سنڌ جا هنر
سنڌ، قديم زماني کان ٻيلن ۽ ولهارن جو ملڪ رهيو آهي، ڪنهن زماني ۾ سنڌ ٻن سماجي سرشتن ۾ ورهايل هئي، هڪ ڌراڙي زندگي (Nomadic society) ۽ ٻي هڪ هنڌ ويهي رهڻ واري زندگي (Sedentary Society). ڌراڙي زندگيءَ سان وابستہ ماڻهو ڌنار ۽ مالوند هئا، جيڪي مال خاطر هڪ جاءِ کان ٻئي هنڌ لڏپلاڻ ڪندا هئا. اهي ماڻهو مال مان نہ صرف کير، مکڻ حاصل ڪندا هئا، پر ضرورت آهر انهن جي کلن ۽ هڏن مان پڻ فائدو حاصل ڪندا هئا، سندن انهيءَ ڪارج ذاتي استعمال کان وڌي واپار جي صورت اختيار ڪئي، جڏهن تہ هڪ هنڌ ويهي رهڻ وارن (Sedentary Society) پوکي راهي ڪئي، آهستي آهستي ڳوٺ ٻڌا ۽ پوءِ ننڍا توڙي وڏا شھر آباد ڪيا. ذاتي گهرج موجب کيتي ٻاڙي، اڳتي هلي واپار جي صورت اختيار ڪري وئي.
مؤرخ ’آرنولڊ ٽئائن بي‘ جو چوڻ آهي تہ: ”اهو سنڌ جو ڪارنامو آهي، جو ان دنيا کي زراعت کان واقف ڪرايو.“ يونانين سڪندراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ تي هلان ڪئي تہ اهو ڏسي تعجب ۾ پئجي ويا تہ سنڌ ۾ اُن، رڍن کانسواءِ زمين مان بہ ڦُٽي ٿي. هنن ڪپھہ (وونئڻن) کي ’اُن‘ سمجهيو هو. سڪندر اعظم جي دور ۾ سنڌي ماڻهو زراعت جا ماهر هئا، جن سڀ کان اول ماڻهن کي جانورن جي کلن ۽ وڻن جي پنن واري اڌ اگهاڙي ۽ بيڊولي پوشاڪ مان نجات ڏياري، نرم ۽ نفيس لباس پائڻ ۾دنيا جي ماڻهن جي اڳواڻي ڪئي.
سنڌ جو هنر تاريخ جي هر دور ۾ دنيا جي هر حصي ۾ پکڙيل رهيو آهي. 3000 ق. م (اڄ کان 5 هزار سال اڳ) ۾ سنڌ جي نفيس ململ جو ڪپڙو، مصر جي فرعونن جي پوشاڪ جو پسنديدہ ڪپڙو هو. اهڙيءَ ريت پنج هزار سال اڳ سائنس جو آغاز بہ سنڌ مان ٿيو. ڪاٺ مان بيل گاڏي (ڏاند گاڏي) ٺاهي وئي، جنهن تي بعد ۾ مصر ۽ عراق جي تهذيبن عمل ڪيو. سنڌ تھذيب ۽ ثقافت ۾ سدائين شاهوڪار رهي آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو هر فن ۾ ماهر رهيا آهن. قديم دور جي سنڌ جي آڏاڻن کي نظر ۾ رکي ڪپڙي جي جديد اُڻتڪاري ڪئي وئي. ان کانسواءِ موهن جي دڙي جي تعمير جو فن ۽ هنر دنيا لاءِ رهنما ثابت ٿيو. اڄ کان پنج هزار سال اڳ زرخيزيءَ لاءِ زمين ۾ کوھہ کوٽي، پڪين سرن سان ٻڌي زراعت ۽ خوراڪ لاءِ استعمال ڪيا ويا. ان لاءِ ڪاٺ جا هرلا، نار، ڍينگا، نيسرون ۽ پاڙڇ ٺاهي آبپاشيءَ جو سرشتو قائم ڪيو ويو، جنهن جو مثال ڪنهن بہ قديم تھذيب ۾ نہ ٿو ملي.
مصر جي قديم تھذيب بہ صرف نيل درياھہ تي زراعت ڪري سگهندي هئي، جڏهن ٻوڏ ايندي هئي تہ زراعت ٿيندي هئي. خشڪساليءَ وقت اتي ڏڪر رهندو هو. سنڌ هر دور ۾ ڏڪر کان محفوظ رهي، ڇاڪاڻ تہ سنڌ جا ماڻهو رڳو درياهن جي پاڻيءَ تي نہ ڀاڙيندا هئا، پر کوهن ۽ نارن وسيلي زير زمين پاڻيءَ جي ذخيرن جو بہ استعمال ڄاڻندا هئا. سنڌ خوراڪ جي معاملي ۾ هميشہ خودڪفيل رهي. مگر سنڌ جا ماڻهو هنرمند هئڻ ڪري سدائين خوشحال ۽ سکيا رهيا.
سنڌ جون ڪرت ڪار ذاتيون: کٽي، ڊکڻ، موچي، ميربحر، واڍا، رازا، ڪنڀر، حجم، لوهر، سونارا، ڪوري، ڪاسائي، جت، نقاش، سنگتراش، ڌاتو جوڙيندڙ ڪاريگر، سنگيتڪار ۽ ڪاتب وغيره، سنڌ جون هنرمند ذاتيون آهن ۽ اڄ بہ جديد دور ۾ بہ کين قدر جي نگاھہ سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ اڄ بہ سائنس جي دور ۾ سندن وڏي اهميت آهي، ڇو تہ مغربي دنيا ۽ مغربي تھذيب ۾ هنرمند ماڻهو پاڻ کي هنرن جا لقب ڏئي سڏرائين ٿا، مثال طور: ’مسٽر باربر‘ (حجم)، ’مسٽر ٽيلر‘ (درزي)، ’مسٽر سمٿ‘ (لوهر)، ’مسٽر ڪارپينٽر‘ (ڊکڻ) وغيرہ. هند ۽ سنڌ ۾ سماجي اڻبرابرين ۽ ڌارين جي ڪاهن جي ڪري اسان جي هنرن کي نقصان رسيو ۽ انهن جي ترقي ڪافي رڪجي وئي آهي. ڪيتريون هنرمند ذاتيون غلاميءَ سبب اصل ذاتيون سڏرائڻ ۾ عيب سمجهن ٿيون. ان جو ڪارڻ مٿين طبقن جي ماڻهن ۽ حملي آورن پاران هٿ جو پورهيو ڪندڙن کي گهٽ سمجهڻ جو رويو آهي.
قديم دور کان وٺي سنڌ ۾ ڪپھہ ٽاڻي، ائٽ تي سُٽ ڪَتي، ان مان ڪپڙو اُڻي پوشاڪ تيار ڪندا هئا. هر گهر ۾ ائٽ هوندو هو، هر عورت سُٽ ڪتيندي هئي. ’ڪوري‘ ڪتيل سٽ مان سوسيون ۽ زنانا ۽ مرداڻا ڪپڙا تيار ڪندا هئا. 1555ع ۾ ٺٽي ۾ 3 هزار کن ڪپڙي جا ڪارخانا هئا، جتان ڏيساور ڏانهن ڪپڙو موڪليو ويندو هو. قديم سنڌ جون باريڪ ململون ’صطخز‘ جي محلات جي نازڪ اندامن ۽ نيل ڪناري جي ناچڻين کي پسند هيون. سنڌ جو عطر ۽ باريڪ ڪپڙو ’قيصر آگستوس‘ جي ڏينهن ۾ ’رومة الڪبرى‘ جي شاهي محلن ۾ ڪتب ايندو هو. اهو ڪپڙو سفيد فام قومن لاءِ ولايتي ڪپڙو هوندو هو. انگريزن ۽ پورچوگيزن سنڌ ۾ اچڻ شرط سنڌ جا هنر سکيا ۽ آڏاڻا پنهنجن ملڪن ۾ کڻي ويا ۽ ائين پنھنجي ملڪ جي هنر کي ترقي وٺرايائون. انگلنڊ اهو واحد ملڪ آهي، جنهن سنڌ جي آڏاڻن جو نقل ڪري ڪپڙي جا ڪارخانا ايجاد ڪيا. سوسين جا هزارين ڪارخانا ٺٽي ۾ هئا. ’منصوره‘ چمڙي رنڱڻ ۾ مشھور هو، ’نيرون ڪوٽ‘ رنڱيل ڪپڙي لاءِ مشھور هو، سوسيءَ کانسواءِ سنڌ جو ڳاڙهو ريٽو مڃٺ ۾ رڱيندا هئا، ٿر جون لوئيون، کٿا ۽ پاکڙا مشھور هئا. سيريءَ جون زنانيون لوئيون، نيرن ڪوٽ جو عاج، عاج جون چوڙيون ۽ لاک جو سامان، هالاڪنڊيءَ جو نفيس جنڊيءَ جو سامان، ٺٽي جون لونگيون ۽ ململ، سيوستان جو ڪاشيءَ جو سامان، دنيا جي ملڪن ۾ پسند ڪيو ويندو هو. سنڌ هنر جي حوالي سان ڏيهان ڏيھہ نہ صرف مشھور هئي، پر ان ڪري سنڌ جا تعلقات دنيا جي ملڪن سان قائم هئا.
هنر ۽ حرفت لاءِ ضروري شين ۾ ڪپھہ، لاک، ڪاٺ، نير، چمڙو، لوھہ، چونو، چيرولي، لوڻ وغيرہ قديم زماني کان سنڌ ۾ موجود هئا. موهن جي دڙي جي تھذيب وقت ۽ ان کانپوءِ بہ سنڌ ۾ هاٿي، گينڊا ۽ ٻيا جانور موجود هئا، جن جي معلومات موهن جي دڙي مان نڪتل مهرن تي اڪريل شڪلين مان پوي ٿي. ابن بطوطه سنڌ اندر هاٿين ۽ گينڊن جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ ۾ هاٿيءَ جي هڏن مان عاج جي صنعت جو عروج هو.
تعميراتي فن/هنر:
سنڌ تعميراتي فن ۽ هنر ۾ اڄ کان پنج هزار سال اڳ صف اول ۾ رهي آهي. مٽيءَ مان مقرر ماپ واريون سرون ٺاهڻ ۽ آويءَ ۾ پچائڻ جو هنر هزارين سال اڳ سنڌي ماڻهن وٽ هو، جيڪو موهن جي دڙي مان ظاهر آهي. موهن جي دڙي واريون عمارتون ان دور جي جديد فن جون عڪاس هيون. ڪاٺ جي ڪم جي چٽسالي شڪارپور، سکر، روهڙي ۽ حيدرآباد جي قديم جاين مان معلوم ڪري سگهجي ٿي. عاج ۽ پيوند جو ڪم، اڄ جي سائنسي دور ۾ سنڌي طرز وارو رنبيءَ ۽ پيوند جو ڪم سموريءَ دنيا ۾ بيحد ساراهيو وڃي ٿو. قديم عمارتن کانسواءِ مغليه دور جون عمارتون، ٺٽي ۽ سکر ۾ پٿر تي چٽسالي ۽ عبارتون ڪاشيءَ جي سرن تي نقاشي سوين سال گذرڻ باوجود انهن جو رنگ ضايع نہ ٿيڻ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھہ آهي.
حيدرآباد جي قلعي ۾ ميرن جي محلاتن جا اهي رنگ اڄ بہ سالم آهن. سنڌ ۾ ڇت بدران قبو اڄ کان 1500 سال اڳ جي ايجاد آهي. جڏهن اڃا سيمينٽ جي ايجاد نہ ٿي هئي، تڏهن سنڌ ۾ جبلن مان ملندڙ چن ۽ چيروليءَ کي باھہ تي گرم ڪري هڪ مادو جوڙبو هو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ’هيڊرالڪ لائيم‘ چئبو آهي. اهو ايترو مضبوط آهي، جو هزارين سالن کان عمارتون بيٺل آهن.
گهريلو هنر/ فن:
قديم زماني ۾ سنڌ جي گهرن ۾سنڌي عورتون سامان تيار ڪنديون هيون، جھڙوڪ: ائٽ تي سٽ ڪتڻ، بستري لاءِ رلي ٺاهڻ، مانيءَ رکڻ لاءِ پنڊيون، هوا هڻڻ لاءِ پکو، شلوارن جا اڳٺ، زناني پوشاڪن تي ڀرت، ڪپڙا سبڻ، اناج محفوظ رکڻ لاءِ گنديون، ڪڪڙيون پالڻ لاءِ کُڏيون وغيرہ ٺاهڻ، موسم مطابق آچار، کٽاڻ، چٽڻيون ۽ طعام پچائڻ، ڪپڙن تي ڀرت ڀرڻ، نازڪ ۽ پائدار ڪپڙن جي ٽڪرن ۽ پراڻن ڪپڙن مان ٽڪ جون رليون ٺاهڻ، ڪڻڪ جي تيلين مان مانيءَ جون پنڊيون ٺاهڻ، کجيءَ جي ٻوٽن مان پکا ٺاهڻ سنڌي عورتن جا گهريلو هنر آهن. ان کانسواءِ ثقافتي پوشاڪون، گج، ٽوپيون، سڳيون وغيرہ بہ گهرن ۾ عورتون ٺاهين ٿيون. سنڌي پوشاڪ ۾ گج کي وڏي اهميت آهي، جيڪو سومرن ۽ ڪڇي ذاتين جي قومي پوشاڪ آهي. گج ٺاهڻ/ ڀرت ڀرڻ هڪ خاص هنر آهي، جيڪو گهريلو عورتن جو ڪمال آهي، گج جو ڀرت سومرن جي دور ۾ عروج تي هو، جيڪو ميرن جي صاحبيءَ تائين هليو. گج هندو عورتون بہ پائينديون آهن.
سنڌ ۾ ڪورڪو هنر: ڪورو ڪپڙو اڻندڙ کي ’ڪوري‘ چئبو آهي. اڻ ڌوتل، يعني تازي يا نئين تيار ٿيل ڪپڙي کي ڪورو ڪپڙو سڏبو آهي. ڪپڙو اڻڻ حقيقت ۾ اهڙو هنر آهي، جيڪو سنڌ ۾ قديم زماني کان موجود آهي. موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان پتو پيو آهي تہ ان زماني ۾ سٽ ڪتڻ جو ڪم گهر گهر ٿيندو هو. موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان ڪيترا ڪپڙي/ ڌاڳي ڪتڻ جا ائٽ هٿ آيا آهن، اهي سمورا ائٽ، ٺڪر، سپ ۽ ٻين ڌاتن مان ٺهيل آهن. ڪورڪو هنر لاڳيتو هلندو آيو آهي. ’شاھہ جي رسالي‘ ۾ ’سر ڪاپائتي‘ ۾ ان جو ذڪر آهي. موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان ڪپھہ جي ٺهيل ڪپڙي جو هڪ ٽڪر مليو آهي، جنهن ۾ ٽامي ۽ چانديءَ جا زيور ويڙهيل هئا. ماهرن جو رايو آهي تہ اها ڪپڙي ۽ ڪپھہ جي قديم ترين دريافت آهي. اڄ کان پنج هزار سال اڳ نہ صرف سنڌ ۾ ڪپھہ جي پوک ٿيندي هئي، پر هتي ڪپڙو بہ ٺهندو هو. سنسڪرت ۽ بابلي زبانن ۾ ڪپھہ ۽ سوٽي ڪپڙي لاءِ لفظ ’سنڌن‘ يا ’سنڊن‘ ملي ٿو ۽ عيسوي سن کان پنج صديون اڳ يوناني مؤرخ ’هيروڊوٽس‘ بہ ’سنڊن‘ نالي ڪپڙي جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو مصر، بابل ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ ڪتب ايندو هو. سنڌ جي سنهي ڪپڙي ’سنڊن‘ جو ذڪر توريت ۾ بہ آهي. عهدنامي جديد ۾ آهي تہ يسوع مسيح (حضرت عيسى عليہ السلام) کي صليب تي چاڙهڻ کانپوءِ ’سنڊن‘ ۾ ويڙهي پيتيءَ ۾ وڌو ويو هو. نئين عهدنامي جي يوناني متن ۾ لفظ ’سنڊن‘ ٽن هنڌن تي ڪم آندل آهي. ان مان ظاهر آهي تہ سنڌ جي سنهي ململ دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن ويندي هئي. هندن جي ڌرمي ڪتابن ۾ بہ سنڌ جي عمدي ڪپڙي جي ساراھہ ملي ٿي. دنيا جي قديم ترين ڪتاب ’رگويد‘ ۾ سنڌ جي نفيس ڪپڙي جي ساراھہ ٿيل آهي. ٻڌ ڌرم واري دور ۾ سنڌ جي سنهي ململ ٻاهر ويندي هئي، خاص طور هالا جي ململ راجا جي مھر لڳائڻ کانسواءِ ٻاهر نہ وڃي سگهندي هئي. موريا خاندان جي دور حڪومت ۾ رعيت سورهن طبقن ۾ ورهايل هئي ۽ هڪ ڌنڌو ڇڏي ٻيو ڌنڌو ڪرڻ جي اجازت نہ هوندي هئي. انهن سورهن ڌنڌن مان هڪ ڌنڌو ڪورين جو بہ هو. عربن جي دور ۾ هن هنر اڃا بہ وڌيڪ ترقي ڪئي، سنڌ جي ائٽ کي عربن اسپين تائين پهچايو، عربن ائٽ کي ’ناعوره‘ سڏيو، جيڪو اسپين ۾ بدلجي ’نوريا‘ ٿيو. ائٽ تي سٽ ڪتڻ کانسواءِ ڪپڙي اڻڻ لاءِ نڙا بہ ڀريا ويندا آهن، جيڪي نار ۾ وجهي، ڪپڙو اڻيو ويندو آهي، يورپي واپارين ۽ تاجرن جي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ ۾ ڪيترن ئي قسمن جو عمدو ڪپڙو تيار ٿيندو هو ۽ اهو پري پري تائين ويندو هو. سنڌي ڪوري نہ فقط سٽ مان ڪپڙو تيار ڪندا هئا، پر ڪشمير ۽ خراسان مان ريشم گهرائي نهايت نفيس ڪپڙو تيار ڪندا هئا. ٺٽي جو نفيس گلبدن، اجرڪ ۽ بسترن جون چادرون ڏورانهن ڏيهن تائين مشھور هيون، سنڌ جا ڪاريگر ڪرمان جي نرم ريشم مان خوبصورت شالون تيار ڪندا هئا. 1609ع ۾ جوزف ساليبنڪ ايران کان روهڙيءَ پهتو، سندس بيان موجب سکر ۽ روهڙيءَ ۾ ڪورين جو وڏو تعداد رهندو هو. مغل دور ۾ سنڌ ڪپڙي جو اهم مرڪز ۽ وڏي تجارتي منڊي هئي، يورپي واپاري هتان ڪپڙو خريد ڪري يورپ ۾ 60 سيڪڙو نفعي سان وڪرو ڪندا هئا. 1631ع ڌاري ڊچن ٺٽي ۾ واپار شروع ڪيو، سن 1635ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ٺٽي ۾ سنڌ جي واپارين لاءِ پهريون ڀيرو ڪوٺي قائم ڪئي ۽ ڪپڙي جي خريداري شروع ڪئي. لاڙ ۾ ٺٽو، حيدرآباد ۽ نصرپور، وچولي ۾ سيوهڻ، هالا، ڪنڊيارو ۽ اتر سنڌ ۾ گمبٽ، روهڙي، شڪارپور، ڪپڙي جا وڏا واپاري مرڪز هئا، انهيءَ ڪري انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني نصرپور ۽ سيوهڻ ۾ ننڍا مرڪز بہ قائم ڪيا. انهيءَ زماني ۾ نصرپور جو بافتو گهڻو مشھور هو، ڪمپنيءَ جا منتظمين سيوهڻ لاءِ لکن ٿا تہ سيوهڻ ۾ ان وقت اٽڪل هزار ڪٽنب ڪورين جا رهندا هئا، جيڪي بھترين قسم جو ڪپڙو تيار ڪندا هئا. گمبٽ جو ڪپڙو کين ڪنڊياري جي ڪپڙي کان وڌيڪ لڳندو هو. انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ سادو هرک ۽ ڇريل سنهو ۽ ٿلهو بافتو، ڇيٽ، ململ، سوسي ۽ گربي، لونگيون، گيگم، حلواڻ، کيس، چنيون، تسر، سوڻيون، پٿراڻيون ۽ اجرڪ ٺهندا هئا. ڪپڙي جي انهن نمونن جو ذڪر انگريز واپارين ۽ سياحن بہ ڪيو آهي. انهن ڪيترن قسمن جي ململ ۽ غاليچن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. انهن ڏينهن ۾ ٻين شهرن سان گڏ لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ بہ ريشمي ڪپڙو تيار ٿيندو هو، ايشيا ۾ شهزادن لاءِ شالون، لونگيون، ڇر جو ڪپڙو ۽ اجرڪ، سنڌ مان ويندا هئا. ڪپڙي جي واپار مان فائدو ڏسي ڪمپنيءَ، غلام شاھہ ڪلهوڙي کان تمام گهڻيون سهولتون ورتيون، جنهنڪري واپار وڏي ترقي ڪئي. سنڌ ۾ ٿلهي ۽ سنهي تند وارو سُٽ وڏي ڪاريگريءَ سان ڪتيو ويندو هو. انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ عاليشان ڪپھہ تيار ٿيندي هئي، پر اها ڪپھہ پوري نہ پوندي هئي، ڪافي انداز ۾ ڪپھہ ڪڇ مان گهُرائي ويندي هئي. ڪپڙي جي مختلف رنگن لاءِ ڪم ايندڙ رنگ، خاص طرح نير، سنڌ ۾ پيدا ڪيو ويندو هو. سنڌ جو ڪپڙو گهاٽو ۽ عمدو اڻيل هوندو هو، انهيءَ ڪري سڄي مشرق ۾ تيار ٿيندڙ مال جو ’گل‘ سمجهيو ويندو هو ۽ ان کي ٻين ملڪن جي ڪپڙي تي ترجيع ڏني ويندي هئي. سنڌ جو ڪپڙو هندستان، اولھہ ايشيا ۽ يورپ کانسواءِ بصري، اوڀر آفريڪا، يمن، ايراني نار ۽ ايران ۾ وڏي قيمت ۾ وڪامجندو هو. سنڌ ۾ نہ فقط عمدو ڪپڙو، پر ڪيترن ئي قسمن جو ڪپڙو اڄندو هو ۽ تمام گهڻي مقدار ۾ تيار ڪيو ويندو هو. ’ائنٿو نيو بوڪارو‘ (1631ع) جو بيان آهي تہ ان زماني ۾ ٺٽي ۾ 30 هزار اڏاڻا هئا. ’ڪئپٽن هئملٽن‘ (1696ع) لکيو آهي تہ ڪپڙي اڻڻ وارن ڪورين جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو هو، اٽڪل 80 هزار ڪوري ٺٽي ۾ پليگ جي بيماريءَ جو شڪار ٿي پيا، سنڌ ۾ سوٽي ڪپڙي سان گڏ ريشمي ڪپڙو بہ تيار ٿيندو هو، روهڙيءَ جي تسر ۽ ٺٽي جون لونگيون ملڪان ملڪ مشھور هيون. سنڌ توڙي هند جا امير لونگيون مٿي سان ٻڌندا هئا تہ گلوبند ۽ واسڪوٽ طور بہ ڪتب آڻيندا هئا. نصرپور ۾ 400 کان مٿي ڪاريگر سوسيون، کيس ۽ اڳٺ اڻندا هئا، ٿرپارڪر جي شهرن ۽ کپري ۾ غاليچا، لويون ۽ خرزينون جام ٺهنديون هيون.
برصغير هند ۽ سنڌ ۾ جڏهن آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي تہ آزاديءَ جي علمبردار ائٽ کي آزاديءَ جي علامت طور اختيار ڪيو ۽ ولايتي ڪپڙي جو بائيڪاٽ ڪري، ديسي ڪپڙي واپرائڻ جي ترغيب ڏني. اهڙي نازڪ صورتحال ۾ ڪپڙي ٺاهيندڙن وڏو ڪردار ادا ڪيو، هنن ڏينهن رات ڪم ڪري ڪپڙي جي پيداوار کي وڌايو، نہ فقط ايترو، پر پنهنجو هنر ٻين کي بہ سيکاريو، نتيجو اهو نڪتو تہ لکين ماڻهو ڪپڙي اڻڻ جو ڪم سکي ويا ۽ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪارخانا قائم ٿي ويا. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ شروعات ۾ سنڌ ۾ ڏيهي ڪپڙي جي تمام گهڻي طلب ٿي، ايتري قدر جو جيئن ڪپڙو تيار ٿي لهندو هو، کپي ويندو هو. انگريزن کان اڳ سنڌ ۾ موجود آڏاڻي يا کڏيءَ جو رواج ڪونه هو، ڪاٺ جي هڪ سادي اوزار ذريعي ڪپڙو ٺاهيو ويندو هو، جنهن کي ’هٿيو‘ سڏبو هو. ان ۾ تار هٿ سان اڻڻي پوندي هئي، جنهنڪري ڪپڙي اڻڻ جي رفتار آڏاڻي جي بنسبت ڍري هئي. ٻيا اوزار جھڙوڪ: رڇ، ڦڻي وغيرہ بہ سادا هوندا هئا، رڇ وٽيل سٽ مان ٺاهيو ويندو هو ۽ ڦڻي ڪاٺيءَ جي ڇيتين مان ٺاهي ويندي هئي. موجودہ ’آڏاڻو‘ يا ’کڏي‘ پاورلوم جي ڪاپي آهي، آڏاڻي تي ڪپڙو جلد تيار ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري هوريان هوريان هٿيي جي جاءِ آڏاڻي ورتي. پهرين آڏاڻي جو رواج هالا ۾ پيو، ان کانپوءِ هر هنڌ پکڙجي ويو. اهو رواج 35-1930ع ڌاري پيو.
سنڌ ۾ آڏاڻن جو ڪم ٻهراڙين سميت پير جي ڳوٺ، گنبٽ، نصرپور ۽ هالن ۾ عام جام ۽ سٺو ٿئي ٿو. ٺٽي ۾ لونگيون، کيس ۽ گربيون اڻجن ٿيون، اهي هالن ۽ گنبٽ ۾ پڻ بھترين اڻجن ٿيون. آڏاڻن ذريعي ٻيو بہ ڪيترو ڪم سنڌ ۾ ٿئي ٿو، جيئن: پٽڪا، دشالا، چادرون، مشرو، ڪناويزي ۽ ڪيمخواب. آڏاڻي تي ڪم آهستي سان ٿيندو آهي، آڏاڻي تي ڪم لاءِ سڀ کان اول سٽ ڪتبو آهي، ان کانپوءِ سٽ کي ڌوئبو ۽ رنگبو آهي، جنهن کانپوءِ نڙا ڀرجندا آهن ۽ پوءِ وڃي ان کي آڏاڻي تي چاڙهبو آهي.
آڏاڻي تي ڪم لاءِ هڪ خاص حساب مطابق ڪاٺيون رکبيون آهن ۽ ڪاٺين تي پير رکڻ مھل پنج يا ڇھہ رڇ پيا هيٺ مٿي ٿيندا آهن. لونگيءَ جي ڪم ۾ ٽيهارو کن پير ٿيندا آهن، سوسيءَ جي پيتيءَ ۾ هڪ تار پوندي آهي. لونگيءَ جي ڪم ۾ ٻہ تارون ۽ کيس جي ڪم ۾ پنج تارون پونديون آهن. آڏاڻن تي گڏيل طور ڪم ٿيندو آهي، جنهن ۾ گهر جا ڀاتي ٻارن ٻچن سميت ڪم ڪندا آهن. پوءِ ڊرم جو رواج ٿيو، جنهن تي هڪ هنڌ بيهي، هڪ وڏي گول پڃري تي تاڃي ڪڍي وڃي ٿي. ڊرم آڏاڻي کانپوءِ عروج تي آيو، هينئر ڊرم جو رواج عام آهي. ڊرم پهريان پهريان کهڙا ڳوٺ کان شروع ٿيو ۽ اتي ڊرم جو رواج پيو. پهريان ڊرم تي بہ ڊزائين موجب جدا جدا رنگ جون تاڃيون جدا جدا ڪڍيون ويون، پوءِ ان کي رڇ آڻي ڊزائن موجب ختم ٿيل تارن سان ڳنڍيو ويندو هو. ٻن تارن کي بہ ڳنڍڻ جو مخصوص طريقو هوندو هو، جنهن ۾ بنا ڳنڍ ڏيڻ جي چپٽيءَ جي مھٽ سان تندن کي ملايو ويندو آهي، ان کي ڪورڪي اصطلاح ۾ اُميري چيو ويندو آهي. شاھہ لطيف ان حوالي سان چيو آهي تہ:
”هُو ڇننئي، تون مَ ڇن، پاءِ اميري اُن سين“
ختم ٿيل تاڃيءَ سان نئين تاڃي ڳنڍڻ کي ڳنڍ ڳنڍڻ چئبو آهي، ان حوالي سان شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ چيو آهي تہ:
هلو هلو ڪوريين، نازڪ جن جو نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مُور نہ سکيا.
ڳنڍ ڳنڍڻ وقت مختلف رنگن جون تاڃيون، ڊزائين جي سٽا موجب ملايون وينديون آهن، انهيءَ سٽاءَ کي ’نمونو ڀڃڻ‘ چيو ويندو آهي. هينئر ڊرم تي ئي ڊزائين موجب مختلف رنگن جون تارون ملائي تاڃي ڪڍي وڃي ٿي. انهيءَ ڪري ڳنڍ ڳنڍڻ وقت ’نمونو ڀڃڻ‘ جي ضرورت پيش نہ ٿي اچي، ان کانسواءِ موجودہ دور ۾ تاڃي ڊگهي ڪري منيءَ سان ٻڌي نہ ٿي وڃي، پر رول تي ويڙهيل ٿئي ٿي. ماضي قريب ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪپڙو ٺهندو هو، خاص طور هيٺيان شھر ڪپڙي جي صنعت ۾ وڏا مرڪز هئا، نصرپور، سيوهڻ، مٽياري، هالا، راڄي جو ڳوٺ، آراضي (سيوهڻ)، ٽلٽي، وسي، حيدرآباد، ٽنڊو آدم، نوابشاھہ، سڪرنڊ، کهڙا، گنبٽ، راڻيپور، لقمان، پير جو ڳوٺ، خيرپور، پريالوءِ، سکر، روهڙي، لکي غلام شاھہ، وزيرآباد، ماڙي، ڳڙهي ياسين، لاڙڪاڻو، دودائي، عبدو، چڪ، ڀرڪڻ، طيب، رستم، باگڙجي، گوسڙجي، وڏا مهيسر، ٽنڊو مستي، راهوجا، ماڇي، گڏيجي، سوڀوديرو، نانگو، دختري، نئون ڳوٺ، سهڪجي، ڪلواڙي، امروٽ، سن، ڪراچي وغيرہ.
سنڌي ڪوري گهڻن ئي قسمن جو ڪپڙو ٺاهين ٿا، جن ۾: کيس، لنگيون، ململ، کاهي، شوهي، جوڙي، اجرڪ، کهنبو، سوسي، انگوڇو، پوتڙو، حاجي رومال، ٽوال، فراسيون، غاليچا، رومال شامل آهن.
ڪاشيءَ جو ڪم: سنڌ ۾ ڪاشيءَ جو ڪم هالا، نصرپور، نوشهري فيروز، سيوهڻ ۽ الور ۾ ٿئي ٿو. ڪاشيءَ جو ڪم مٽيءَ مان ٿئي ٿو، ڪنڀار ۽ ڪاشيگر جي مٽيءَ واري ڪم ۾ فرق صرف رنگ جو ٿئي ٿو. ڪاشيءَ جي ڪم ۾ پهريان چڪ تي ٿانو چاڙهي ڪنڀار جيان گهڙيا وڃن ٿا، پوءِ لاهي، سُڪائي انهن تي ڪاشيءَ جو ڪم ڪيو وڃي ٿو، مطلب تہ رنگن سان ڪاشيءَ جا چٽ چٽيا وڃن ٿا. نقش ڪچي ٿانو تي ڪڍي، پوءِ انهن کي رنگ روغن ڏنو ويندو آهي، جنهن کانپوءِ ٿانون کي پچائبو آهي. ڪاشيءَ جي ڪم وارا ٿانو رنگ روغن کانپوءِ چمڪ ڪڍندا آهن ۽ ڏاڍا سھڻا لڳندا آهن. ٿانون پچڻ کانپوءِ ڪاشيءَ وارا ٿانو ٺاري، ڌوئي تيار ڪري رکيا ويندا آهن. ڪاشيءَ جي ڪم ۾ سرون، ٿانو، ڍاڪوئان، ڪيڙيون، پاٽون، پيالا، دکيون، چؤنريون، ڪپا، مسجدن جا مينار ۽ ڪنگرا تيار ڪيا ويندا آهن. ڪاشيءَ جون سرون عمارتن جي ڪم ۽ نالين ۾ وڌيڪ ڪم اينديون آهن. ٽائلس ۽ سيمينٽ جي سرن کان اڳ ۾ گهڻو ڪري جملي محل ۽ ماڙيون ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريون وينديون هيون.
غاليچن، ڪمبلن ۽ کٿن جي اڻتڪاري: غاليچن جو ڪم بوبڪ ۽ مٺي، جڏهن تہ ڪمبلن ۽ کٿن جو ڪم سڄي ٿرپارڪر ۾ عام جام ٿئي ٿو. ايراني ۽ انگريزي غاليچن جي مارڪيٽ ۾ اچڻ کانپوءِ بوبڪائي هنر جو مان ايترو نہ رهيو آهي. باوجود ان جي بوبڪائي غاليچن جو مان ۽ سونهن منفرد آهي. غاليچن لاءِ هڪ خاص قسم جو آڏاڻو ٺاهيو ويندو آهي. جيترو وڏو غاليچو ٺاهبو آهي، اوترو ئي وڏو آڏاڻو ٺاهبو آهي. غاليچن لاءِ اُن گهڻو ڪري ٻهراڙين مان ويڙهيون وٺي، پاڻيءَ ۾ ٻوڙي، ڦرحي تي سٽي، رنگ ڏئي ڪتب آڻبي آهي. غاليچو آهستگيءَ سان بہ ٻن هفتن ۾ تيار ٿي ويندو آهي، جڏهن تہ ڪمبل، کٿا ۽ ڏورا، ٿر ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ مينگهواڙ ٺاهيندا آهن. مينگهواڙ عورتون گهرن ۾ سُٽ ڪتينديون آهن، جڏهن تہ مرد انهيءَ ڪتيل سٽ مان ڪمبل، ڪمبليون ۽ لويون ٺاهيندا آهن. اهو ڪم بہ آڏاڻن تي ٿيندو آهي.
چم جو ڪم: چم جو ڪم عموماً سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ ٿورو گهڻو ٿيندو آهي. پر گهڻي انداز ۾چم جو ڪم حيدرآباد ۾ ٿيندو آهي ۽ هتي ئي چمڙي جي نيڪال جي وڏي مارڪيٽ آهي. چمڙو، ٿرپارڪر ضلعي ۾ سستو آهي، جتان واپاري حيدرآباد آڻيندا آهن. سنڌ ۾ چم (چمڙي/ کل) گهڻي قدر ڳئون ۽ ماهي مال جو وڪرو ٿئي ٿو. ان کان سواءِ رڍ ۽ ٻڪريءَ جي کل بہ مارڪيٽ ۾ آندي وڃي ٿي. چم/ کل مان جتيون، سانداريون، مشڪون، پخالون، گهيتلا، بگيءَ جا اوزار، ڍولڪ يا طبلي جا پڙا ۽ ٻيو ڪيترو سامان ٺاهيو ويندو آهي. چم جو ڪم گهڻو ڪري موچي ڪندا آهن. چم جو واپار گهڻو ڪري سنڌ جا خوجه يا خلجي واپاري ڪندا آهن. کل/چم جا واپاري مردار يا حلال جانور جي کَل وٺي، لوڻ لڳائي سُڪائيندا آهن ۽ ٽنرين ۾ صاف ڪري وڪرو ڪندا آهن. ٻهراڙين ۾ کل/ چم جو واپار ننڍي پئماني تي ٿيندو آهي. ان کانسواءِ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪکن، پنن مان تڏن، کارن ۽ پکن ٺاهڻ جو هنر بہ آهي، جنهن وسيلي اهي پنهنجو پيٽ گذر ڪندا آهن.
ڀرت جو ڪم: ڀرت سنڌ جو قديم هنر آهي، جنهن جو ثبوت مختلف کنڊرن جي کوٽائيءَ مان بہ ملي ٿو. ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو تہ ”موهن جي دڙي واري دور جي تھذيب مان معلوم ٿو ٿئي تہ زالون ڀرت ڀرينديون هيون“. ڀرت اسان جو اهڙو هنر آهي، جنهن جي ذريعي نہ رڳو پنھنجي پاڻ کي ۽ گهر کي سينگاربو آهي، پر اهو گذران جو ذريعو بہ آهي ۽ هينئر جيتوڻيڪ اسان وٽ ڀرت ڀرڻ جون مشينون بہ عام آهن، تنهن هوندي بہ اسان جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ڪافي سگهڙ ۽ سڄاڻ عورتون موجود آهن، جيڪي پنهنجن هٿن سان ڀرت جا نت نوان ۽ منفرد نمونا انهيءَ هنر کي ڏينهان ڏينهن اڳتي آڻي ۽ ترقي ڏياري رهيون آهن. (وڌيڪ ڏسو: ’ڀرت‘، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو، ص: 72)
ڪاٺ جو هنر (واڍڪو هنر ۽ ابتدا): قديم پٿر ۽ زراعت ڪاريءَ واري دور ۾ 2500 ق.م کان 1000 ق. م تائين انسان گهرن ٺاهڻ جي ضرورت کي محسوس ڪندي، وڻن ۽ ڪاٺ جو جائزو ورتو ۽ پٿر جي اوزارن وسيلي انهن کي استعمال ۾ آندو.
جنڊيءَ جو ڪم: سنڌ جي ڳوٺاڻن هنرن ۾جنڊيءَ جو ڪم اهم رهيو آهي. سنڌ ۾ جنڊيءَ جو ڪم هالا سميت خيرپور، ڪشمور، شڪارپور ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي سمورن شهرن ۾ ٿئي ٿو. جنڊيءَ تي گهڻو ڪري ڪاٺ جي سامان جو ڪم ۽ چٽسالي ڪئي ويندي آهي. ڪاٺ جي سامان ۾ کٽن، ميزن ۽ ڪرسين جا پاوا، هندورا، منجيون ۽ دٻليون وغيرہ شامل آهن، جن تي جنڊيءَ جو ڪم ڪيو ويندو آهي. جنڊيءَ جي ڪم لاءِ بھڻ جي ڪاٺي نهايت ڪارآمد ٿئي ٿي ۽ گهڻي پئماني تي استعمال ڪئي ويندي آهي.
بلوچستان ۾ سنڌو تھذيب جو هڪ ماڳ مهرڳڙھہ 7000 سال اڳ يعني تقريباً 5000 ق. م ۾ آباد هو ۽ انهيءَ ساڳئي دور ۾ سنڌ جا قديم تهذيبي شھر ڪوٽڏيجي، آمري، موهن جو دڙو ۽ جهڪر اوج ۽ عروج تي هئا ۽ انهن کان ڪجهه عرصو اڳي 3500 سال ق.م سنڌ جي الهندي ڪنارن وارن کيرٿر جبل جي چوٽين تي پڻ ڪي ڳوٺ آباد هئا، جن جا آثار اڃا تائين قائم آهن. اهي ڳوٺ ڪلي، ميهي ۽ نال جي نالن سان مشھور آهن. انهيءَ دؤر ۾ پٿر جي اوزارن وارو دور ختم ٿيو ۽ لوھہ جي اوزارن ان جي جاءِ ورتي. سنڌ جي انهن قديم شهرن مان لڌل شين سان گڏ ڪاٺ جون ٺهيل شيون پڻ هٿ آيون، جن ۾ آڏاڻو، سنڌي ڍڳي گاڏي ۽ پٿر جا نمونا هٿ آيا. سنڌ جا اهي سڀئي شھر درياهن جي ڪنارن تي آباد هئا، نہ صرف انهن شهرن جي آمدرفت ٻيڙين ذريعي ٿيندي هئي، پر ڏورانهن ڏيهن سان واپار پڻ ٻيڙين رستي ٿيندو هو. بابل جا رهاڪو عمارتي ڪاٺ سنڌ مان گهرائيندا هئا. انهن ڏورانهن علائقن تائين پهچڻ جو واحد ذريعو ٻيڙيءَ کانسواءِ ٻيو ٿي نہ ٿو سگهي. ان کان بعد وارو دور جڏهن سنڌ جي درياھہ ۽ سمنڊ تي لکپت، سورت، دوارڪا، مينانگرا، پٽالا، اڃ، سون مياڻي، سنڌڙي، ديبل، پاتال، پاري ننگر، پوربندر ۽ ڀنڀور مشھور بندرگاهن جي حيثيت رکندڙ هئا، تڏهن سنڌي وڻجارا ڏورانهن ڏيهن جھڙوڪ: جاوا، سوماترا، لنڪا، عربستان ۽ يورپ جي ملڪن سان وڻج واپار ڪندا هئا. ست صديون قبل مسيح ۾ سنڌ جو واپار ايراني نار وسيلي هلندو هو. اهوئي دور هو، جڏهن عربستان جي واپارين سنڌ جي ’ائٽ‘ کي اندلس تائين پھچايو. جيئن تہ وڻج واپار ۽ آمدرفت جو ذريعو ان وقت ٻيڙي ئي هئي. سنڌ ۾ هر جو رواج جڳن کان هليو اچي، موهن جي دڙي مان لڌل ڪڻڪ ۽ ڪپھہ انهيءَ ڳالھہ جي ثابتي آهي تہ انهيءَ زماني ۾ بہ هر هلندو هو، جنهن ذريعي زرعي آبادي ٿيندي هئي ۽ ڪاٺ جا آڏاڻا موجود هئا، جن سان ڪپڙو اُڻيو ويندو هو. سنڌ ۾ اڃا تائين ناڙي ڪرڻ وقت ۽ نرم زمين کيڙڻ وقت ڪاٺيءَ جي منهن وارو هر استعمال ٿيندو آهي. سنڌ ۾ ’هر‘ خوشحالي ۽ آسودگيءَ جي نشاني آهي.
سنڌ جي قديم شهرن مان ٻين شين سان گڏ ڍڳي گاڏيءَ جو نمونو پڻ مليو آهي، جيڪي مٽي ۽ پٿر جا ٺهيل آهن. عراق ۾ ڦيٿو 3500 ق.م ۾ ايجاد ٿيو، انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ ٻن ڦيٿن واري ڍڳي گاڏي نہ صرف ٺھي چڪي هئي، پر اها ڪيتري عرصي کان هلندڙ هئي، جنهن جو ساڳيو روپ اتر سنڌ ۾ اڃا تائين بہ رائج آهي.
سنڌ ۾ ٻيڙي، هر، ڍڳي گاڏي، چرخو ۽ هرلو، ڪاٺ جو قديم هنر آهن. سنڌ جي قديم شهرن مان ٻين شين سان گڏ ڪاٺ جي چرخي يا آڏاڻي جا نمونا مليا آهن، جن ذريعي ڪپڙو ٺهندو هو. موهن جي دڙي مان لڌل چرخو ثابت ڪري ٿو تہ ان دور جون عورتون چرخي تي سُٽ ڪتينديون هيون. ان وقت سنڌ جو واڍڪو هنر تہ ڪمال کي پهچي چڪو هو، جنهن جي طفيل پوري دنيا ٻيڙي ۽ چرخي مان فيض حاصل ڪري رهي هئي.
ان کانپوءِ سنڌ ۾ ڪو دور اهڙو بہ آيو، جو گهر گهر آڏاڻو ڏسجڻ ۾ آيو، ايتريقدر جو سترهين صدي عيسويءَ ۾سموري يورپ جون نگاهون سنڌ جي ڪپڙي تي پيون، نتيجي ۾ يورپي واپارين پنهنجون ڪاروباري ڪوٺيون هتي اچي قائم ڪيون.
سنڌ ۾ واڍن کي مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي، جھڙوڪ: واڍو، سوٽهڙ، ڊکڻ، لاکو، وگهامل، ڪاريگر، استاد، مستري، اوستو وغيرہ. جيئن تہ سنڌ ۾ هنر وارن ماڻهن کي قدردانيءَ جي نگاھہ سان ڏٺو ويندو هو، جنهنڪري ڪيترين ئي ذاتين جي ماڻهن واڍڪو ڌنڌو اختيار ڪيو ۽ پوءِ پيڙهين گذرڻ سان ذاتين بدران واڍا سوٽهڙ ۽ ڊکڻ وغيرہ سڏجڻ لڳا. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ مختلف ڌنڌن وارين ذاتين کي ڪاسبي سڏيو ويو. واڍا سنڌ جي هر شھر ۽ ڳوٺ ۾ آباد آهن. سنڌ جي واڍڪي هنر جو ناميارو ڪم شڪارپور، هالا، ٺٽي، ٿرپارڪر، کاڻوٺ، مٽياريءَ ۾ ٿيندو آهي.
ٿر جا سوٽهڙ واڍا واڍڪي هنر ۾، کٽن، پينگهن، منجڻن ۽ فينسي ڪم ۾ سنهي کوٽائيءَ ذريعي چِٽ ڪڍڻ ۽ گلڪاري ڪرڻ ۾ مهارت رکن ٿا. مٺيءَ ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ ٿر جي سوٽهڙن ڪاٺ جو هڪ چؤنرو ٺاهيو آهي. ڀتيون ۽ مٿان ڇت بہ ڪاٺ جي آهي، هن چؤنري ۾ خاص ڪاريگري اها رکيل آهي، جو چؤنري جي دروازي کي هوا جي رخ تي ڪيڏانهن بہ ڦيرائي سگهجي ٿو. ٿر جا سوٽهڙ فرنيچر ٺاهڻ لاءِ اڪثر روهيڙي جو ڪاٺ استعمال ڪندا آهن.
سنڌي واڍن کي درن، درين، ڪٻٽن، منجڻ، هندورن ۽ پلنگن تي مختلف جانورن، پکين، گلن ۽ ٻوٽن جا نقش اڀارڻ ۾ ڪمال جي مهارت حاصل آهي. خاص ڪري سنڌ جي مشھور قبرستانن ۾ بزرگن جي تربتن مٿان ڪٽهڙو يا چونڪي ٺاهڻ ۾ مهارت حاصل اٿن. گرهوڙيءَ جي روضي جو دروازو بہ ڏسڻ وٽان آهي. ائين ٿرپارڪر ۾ مشھور بزرگ حسن باغبان يا حسن باغواڻيءَ جي تجر جي دروازي تي سوٽهڙ واڍن ۽ مريدن جو ٺاهيل عجيب چٽ ڏسڻ وٽان آهن. مشھور صوفي بزرگ صادق فقير سومري جي مزار واري چونڪي بہ ڏسڻ وٽان آهي. صوفي صادق جي مزار ٻاهران چند سال اڳ تائين اوتارا ۽ قبرن مٿان ڇپرا ٺهيل هئا، جن جا داسا ۽ ڪامون مزار ٻاهران اڃا بہ موجود آهن. انهن جي چٽ ۽ گلڪاريءَ کانسواءِ خاص ڪاريگري اها آهي، جو ٽي يا چار ڪاٺيون ملائي 25 فٽ ڊگهيون ڪامون ٺاهيون ويون آهن، پر ڪامن جي جوڙن يا سنڌن جي خبر نہ ٿي پوي تہ ڪهڙي هنڌ تي ڪاٺ جي ڪوڪن ۽ ڪلين جو جوڙ ملايو ويو آهي، انهن ڪاٺ جي ڪلين کي واڍا ’سونهڻ‘ چوندا هئا.
سنڌ ۾ واڍڪي هنر ۾ ٿيندڙ دستڪاريءَ جا نمونا: ارٽي، آڏاڻو، اڏي، اسٽول، اڳٺ وجهڻيون، انڀيا، اکرلا، اکريون، اڏا، الغوزا، بتيلا، بورڊ، بئنچون، بانسريون، بينون، ٻگهيون، ٻيڙيون، پيانا، توڙيون، ڀرنڻيون، ڀوڻ، تيلاٽيون، تاڪيو، تار، ٿنڀا، ٽانگا، ٽپايون، ٽنگڙيون، ٽويا، ٽرڪون، ٺوليا، ٺپا، ٺپڙيون، ٺونگيا، پانڃاريون، پاتيون، پور، پاکڙا، پلاڻ،، پالڪيون، پلنگ پينگها، پڪوازون، پاوا، پڃرا، جنڊا، جهيرڻا، چوڪنيون، چوٿالون، چرخا، چنگهڻيون، چاڙهيون، چاکڙيون، چيڪلا، چونڪا، چونڪيون، چڪرا، حقا، خومچا، دستا، داٻڙا، داسا، در، دريون، ڏاڪڻيون، ڏٻيون، ڏٻليون، ڏاٻوڙا، ڏوئلا، ڏويون، فنڊيون، ڊيسڪون، ڍڪڻ، رٿ، راند جو سامان، رهلون، ريڪون، راوڻ هٿيا، زينون، سهاڳا، سونگا، سرندا، ستارون، سارنگيون، سونگيون، سرمي داڻيون، شريانيون، صندوقون، صابڻ دانيون، صندل، طنبور، فريو فريم، فرحيون، ڦٽا، ڦرها، ڦڻيون، ڪيڻون، ڪاسا، ڪڙايا، ڪارچا، ڪتبا، ڪاٺا، ڪان، ڪماچ، ڪڙهيون، ڪوڙڪيون، ڪاترون، ڪارب، ڪجاوا، ڪٻٽ،ڪٺانترا، ڪرسيون، کرليون، کٽون، کڙتالون، کهيڙا، کٽولا، کٽوليون، گاڏا، گاڏيون، گليليون، گلدان، ڳن، ڳڏ، گهوٻاٽا، گهڙا منجيون، گهاڻا، ليٽيڻيون، لوڳڙهيو، لٺيون، لڪڻ لارون، منجون، منجا، منهن رکڻيون، مهرلا، مهريون، مڻڪا، مٺيا، مڪڙيون، منجڻيون، ميزون مانڌاڻيون، منون، نار، نيٽ، ناڪيليون، نهيرا، نخارا،نڙ، واڄا، هرلا، هر، هنا، هندورا ۽ يڪتارا وغيرہ.
ڪنڀارڪو ڪم: انسان جي ارتقائي تاريخ جي قديم دورن ۾ انسان ضرورتن جي پورائي لاءِ پٿر کي گهڙي مختلف ٿانون جي شڪل ڏئي استعمال ڪيو. انسان پٿر مان کائڻ پيئڻ جي شين ۽ رڌپچاءَ جا ٿانو ٺاهيا. اڳتي هلي مٽيءَ جي ٿانون جوڙڻ جو خيال ڪيائين. ائين ڪنڀارڪي فن جي ابتدا ٿي. سنڌ ۾ تاريخي دورن ۾ ٿانون جون واضح شهادتون ملن ٿيون. تاريخ جي ماهرن پاران قديم يادگارن مان مختلف نتيجا ڪڍيا ويا آهن، جيڪي اڄ جي انسان جي تھذيب جو حصو آهن، جن ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب، قديم مصري تهذيب، ميسوپوٽيما، فرات ۽ دجله وارين وادين جو تمدن سئٽزرلينڊ، ڏکڻ يورپ، آفريڪا، جاوا ۽ چين مان انسان جي ارتقائي سلسلي جون ملندڙ نشانيون، انساني تاريخ جو عظيم سرمايو ۽ انساني تهذيب، تمدن ۽ سڀيتا جو اهم نشان آهن.
جيئن جيئن انساني تھذيب ۽ تمدن ۾ واڌارو ۽ سڌارو ايندو ويو، تيئن تيئن ڪنڀارڪي هنر جي ٿانون جي نمونن ۾ تبديلي ايندي وئي. ٿانون ۾ لچڪ، نفاست ۽ خوبصورتي پيدا ٿيندي وئي، پر اصل ۽ نوعيت ۾ ڪابہ تبديلي ڪا نہ آئي. شروعاتي دور ۾ ٿانو ڳرا ۽ وزندار هئا، انهن ۾ گهڙت جو فن گهٽ هو، چڪ تي ٿانون ٺاهڻ جو گُر اڃا ان دور جي انسان کي نہ آيو هو.
چڪ جي ايجاد ۽ گهڙڻ جو ڏانءُ سنڌ جي ڪنڀارن جي سوچ جي پيداوار آهي. سنڌ جي هنرن ۾ ڪنڀارڪي چڪ جي وڏي اهميت رهي آهي، ڇاڪاڻ تہ چڪ جي بنياد تي ئي قديم گاڏيءَ جو ڦيٿو ايجاد ٿيو. اڳتي هلي چڪ سان واسطو رکندڙ ٻيون شيون مشيني ايجاد جو بنياد بڻيون.
تاريخي آثارن مان مليل پٿر توڙي پڪل مٽيءَ جا چڪ زراعت جي شروع ۽ پٿر واري پوئين دور جو پتو ڏيندڙ آهن. اڳتي هلي انهيءَ آڌار تي ڪاٺ جو چڪ جڙيو، مٽيءَ جا چڪ، ٻڪريءَ جو ڏاس ملائي ٺاهيا ويندا هئا. سنڌ ۾ ڪنڀارڪي ڪم لاءِ چڪ جو استعمال ساڳيو آهي، پر ڪاٺ جي چڪ جي هيٺئين ساخت (بناوت) ۾ ڦيرو آهي. ڇاڪاڻ تہ ان کي پير سان هلايو وڃي ٿو. اتر سنڌ ۽ ڪراچيءَ ۾ چڪ جو استعمال عام آهي، ڏکڻ سنڌ ۾ مهراڻي ۾ اڃا تائين مٽيءَ جو چڪ استعمال ٿيندو آهي، جنهن جو ساڳيو ننگهہ، مڪڙي ۽ چڪ، لٺ وارو سرشتو آهي. چينيءَ جي ٿانون ٺاهڻ وارن ڪارخانن ۾ اليڪٽرڪ تي هلندڙ ننڍڙا چڪ ڪم ايندا آهن. چڪ جي ايجاد هن هنر ۾ مٽيءَ جي سڃاڻپ کي وجود ڏنو. ڪنڀارڪي ڪم ۾ جتي چڪ کي دخل آهي، اتي هٿ جي محنت ۽ ان سان ٿانون ٺاهڻ جو بہ واسطو آهي. ڇاڪاڻ تہ سڀ ٿانو چڪ جا محتاج نہ هوندا آهن، ٿانون جو گهڻو حصو چڪ تي لاٿو ويندو آهي ۽ بعد ۾ گهڙيو ويندو آهي. ڪي ٿانو ٻہ ٻہ يا ٽي ٽي ڀيرا بہ چڪ تي چڙهندا آهن. هڪ دفعو لاٿا ويندا آهن، گهڙڻ بعد ٻئي مرحلي ۾ انهن جي ڳچي يا پرڳي ٺاهي ويندي آهي. ڪي ٿانو ٽي ڀيرا بہ چڪ تي چڙهندا آهن، جن ۾ٿانون جي لسائي ۽ جنڊي بہ شامل آهي.
آمريءَ جي دڙي مان مليل ٺڪر جا پارا بہ اهميت جوڳا آهن، ٺڪر جي هڪڙي پاريءَ تي هرڻ جي شڪل نڪتل آهي، موهن جي دڙي ۾ اگهم ڪوٽ مان مليل مٽيءَ جي بلورن ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي. موهن جي دڙي هڙاپا ۽ آمري وغيرہ مان لڌل ٿانو ۽ انهن جي ٺڪرن جي مطالعي کانپوءِ اها ڳالھہ چٽي ٿئي ٿي تہ اڄ جي ڪنڀارڪي ڪم ۽ پنج هزار اڳ واري ڪنڀارڪي ڪم ۾ بنيادي طور ڪو فرق نہ آهي.
ٿانون جي ٺھڻ کانپوءِ چٽ جو ڏاڪو آهي، چٽ نرمڪاري پٿر کي رڱائيءَ ۾ گسائي ان سان ڪڍبو آهي. اڄ جو چٽ اڳئين دور کان مختلف آهي. هن وقت جو ڪنڀارڪو چٽ جاميٽريءَ جي شڪلين جهڙو گول، ٽڪنڊي، راميس، بيضوي چورس، چورس ٽڪور، چوڪور خانن تي مشتمل آهي. انهن خانن کي آمهون سامهون ليڪن سان ڀريو ويندو آهي، جيڪي گهڻو ڪري پوروڇوٽ هوندا آهن. ڀئونرڙو، ماڪوڙو، ننڍو، وڏو، لهر، جنهن ۾ ليڪ کي ور هوندا آهن، ڪڍيا وڃن ٿا. انگريزيءَ ۾ وري ’وي‘ (V)، ’ڊبليو‘ (W) ۽ ’يو‘ (U) جي انداز سان هڪٻئي پٺيان ساڳئي رخ تي گول ڊزائن ۾ ڪڍيا ويندا آهن. مطلب تہ سمورو چٽ ليڪن تي مدار رکي ٿو ۽ ڪي بہ جاندارن جون شڪليون چٽ ۾ ڪونه ڪڍبيون آهن. ڪنڀارڪو چٽ پنهنجو سڄو مدار ’خط اقليدس‘ تي رکي ٿو، اهو مصري، سميري ۽ يوناني تھذيب جي اثر ۽ لھہ وچڙ جو نتيجو آهي. خالص ڪنڀارڪي چٽ ۾ اها گلڪاري نہ هئي. هاڻي ماتلي، ٽنڊي باگي، حيدرآباد (ٽنڊو ولي محمد) ۽ ٽنڊي محمد خان جا ڪنڀار چٽن ۾ گلڪاريءَ کي استعمال ڪري رهيا آهن. اقلديسي چٽ ۾ مهراڻي وارو علائقو بہ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
ڪنڀارڪن ٿانون جا ڪيترائي قسم ۽ نمونا آهن. جھڙوڪ: مٽ، دلو، ماٽي، ماٿورو، دلي، گهاگهر، سر، تسري، دکي، لوٽو نار وارو، لسو کير وارو ٽٻو، طباخ، طباخڙي، ڪنگري، ٻارڙو، واڻو ڍڪڻ، لسو ڍڪڻ، مٺ جو ڪٺو، تئي، دانگي، ڍڪڻي، ڏيئو، گهگهلي، چلم، حقو، بونبو، ٽوپي، چمچي، ڳنهڙي، ڪونار، ڪونڊو ٿاڌل وارو، ڪونڊو وڏو ٺڪرن رکڻ جو،ڇل، اکرلو، اکري، ڪرو، نادي، سارين ڏرڻ جي جنڊي، مخيو، ڍاڪون، تيلاٽي، پتالي، ڦيلهي. رجٽڪي، سماٽڪي پاٽ، سفالو، پيالو ۽ جمن وغيرہ. اڏيرولعل ۽ شھدادپور جي وچ واري علائقي جي پاٽ، ساڪري ۽ بٺوري تر جو مٽ، وڏي ماٽي وڏي ۽ سھڻي هئڻ ڪري اڄ بہ مشھور آهي. دادو، سيوهڻ ۽ جوهيءَ جون گهگهيون ۽ هالا جا ڪونڊا سنڌ ۾ پنھنجي منفرد حيثيت رکن ٿا.
سونارڪو ڪم: قديم زماني کان وٺي سنڌ ۾ مختلف ڌاتن ۽ ٻين شين جا زيور ٺهندا پئي آيا آهن، جن ۾ مٽي، ڪاشيءَ، چيني، قيمتي پٿر، ڪوڏين، سپين، ڪرسيءَ (ڪاٺيءَ جي ڪرسيءَ)، لوھہ، ڪنجهيءَ، پتل ۽ سون، چانديءَ مان بہ زيور ٺاهيا ويندا هئا. [تفصيل لاءِ ڏسو: ’سنڌ جا زيور‘، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ستون].
سنڌ ۾ سونارڪو هنر تمام قديم زماني کان وٺي رائج آهي، جنهن جا وقت سر مختلف هنرمند، مثلاً: ڪنڀار، لوهار، سوٽهڙ (واڍا)، ڪاشيگر، صراف، جوهري ۽ سونارا رهندا آيا آهن. سونارڪي هنر مان مراد سون ۽ چانديءَ جي زيور ٺاهڻ واري فن سان آهي.
سونارڪو فن يا هنر سنڌ ۾ قديم زماني کان هلندڙ آهي، جنهن جي شاهدي سنڌو ماٿريءَ جي قديم آثارن ۽ دنب دڙن جي کوٽاين مان مليل زيورن، مهرن ۽ ٺپن جي شڪل ۾ پڻ ملي ٿي تہ سونارڪو فن، سنڌ جي تھذيب و تمدن جي اوج واري وقت ۾ وسيع سطح تي پکڙيل هو ۽ هتان جا رهواسي مختلف زيور پائيندا هئا، جيڪي يقيناً سونارا ٺاهيندا هوندا.
سنڌ جا سونارا پنھنجي هنر کي صدين کان قائم رکيو اچن ۽ وقت سان گڏ ترقي ڏانهن سفر ڪندا پيا وڃن. تنهنڪري سندن فن جي سنڌ جي سماج ۾ تمام گهڻي قدرداني ڪئي وڃي ٿي. (وڌيڪ ڏسو: سونارا، جلد اٺون)