
سنڌ جا سورما1
سنڌ جا سورما1 (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي قومي اڳواڻ ۽ سياستدان، جي. ايم. سيد جو لکيل آهي، جڏهن هن 1966ع ڌاري ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ قائم ڪري، سنڌ جي مختلف درگاهن تي ادبي ڪانفرنسون ڪوٺائي، قومي پرچار شروع ڪئي تہ ان پروگرام جو هڪ جزو اهو بہ هو تہ سنڌ جي ماضيءَ جي قومي سورمن جي زندگيءَ ۽ قربانين جو احوال لکي نوجوانن کي سندن شاندار ڪارنامن کان واقفيت ڪرائجي. اهو ڪم مختلف اديبن جي حوالي ڪيو ويو هو، پر بزم صوفياءِ سنڌ جي تعليم کي ملڪي امن امان لاءِ خطرناڪ سمجهي، جڏهن 7 جولاءِ 1967ع تي، جنرل محمد ايوب خان سائين جي. ايم. سيد کي گهر ۾ نظربند ڪيو تہ هُن گهر ۾ هڪ جاءِ تي ويهڻ سبب ٻين ڪتابن سان گڏ هي ڪتاب ’سنڌ جا سورما‘ بہ لکي ورتو، جنهن ۾ سنڌ جي پنجن سورمن: (1) راجا ڏاهر، (2) دودي سومري، (3) نواب دولھہ دريا خان، (4) مخدوم بلاول، ۽ (5) شاھہ عنايت شھيد جو احوال ڏنو ويو آهي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، آڪٽوبر 1974ع ۾، نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچيءَ ڇپي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 2.25 روپيا هئي. هن ڪتاب جا بعد ۾ سنڌ ساهت گهر حيدرآباد، مارئي ڪتاب گهر سڪرنڊ ۽ ٻين ادارن ڪيترائي ڇاپا پڌرا ڪيا آهن، ۽ هر سال سائين جي. ايم. سيد جي سالگرھہ ۽ ورسيءَ جي موقعن تي ٻين ڪتابن سان گڏ هي ڪتاب بہ ڇپجندو رهي ٿو.