سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا

سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا

سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا

سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا

سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا

سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ڪتاب): ’سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘ عنوان سان سنڌ جي نامياري اديب ۽ محقق اشتياق انصاريءَ جا ٻہ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ سنڌ جي ڪوٽن ۽ قلعن جي باري ۾ معلومات ڏنل آهي. فاضل ليکڪ هنن ٻنهي ڪتابن ۾ سنڌ جي کنڊر بڻجي ويل ۽ موجود ڪوٽن ۽ قلعن جي تاريخ، تاريخي پسمنظر سميت رقم ڪئي آهي.
سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘ ڀاڱي پهرئين جي ابتدا ۾ ڪوٽن ۽ قلعن متعلق سرسري معلومات کانپوءِ سنڌ جي تاريخي قلعن ۽ ڪوٽن جو ڌار ڌار ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ پڪو قلعو، ڪچو قلعو، غلام شاھہ ڪلهوڙي جي مقبري وارو قلعو، سيوهڻ جو قلعو، دليل ڪوٽ، لاهري بندر، ڪلان ڪوٽ، عمرڪوٽ، نند ڪوٽ، کيريين ڪوٽ، ڪراچي ڪوٽ، رتوڪوٽ، راڻوڪوٽ، ملاڪي ڪوٽ، کيرٿر ۾ ڪوٽ، برج ۽ ديوارون، منهوڙو ڪوٽ، ڪوٽڏجي، رنيڪوٽ ۽ نئون ڪوٽ شامل آهن. ڪتاب ۾ ڪوٽن ۽ قلعن جون تصويرون بہ ڏنيون ويون آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1996ع ۾، ٻيو ڇاپو 2003ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 2010ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڪراچيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊيمي سائيز، پڪي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل سان 407 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ملھہ 270 روپيا آهي. هن ڪتاب کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ، شھيد ڀٽي گروپ ۽ اڪيڊمي آف ليٽرس سال 1996ع جي بھترين تحقيقي ڪتاب جو اوارڊ ڏنو.
سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘ (ڀاڱو ٻيو) 2011ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ امام ڳڙھہ، بکر جو قلعو، بھم جو ڪوٽ، جبو ڪوٽ، کارو ڪوٽ، گلان ڪوٽ، اروڙ جو ڪوٽ، لوڻي ڪوٽ، جهم ڪوٽ، سرڻي ڪوٽ، چاڪر ڪوٽ، اگهم ڪوٽ، چنڙو ڪوٽ، ڊرگهہ بالا ۾ ميرن جو ڪوٽ، ڀنڀور جو قلعو، رتو ڪوٽ (کپرو) شامل آهن. سنڌي ادبي سنگت هن ڪتاب (ٻئي ڀاڱي) کي سال 1120ع لاءِ ’ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اوارڊ‘ ڏنو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو