سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جا ٻيلا

ٻيلن ۾ ٿيندڙ ماکي

ٻيلن ۾ ٿيندڙ ماکي

سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جا ٻيلا (Forest): ٻيءَ عالمي جنگ کان اڳ سنڌ ٻيلن سان مالامال هوندي هئي. سنڌ جا ماڻهو ڪيترن زمانن کان ٻيلن جو مال استعمال ڪندڙ هئا. اڳتي هلي هڪ دور اهڙو به آيو، جو فوجي مقصدن ۽ ريلوي نظام لاءِ وڻن جي بي حساب واڍي ڪرائي وئي ۽ عالمي جنگ جي ڏينهن ۾ ٻيلن جا ٻيلا ناس ڪيا ويا.
1825ع ۾ سنڌوءَ ۾ ٻيڙن (Flotilla) ۽ 1858ع ۾ ريل جي شروع ٿيڻ سان سنڌ جي ٻيلن جو تجارتي استعمال ٿيڻ شروع ٿيو. 1857ع کان 1895ع تائين بيدرديءَ سان ٻيلا ناس ڪيا ويا. سال 1895ع کان 1935ع تائين سواءِ چند سالن جي (پهرئين عالمي جنگ دوران جيڪو ٽن سالن جو عرصو هو) عمارتي ڪاٺ جي نسبتاً گهٽ گهرج پيدا ٿي، جنهن دوران ڪنهن حد تائين ڪن هنڌن تي ٻيهر ٻيلا پوکيا ويا.
1935ع ۾ وڻن وڍڻ جو هڪ اهڙو پروگرام شروع ڪيو ويو، جيڪو ايندڙ 20 سالن تائين تيستائين هلندو رهيو، جيستائين 1939ع ۾ ٻي عالمي جنگ شروع نه ٿي. ان عرصي دوران سنڌ جي ٻيلن تي
وڏو دٻاءُ رهيو، ٻارڻ ۽ ڪوئلي جي زبردست گُهرج ٿيندي رهي.
ان عرصي دوران ڪراچي شهر به گهڻو وڌي چڪو هو، جنهنڪري اتان جي ٻارڻ ۽ ڪاٺين جي ضرورت پڻ پوري ٿيڻ لڳي. تاريخ ۾
پهريون ڀيرو ڪراچيءَ ۾ ڪوئلو راشن تي ملڻ لڳو. ان عرصي دوران سنڌ جي ٻيلن جي ايتري ته واڍي ٿي، جو جن علائقن جا ٻيلا 1957ع ۾ ڪٽڻا هئا، سي مقرر وقت کان 13 سال اڳ ۾ 1944ع ۾ ڪٽي ختم ڪيا ويا.
ائين هڪ پاسي کان بدانتظاميءَ سبب گهاٽا ۽ ساوا ٻيلا تباهه ٿيندا رهيا ته ٻئي پاسي کان جنگي حالتن دوران مال/ وکرن جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ ٻيلن تي دٻاءُ وڌندو رهيو.
ائين سنڌ جي نباتات سان گڏ حيوانات به سخت متاثر ٿي. ’سنڌ ٻيلي کاتي‘ جي هڪ تحقيقي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته: ”سنڌ جا اٽڪل 50 سيڪڙو درياهي ٻيلا پنهنجي پيداوار جي لحاظ کان ايترا ته تباهه ٿي چڪا آهن جو انهن جي اقتصادي اهميت ختم ٿي چڪي آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته مؤثر اپاءَ وٺندي ٻيلن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ پاڻيءَ جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ٻيلا ٻيهر بحال ٿي سگهن. هونئن ڪاٺ جي گهٽجندڙ پيداوار سان گڏ ٻيلن جا (گهڻ رخا) بچاءُ ڏيندڙ اثر ختم ٿي ويندا، نتيجي ۾ سڄو ماحولياتي مانڊاڻ ڊانواڊول ٿي ويندو.“
سنڌ جي ٻيلن جون جڙي ٻوٽيون
(Common herbs of Forest of Sindh):
آبي ناڙو (Bind weed)، جهل (Lambs quarter)، ڏنگڻي (Cockle bur)، جهنگلي بينچر (Wild paneer/ wild cheese nuts)، جهنگلي ڪنوار ٻوٽي (Agave)، گولاڙو (Coccinea cordifolia)، ڦوڳ (Calligonum)، ڪائنل پيرون (Black nightshade)، ڦرن ٻوٽو، پرسيان (Ferns) وغيره ٻيلن جي جڙي ٻوٽين ۾ شمار ٿين ٿيون.
کونئر (Gum) ۾ پڻ طبي خاصيتون ٿين ٿيون، جيڪو ٻٻر مان حاصل ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته لاک به هڪ اهڙو ئي ٻيو وکر آهي، جيڪو ٻيلي جي توت وارن وڻن تي پٽ ڪينئون پيدا ڪري ٿو، اهو به هاڻي جهڙوڪ ختم ٿي ويو آهي. سنڌ جي جملي ايراضيءَ جا 1.126 ملين هيڪٽر (8 سيڪڙو) سنڌ ٻيلي کاتي جي اختيار هيٺ آهن، جنهن جو اٽڪل 2.29 سيڪڙو درياهي ٻيلن ۽ ريج رستي پوک هيٺ آهي. باقي ايراضيءَ تي تمر جا ٻيلا ۽ چراگاهه آهن، جيڪي ٻيلي کاتي جي قبضي ۾ آهن. سنڌ جي ٻيلن کي ٽن مکيه قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
(1) درياهي ٻيلا: سنڌ ۾ درياهي ٻيلن جي وجود جو مکيه مدار سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي آهي، اهي ئي ٻيلن جو مکيه سهارو آهن.
هن قسم جا ٻيلا سنڌوءَ جي بچاءَ بندن
سان گڏ آهن ۽ بندن کي کاڌ کان بچائين
ٿا. دريـاهـي ٻيـلـن جـا 85000 هيڪـٽـر
(35 سيڪڙو) گهـاٽا ٻيـلا، 27000 هيڪـٽر
(11 سيڪڙو) ۽ ڇڊا وڻ، 39000 هيڪٽرن (16 سيڪڙو) تي ٻُوڙا ۽ ننڍا وڻ موجود آهن، جيڪي ٻارڻ مهيا ڪرڻ جو مکيه ذريعو ٿين ٿا، جڏهن ته باقي 38 سيڪڙو زمين بنجر آهي، جنهن تي ٽڙيل پکڙيل ٻوڙا ٿين ٿا.
انهن ٻيلن ۾ وڻن جون مکيه جنسون ٻٻر (Acacia nilotica) 60 سيڪڙو، ڪنڊي (Prosopis cinraria) 14 سيڪڙو، ديوي (Mesquite) 12 سيڪڙو، لئي (Tamarix dioica) 9 سيڪڙو ۽ پنج سيڪڙو ٻيون جنسون ٿين ٿيون. ٻيلن جي قبضن ۽ سنڌوءَ جي اڻپوري پاڻيءَ سبب هي ٻيلا تمام تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن.
درياهي ٻيلا، ٻارڻ، مال جي چاري ۽ جڙين ٻوٽين کان سواءِ عمارتن ۽ گهريلو سامان ٺاهڻ سميت ٻين به ڪيترين شين ٺاهڻ جو مال مهيا ڪن ٿا.
(2) تمر جا ٻيلا: پاڪستان جو سامونڊي ڪنارو 1050 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 40 کان 50 ڪلوميٽر ويڪرو آهي، جيڪو سنڌ (350 ڪ. م) ۽ بلوچستان (700 ڪ. م) سان ملندڙ آهي. سنڌ ۾ تمر (Mangrove) رڳو انڊس ڊيلٽا ۾ اٽڪل 600000 هيڪٽرن تي (اتر ۾ ڪورنگيءَ کان ڏکڻ ۾ سرڪريڪ تائين) ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعي ۾ پکڙيل آهي، جن جي سالياني پيداوار 0.2 m3 هيڪٽر آهي. انڊس ڊيلٽا ۾ 17 وڏين ۽ ڪيترين ننڍين ڪريڪس/ ڇاڙهن/ ڦاٽن کان سواءِ تمام گهڻي ڌٻڻي زمين يا Mud Flats، سامونڊي ڪنارن سان اهڙا گپ وارا علائقا، جتي ويرن ۽ درياهه جي ڇوڙ سبب گپ چڪ گڏ ٿيندي رهي ٿي، اهڙا هنڌ جهنگلي جيوت جي ماڳ ۽ سمنڊ جي کاڌ روڪڻ لاءِ ڪارائتا ٿين ٿا) به آهن، جيڪي پاڪستان ۾ ٿيندڙ جملي تمر جي ٻيلن جو 97 سيڪڙو آهن.
ڪنهن دور ۾ تمر جي ٻيلن کي مڇرن پيدا ڪرڻ جو ماڳ سمجهيو ويندو هو، جڏهن ته اصل ۾ اهڙا ماڳ اقتصادي ۽ ماحولياتي لحاظ کان تمام گهڻي اهميت وارا ٿين ٿا. ڇاڪاڻ ته اهي ڪراچيءَ جي پورٽ قاسم جهڙن علائقن کي لٽ ۽ کاڌ کان بچائين ٿا. تمر جا ٻيٽ، مڇيءَ، جهينگن ۽ کيکڙن (Crabs) جون پرورش گاهون ٿين ٿا. ٻوٽن ۽ جانورن جي پيچيده گوناگونيت تاتين ٿا، سامونڊي طوفانن ۽ سونامي
جهڙين آفتن لاءِ قدرتي بچاءُ هجن ٿا. ساموندي جيوت ۽ پرڏيهي پکين جا ماڳ ۽ واهيرا ٿين ٿا. مقامي آبادين لاءِ ٻارڻ ۽ مال لاءِ چاري جون ضرورتون پوريون ڪن ٿا، عمارتي ڪاٺ، گهرن جي اڏاوت ۽ ٻيڙين لاءِ ڪاٺ مهيا ڪرڻ سميت تعليم، کوجنا ۽ تفريح جو ذريعو به بڻجن ٿا.
دنيا جي تمر جي ڀيٽ ۾ انڊس ڊيلٽا جو تمر- خشڪ آبهوا ۾ ٿيندو آهي ۽ وڏن ٻيلن ۾ شمار ٿيڻ سبب نرالو سمجهيو وڃي ٿو. تمر جي هن قسم جي ٻيلن جو عام طور تي وجود سنڌو درياهه جي سدا سيراب ڪندڙ تازي پاڻي تي مدار رکي ٿو. اهڙو تازو پاڻي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ڊيلٽا مان وهندو اچي ٿو. انڊس ڊيلٽا جي 344845 هيڪٽرن کي بچاءُ ڏيندڙ ٻيلو (Protected Forest) قرار ڏنو ويو آهي ۽ اهو سنڌ ٻيلي کاتي جي اختيار هيٺ آهي.
ڪنهن دور ۾ انڊس ڊيلٽا ۾ تمر جون ست جنسون ٿيندڙ هيون ۽ هاڻ رڳو چار جنسون ٿين ٿيون. انڊس ڊيلٽا ۾ ٿيندڙ تمر جي جنس ۾ اٽڪل 95 سيڪڙو اويسينيا مئرينا (Avicennia Marina) ٿئي ٿي. جڏهن ته ڪيٽي بندر ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ ايجيسيرس ڪارنيڪيولئٽم (Aegiceras Corniculatam) ۽ سيريوپس ٽئگل (Ceriops Tagal) جا جڳهٽا ٿين ٿا. انڊس ڊيلٽا ۾ رائزو فورا مڪرونئٽا (Rhizophora Mucronata) جنسون به متعارف ڪرايون ويون آهن.
هڪ سئٽيلائيٽ سروي مطابق سنڌ وارا تمر جا ٻيلا دنيا جا ڇهين نمبر تي وڏا ٻيلا آهن، جڏهن ته انهن ۾ سال 1977ع کان 1991ع تائين اٽڪل 160000 هيڪٽرن جي ايراضيءَ جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن جو مکيه ڪارڻ پاڪستان جي صوبن جي وچ ۾ 1991ع جي پاڻي معاهدي تي عمل نه ڪرڻ سبب ڊيلٽا جو سنڌوءَ جي پاڻيءَ کان وانجهيل هجڻ آهي.
ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڪيٽي بندر جو اڌ تعلقو
سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. ٺٽي ضلعي جي ساڪري تعلقي جا ٻه تپا ۽ چار ديهون، ۽ کاري ڇاڻ جا ٽي تپا پنهنجي زرخيزي وڃائي ويٺا آهن. جڏهن ته سال 2002ع ۾ بدين ۽ ٺٽي ضلعن جا اٺ تعلقا سمنڊ پائڻ سبب تباهه ٿي ويا آهن.
تمر جي ٻيلن جي صحيح طرح سان سنڀال ڪئي وڃي ته ان جو هڪ هيڪٽر هر سال 100 ڪلوگرام مڇي، 25 ڪلوگرام جهينگا،
15 ڪلوگرام کيکڙا، 200 ڪلوگرام سپون/ڪوڏ (Molluscs) ۽ 40 ڪلوگرام سامونڊي کيرو (Sea Cucumber) پيدا ڪري ٿو.
(UNEP, 1990)
(3) نهري ٻيلا: سنڌ ۾ نهري ٻيلن جي شروعات 1960ع جي ڏهاڪي کان ٿي، جيڪا سالياني ترقياتي ۽ غير ملڪي ڊونر ايجنسين کان ملندڙ سهائتا سبب 1980ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪن دوران وڻن جي واڌ جو اهم سبب ٿي.
هٿرادو پوکيل ٻيلا آبپاشي کاتي کان حاصل ٿيندڙ پاڻيءَ رستي ٿين ٿا. اهي ٻيلا عام طور تي صفتي ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ پوکيا وڃن ٿا.
هن وقت 2008ع کان 82000 هيڪٽرن تي موجود اهڙا ٻيلا سنڌ ٻيلي کاتي جي ذمي آهن، جن ۾ سکر ۽ گڊو بئراجن جي ڪمانڊ ايريا ۾ وڻ پوکيا وڃن ٿا ۽ انهن ۾ ٽالهي 20 سيڪڙو، ٻٻر 58 سيڪڙو، يوڪلپٽس 10 سيڪڙو، ديوي Mesquite ۽ ٻيون جنسون 12 سيڪڙو ٿين ٿيون.
سنڌ جا ٻيلا:
سوشل فاريسٽري (Social Forestry):
سوشل فاريسٽريءَ جو اصطلاح پهريون ڀيرو نئشنل ڪميشن آن ايگريڪلچر-انڊيا 1973ع ۾ متعارف ڪرايو. هن پروگرام شروع ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن ٻهراڙين جي ماڻهن کي چارو، ٻارڻ، هلڪين ڦلڪين بنيادي ضرورتن جي پورائي لاءِ عمارتي ڪاٺ ۽ ٻيلن جو ايترو مال مهيا ٿي سگهي ته جيئن هو پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهن.
1973ع ۾ ’سنڌ ٻيلي کاتي‘ شروعات ۾ سوشل فاريسٽريءَ جو هڪ اهڙو پروگرام شروع ڪيو، جنهن هيٺ Consanier Plants، Bedded Nunenes، Wind Breaks ۽ Shelter Belts کڙا/ تيار ڪيا ويا. ان کان سواءِ ٻٻر جو ٻج به آبادگارن ۽ عام ماڻهن کي سستي اگهه تي ڏنو ويو.
هن پروگرام مان ايتري سٺي موٽ ملي، جو ٻيلي کاتي سوشل فاريسٽريءَ جو هڪ وسيع پروگرام شروع ڪيو، جيڪو 1988ع کان 1996ع تائين هليو. يو. ايس. ايڊ (US-AID) جي سهڪار سان به هڪ اهڙو پروگرام فاريسٽري پلاننگ ائنڊ ڊولپمينٽ پروگرام 1985-1986ع ۽ 1994-1995ع هليو. ساڳئي نالي سان اهڙو ٻيو پروگرام ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ (ADB) جي مالي امداد سان 1991-1992ع ۽ 1999-2000ع هلايو ويو. سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ اٽڪل 90 سيڪڙو عمارتي ڪاٺ
۽ ٻارڻ خانگي زمينن مان حاصل ڪيو وڃي ٿو، جنهن مان
سوشل فاريسٽريءَ جي مستقبل ۾ اهميت ۽ افاديت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
ٻيلن تي کوجنا:
ٻيلن تي کوجنا جو ڪم 1950ع جي اوائل ۾ حيدرآباد ۾ سلويڪلچر ريسرچ ڊويزن جي قيام سان شروع ٿيو ۽ اڳتي هلي ٻيا به ڪيترائي تحقيقي مرڪز قائم ڪيا ويا ته جيئن نه رڳو وڻ پوکي سگهجن، پر ٻيلن جي اهڙن تيز وڌندڙ وڻن کي به وڌائي سگهجي، جن جي صنعتي اهميت ٿئي ٿي، جنهن لاءِ باهڻ (Popular) جو هڪ هائبرڊ (گاڏڙ) قسم متعارف ڪرايو ويو ۽ باهڻ جا ڪيترا قسم (Clone)، (P. deltoids)، (P. euamericana) مياڻي، کٿڙ ۽ ميرپورماٿيلي جي تحقيقي ادارن ۾ سانڍيا ويا.
سفيدي جي مختلف جنسن جي ڪاميابيءَ کانپوءِ ٻيون ڪيتريون ئي پرڏيهي جنسون پڻ متعارف ڪرايون ويون، جن ۾ ڪونوڪارپس (آفريقي ساڳوان: African Teak/ Cono carpous) قابل ذڪر آهي، جيڪو 1960ع جي اوائل ۾ متعارف ڪرايو ويو ۽ اهو سم ۽ ڪلر وارين زمينن ۾ ڪاميابيءَ سان ڦٽي سگهي ٿو. آسٽريليا جي ٻٻر جون جنسون (Acacias) به گهڻيون ڪامياب ويون، جيڪي ٻارڻ، چاري ۽ عمارتي ڪاٺ لاءِ ڪتب اچن ٿيون. ساڳيءَ طرح سان ايل. بي. او. ڊي جي گندي ڪلراٺي پاڻيءَ تي ڪيترن مختلف جنسن ۽ تمر جي ماحولي سرشتن تي به تجربا ڪيا ويا.
ٻيلي جو قسم جملي پکيڙ سيڪڙو جملي ايراضي (ملين ايڪڙ)
درياهي ٻيلا 1.710.58 0.5960.203
نهري ٻيلا 2.453.25 0.8521.131
تمري ٻيلا 7.99جهڙوڪ 8.00 2.782
ماحولي سياحت (Eco-tourism): سنڌ جي مختلف ماحولياتي خطن ۾ ساوڪ، جهنگلي جيوت توڙي موسمي پهلو به مثالي ٿين ٿا، جيڪي ماحولي سياحن ۽ قدرت جي حسين نظارن جي پرستارن کي موهي سگهن ٿا. ماحولي سياحت رستي نه رڳو مقامي ماڻهن لاءِ آمدني ٿي سگهي ٿي، پر انهن غريبن کي به فائدو ٿي سگهي ٿو، جيڪي ننڍين ننڍين نوڪرين ۾ ڦاٿل رهن ٿا. لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڏوڪري پلانٽيشن رينج ۾ موجود دنيا جي قديم آثارن مان مشهور تهذيبي ۽ تاريخي ماڳ ’موهن جو دڙو‘ اهڙيءَ ماحولي سياحت لاءِ بلڪل موزون سمجهيو وڃي ٿو.
ريشم سازي (Sericulture): سنڌ ۾ ريشم يا پشم سازيءَ جو بنياد 1977ع ڌاري وڌو ويو ۽ صوبي جي ٻهراڙين جي عورتن لاءِ پاڪستان سرڪار جي وومينس ڊويزن 1980ع ۾ هڪ اهڙو پروگرام شروع ڪيو ويو، جنهن تحت حيدرآباد، سکر، گهوٽڪي، ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ تربيتي ڪورس ڪرايا ويا. پٽ ڪينئن پالڻ ۽ کوپن جي پيداوار لاءِ ٻهراڙين جي 500 خاندانن کي ان لاءِ سکيا ڏني وئي، جڏهن ته اهو ڪم مالي ۽ فني سببن ڪري اڃا تائين هڪ صنعت جو درجو حاصل ڪري نه سگهيو آهي.
ماکي پالڻ (Apiculture): 1982ع ۾ ’انٽروڊڪشن آف اپيڪلچرل ان سنڌ‘ نالي سان ٽن سالن لاءِ هڪ رٿا شروع ڪئي وئي، جنهن لاءِ آسٽريليا مان ماکيءَ جون ڇهه ڪالونيون گهرايون ويون. ماکيءَ جي مکين جي پالنا اُن سبب به اهميت واري ٿئي ٿي، جو اهي مکيون زراعت سميت ٻين ڪيترن قسمن جي وڻن ٽڻن لاءِ به فائديمند ٿين ٿيون. جهڙوڪ: سرنهن (Mustard)، سورج مکي (Sunflower)، برسيم (Burseem)، ٻير (Ber)، آريٺا (Arita)، ديوي (Mesquite) ۽ ناريل (Coconut) وغيره. سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن لاءِ سکيائي پروگرام ۽ ماکيءَ جي مکين جي پالنا جو ڪم شروع ڪيو ويو. مسلسل فنڊ نه ملڻ ۽ ماهرن جي نه هجڻ سبب هيءُ پروگرام گهڻو متاثر ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو