سنڌ جا لباس

سنڌ جا لباس

سنڌ جا لباس

سنڌ جا لباس

سنڌ جا لباس

سنڌ جا لباس

سنڌ جا لباس

سنڌ جا لباس

سنڌ جا لباس

سنڌ جا لباس

سنڌ جا لباس

سنڌ جا لباس: سنڌو تهذيب جي سڌريل هئڻ جي ساکي ماڳ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان جيڪي مورتيون مليون آهن انهن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ تمام آڳاٽي دور کان ڪپڙو ايجاد ٿي چڪو هو ۽ اتان جا ماڻهو تن ڍڪڻ لاءِ مختلف قسم جا لباس پائيندا هئا، جن ۾ ڪلهي تي ’ٽڦلي اجرڪ‘ وجهڻ به شامل هئي. موهن جي دڙي مان مليل مجسمي (King Priest) جي تن تي پڻ ٽڦلي اجرڪ ويڙهيل ملي ٿي. سنڌ ۾ رهندڙ مختلف قبيلن/نسلن جي ثقافتي سڃاڻپ لباس سان به ٿئي ٿي. جيئن سماٽ ۽ بلوچ پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۽ لباس اپنائين ٿا، ائين وري ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ به الڳ لباس ۽ رهڻي ڪهڻي جا مالڪ آهن.
سماٽ قبيلا ۽ انهن جا لباس: لاڙ طرف اڃا تائين به سماٽ قبيلن ۾ گج، سوسيءَ جي وڏي سٿڻ ۽ چنري ڪنوار جي لباس طور ڪم ايندي آهي. ٺٽي ضلعي ۾ ڪيهر، پنهور سومرا ۽ دل ذات جون عورتون عام طور اهو لباس پهرينديون آهن. ڪنوار کي شاديءَ جي موقعي تي ٽِڪن ۽ ٽئونرن وارو گج ڳاڙهي يا گلابي رنگ جي سٿڻ، ٽئونر واري جتي ۽ چنري؛ زيورن ۾ خاص طور هسلي، ٻانهين بينسر (نٿ)، وڏو ڦلڪو، منڊيون، پيرن ۾ ورڻا ۽ ڇير به پارائي ويندي آهي.
بلوچ قبيلن جو لباس: بلوچ نسل وارا به سنڌ ۾ صدين کان آباد آهن، بلوچ عورتون وڏو ڀرت ڀريل گگهو، گربيءَ جي سٿڻ ۽ چنري يا ٻي وڏي ڀرت ڀريل پوتي پائين ڪنن ۾ ڪيتريون ئي واليون (جيڪي گهڻن هنڌن تان ڪن سبرائين) پائين، جهمڪا/ جهومڪ، ڪن ڦل وغيره پڻ پائين، گلي ۾ پنهنجي قديم رواج موجب هار وغيره پائين، ٻانهن ۾ چوڙيون، چوڙا پهرين ٿيون.
سنڌ جي مردن جو لباس: سنڌ ۾ مردن جو لباس گهڻي ڀاڱي ملندڙ جلندڙ رهيو آهي. البت ڪجهه هندو ذاتين جا مرد جهڙوڪ: جوڳي، چارڻ ۽ ٿر ۾ رهندڙ مختلف قبيلن جا مرد پنهنجي پيشي جي انداز مطابق لباس پائين ٿا. جيئن وڏيون ڊگهيون ويڪريون قميصون ۽ پٽڪا به ٻڌن. مسلمان گهڻو ڪري قميص سٿڻ/ پهراڻ سٿڻ پائين ٿا. ڳوٺاڻا مرد بوڇڻ يا اجرڪ جو پٽڪو ٻڌن يا سنڌي ٽوپي پائين. شهرن ۾ وقت سان گڏ گهڻو ڪري لباس هڪجهڙو ئي پهريو وڃي ٿو. البت شادي مراديءَ تي هرڪو پنهنجي ثقافتي لباس يا رسمن کي گهڻو ڪري ترجيح ڏي ٿو. تنهن هوندي به سنڌ ۾ گهوٽ گهڻو ڪري اڇي رنگ جي سٿڻ بوسڪيءَ جي قميص، مٿي تي سنڌي ٽوپي ۽ ڪلهن تي اجرڪ اوڍين ڳوٺن ۾ گهوٽن جون مائرون، ڀينرون، پنهنجن نينگرن جي طهرن يا شادين لاءِ خاص طور تي ڀرت ڀريل بوڇڻ/ ٽوال ٺاهي رکن ٿيون، جيڪي اهي گهوٽ ٿيڻ جي موقعي تي ڪلهن تي رکي فخر محسوس ڪن ٿا، سنڌ جي شهرن علائقن ۾ هاڻ ته نئين فيشن مطابق لٽا ڪپڙا پائجن ٿا پر ڳوٺاڻن علائقن ۾ ميلا، شاديون مراديون ثقافتي لباس جي نماءُ جو موقعو هونديون آهن.
سنڌ جي قديم رهاڪن ۾ ڪولهي، ڀيل، سامي ۽ ٻين ڪيترن ئي نسلن جا رهاڪو آهن، انهن جو لباس وري انهن جي ذات جي نمائندگي ڪري ٿو. جيئن پڙو، ڪنجري/ڪنجرو وغيره.
ڪلهن ڦاٽو ڪنجرو مٿو اگهاڙو،
منهنجو ڪڄاڙو ڀينر هن ڀنڀور ۾.
چُنري يا ٻي ڪا چمڪندڙ پوتي، ٻانهن ۾ عاج جون چوڙيون (جيڪي هاڻ ٻين مختلف ڌاتوئن مان ٺهن ٿيون) پائين. ڪنن ۾ والا، واليون، جُهمڪا يا ايرينگ وغيره پائين، اهي عورتون پاپڙين بدران سڄي ڪن جا ڪنارا سبرائي انهن ۾ ڪيتريون ننڍيون ننڍيون واليون پائين ٿيون، گلي ۾ هسلي هار يا ٻيا ڪي مڻيا موتي پائين ٿيون.
ميرن جون پوشاڪون: مير مٿي تي ٺٽي جون ٺهيل مقيشي لونگيون ٻڌندا هئا. اونهاري ۾ شبنم جو پهراڻ، جنهن جي ساڄي پاسي ڳچي هوندي هئي، جنهن تي نهايت نفيس نازڪ زردوزي يا ريشم جي ڀرت وارو ڪم ٿيل هوندو هو. پهراڻ جي مٿان ڪشميري دوشالو، علي بند (ڪراس پليٽ) ڪري دشالي جو پلاند ڪلهي تي ورائيندا هئا ۽ چيلهه سان ٺٽي جي مقيشي لونگي جو سندرو ٻڌندا هئا. گلبدن ۽ گربي جون سٿرون پائيندا هئا. اڪثر نيري رنگ جون شلوارون پائيندا هئا. شلوار جا پانچا پٽ سان ڀريل هوندا هئا ۽ پيرن ۾ بناتي پاپوش (جتي) پائيندا هئا. مير ٻيا به ڪپڙا پائيندا هئا، جن ۾ لباتو (ننڍو ڪوٽ)، گڊِي (صدري يا جرسي)، ابره ڪوٽ يا پوستين جو مٿيون ڪپڙو، ڪڙتو، عبا، قبا، رومال، پڳ وغيره.
ميرن جون عورتون مٿي تي شبنم جي سنڌي بوڇڻي (رئو) جنهن جي تَرتَر تي هُرمچ ۽ مورڦلي، پور ۽ پتاشو ڀريل هوندو هو، جنهن جا مٿاڙا ۽ پلاند سڄا ڀريل هوندا هئا يا وڻندڙ رنگين سالور جي ڪپڙي جو به رئو پائينديون هيون، جنهن جي وٽ زردوزي جي ڪم سان ڀريل هوندي هئي. حرمسرا ۽ ديرا سڄي پاسي واري ڳچي سان شبنم يا ريشم جا پهراڻ جيڪي چيلهه تائين، جنهن جون ٺونٺ تائين ٻانهون هونديون هيون سي پائينديون هيون. مذڪور پهراڻ جون ٻانهون، ڳچي، دامن ۽ چاڪ اڪثر ڀريل هوندا هئا، جنهن تي پٽ جو هُرمچ ۽ سنڌي ڀرت يا زردوزي جو ڪم ٿيل هوندو هو. هو پيٽي ڪوٽ به پائينديون هيون، جيڪو سيني کي ڍڪڻ لاءِ ڳچي تائين قابو ٿيل ڪپڙو هوندو هو. سُٿڻ سوسي يا گربي هوندي هئي، جنهن جا پانچا پٽ يا زردوزي سان ڀريل هوندا هئا. مطلب ته حرمسرا ۾زنانا خاص ڪپڙا مخمل، اطلش، پشمينو، زربفت، ڪيمخواب، سوسي، گربي، ريشم، شبنم ۽ ٻانهن لاءِ اجرڪون هيون. ٽالپر دور کان پوءِ سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت جو زوال آيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو