي.“
جارج ايف. ڊيلس ڄاڻائي ٿو ته: ”آريا جنگي جوڌا زرهه بندن ۽ ڍالن سان پنهنجو بچاءُ ڪندا هئا، هن وٽ مکيه هٿيار تير ڪمان سان گڏ نيزا، ڪهاڙيون ۽ تلوارون به هيون ۽ هو ويڙهه ۾ گهوڙا ڪتب آڻيندا هئا.“ پر تاريخ ۾ انهيءَ دؤر بابت ڪا واضح ڄاڻ نه ٿي ملي، ڇاڪاڻ ته قديم زماني کان وٺي ڇهين صدي ق.م تائين ڏکڻ ايشيا جي صحيح تاريخي حوالا نه ملي سگهيا آهن. جڏهن ته ڪجهه ماهرن جي خيال موجب آرين پنهنجي هٿيارن جي سگهه تي موهِن جو دڙو بندر فتح ۽ تباهه ڪيو هو، پر سندن حملو هن بندرگاهه جي زوال پذير ٿيڻ کانپوءِ ٿيو هو. جڏهن ته پنهنجي اوج واري زماني ۾ هن بندر جي چوڌاري ڪوٽ قلعا به ٺاهيل ڪونه هئا.
موجوده دور جي قدرتي ۽ طبي سائنس جي ماهرن موجب: ”موهن جو دڙو بندرگاهه حملي سبب تباهه نه ٿيو، پر سنڌو درياهه جي رخ مٽائڻ سبب تباهه ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته هتان ڪن به حملي آورن بابت شاهديون نه ملي سگهيون آهن.“ هن بندرگاهه جي زوال ۽ تباهيءَ بابت تفصيل واضح نه آهن، جڏهن ته هن بندر جي زوال پذير ٿيڻ جو ڪارڻ قدرتي آفت به ٿي سگهي ٿي.
تاريخي حوالن مان ڄاڻ ملي ٿي ته ٻي صديءَ ڌاري اولهه ايشيا جي ڪناري سان واقع عربي سمنڊ ۾ اوچتو چاڙهه اچي ويو هو، انهيءَ زماني ۾ درياهن جون ماٿريون چاڙهه سبب ٻڏي ويون هيون، ان ڪري جر واري پاڻيءَ جي سطح مٿي چڙهي آئي، ڪلر ۽ لوڻ وڌي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ اُتان جون اقتصادي حالتون تبديل ٿي ويون، جنهنڪري اُتان جا مقامي رهواسي لڏپلاڻ ڪري هليا ويا هوندا. ان ڏس ۾ قديم آثارن سان لاڳاپيل ڪي اهڙيون شاهديون پڻ مليون آهن ته اها قوم ڏکڻ اوڀر پاسي هندستان ۾ ڪاٺياواڙ ۽ بمبئيءَ جي اُترئين علائقن ۾ وڃي آباد ٿي، جنهنڪري هي ماڻهو اُتان جي اصلي آباديءَ سان رلي ملي هڪ ٿي ويا ۽ هڪ نئين تهذيبي شڪل اختيار ڪري هيءَ قوم مڪمل طور تبديل ٿي وئي.
سنڌ جي هن قديم بندرگاهن جي مرمت ۽ بحاليءَ لاءِ سرڪار ڪي خاص اُپاءُ نه ورتا آهن، جنهنڪري زمين ۾ موجود ڪلر بندر جي ڀتين کي مسلسل نقصان پهچائي رهيو آهي، جڏهن ته ٻوڏ يا مينهن جي صورت ۾ هن کي ڪنهن به قسم جو ڪو به بچاءُ بند نه ڏنو ويو آهي ۽ عام ماڻهن جي تفريح سبب پڻ بندرگاهه کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.
وڪر بندر: هيءُ بندر سنڌو درياهه جي ڇوڙ تي سمنڊ کان ويهه ميل پري گهوڙاٻاري تعلقي ۾ آباد هو، جتي وڏن ٻيڙن ۽ جهازن وسيلي چانورن، گيهه ۽ ٻين شين جو واپار مانڊوي، انجار، جهوناڳڙهه، بمبئي، پور بندر کانسواءِ سون مياڻي، گوادر ۽ مسقط جي بندرگاهن سان هلندو هو. هن بندرگاهه تان 1836ع ۾ ٽالپر حاڪمن کي لکين روپيا محصول طور وصول ٿيندا هئا، جڏهن ته انگريزن جي حڪومت جي شروعاتي دؤر ۾ درياهه جي رخ مٽائڻ جي ڪري سندس اوج ختم ٿي ويو.
ون ٽري بندر: هيءُ بندر ٽنڊي نور محمد، حيدرآباد جي ڀرسان سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري تي واقع هو. هن کي مقامي ماڻهو ’بندر‘ جي نالي سان سڏيندا هئا، پر بندر ڏانهن ويندڙ رستي جي ٻنهي پاسي کان قطار ۾ وڻ هوندا هئا، جنهن کي سڌائي ۾ ڏسبو ته ’هڪ وڻ‘ نظر ايندو هو، تنهنڪري انگريزن هن کي ’ون ٽري‘ جو نالو ڏنو.
تاريخي حوالن مان ڄاڻ ملي ٿي ته ميرن جي دؤر ۾ انگلستان جي راڻي وڪٽوريه، آئوٽرام کي ايلچيءَ جي حيثيت ۾ سنڌ موڪليو ۽ سياسي ڳالهين ۾ ناڪامي کانپوءِ مقامي ماڻهن برٽش ريزيڊنسي جو گهيراءُ ڪيو، جنهنڪري آئوٽرام ون ٽري بندر تان ٻيڙي وسيلي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو. تنهن کانپوءِ مياڻيءَ واري جنگ لڳي. ون ٽري بندر پنهنجي دؤر ۾ تفريحي ماڳ هئڻ سان گڏ ڪمائتو بندر پڻ هوندو هو، جتي ورهاڱي کان اڳ ٻيڙين ۽ غورابن وسيلي حيدرآباد شهر جو واپار سڄي سنڌ کان وٺي، پنجاب، ڪابل ۽ قنڌار جي بندرن تان سنڌو درياهه رستي ٿيندو هو. جڏهن ته ترڪستان جي واپارين جا جهاز ڪراچيءَ کان هن بندرگاهه تي لنگرانداز ٿيندا هئا. ون ٽري بندر جو اوج 1950ع ۾ ٻوڏ جي هراس پکيڙجڻ سبب ختم ٿي ويو، جنهن کانپوءِ هي بندر مڪمل طور تي ويران ٿي ويو ۽ اتان جا مقامي ماڻهو ٽنڊي نور محمد مان لڏي اچي حيدرآباد ۾ آباد ٿيا.
انهن بندرگاهن کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيا ڪيترائي بندرگاهه موجود هئا، جن تان ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ جهازن، غورابن ۽ ٻيڙين وسيلي تجارت ٿيندي هئي ۽ اتي واپارين لاءِ ڪوٺيون پڻ قائم هونديون هيون. انهن بندرن جا نالا هن ريت آهن:
ملتان، سن، ڪشمور، وڃڻوٺ، پٽ ڌيتري، مروٽ، گوادر، ويڪار، نصرپور، ٻلهار، بانيا، ڪامهل، مينانگر، سنڌڙي، هالڪنڊي، پاترا پور، کڙڪ، لوهاراڻي، بستا، ديسل پور/ گنتالي گڍ، ڀڌريشور، ڪوٽيشور، جُنگي، تُنا، مَوَساري، بيناب، امراپور، پڊن/ پڙن، بورو، ڪوڊاڌا، موڌرا، ڪنبوئي، ذنذ وادا، ڪُنتسي، حجنالي، ڏهيسر، ککڙيچي، واوڻيا، پندرا، ولاڀي، ورتيج، ڍوليرا، نگارام ڀروچ، راندر، بَلي موَرا، وراهي، ماهووا، ڪڻڪ پور، نوَ ساري، ٿراد، گنڌار بندر ۽ ٻيا شامل آهن.