سنڌ جا مشھور خطاط: ماضيءَ ۾ خطاطي ۽ خوشنويسي هڪ ڪمال جو فن سمجهيو ويندو هو. ان جا اصول ۽ قاعدا قانون مقرر ۽ مرتب هئا. هن فن جي تحصيل کانسواءِ تعليم نامڪمل ۽ ناقص سمجهي ويندي هئي. بادشاھہ، امير ۽ دولتمند ماڻهو اولاد کي هن فن جي تعليم ڏياريندا هئا. بادشاهن جي درٻارن ۾ خوشنويسن ۽ خطاطن جي قدر شناسي ۽ سرپرستي ڪئي ويندي هئي.
برصغير تي جڏهن مسلمان قابض ٿيا، تہ ٻين فنن ۽ علمن سان گڏ خطاطيءَ جو فن بہ کڻي آيا. مسلمانن ۾ خطاطيءَ جي فن جي ترقيءَ جو هڪ وڏو سبب اهو هو تہ اسلام ۾ تصوير ڪشي ۽ مصوريءَ جي منع هئي. ان ڪري مسلمانن نقاشيءَ ۽ خطاطيءَ ۾ ڪماليت حاصل ڪئي. اڪبر جي دؤر ۾ جڏهن عبدالرحيم خان خانان، سنڌ فتح ڪرڻ آيو هو، تہ ساڻس ڪيترا خطاط ۽ خوشنويس بہ هئا. عبدالرحيم خان خانان پاڻ بہ مشھور خطاط ۽ خوشنويس هو. مغلن جي دور ۾ سنڌ ۾ وڏا خوشنويس ٿي گذريا آهن، جن جا يادگار نہ رڳو سنڌ ۾ ملن ٿا، پر هندستان ۾ بہ انهن جا يادگار موجود آهن.
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ بہ هن فن جا ماهر استاد ٿي گذريا آهن. ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حاڪم علم دوست، صاحب ذوق ۽ هنر نواز هئا. سندن دور ۾ سنڌ ۾ وڏا ڪتبخانا هئا، جن ۾ مشھور خطاطن ۽ خوشنويسن کان ڪتاب لکرايا ويندا هئا. ڪيترا خوشنويس ۽ خطاط سنڌ جي بادشاهن جي فياضيءَ ۽ قدر شناسيءَ کان متاثر ٿي سنڌ ۾ آيا. ان وقت ٺٽو، بکر، سيوهڻ، حيدرآباد، هالا ۽ نصرپور سنڌ جا مرڪزي شھر هئا، جنهنڪري خطاطن ۽ خوشنويسن بہ انهن شهرن ۾ رهائش اختيار ڪئي. ان کانسواءِ سنڌ جي ننڍي خواه وڏي شھر ۾ هن فن جا ماهر موجود هئا، پر زماني جي انقلابن سندن نالا ۽ يادگار ختم ڪري ڇڏيا آهن. ان هوندي بہ سنڌ جي ڪن تاريخن مان هن فن جي ماهر استادن جي ڄاڻ ملي ٿي ۽ خبر پوي ٿي تہ سنڌ ۾ هن فن وڏو عروج حاصل ڪيو هو ۽ اهي اڄ سڀ خاڪ ۾ آرامي آهن، انهن مان ڪن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
حافظ رشيد خوشنويس: هيءُ ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي زماني ۾ مشھور عالم ۽ جليل القدر فاضل هو. هر ڪنهن علم ۽ فن ۾ ڪمال رکندو هو. پنھنجي دور ۾ اعلى درجي جو خوشنويس ۽ هن فن جو امام هو.
سيد حسن خوشنويس: هيءُ ترخاني دور ۾ خوشنويسيءَ جي فن ۾ ماهر هو. سندس فرزند سيد محمد طاهر پڻ ستن قلمن جو جامع ۽ مشھور ماڻهو ٿي گذريو آهي.
مخدوم الياس خوشنويس: مخدوم الياس بن مخدوم محمد يوسف، پنھنجي دؤر ۾ نستعليق ۽ نسخ جي خط ۾ وڏو ماهر ۽ پنھنجي وقت ۾ هن فن جو استاد ٿي گذريو آهي. مشھور خطاط سيد عليءَ وٽانئس هن فن جي تعليم حاصل ڪئي هئي.
سيد رحمت ﷲ: سيد رحمت الله، سيد ابو القاسم بيگلار جو پٽ هو. پنھنجي دؤر ۾ نستعليق خط ۾ وڏو ماهر ٿي گذريو آهي.
مير محمد المعروف شيخ ميرڪ بن مير ابو سعيد پوراني: شيخ ميرڪ سنڌ جي حاڪم مرزا شاھہ حسن ارغون جو همعصر هو. سندس سخاوت، زهد ۽ تقوى مشھور هئي. ڪيترا سال شيخ الاسلاميءَ جي عهدي تي رهيو. درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو هو ۽ اعلى درجي جو خطاط ۽ خوشنويس هو. خاص ڪري نستعليق خط ۾ سندس ڪو مٽ نہ هو. هن محرم 962ھہ/1555ع وفات ڪئي.
مير محمد معصوم بکري: مير محمد معصوم بکري، ترمذي جو والد مير صفائي، قنڌار مان هجرت ڪري سنڌ جي شھر بکر ۾ اچي رهيو. مير معصوم ظاهري ۽ باطني علمن ۾ ڪمال حاصل ڪيو. اڪبري دؤر ۾ بکر جو گورنر بہ رهيو. خوشگو شاعر، مصنف، خوشنويس ۽ خطاط هو. سنڌ، هندستان، تبريز ۽ اصفهان ۾ ڪيترين عمارتن ۽ مسجدن تي سندس لکيل شعر ملن ٿا. فتحپور سيڪريءَ جي بلند دروازي ۽ جامع مسجد جي دروازي تي سندس لکيل ڪتبا خوشنويسيءَ جا بھترين يادگار آهن.
شيخ محمد فاضل: شيخ محمد فاضل بن شيخ محمد، شاھجھان جي دور ۾ ٿي گذريو آهي. خط ثلث جي ڪتبه نويسيءَ ۾ وقت جو بي نظير هو.
شيخ عبدالواسع خوشنويس: شيخ عبدالواسع نستعليق خط ۾ پنھنجي زماني جو مشھور خطاط ۽ خوشنويس هو. شاھجھان بادشاھہ جي درٻار ۾ شاهي فرمانن ۽ نشانين لکڻ جو منشي مقرر ٿيل هو. مير علي شير ’قانع‘ لکي ٿو تہ هن کي ست پٽ هئا، جي سمورا پنھنجي پيءُ وانگر خوشنويسيءَ جي فن ۾ ماهر هئا ۽ بادشاھہ جي درٻار ۾ کين وڏو رتبو حاصل هو.
سيد علي: سيد علي، مٿي بيان ڪيل مخدوم الياس خوشنويس جو شاگرد هو. پنھنجي دؤر جو ڪامل استاد ۽ خوشنويسيءَ جي فن جو جامع هو. سندس شاگردن جو حلقو تمام وسيع هو. هن ٺٽي ۾ وفات ڪئي.
ميان شيخ محمد: سيد عليءَ جي شاگردن مان هو. ستن ئي قلمن ۾ ماهر هو. سندس پٽ شيخ ابو الفضل پڻ مشھور خوشنويس ٿي گذريو آهي.
مير محمد بزرگ: مير محمد بزرگ، قرآن شريف جو حافظ هو. پنھنجي پيءُ، شاهبندر جي خوشنويس، محمد شفيع ۽ هدايت ﷲ زرين رقم جو شاگرد هو. خطاطيءَ ۽ خوشنويسيءَ جي فن جو وڏو ماهر استاد هو.
مير محمد باقر: مير محمد باقر، سيد حميد جو پٽ هو. اورنگزيب جي زماني ۾ بکر مان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو. شهنشاھہ اورنگزيب عالمگير جي درٻار جو خوشنويس هو. بادشاھہ کي سندس لکيل خط تمام گهڻو پسند هوندو هو. اورنگزيب کيس پنهنجن شهزادن جو ڪجهہ وقت لاءِ استاد مقرر ڪيو هو.
سيد علي مازند راني: سيد علي بن سيد عبدالقدوس، مخدوم الياس خوشنويس جو شاگرد هو. خط نسخ، خط ثلث ۽ ٻين خطن تي دسترس رکندو هو.
هدايت ﷲ خان زرين رقم: سيد عليءَ جو شاگرد ۽ اعليٰ درجي جو خوشنويس ٿي گذريو آهي. هي خوشنويسيءَ جي فن ۾ پنھنجي استاد کان بہ گوءِ کڻي ويو. اورنگزيب بادشاھہ کيس پنهنجن شهزادن جي تعليم لاءِ معلم مقرر ڪيو هو. شھزادو ڪام بخش ۽ شھزادو محمداعظم شاھہ سندس شاگرد هئا. آخر ۾ شاهي ڪتبخاني جو داروغو مقرر ٿيو. کيس شاهي درٻار مان ’زرين رقم‘ جو خطاب مليو. هن اورنگزيب لاءِ ’ديوان حافظ‘ جا ڪيترا نسخا لکيا هئا.
خواجہ مير شريف: سيد عليءَ جو شاگرد هو ۽ پنھنجي وقت جو مشھور خوشنويس هو.
ميان حبيب ﷲ خان: سيد عليءَ جي شاگردن مان هو ۽ ستن ئي قلمن جو ڪامل استاد هو.
سيد مير محمد: ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ خط ثلث ۽ نسخ ۾ مشھور خطاط ٿي گذريو آهي. آخري عمر ۾ مديني منوره ۾ وفات ڪيائين.
خواجہ مير مرتضى: خواجہ صاحب ’تحفةالڪرام‘ جي مصنف مير علي شير ’قانع‘ جو همعصر ۽ صحبتي هو. ميان غلام شاھہ ۽ سندس پٽ محمد سرفراز ڪلهوڙي جي درٻار جو خوشنويس هو. ستن ئي قلمن جو ماهر هو ۽ سندس زماني ۾ ڪو بہ سندس ثاني ڪونه هو.
تاج محمد: هي ميان حبيب ﷲ خوشنويس جو فرزند هو ۽ مير قانع جو همعصر هو. پنھنجي وقت جو بھترين خوشنويس ۽ خطاط هو.
ميان محمد عالم بن ميان محمد پناھہ ’مقتوع اليدين‘: ميان محمد عالم سنڌ جي ڪلهوڙن جو ڪاتب هو. ميان سرفراز لاءِ سندس لکيل تعقيبات جو ڪتاب گهڻو ناياب آهي. مقتوع البدين انهي ڪري چيو وڃي ٿو تہ هن جا چوري جي الزام ۾ ٽالپرن ٻئي هٿ ڪپرائي ڇڏيا، جنهن کانپوءِ هي قلم ٻانهن ۾ ٻڌي ڪتابت ڪندو هو. هٿ ڪپجڻ کانپوءِ وارا بہ لکيل ڪتاب گهڻا ناياب اٿس.
ٽالپر حاڪمن، مير فتح علي خان ۽ مير غلام علي خان جي درٻار جو خوشنويس ۽ ڪاتب هو. هن مير فتح علي خان جي نالي ’تذڪره رياض الشعراءَ‘، علي قلي خان جي ڪتاب جو هڪ نسخو، تاريخ 10 جمادي الاول 1219ھہ/ 1804ع ڌاري، سھڻي خط ۾ لکي مڪمل ڪيو.
احسن ڪربلائي: مرزا گل حسن بيگ احسن ڪربلائي پنھنجي دور جو بھترين ڪاتب هو. هو خط نسخ ۽ خط نستعليق جو ماهر هو. ڪيترائي ڪتاب ۽ مرثين جا بياض سندس هٿ اکر اڄ بہ سندس فرزند مرزا نجم الحسن وٽ محفوظ آهن.
مرزا محمد شيرازي: هي مير ڪرم علي خان جي درٻار جو ڪاتب ۽ خوشنويس هو. هن مٿئين ساڳئي ڪتاب جو نقل 1238ھہ/1822ع ۾ لکيو هو. سندس خط تمام سھڻو هو.
سيد علي ابن سيد حسن شيرازي: هيءُ پڻ ميرن جي دؤر جو خطاط ۽ خوشنويس ٿي گذريو آهي. هن مير نور محمد خان بن مير مراد علي خان جي ديري واسطي سھڻي خط ۾ قرآن ڪريم جو هڪ نسخو 1253ھہ/1837ع ۾ لکيو هو.
مرزا حسن شيرازي ڪاتب : هن محمد محسن ٺٽويءَ جي ڪتاب ’حملہ حسيني‘ جو نقل مير صاحبن جي چوڻ تي ڪيو. هن انهيءَ ڪتاب جو نقل 1228ھہ/1813ع ۾ پورو ڪيو.
سيد محمد جعفر بن سيد باقرالحسيني: قرآن ڪريم ۽ ’ڪليات جامي‘ جا نقل ڪيل هن جا نسخا، حسن خط جي لحاظ کان پنھنجي دور جا بي نظير نسخا آهن، جيڪي مير نور محمد خان جي ڪتبخاني جي زينت هئا.
ڪاتب مير حسين نقاش علي: هي سنڌ جي آخري تاجدار مير نصير خان جي درٻار جو ڪاتب ۽ خوشنويس هو. هن مير صاحب جي ڪتاب ’مختار نامہ‘ جو نقل ڪيو هو.
ميان ڪمال الدين ۽ ميان حاجي حسن بخش خان: ميان ڪمال الدين پڻ مير نصير خان جي درٻار جو مشھور ڪاتب هو. هي مياڻيءَ جي جنگ کانپوءِ ميرن سان گڏ قيد ٿي ڪلڪتي ويو. اتي ئي شادي ڪيائين. ميان کي ان گهر مان اولاد بہ ٿيو، جو اتي رهي پيو.سندس پٽ، ميان حاجي حسن بخش، مير حسن علي خان جو ڪاتب هو. هن شاھہ ڪريم جو رسالو سھڻي خط ۾ لکيو هو.
پير علي اصغر شاھہ: هي بزرگ سنڌ جي نامور راشدي خاندان مان ٿي گذريو آهي. ڪيترن ئي علمن جو جامع هو. پير صاحب پنھنجي وقت جو بھترين شاعر، نقاش ۽ خطاط هو. 1363ھہ/1943ع ۾ وفات ڪيائين.
ميرزا قاسم علي بيگ: ميرزا صاحب هزهائينس مير محمد حسن علي خان ٽالپر جو مصاحب هو. هي خطاطيءَ جي فن جو فن جو ماهر هو. اڪثر مرثين جا بياض ۽ ديني ڪتاب نقتل ڪندو هو. هو خط ريحان، خط نسخ ۽ خط نستعليق جو ماهر هو. سندس طغرا خط ريحان ۾ لاجواب لکيل آهن. سندس باذل جو لکيل ’حملہ حيدري‘ خط ريحان ۾ تمام ناياب آهي.
ميرزا قربان علي بيگ: هي هز هائينس خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر ۽ هز هائينس حاجي مير نور محمد خان ٽالپر جو مصاحب ۽ ڪاتب هو. مير حسن علي خان ٽالپر جي ’ڪليات‘ ٽن جلدن سندس هٿ اکر خط نسخ ۾ ٽالپرن جي ڪتبخاني ۾ محفوظ آهي. ان کانسواءِ ڪيترائي فارسي، اردو ۽ سنڌي نثر توڙي نظم جا ڪتاب خط نسخ ۽ خط نستعليق ۾ لکيا اٿس جيڪي اڄ سندس اولاد وٽ محفطوظ آهن.
ميرزا امام علي بيگ: هي حيدرآباد جي ٽالپرن جو ڪاتب هو. مير عبدالله خان ٽالپر هن کان مير حسن علي خان ٽالپر جا مرثيہ ۽ منقبت ٽن جلدن ۾ خط نسخ ۾ لکرايا. جن تي مينا ڪاراي جو ڪم بہ ڪاتب جو ٿيل آهي. سون جي مس ٺاهي سونا اکر لکڻ جو ماهر هوندو هو. ان کانسواءِ مصور پڻ هو، بمبئي مان کيس مصوري ۽ خطاطي تي 1912ع ۾ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ مليا، جيڪي اڄ بہ سندس اولاد وٽ محفوظ آهن.
حيدرآباد شھر ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي قبن ۽ مقبرن تي ڪيترائي ڪتبا ۽ قرآن شريف جون آيتون لکيل ملن ٿيون. مير محمد خان ۽ مير ڪرم علي خان جي قبن ۾ خطاطيءَ ۽ خوشنويسيءَ جا نادر نمونا ملن ٿا. انگريزن جي دؤر ۾ هيءُ فن نون علمن ۽ هنرن جي ڪري وڌيڪ اُسري نہ سگهيو، انهيءَ ڪري عام ماڻهن هن فن ڏانهن گهٽ توجھہ ڏنو. انگريزن جي اوائلي دؤر ۾ جڏهن اڃا ڇاپخانا ڪين هئا، تڏهن جا اوائلي ڪتاب اڪثر بمبئيءَ ۾ ليٿو پريس ۾ شايع ٿيندا هئا. انهن سنڌي ڪتابن جي ڪتابت لاءِ سنڌي ڪاتب ڪم ڪندا هئا. انهن ڪاتبن مان احمد سمي ۽ محمد سمي جا نالا گهڻو مشھور آهن. انهن جي هٿ جا لکيل ڪتاب ۽ قرآن مجيد، ڪريمي پريس بمبئيءَ وارن جا ڇپايل هوندا هئا.
مـوجـوده دؤر ۾ جن مـاڻهـن خـطاطيءَ ۾ نالو ڪـيـو آهي، تن ۾ گل محمد کتري، ظفر ڪاظمي، اڪبر سومرو، ع. ق. شيخ، فتاح هاليپوٽو، محمد علي ڀٽي، راز ناٿن شاهي، خدا بخش ابڙو، منور ابڙو، فيض محمد پتافي، هرجي لال، ڪپتان ابڙو جا نالا اهم آهن.