ڀٽياڻي نئن

ڀٽياڻي نئن

ڪورنگي نئن

ڪورنگي نئن

گاج نئن

گاج نئن

نئن گاج

نئن گاج

سارڌري ويجھو گوڙڌري نديءَ جو هڪ ڏيک

سارڌري ويجھو گوڙڌري نديءَ جو هڪ ڏيک

لياري نئن

لياري نئن

ملير نئن جو هڪ ڏيک

ملير نئن جو هڪ ڏيک

سنڌ جون نئيون

سنڌ جون نئيون: پاڻيءَ جو عارضي وهڪرو، جيڪو برسات يا برف جي پگهرجڻ سبب جبلن ۽ ٽَڪرن تان پاڻي وهائي هيٺاهن پَٽن يا ماٿرين تائين رسي، اُن وهڪري کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ’نئن/ نئين‘ چئبو آهي. اڪثر نئيون بارش دوران ئي چند ڪلاڪن بعد وهي چڪن ٿيون، پر جيڪي گهٽ لاهاندين تان گذرنديون آهن، سي بعضي ٻن چئن ڏينهن تائين پاڻي نيڪال ڪنديون رهن ٿيون. سنڌ ۾ نئن جو گهڻو تعداد کيرٿر جبل ۽ ان جي شاخن مان وهندو آهي، پر ڪجهه نئيون ڪارونجهر ۽ ڪن ٻين ٽڪرين تان به وهنديون آهن.
سنڌ ۾ وهندڙ ڪجهه اهم نئين جو الف ب وار ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
آڌيگام جي نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر جي ننڍڙين ٽڪرين مان نڪري، ڏکڻ اولهه رخ ۾ هموار وهي ٿي. هيءَ نئن ننگرپارڪر شهر کان 9.5 ڪلوميٽر پري وهي ٿي. ڪارونجهر جبل مان نڪرندڙ ڪيتريون ٻيون نئيون هن نئن کي ڀرتي ڪن ٿيون. هيءَ نئن 10 ڪلوميٽرن جو پنڌ طئي ڪري رڻ ڪڇ جي ڀرواري ميدان (پڙڇاپور) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
الڪهه/ الڪا نئن: هن نئن جي شڪل انگريزيءَ جي اکر ’Z‘ وانگر آهي. هن نئن ۾ اتر کان هڪ ۽ اولهه کان ٻه جهرڻا وهي اچي هن سان گڏجن ٿا. تعلقي قمبر جي يونين ڪائونسل غيبي ديري ۾، حاجي مريءَ جي ٽڪري ۽ مقام، الڪهه نئن جي اتر ۾ واقع آهن. هن نئن تي اهو نالو ’الڪهه/ الڪي‘ نالي مڱڻهار تان پيو، جيڪو سنڌ جي مشهور ڏاتار ڄام لاکي ڦلاڻيءَ جي زال مهر راڻيءَ کي ڏاج ۾ مليو هو. هن نالي سان الڪه ۽ مهر راڻيءَ جو تاريخي قصو وابسته آهي.
انگئي نئن: کير ٿر جي جابلو سلسلي مان، برساتن جي مند ۾ وهي ايندڙ نئن ٽنڊي رحيم خان جي اترئين ميداني علائقي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن نئن تي به پوکي راهي ٿيندي آهي.
اورنگي نئن: اورنگي نئن دڙڳ واري بُٺيءَ مان وهي نڪري ٿي، جنهن ۾ ٻيا ننڍا ننڍا ڍورا به اچي شامل ٿين ٿا. هڪ رستو هاڻوڪي نارٿ ناظم آباد (کاري لڪيءَ) وٽان اورنگي نئن پار ڪري منگهي پير ۽ اورنگيءَ واري جابلو سلسلي کان لوهارڪي لنگهه ڏي وڃي ٿو ۽ ڪنهن زماني ۾ حب نئن ڏانهن ويندڙ ٻين رستن سان ملندو هو. اورنگي نئن برسات ۾ لياري، حب ۽ ملير نئن وانگر گهڻا ڏينهن وهڻ ڪري انهن گسن کان ايندڙ ماڻهو ٽوراڙ وٽان هن برساتي نئن کي اورانگهي (پار ڪري) ڪراچي بندر/ دڙٻي ڏانهن ايندا هئا. انهيءَ اورانگهڻ واري جاءِ سبب هن نئن جو نالو ’اورانگهي‘ پيو، جيڪو بعد ۾ بگڙجي ’اورنگهي/ اورنگي‘ ٿي ويو.
بارڻ نئن: هي نئن ٽِڪي بارڻ کان ڪوهستان تعلقي ٿاڻي بولاخان جي حدن ۾ داخل ٿي ڊگهو فاصلو طئي ڪري ڄامشوري ضلعي ۾ ٿاڻي بولا خان تعلقي ۾ پهچي ٿي. ٿاڻي بولاخان جي اتر کان هلي ٿيندي ٻولهاڙي يونين ڪائونسل ۾ داخل ٿئي ٿي. هيءَ نئن ٻولهاڙيءَ کان ڪاري کهي ڳوٺ وٽ (لڳ ڪوٽڙي) درياهه ۾ پوي ٿي. هيءَ قديم ۽ تاريخي نئن آهي. ڪاري کهي ڳوٺ وٽان نياڻ مان وهي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندي آهي، نئن بارڻ جا ڪٿي ڪٿي ڪنب به آهن، جن ذريعي آبادي ٿئي ٿي ۽ اها زرعي آبادي ’نئن جي ڪنڊن‘ جي نالي سان سڏبي آهي. نئن جا ڦيرا ڪنڊون ٺاهيندا آهن، انهن بچايل ڪنڊن ۾ آبادي ٿيندي آهي. بارڻ نئن 17.24 م. م سراسري برسات پوڻ تي 490،936،880 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهن ڪري 2،817.59 چورس ڪلو ميٽرن جي ايراضي آباد ٿئي ٿي.
بز نئن (تعلقو سيوهڻ): بلوچيءَ ۾ ’بز‘ ٻڪريءَ کي چوندا آهن. بُز نئن نڙاني نئن کان ڊيگهه ۾ وڌيڪ آهي. هي نئن کير ٿر جبل مان نڪري ٿي. ان جي پاڻيءَ تي ڪيتريون ئي وسنديون آباد آهن. بز نئن جي ظاهري شڪل اوڀر، اولهه ۾ انگريزي ٻوليءَ جي اکر ’Y‘ جهڙي آهي.
بولان نئن: نئن بولان 15 صدي عيسويءَ ۾ سبيءَ وٽان وهندي هئي. جنهن جي پاڻيءَ ۾ زهريلو مادو هوندو هو، ان جو پاڻي پيئڻ سان ماڻهو بيمار ٿي پوندا هئا ۽ ڪيترا مري به پوندا هئا. پر اڪبر بادشاهه جي دور ۾ هن نئن پنهنجو وهڪرو ڪن هنڌن تان بدلايو ۽ زهريلي پاڻيءَ جا ذريعا پري رهجي ويا. اڄ به انهيءَ پراڻي نئن جي پيٽ جا نشان سبيءَ ۽ ڍاڍر جي وچ تي موجود آهن. بولان نئن 50 ميل ڏکڻ ۾ ساراوان (بلوچستان) جي زمينن کي سيراب ڪندي هئي ۽ باقي بچيل پاڻي وڃي منڇر ڍنڍ ۾ پوندو هو. بولان جو اهو وهڪرو 1932ع ۾ ايف.پي بند ٻڌجڻ تائين قائم رهيو. ان کانپوءِ به بولان نئن جو پاڻي وقت بوقت منڇر ڍنڍ تائين پهچندو رهي ٿو. پراڻين تاريخي روايتن مان پتو پوي ٿو ته هيءَ نئن سبيءَ ۽ پاٽ جي وچ ۾، پاٽ (ضلعي دادوءَ) جي ڏکڻ تائين 200 ميلن جي ڊيگهه ۾ وهندي، درياهه ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.
ٻنڌڙي/ ٻنڌڻي نئن: ٻنڌڙي/ ٻنڌڻي نئن سيوهڻ شهر کان اٽڪل چوڏهن ميل اتر طرف جهانگارن جي ڳوٺ تعلقي سيوهڻ ڀرسان وهي اچي منڇر ڍنڍ ۾ پوي ٿي. جهانگارن کان اٺ ميل کن مٿي جبلن جي ٻيڪڙ ۾ نئن تي تمام قديم بند جا نشان ملن ٿا. انهيءَ بند/ ٻنڌ جي ڪري هن نئن کي ٻنڌڙي/ٻنڌڻي سڏيو ويو. اها ٻنڌ ساڍا ٽي ميل ڊگهي هئي، ٻنڌ جو جيڪو حصو هن وقت سلامت بيٺو آهي، ان جي اوچائي ساڍا ٻاويهه فوٽ آهي. هن بند نهايت ڪاريگريءَ ۽ مضبوطيءَ سان ٻڌل آهي. پٿرن جي اوساريءَ سان خانا ٺاهي ، انهن ۾ بجري ۽ واري ڀري وئي آهي. بند جي ذريعي نئن جي پاڻيءَ کي روڪي، هٿرادو تلاءَ ٺاهي، ان مان واهه ڪڍي آبادي ڪئي ويندي هئي. مقامي ماڻهو هن ٻنڌ کي ’ڪافر بند‘ به ڪوٺين ٿا. هي ’Tank Irrigation‘ جو هڪ بهترين نمونو آهي. ٻنڌڻي نئن 139.7 م. م سراسري برسات پوڻ تي 7،270،267 ميٽر برسات جو پاڻي وهائي اچي ٿي، جنهن تي 520.42 چورس ڪلو ميٽرن جي ايراضي آباد ٿئي ٿي.
ٻوري نئن: هيءَ نئن پراڻي جاگير تعلقي قمبر ۾ آهي، جيڪا چانڊين جي سردارن جي بخشڻ دوران نواب سر غيبي خان جي زماني کان وٺي چانڊيا جاگير کان ڪٽيل آهي، هيءَ نئن کيرٿر جبل کان هلي سڌو ايف. پي بند لڳ ڳوٺ وٽ ڇوڙ ڪري ٿي. هن نئن جي ذريعي آبادي ٿئي ٿي. ٻوري نئن 114.3 م. م سراسري برسات پوڻ تي 48،575،823 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائيندي آهي، جنهن تي 427.61 چورس ڪلوميٽر ايراضي آباد ٿيندي آهي.
ٻولڙائي نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر مان نڪري ٿي ۽ چتراسر نئن جي ٽن شاخن مان هڪ شاخ آهي، جنهن تي راڻپور بند ٻَڌو ويو آهي. هيءَ نئن ننگرپارڪر شهر کان اٽڪل 8 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي.
ڀٽياڻي نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر مان نڪري ٿي. هن نئن تي اهو نالو ڪارونجهر جي هڪ راڻي جي گهر واريءَ’ اُما ڀٽياڻيءَ‘ جي نالي پويان پيو، چون ٿا ته اها انتهائي ڏاهي عورت هئي ۽ ڏاگهه چڙهي هئي. هيءَ نئن ڪارونجهر جي گرينائيٽ وارن پٿرن مان گجگوڙ ڪندي وهي ٿي ۽ جبل جي هنج ۾ ويڪري ماٿريءَ جي شڪل اختيار ڪري ٿي. ان کانپوءِ هيءَ نئن گوڙڌرو نئن سان ملڻ کانپوءِ ڏونگري ۽ پپڙيئي ڳوٺن جي وچ مان ٿيندي، ڏهن ڪلوميٽرن جو سفر طئي ڪري ڇوڙ ڪري ٿي. هيءَ نئن ڪارونجهر جي اترئين ۽ مرڪز واري تمام وسيع علائقي کي سيراب ڪري ٿي. جبل مان نڪرڻ کانپوءِ هن نئن جو پيٽ 300 ميٽر ويڪرو ٿي پوندو آهي. هن نئن تي ’ڀٽياڻي ڊئم‘ به جڙيل آهي. (وڌيڪ ڏسندا: ڀٽياڻي ڊئم، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو)
ڀرڳڙ نئن: هيءَ تعلقي خيرپورناٿن شاهه جي نئن آهي. هن کي ’گهارو نئن‘ به چوندا آهن. هن نئن جي ڏکڻ ۾ موريي بندلاڻي چانڊيي جو ڳوٺ آهي. ان کانسواءِ ماڙي ڳوٺ جون اڪثر زمينون هن نئن جي پاڻيءَ تي آباد ٿينديون آهن.
تڪي نئن : هيءَ نئن ڪاڇي جي ڏکڻ وارين نئن مان آهي، جيڪا تعلقي جوهيءَ مان وهي ايندي آهي ۽ ڪاڇي واري جهلي بند جي ويجهو ختم ٿئي ٿي. محقق عزيز ڪنگراڻيءَ جي لکڻ موجب نئن تُڪي، ياري فقير ريڍار جي مزار وٽان ٿيندي، ميداني علائقي ۾ لهي ٿي. گورک توڙي الهندن جبلن مان نئن مهاڻي ۽ ٻيون وهي ايندڙ نئيون، تُڪيءَ کي ڀرين ٿيون. تُڪي نئن جو ڇوڙ شول نئن آهي. هن نئن جو وهڪرو تمام تيز هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سول نئن کي به زبردست وهڪري سبب عبور ڪري اڀرندي وارا پٽ ڀريندي آهي. هيءَ نئن آبادي به ڪرائيندي آهي.
ٿڌو نئن: ڄامشوري ضلعي جي مول واري علائقي مان وهي ايندڙ ’ٿڌو نئن‘ گنداڪيءَ کان پوءِ ’ديهه حدر واهه‘ جي حدن وٽان ڪراچي ضلعي ۾ داخل ٿئي ٿي. ٿڌي نئن مان هڪ ڇاڙهه (شاخ) ڪونڪر نالي سان الڳ ٿي، دُنبا ڳوٺ کان اڳ ۾ ٻيهر ٿڌي نئن سان ملي، ان جو حصو بڻجي ٿي وڃي. هيءَ نئن 114.3م. م سراسري برسات پوڻ تي 17.428،464 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائيندي آهي، جنهن تي 152.48 چورس ڪلو ميٽرن جي ايراضي آباد ٿيندي آهي.
تُني نئن: هيءَ جاگير (غيبي ديري) جي مشهور نئن آهي. جبل مان نڪري جڏهن ٻاهر ميدان تي اچي ٿي، ته خوبصورت منظر پيش ڪري ٿي. هن نئن اندر کڏو يا کاهي کوٽڻ سان ستن اٺن فوٽن تي صاف شفاف ٿڌو پاڻي نڪري ٿو، جنهن کي مقامي ماڻهو ’سِمڙو‘ چون (ڇو ته اهو پاڻي جر مان تڪڙو سِمي سِمي گڏ ٿيندو آهي)، اهو پاڻي کپي وڃي، ته پنجن منٽن کان پوءِ وري اوترو ئي پاڻي سمي نڪري ٿو. ماڻهو ۽ مال هتان پاڻي پيئندا آهن. هن نئن جي ڏکڻ ۾ ’خاتون جي لڪي‘ آهي.
ٽوڀو چشمو: ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ ڏاڙهياري جبل جي اولهه ۾ ڪڙي تي واقع آهي. هيءُ چشمو سڄو سال هتان جي آباديءَ کي پاڻي رسائي ٿو، جنهنڪري چوڌاري ساوڪ اٿس. سائين ۽ سيتا نئن هن چشمي کي پاڻي رسائين ٿيون.
ٺپي ڍوري: ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ واقع هيءَ نئن ڪڪر لڪ جي ڀرسان ڏکڻ ۾ وهي ٿي. هن ڍوريءَ جي ٻنهي ڪنارن سان ڪهوءَ جا وڻ گهڻا ٿين ٿا. روايت آهي ته ڪنهن زماني ۾ ڍوريءَ جي ڀرسان ڪهونءَ جي هڪ وڻ هيٺان ڪنهن ماڻهوءَ کي زخمي ڪيو ويو. جنهنڪري ڍوريءَ تي ٺپي نالو پيو. جابلو ٻوليءَ ۾ ٺپي ’زخميءَ‘ کي چون. هن ڍوريءَ جي اولهه ۾ ٽاڪرو ۽ ڪجهه پوٺا علائقا آهن. وسڪاري جي موسم ۾ چڱي آبادي ٿئي ٿي. هيءَ ڍوري پري کان خوبصورت نظارو پيش ڪري ٿي.
پپري نئن: هي نئن تعلقي ڪوٽڙي ضلعي ڄامشوري ۾ وهي ٿي. پپري نئن 200.66 م. م سراسري برسات جو پاڻي پوڻ تي 82،104،052 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهن 409.17 چورس ڪلو ميٽرن جي ايراضي آباد ڪندي آهي.
جنجهو نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر جبل مان، ننگرپارڪر شهر کان ڏکڻ، ڏکڻ- اولهه کان نڪري ٿي. هيءَ نئن گهڻو ڪري آڌيگام نئن سان پوروڇوٽ وهي ٿي. هن ۾ ڪيتريون ٻيون نئيون اچي داخل ٿين ٿيون. هيءَ نئن 12 ڪلوميٽرن جو پنڌ طئي ڪري رڻ ڪڇ جي ڀرواري ميدان ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
جهانگرڪِي نئن: هيءَ ننڍڙي نئن، سيوهڻ تعلقي جي مشهور ڳوٺ جهانگارن وٽان وهي هلي ٿي.بدر ابڙو'> بدر ابڙو لکي ٿو ته نئن جهانگرڪي هڪ سرشتو آهي، جيڪو گبربند جي ٻئي ڇيڙي وٽان بڊي جبل جي وچ مان شروع ٿئي ٿو. هيءَ نئن برسات جي مند ۾ لڪيءَ وارن جبلن مان وهي ايندي آهي، ۽ جهانگارن وٽان منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن نئن تي ٿوري گهڻي آبادي ٿيندي آهي.
بازو ڍوري: ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ واقع هيءَ نئن ڪڪر لڪ جي اولهه ۾ گڏوگڏ گذري ٿي. هيءَ ڍوري ڪڪر لڪ جي پيرن کان هڪ ٻانهن جيان گذري ٿي، جنهنڪري هن کي ’بازو ڍوري‘ چون ٿا. هن تي چڱي آبادي ٿئي ٿي.
چتراسر نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر جبل جي اڀرندن ڏونگرن جي وچ ۾ وڏي نئن آهي ۽ ننگرپارڪر شهر کان اوڀر طرف وهي ٿي. ٻولڙائي، فورگريئرين ۽ مهرو ڪولهي نئيون ملي چتراسر نئن کي جنم ڏين ٿيون. اتر اولهه ۾ وهندڙ هن نئن جو وهڪرو سنئون سڌو ۽ تانگهو آهي، ڇيڙي وٽ اتر کان ڏکڻ ڏانهن مُڙي ٿي. هيءَ نئن اٽڪل 5.5 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري راڻپور ڳوٺ جي سڌي ميدان ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي.
چکاري نئن: ٿاڻي بولا خان جي شهر مول جي ڀرسان وهندڙ هيءَ نئن، نئن مول جي ڇاڙهه آهي، جيڪا نئن مول مان ڇڄي وهي ٿي. هن نئن جي ڪنڌيءَ ڀرسان ڪيترين ئي قديم گول قبرن جا آثار موجود آهن. هيءَ نئن برسات جي مند ۾ وهندي آهي.
دُڙٻ نئن: هيءَ نئن ديهه جاگير-6، چڪ-8، يو. سي غيبي ديري ۾ واقع آهي. هيءَ نئن ڪاڇي ۾ وڏي آبادي ڪرائيندي آهي. هن نئن جي ڀرسان جابلو ٽڪريءَ جي ڏاکڻي ڪنڌيءَ تي ’دڙٻ‘ جو مشهور مقام ۽ ’ٽوپيٽڪري واقع آهن. هيءَ نئن لاکاڻي جبلن جا طوق پار ڪري بلوچستان جي ڪرو چڪوءَ کان برسات جي موسم ۾ پاڻي کڻي اچي ٿي، پانڌي گهاري، ڪڙهه ٻرڙا ۽ ٻين علائقن کي سيراب ڪري ٿي. چون ٿا ماضيءَ ۾ هي نئن پنهنجي تيز وهڪري سبب ڪيترائي ماڻهو لوڙهي ايندي هئي. تنهنڪري هن نئن جي ڀرسان ڪو به ڳوٺ آباد نه آهي. البت ڏاکڻي ڪنڌيءَ تي ٽڪرين مٿان مينهون خان چانڊيو، ڌڻي ڏنو خان چانڊيو ۽ شهيد نظام الدين چانڊيو ڳوٺ آباد آهن.
دُلان نئن: جاگير، تعلقي قمبر جي وڏين نئين مان هڪ آهي. هن نئن ۾ مختلف هنڌن تان نئن شهار، نئن ڪيهر جي، نئن راڌ، نئن سگهرو ۽ نئن سالاريءَ جو پاڻي پوي ٿو. هن تي ڪاڇي جي تمام سٺي زرعي آبادي ٿئي ٿي. هن جي اولهه ۾ ’سگهرو نئن‘ آهي.
ڌوپا نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر مان نڪري، ننگرپارڪر شهر جي ڏکڻ طرف کان وهي اڳتي وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. هن بيت ۾ پارڪريءَ ۾ هڪ بيت به آهي ته:
ڌوپا ويڇي ڌار، ڀٽياڻي ڏوجهي ڀلي،
پاڻي تڻهون نه پار، اُرڙاٽا ڪري اُوتريَ!
ڏيسوئي نئن: هيءَ ڪوهستان تعلقي ٿاڻي بولا خان جي نئن آهي، جيڪا کير ٿر مان نڪري، ٿاڻي بولا خان شهر ۽ ڌماچ ڳوٺ وٽان ٿيندي، ٽڪ مڪان وٽ ختم ٿئي ٿي. ڪوهستان ۾ ٻيون ننڍيون ننڍيون نئيون گهڻي تعداد ۾ آهن. ڏيسوئي نئن 174.24 م. م سراسري برسات پوڻ تي 53,153,654 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهنڪري هن نئن تي 305.06 چورس ڪلوميٽر ايراضي آباد ٿيندي آهي.
ڊرگهه نئن: هيءَ نئن ٿاڻي بولا خان جي شهر مول، وٽان وهندڙ ’نئن مول‘ جي هڪ شاخ آهي، جنهن کي ’نئن ڊرگهه‘ چون ٿا. هن نئن جي ڪناري سان قديم دور جي چٽساليءَ جا آثار ۽ ڪجهه ڀڙا ۽ چٽساليءَ وارا پٿر ملن ٿا، قديم زماني جي گول قبرن جا نشان به ملن ٿا، جن مان شخاڻي بٺي ۽ پبڙ ماڳ وڌيڪ مشهور آهن.
ڍڍر نئن: هي نئن لاکاڻي جبل مان نڪري ٿي ۽ برسات جي موسم ۾ جهجهو پاڻي کڻي اتر ڪاڇي جي اڀرندي حصي کي آباد ڪري ٿي. ڍڍر نالو اصل ۾ ’دهن درهه‘ جي بگڙيل صورت آهي. ’دهن درهه‘ نالي سان گندا واهه جي اولهه ۾ هڪ ماڳ پڻ آهي. ان لفظ جي معنيٰ آهي ’ماٿريءَ جو منهن‘. ڍڍر نئن، تعلقي شهدادڪوٽ، جي ستين ۽آخري آزاد نئن آهي. ان جي اولهه ۾ کير ٿر جابلو سلسلي جي هڪ مشهور چوٽي ’ڪڪريون‘ آهي. جاگير تعلقي قنبر جي هيءَ نئن سنگاس چانڊين جون زمينون آباد ڪري ٿي.
سالاري نئن: هيءَ نئن ضلعي دادوءَ جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه کان 20 ڪلوميٽر اولهه ۾ آهي. هيءَ نئن گاج نئن جي اتر ۾ تعلقي جوهيءَ جي ڪاري جبل مان نڪري ٿي. برسات جي مند ۾ ٻنا ڀرائيندي آهي. هن نئن تي ڪافي آبادي ٿيندي آهي. ڏسڻ ۾ هن نئن جو نظارو به گاج نئن جهڙو آهي. نئن سالاري هڪ پراڻي نئن آهي. حڪيم عبدالحميد چانڊيي لکيو آهي. هيءَ نئن سڀني نئن جي ماءُ آهي. هن مان ڪيتريون ڇاڙهون ۽ نئيون نڪرن ٿيون. جيڪي ٽي لک ايڪڙ کن زمين آباد ڪرائين ٿيون. بعد ۾ اچي ايف- پي بند ڀرسان ڇوڙ ڪن ٿيون. ساڳيءَ طرح اهو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ پوي ٿو. منڇر ڍنڍ کان پوءِ اڙل ذريعي پاڻي وڃي سنڌونديءَ ۾ پوندو آهي. نئن سالاريءَ مان جيڪي نئيون ۽ ڇاڙهون نڪرن ٿيون، تن جو تفصيل هن طرح آهي: (1) نئن ڀرڳڙ،(2) سُڪَ نئن، (3) مير محمد جي ڇاڙهي، (4) لڌاڻن جي ڇاڙهي،(5) حملاڻن جي ڇاڙهي، (6) لغارين جي ڇاڙهي، (7) نئن بجاري،(8) عيداڻن جي ڇاڙهي، (9) مسواڻن جي ڇاڙهي، (10) ڦيراڻن جي ڇاڙهي ۽ (11) تل جون ڍوريون. مٿيون نئيون ۽ زمين چانڊين جي جاگير هئي. 1120هه/ 1708ع ۾ چانڊين جي سردار، سردار خان ولد سردار غيبي خان گهڻو حصو ميان يار محمد ڪلهوڙي کي ڏنو ۽ سالاري نئن واري زمين جو ڪجهه حصو لڌاڻي رئيسن جي وڏي ڏاڏي رئيس صوبدار خان گاڏهي لڌاڻيءَ کي ڏنو هئائين. هن نئن جي پيٽ ۾ ڪٿي ڪٿي ننڍا ننڍا ڪنب آهن، جن مان ماڻهو ۽ مال پاڻي پيئندو آهي. هيءَ نئن ڪيترن ئي هنڌن تي وروڪڙ کائي وهي ٿي. ڪي وڪڙ 90 ڊگرين جا به آهن، اهڙن وڪڙن کي ڪُنڊ چون ٿا. اهڙيون ڪنڊون ڪوهستان ۾ کوڙ آهن. جيئن کزااڻي واري ڪنڊ، شيرو ڪنڊ، درٻاڻِ ڪنڊ ۽ ٻيڙو ڪنڊ. هي نئن به گاج وانگر ٻارنهن ئي مهينا وهي ٿي. هن نئن جي پيٽ ۾ ڪيترائي ڪنب آهن، جن ڪري هتان جو پاڻي فصلن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اهڙن ڪنبن ۾ ڪِني ڪنب، سرو ڪنب، شمون هود ڪنب، ڀري ڪنب، کزاني ڪنب، وڙو ڪنب، چاڪر ڪنب، نينگري ڪنب، نيلنگ ڪنب ۽ رحمي ڪنب مشهور آهن. هتي ڪيترا ڍورا به آهن، جيئن: تيري، ٻرڪي، سور چوهڙ، ڊڦڻ ڍوري، سهراب فقير واري ڍوري، مسو واري ڍوري، سيحون واري ڍوري، نيلنگ واري ڍوري، گوڪ لوپ، ڪِٿي ٿانگو، تري چوٽي، بهڻ ڍوري، لاها ڍوري، گوهر لڪي ڍوري مشهور آهن. هن نئن جي ڪناري سان ڪيترائي قديم آثار به آهن، جن مان چاڙهه وارو ڍورو، کزاني واري بٺي، چٽي ڪوهه I، چٽي کوهه II، در واري ڍوري ۾ چٽسالي وغيره.
سائينءَ جي نئن: هيءَ نئن، برسات ۾ ڏاڙهياري جبل جي اولهه پاسي کان شروع ٿي اتر- اوڀر رُخ ۾ گڙڪاٽ ڪندي هلي ٿي ۽ سونٺ وٽ جبلن مان نڪري ڪاڇي جي ان حصي ۾ پوي ٿي، جيڪو نقشي ۾ بلوچستان جو علائقو آهي. هن نئن ۾ کير ٿر جي چوٽيءَ تان ڪريل ڇِپون ڀَريون پيون آهن. هن نئن جي ٻنهي ڪنڌين سان هنڌ هنڌ ڦٽل ۽ قديم آبادين جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
سگهرو نئن: هيءَ نئن قمبر تعلقي جي ديهه ’مجاهڙ‘ ۽ ’ڊاڍ‘ کان علاوه جاگير جا ڪيترائي جابلو ۽ ڪاڇي جا علائقا آباد ڪري ٿي.هيءَ نئن شاهه گودڙئي جي مزار کان ٽي چار ڪلوميٽر اولهه کان گذري ٿي.
سودراڻ نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر جبل مان نڪري ننگرپارڪر شهر کان ڏکڻ اولهه ۾ ڇهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي وهندي، 15 ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪري رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
سوراچند نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر مان نڪري ٿي ۽ ننگرپارڪر شهر کان 5 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر مان وهي، منڍ ۾ ٻن ڪلوميٽرن تائين ڪاسٻي واري نئن جي پوروڇوٽ وهي ٿي، تنهن کانپوءِ اوڀر طرف مُڙي وڃي رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هڪ ٻي نئن اتر اولهه کان اچي 12 ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري، هن ۾ داخل ٿئي ٿي. هيءَ نئن رڻ جي آسپاس ۽ سوراچند ڳوٺ جي اتر مان لنگهي ٿي.
سورهي نئن: هي نئن تعلقي جوهيءَ ۾ گاج جي ڏکڻ وارين نئين مان هڪ آهي. وڏي ويڪري نئن آهي ۽ هن تي ڪافي آبادي ٿئي ٿي. هن نئن جو اصل نالو شوري آهي. جيئن ته هيءَ نئن شور ڪري وهندي آهي، ان ڪري شوري نئن نالو پيو اٿس. جڏهن اٿلي وهندي آهي، ته ٻنا لوڙهي ويندي آهي. هي نئن اتاهين جبل کان لهندي آهي، هن نئن جي پيٽ ۾ ڪيترا ننڍا ننڍا ڪنب آهن، جن ۾ مڇي مرندي آهي. هيءَ نئن 200.66 م. م سراسري برسات پوڻ تي 90،210،716 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهن سبب 449.57 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي آباد ڪندي آهي.
سونگل ڍورو/ نئن: سونگل نالي هڪ ڍورو سونگل ديهه مان گذري سهراب ڳوٺ لڳ بکر گبول ڳوٺ وٽان لياريءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن وقت مختلف رهائشي اسڪيمن کي زمين الاٽ ڪري هن ڍوري جي وجود کي ختم ڪيو پيو وڃي. سهراب ڳوٺ کان ابوالحسن اصفهاني روڊ تائين جيڪو پهريون ڍورو اچي ٿو، اهو ئي ’سونگل ڍورو‘ آهي، جنهن جي ئي پيٽ ۾ کاٻي هٿ تي ابوبڪر شيخاڻي ميمڻ باڙا مارڪيٽ اڏي وئي آهي. اڳتي هڪ ٻيو ڍورو ’ڙي وارو ڍورو‘ (جيڪو هاڻي گٽر نالو بنجي ويو آهي) به سونگل علائقي مان اچي ليمي گبول ڳوٺ وٽ لياريءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.
سيتا نئن: هيءَ نئن، ديهه ڪوهستان جي سڀ کان مشهور نئن آهي ۽ پنهنجي وجود ۾ سوين وروڪڙ رکي ٿي. هر وڪڙ ۾ وڏيون جابلو ٽڪريون ۽ جبل اٿس، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن نالي سان منسوب آهن. هيءَ نئن هڪ قدرتي ڦاٽ مان، ڏاڙهياري جبل کان لهي پينئرو ۽ ڪڪر جبلن سان وراڪا ڏئي هلي ’ميري ڍنڍ‘ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
هيءَ نئن ٻارهوئي وهندڙ آهي، جنهن تي جابلو ماڻهو آبادي ڪندا آهن. برساتن جي موسم ۾ هيءَ نئن خوبصورت ماٿرين مان نانگ وڪڙ کائيندي نظر ايندي آهي. هن جابلو نئن تي قديم آثارن ۽ ماڳن جي قدامت مان اندازو ٿئي ٿو ته هيءَ نئن ’ٻڌ‘ دور سان واسطو رکي ٿي، ’سيتا‘ ٿي سگهي ٿو ٻڌمت واري دور جي ڪا وڏي رتبي واري عورت هجي. مشهور ڌرمي داستان ’رامچندر ۽ سيتا‘ جو هن ڪردار سان ڪو سنٻنڌ آهي يا نه، اهو به تحقيق طلب آهي. هن نالي سان ديهه ڪوهستان ۾ ’سيتا جي ڏاٺجبل ۽ ڦٽل دڙو به آهن. ميهڙ ۽ ڏوڪري تعلقن ۾ به هن نالي سان پراڻا ڳوٺ ۽ پڊ واقع آهن.
دادو ضلعي ۾ ’سيتا‘ نالي سان ريلوي اسٽيشن به آهي، جيڪا هينئر ’رحماني نگر‘ جي نالي سان سڏجي ٿي. سيتا نئن 114.3 م. م سراسري برسات پوڻ تي 65.546،478 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهن تي 573.46 چورس ڪلو ميٽر ايراضي آباد ٿيندي آهي.
سڪ نئن: هيءَ نئن اصل ۾ گاج جو پراڻو وهڪرو آهي، جيڪو هاڻي سُڪي ويو آهي، ان ڪري هن کي سڪ نئن سڏين ٿا. جڏهن گاج اڀرندي طرف وهندي هئي ته سڪ واري هن سُڪل وهڪري سان وهندي هئي. تير ڀت ٺهڻ سبب گاج جو وهڪرو تبديل ٿيو ته پراڻو وهڪرو به سُڪي ويو. هاڻي نئن گاج جو اضافي پاڻي ۽ موسمي برسات جو پاڻي، جڏهن جبلن کان لهي ٿو ته هيءَ نئن وهي هلندي آهي.
سول نئن: هن کي ’شول نئن‘ به چوندا آهن. گاج نئن جي منهن ڀرسان جابلو علائقي مان برسات سبب وهي ايندي آهي. هن نئن کي گاج جو وهڪرو به ڀرتو ڪري ٿو ۽ گاج ۽ سول گڏجي وهڻ شروع ڪن ٿيون. موجوده وقت ۾ نئن سول جي قديم وهڪري کي ’گاج‘ چيو وڃي ٿو. برساتن جي مند ۾ گاج ۽ شول جو گڏيل وهڪرو ڏکڻ ۽ پوءِ ڏکڻ- اوڀر طرف وهندو منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.
شانهر نئن: نئن شاهنر تعلقي قنبر- شهدادڪوٽ جي تعلقي غيبي ديري جي حدن اندر کيرٿر جابلو سلسلي ۾ آهي. هي نئن ڏاڙهياري سلسلي جي ٽڪرين کان ٿيندي، اونهاڙ ڪن وٽ نئن دلان سان ملي ٿي. هن ئن ۾ ٻيون به ڪيتريون نيون، ڍورا ۽ ننڍا ننڍا وهڪرا ملي شانهر نئن کي وڏي وهڪري جي صورت ۾ وهائين ٿا. هن سان ملندڙ نين ۾ نئن ڪيهرجي، نئن مکي، نئن راڌ، نئن سالاري ۽ نئن سگري اهم آهن. شانهر نئن جي ڪپ تي موجود ’ڪونڊي‘ نالي ڇپرن ۾ قديم چٽن جو سلسلو ملي ٿو، جيڪو ٻڌائي ٿو ته هتي قديم زماني جي ماڻهن جي چڱي خاص آوند راوند هئي.
ڦوڳڙياڻي نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر مان نڪري ٿي. ’ڦوڳڙي‘ ڪولهين جو هڪ پاڙو آهي، جنهن پٺيان هن نئن تي اهو نالو پيو آهي. هيءَ نئن چتراسر جي ٻي شاخ آهي ۽ ڪنهن حد تائين ٻولڙائيءَ جي پوروڇوٽ وهندي آهي. هيءَ نئن ڏکڻ اوڀر رخ ۾ 1.5 ڪلوميٽر وهي ٿي تنهن کانپوءِ اوڀر رخ ۾ منو ڪلوميٽر کن وهي ٻولڙائيءَ نئن سان گڏجي چتراسر سان ملي ٿي. هيءَ تمام ننڍڙي ۽ سوڙهي نئن آهي.
ڪاسٻي واري نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر جبل جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر مان، ننگرپارڪر شهر کان 4.5 ڪلوميٽرن مفاصلي تان نڪري ٿي. هيءَ نئن ڏکڻ اوڀر رخ ۾ وهندي، ڳوٺ ڪاسٻي جي ڀرسان ڇوڙڪري ٿي.
ڪڪڙاني نئن: هيءَ نئن واهي پانڌيءَ (ضلعي دادو) کان اولهه ڏکڻ طرف، نئن نريءَ کان ڏکڻ ۽ نئن انگئيءَ کان اتر طرف آهي. هليلي نئن جي ڏکڻ طرف ساڪر وارو علائقو ڪڪڙاني سڏبو آهي. هيءَ تراکڙي ماٿري آهي. جنهن مان برساتي پاڻي جلد خارج ٿي ويندو آهي. نامور محقق بدر ابڙي موجب هن نئن ۾ ڪي قديم ماڳ ۽ آثار به ڏٺا آهن.
ڪلو کوهر نئن: هي تعلقي ٿاڻي بولاخان جي ننڍي نئن آهي. هيءَ نئن ڪوهستان جي کيرٿر جي جابلو سلسلي کان وهي، ڪلو کوهر وٽ پهچي ٿي. هيءَ نئن به زرعي آبادي ڪرائي ٿي. سپر هاءِ وي ٽپي هُن پار ختم ٿئي ٿي. هيءَ نئن 200.66 م. م سراسري برسات پوڻ تي 167،533،040 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهن سبب 834.91 چورس ڪلوميٽر ايراضي آباد ٿيندي آهي.
ڪنڊ نئن/ مهير ڍورو نئن: ڪنڊ نئن واحد نئن آهي، جيڪا اولهه کان اوڀر ۽ بعد ۾ اوڀر کان اتر طرف وهي ٿي. هي مهير جبل (ڪراچيءَ) جي پنيلڌي ۽ بکر ڳوٺن لڳ مهير جي اتر کان وهي، مهير ڳوٺ ۽ مٺي ڪانڙي وٽان هڪ ڍوري جي شڪل ۾ وهي ٿي. مهير جبل تان وهي اچڻ ڪري هن کي ’مهير ڍورو‘ به چيو وڃي ٿو.ڳوٺ ٿوهر ڪانڙي لڳ مهير ڍورو، اوچين چوٽين تان هيٺ لهي وڏو چڪر ڪاٽي اوڀر پاسي وهڻ لڳي ٿو. هتي ڍوري جو پيٽ وسيع آهي. هتي هڪ غار ۽ پپر جو وڻ آهي، جيڪو هندن جو قديم آستان آهي. ڍوري جي ڪناري تي کوهه به موجود آهي، جنهن مان مشين وسيلي پاڻي حاصل ڪري زراعت ڪئي ويندي آهي. مهير ڍورو اڳتي هلي سوڙهو ٿيندو وڃي ٿو، جنهن جي ٻنهي پاسي مهير جبل جون چوٽيون آهن. مهير ڍوري ۾ انهيءَ جاءِ تي ٻارهو پاڻي موجود هجي ٿو. ’ميرڪي اتڙي‘ کان اڳتي هن ڍوري ۾ هڪ هنڌ پاڻيءَ جو وڏو ڪُن آهي.
ڪورنگي نئن: ڪراچيءَ جي ديهه شرافيءَ جي پراڻي نقشي ۾ هڪ ونگي ڏنل آهي، جيڪا ملير نئن مان پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ايندي هئي، اها ونگ شرافي ديهه کانپوءِ ڦهائيءَ مان ٿي ابراهيم حيدري ۽ علي اڪبر شاهه ڳوٺ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. هن جو هڪ حصو چکري کانپوءِ ديهه ڊهه مان گذري، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، جنهن تي ’ڪور ونگي‘ جو نالو پيو. ’ڪور‘ بلوچي ۾ ’نئن‘ کي چوندا آهن ۽ ’ونگي‘، ڪسيءَ کي چئبو آهي. يعني: ’نئن مان ڪڍيل/ ونگي/ ڪسي‘. هيءَ نئن بعد ۾ ’ڪورونگي‘ مان بگڙي ’ڪورنگي‘ ٿي وئي.
ڪونڪر نئن: هي نئن ديهه ٻولهاڙيءَ مان ’نئن ٿڌيءَ‘ کان جدا ٿي، عثمان شاهه جي درگاهه ۽ ڪونڪر بس اسٽاپ تائين اچي ٿي. هن نئن جي ڪري ئي انهيءَ ڇوڙ واري علائقي جو نالو ڪونڪر پيو. هيءَ ٻولهاڙيءَ مان ٿيندي اٽڪل 10 ڪلوميٽر وهي، وري نئن ٿڌيءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هيءَ ٿڌي نئن جي پراڻي ڇاڙهه آهي. بلوچيءَ ۾ ’ڪوتِ ڪور‘ چيو ئي پراڻي نئن کي ويندو آهي. ڪونڪر نئن 185.42 م. م سراسري برسات جو پاڻي پوڻ تي 17،861،508 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهن سبب 96.33 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي آباد ڪندي آهي.
کار نئن (ڪراچي): هن نئن جي ويڪري پيٽ جي ڪنڌيءَ تي امام بخش ڳوٺ ٻڌل آهي. نئن جي اتر پاسي ڇڊا پاڊا وڻ ۽ ٻوٽا، حب جي ڪنڌيءَ تائين ڦهليل آهن. اوڀر کان جبلن جو هڪ سلسلو آهي، جنهن کي اوڀر ڏکڻ کان ايندڙ کار نئن ٻه اڌ ڪري، انهن جي وچان لنگهي حب ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. جبلن جي انهيءَ اڌ ٿيل سلسلي ۾ کار نئن جي هڪ پاسي هڪ اوچو جبل ۽ ٻئي پاسي هڪ ٻيو موڪرو جبل ڳاٽ اوچو ڪري هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ بيٺل نظر ايندا آهن. جن مان هڪ کي ’مري‘، ٻئي کي ’مڱ ٿر‘ چيو وڃي ٿو. جنهن جبل کان کار نئن گذري امام بخش ڳوٺ لڳ ڪنڊ ويندڙ رستي سان ملي ٿي، اتان مختلف ٽڪرين مان وهندڙ ڍورا نڪرن ٿا، جيڪي مراد بروهي ۽ عثمان ٽڪري ڳوٺ کان پوءِ لياري نئن ۾ تبديل ٿين ٿا، جيئن اڳتي ڪنڊ ڏانهن وڃبو ته هڪ پاسي جابلو سلسلو ۽ ٻئي پاسي ڪجهه فاصلي تي حب ندي آهي ۽ رستي ۾ ايندڙ کار ۽ ٻيا ڍورا ۽ ڍوريون آهن. کار ۾ زمين ڪٿي ڪٿي ڪلراٺي آهي. هن نئن جي ڪيچمنٽ ايريا 215 م. م برسات پوڻ تي 361.00 چورس ڪلوميٽر آهي.
کاروڙي جي نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر جبل جي اولهه مان نڪري ٿي. جبل جي هنج مان ٿيندي اٽڪل 10 ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري مونڌري ۽ کاروڙي جي وچ مان اتر اولهه جي رُخ ۾ وهندي رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
کرغائي نئن: شهدادڪوٽ تعلقي جي حدن ۾ هيءَ نئن مڙدان نئن جي ڏکڻ طرف واقع آهي. اها اولهه کان شروع ٿي اوڀر طرف ۽ وري اتر طرف ۽ آخر ۾ اوڀر ڏانهن رخ ڪري ٿي. ڊيگهه توڙي ويڪر ۾ نڙاني نئن کان ننڍي آهي. وسڪاري جي وقت ڀرجي وهڻ لڳندي آهي.
کڙپي نئن 1: هيءَ نئن، نئن گاج جي اتر ۾ جوهي تعلقي ۾ آهي. کڙپي نئن اوڀر طرف وهي ڪاڇي واري بند وٽ ختم ٿئي ٿي. چڱو حصو زمين جو آباد ڪرائيندي آهي. کڙپي جي پيٽ ۾ ننڍا ننڍا درجن کن ڪنب آهن، جن جو پاڻي پيئڻ جهڙو آهي. کڙپي نئن ۾ مڇي جام مرندي آهي. هيءَ نئن پراڻي نئن آهي، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته کڙپي نئن کي اڳئين زماني ۾ ’راڌڪ نئن‘ به چوندا هئا.
کڙٻي نئن 2: هن نئن ۾ ننڍيون ڍوريون، کڏون ۽ کوٻا عام جام آهن. تنهنڪري هن کي ’کڙٻي نئن‘ چيو وڃي ٿو. ڪاڇي جي ڪنڌيءَ تي هن نئن تي سٺي آبادي ٿيندي آهي. ’نئن مخي‘ ۽ هيءَ ’نئن کڙٻي‘ چانڊين جي جاگير ايريا ۾ هيون. جيڪي پوءِ چانڊين جي سردار غيبي خان چانڊئي، ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي نذراني طور ڏنيون ۽ هنن ٻنهي نئين جي ڀر ۾ تقريباً هڪ لک ايڪڙ تي مشتمل زرعي زمين آهي.
کنڌاڻي نئن: ڪڪڙاني واري علائقي (تعلقو جوهي) ڀرسان کنڌاڻي نالي ڳوٺ ۽ علائقو آهي. هيءَ نئن کير ٿر جي جابلو سلسلي مان وهي، هن علائقي ۾ اچي ٿي. هيءَ نئن به منڇر ۾ ڇوڙ ڪندي آهي.
کينجي وهندڙي نئن: هيءَ نئن، لاکاني جابلو سلسلي کان نڪري ٿي، جيڪا غيبي ديري جي اترئين علائقي کي سيراب ڪندي ساروهه ڍنڍ ۾ پوي ٿي. هن تي به تمام سٺي آبادي ٿئي ٿي. هن نئن تي چانڊين، ٻرڙن ۽ گانئچن جون زمينون آباد ٿين ٿيون. هيءَ نئن برسات جي موسم ۾ گهڻي مقدار ۾ پاڻي کڻي اچي هتان جي وڏي علائقي کي سيراب ڪري ٿي. مٿين جابلو ۽ قدرتي پاڻيءَ جي وهڪرن کي جيڪڏهن هٿرادو طريقن سان ننڍن ننڍن ڊئمن ۾ گڏ ڪيو وڃي ته هڪ طرف جابلو علائقن ۾ رهندڙ لکين انساني آباديءَ کي زرعي مقصد لاءِ پاڻي با آساني ملي سگهي ٿو. هيءَ نئن کير ٿر جي اوڀر کان نڪرندڙ پهرين وڏي نئن آهي. جيڪا ڏکڻ ۾ مچل يا تشانگي وٽان شروع ٿئي ٿي. هيءَ نئن 5250 فوٽن جو اوچائيءَ کان لهي ٿي، نامور انگريز محقق ايڇ. ٽي لئمبرڪ هن نئن کان متاثر ٿي مٿس ”دي گريٽ ڪينيان آف سنڌ“ (The Great Canyon of Sindh) نالو رکيو. هيءَ نئن اٽڪل 50 ڪلوميٽرن جو سفر ڪري غيبي ديري ڀرسان سارو ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. کينجي نئن 114.3 م. م سراسري برسات پوڻ تي 59،863،482 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهن سبب 523.74 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي آباد ڪندي آهي. هن نئن جي کاٻي ڪپ تي دارا جو ڪوٽ ۽ دارا جو لڪ مشهور آهن. دارا جي ڪوٽ جا صرف نشان ۽ ڪجهه ٺڪراٽو ملي ٿو.
گاج نئن: خضدار کان مٿي، اتر اولهه ۾ سليمان جبل جون ڪي شاخون، ناگي جبل، بروهي جبل ۽ هربوئي جبل جي نالي سان وچ بلوچستان ۾ واقع آهن. انهن قطارن وارو خطو مجموعي طرح سمنڊ جي سطح کان ڇهه هزار فوٽ مٿي آهي. انهن جبلن جي قطارن مان هيٺيون مکيه نئيون يا نديون ڦٽي نڪرن ٿيون.
نئن مولا، نئن ڪولاچي ۽ نئن نال
نئن ڪولاچي، هربوئي جبل مان نڪري، ور وڪڙ ۽ وٽ سٽ کائيندي، کيرٿر جبل مان لنگهي جوهي تعلقي جو ڪاڇو لتاڙي، هن وقت منڇر ڍنڍ ۾ ڪِري ٿي. سنڌ کان ٻاهر هن کي ’ڪولاچي نئن‘، جڏهن ته سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ هن کي ’گاج نئن‘ سڏيو وڃي ٿو.
نئن گاج/ ڪولاچي اٽڪل هڪ سئو سٺ ميلن جو سفر پورو ڪري ٿي. سنڌ ۾ ان جو سفر فقط 50 ميل ٿيندو. ڊرگهه بالا کان هيٺ هيءَ نئن ٻن ٽن ڦاڪن يا ڇانگن ۾ ڇڄي وهي ٿي. انهن مان مکيه وهڪري کي ’نئن شول‘ سڏين ٿا. ڪنهن سمي، نئن گاج جو هڪ وهڪرو کير ٿر جبل جي اولهه ۾ وهندو هو. حب نديءَ جي اوڀر ۾ هيٺ ڏکڻ طرف هن نئن جي ان پراڻي وهڪري جا نشان ڪٿي ڪٿي ملن ٿا. اهو وهڪرو سنڌ ساگر يعني ’ايريٿين سي‘ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، جتي هڪ وڏو ڪن ٺاهيندو هو، جنهن کي ’ڪلاچيءَ جو ڪن‘ سڏيندا هئا. اڄ ڪلاچيءَ جي ڪُن واري ماڳ جو نالو ڪراچي آهي ۽ سنڌ ساگر/ ’ايريٿين سي‘، ’عربي سمنڊ‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. ’نئن ڪولاچي‘، سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ بلوچستان صوبي جي پٽ داڙ ۽ جمورو ماٿرين مان لنگهي ٿي. اهي ٻئي ماٿريون تمام سرسبز شاداب آهن. سنڌ ۾ داخل ٿيڻ سان ’نئن ڪولاچيءَ‘ جو نالو مٽجي ’نئن گاج‘ ٿئي ٿو. نئن گاج، تعلقي جوهي ۽ ڪَڪَڙ جي ميلاپ واري هنڌ وٽ سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. اتي کيرٿر جبل ٻن ڀاڱن، اتر کيرٿر ۽ ڏکڻ کيرٿر ۾ ورهائجي وڃي ٿو.
گاج جي پاڻيءَ ورڇ جو عاليشان ۽ وسيع نظام (Fan) آهي، اهڙو نظام سنڌ ۾ ڪنهن ٻيءَ نئن جو نه آهي. گاج جنهن هنڌ وٽان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي، ان کي ’تنڪ‘ (تنگ= پاڻيءَ جي سوڙهي گذرگاهه) چون ٿا. نئن اتي ڪجهه آبشار ٺاهي ٿي. گاج جي لنگهه وٽ کيرٿر جي چُن پٿر ۾ ڏرڙ آهي، جنهن جا پاسا اُڀا آهن ۽ اهو وڏين ڇپن سان رنڊيل هئڻ ڪري لنگهه لائق نه رهيو آهي. ان ڏرڙ جي ٻنهي پاسن کان جبل تي لَڪ آهن.
ميان نصير محمد ڪلهوڙي ’گاج نئن‘ جي اهميت کي محسوس ڪندي، راڄي ليکيءَ کي نئن جو پاڻي زرعي آباديءَ لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو. راڄي ليکيءَ، گاج بنگلن کان اتر طرف پنهنجي نالي سان هڪ ڳوٺ ٻڌو، جيڪو اڄ به ’راڄي ديري‘ جي نالي سان مشهور آهي. نئن گاج جيئن ئي کير ٿر پهاڙي سلسلي مان لهي ٿي، ان جو آواز راڄي ديري ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، گاج بنگلن تائين پاڻيءَ کي پهچڻ لاءِ ٽن کان چار ڪلاڪ وقت لڳي ٿو. گاج نئن جي پاڻيءَ تي ننڍا ننڍا واهه چاڪر ڪوٽ، جادو واهه، جمالي واهه، صوبدار واهه پاڻي کڻندا آهن، جيڪو پاڻي زرعي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ان کان پوءِ نئن جو هڪ وڏو وهڪرو پٽ گل محمد ۽ شادڻ ڳوٺ جي وچ مان گذرندو هو، جيڪو اڄڪلهه ’سُڪي نئن‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. هي وهڪرو ٿرڙي جادو شهيد کان ٿيندو مٿين ڦلجي ۽ هيٺين ڦلجيءَ جي ڀرسان گذرندو، پاٽ وٽان سنڌو درياهه ۾ پوندو هو. هن وهڪري تي پاڻيءَ کي زرعي آباديءَ لاءِ استعمال ڪبو هو. مختلف هنڌن تي ڳنڍا ٻڌي پاڻيءَ کي واهن رستي آباديءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. هن وهڪري تي ولي محمد جو ڳنڍو اڄ به مشهور آهي، جتان ٽي چار واهه نڪرن ٿا. هن وهڪري تي جوهي تعلقي جي سترهن ديهن جي زمين آباد ٿيندي آهي. نئن جو هڪ ٻيو وهڪرو راڄي ديري جي اوڀر کان وهندو هو، جيڪو وهڪرو بُگ ٻرڙا تائين زمين آباد ڪندو هو. هن وهڪري سان برسات جو پاڻي ايندو هو، جنهن تي لڳ ڀڳ ستن ديهن جي زمين آباد ٿيندي آهي. ان طرح ڪلهوڙن جي دور ۾ برساتن وسيلي سڄو ڪاڇو آباد ٿيندو هو.
ان دور ۾ ميان نصير محمد جي سربراهيءَ ۾ سندس فقير برسات جي پاڻيءَ کي 60 سيڪڙو زرعي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا هئا. انگريزن جڏهن سکر بئراج تعمير ڪرايو ۽ ڪئنال ڪڍيا ته نئن گاج جو تيز پاڻي، جوهي ڪئنال ۾ لوڙهيو ويندو هو. جنهن جي بچاءَ لاءِ جوهي ڪئنال جي اولهه ۾ ’فلڊ پروٽيڪشن بند‘ (FPB) تعمير ڪرايو ويو، مگر اهو بند گاج نئن جي سٽ سهي نه سگهيو. ان ڪري گاج بنگلن وٽ گاج ڊائوَرشن (Diversion) بند ٺهرايو ويو. گاج جي پاڻيءَ کي سول واهه جي وهڪرن مان منڇر ڏانهن اماڻيو ويو، جيڪو واهه اڄڪلهه سول نئن جي نالي سان سڏجي ٿو. گاج بنگلن وٽ ان بند کي آباديءَ لاءِ موريون ڏنيون ويون، جيڪي اڄ به موجود آهن. هن نظام ذريعي نئن گاج جي پاڻيءَ جو 30 سيڪڙو زرعي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهبو هو. اڄڪلهه مشڪل سان نئن گاج جو ٻه سيڪڙو پاڻي زرعي مقصدن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. نئن گاج جي پيٽ ۾ ’تِکَ ڪُنب‘ ۽ ’زهرڳڻي‘ سميت ٻيا ڪيترائي ڪنب آهن، جن ۾ مڇي جام مرندي آهي.
انگريزن، گاج نئن ۽ ان جي پاڻيءَ تي خاص ڌيان ڏنو. هنن گاج نئن تي بنگلا ٺهرايا، جيڪي گاج جي نظرداري ڪرڻ کان سواءِ تفريح جو مرڪز هئا. انگريزن بنگلا ٺهرائڻ بعد گاج نئن جي اوڀر واري ڪپ تي بند ٻڌرايو. کين هڪ ٻن سالن ۾ تجربو ٿيو ته ڳوٺ راڄي ديري سامهون بند گهڻيءَ برسات پوڻ ڪري ٽٽي پوي ٿو، ان ڪري ان جاءِ تي پٿر ۽ شيهي جي ڀت ڏني وئي. گاج نئن ۾ ٿورو گهڻو پاڻي دائمي رهي ٿو. هن نئن ۾ مڇي به مرندي آهي، جنهن ۾ ڪرڙي جهڙي مڇيءَ کي ’ڪرو‘ چوندا آهن. ٻي اهم مڇي مهاشير آهي. وڏي کڳي کان سواءِ به ڪي مڇيون نئن گاج جي پاڻيءَ مان ماريون وينديون آهن.
گاجڻ نئن: جبلن جي ڪڇ ۾ ڪيئي نئيون، نالا، ڍورا، ڪنب، ڪنڊون، واهيون، چپي چپي تي پکڙيل آهن. گاجڻ نئن هڪ واهيءَ مثال آهي، جيڪا برسات جي مند ۾ ڪاڇي ۾ آبادي ڪرائيندي آهي. هيءَ نئن راڄي ديري جي ڀرسان تعلقي جوهيءَ ۾ آهي.
گوربندي: سيتا نئن مان پاڻيءَ جي مناسب نيڪال لاءِ هڪ ٻڌل بند، جيڪو ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ واقع آهي. جابلو ٻوليءَ ۾ ڇڙواڳ پاڻي يا جانور کي ’گور‘ چون ٿا. هيءَ سيتا نئن جي سڄي ڪنڌيءَ کان سئو فوٽ کن بلنديءَ تي ’پينئري جبل‘ جي ٽڪريءَ تي واقع آهي. پينئري جبل جي چوٽين تي ڏکڻ کان آهستي آهستي مٿي چڙهندي ويندي آهي. هن جي شروعاتي اوچائي ٽي چار فوٽ آهي، جا وچ تي 20- 30 فوٽ تي وڃي ٿي، پر ڪٿي ان جي اوچائي 40 فوٽن تائين به پهچي ٿي. هن جي ديوار ۾ ننڍڙن ۽ سنهڙن پٿرن سان گڏ وڏيون ڇپون به ڪتب آيل آهن. جن ۾ گهڙيل ۽ اڻ گهڙيل پٿر به شامل آهن. هي کيرٿر جي وڏي ۾ وڏي گوربندي 1861ع ڌاري انگريزن ٺاهي.
گوڙڌرو نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر مان نڪري ٿي ۽ اٽڪل سوا ڪلوميٽر طئي ڪري ’ڀٽياڻي نئن‘ سان اچي ملي ٿي. هن نئن سان لڳولڳ هڪ ننڍي ڇاڙهه پڻ وهي ٿي. گوڙڌرو هن علائقي جي سڀ کان وڏي نئن آهي. هيءَ نئن ججهي علائقي کي سيراب ڪري ٿي. هيءَ نئن، ڀٽياڻيءَ سان گڏجڻ کانپوءِ 10 ڪلوميٽر اڳتي وڃي هڪ زرخيز لهواري ميدان ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
ڳجهڙو ڍورو/ نئن: ڳجهڙو ڍورو ٻٻراڻي (نيو ڪراچي) کان وهي اچي لسٻيلي کان اڳ لياريءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ڳجهڙي ڍوري جي ڪري هن علائقي جو نالو ’ڳجهڙو‘ پيو. ’ڳجهڙي نئن‘، گهاري، ملير، ٿاڻي بولاخان، گڏاپ، درساڻي ڇني، موئيداڻ، ڌريجي، شورينگ ڪنڊ، سورجاڻي، مهير کان بندر ڏانهن ايندڙ گسن جي مرڪز ۾ هئڻ ڪري هميشه اهميت وارو علائقو رهيو آهي. لياري نديءَ جو گهڻو حصو هن ديهه جي وچان گذرڻ ڪري، ان جا ٻئي ڪپ زرعي طرح آباد هئا. ’ڳجهڙي‘ جي لفظي معنيٰ آهي: ’لڪل، ڳجهو‘. ڳجهڙي ڍوري/نئن جي ڪري ديهه جو نالو به ڳجهڙو پيو. اڳتي ٻيو ڍورو اچي ٿو، جيڪو ساڄي هٿ تي ڍوري جي ڪپ تي هوندو هو، اُن ڍوري کي ”ڙَهي وارو ڍورو“ چيو وڃي ٿو. (ڏسو: ڪراچي سنڌ جي مارئي، ڇاپو پهريون)
ڳيريلو نئن: هي نئن يونين ڪائونسل غيبي ديري، تعلقي قمبر، ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ چانڊين جي جاگير جي زمين کي آباد ڪري ٿي. هيءَکيرٿر مان برسات دوران ايندڙ نئن ۾ مشهور نئن آهي. هن نئن جي ڪنڌين تي ’ڪرڪ واري‘ آهي، جنهن کي پار ڪرڻ ڏکيو آهي.
گهارو نئن: ڪنهن زماني ۾ سنڌو درياهه جو هڪ وهڪرو ڀنڀور کان ٿيندو ابراهيم حيدريءَ لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو جنهن کي ڀنڀور لڳ گهارو نئن/گهارو ڦاٽ چيو ويندو هو. ان جي ڪپ تي ابراهيم حيدري ڳوٺ، ريڙهي ڳوٺ (ريڙهي مياڻديبل، ڀنڀور، رتوڪوٽ ۽ ٻيا ڳوٺ آباد هئا.
گهرٽياري نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر مان نڪري ٿي. ’گهرٽي‘ جنڊ يا اٽي پيهڻ واري چڪيءَ کي چوندا آهن. آڳاٽي وقت ۾ هن نئن جي ڪپ تي جنڊ پيٺا ويندا هئا، جن جو آواز ڏور کان ٻُڌڻ ۾ ايندو هو، تنهنڪري هن نئن کي ’گهرٽياري‘ سڏيو ويو. هيءَ نئن ننگرپارڪر شهر کان اٽڪل
3.5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي وهي ٿي ۽ ٻن ڪلوميٽرن تائين وهڻ کانپوءِ، وي نالي سان ملي ٿي ۽ ساڳئي رخ ۾ ٻن ڪلوميٽرن تائين وهي ٿي. تنهن کانپوءِ اوڀر طرف مُڙي ٿي ۽ 2.5 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري ڪيترين ئي ڇاڙهن ۾ ورهائجي اڳتي هلي سنئين پٽ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
لٺ نئن: گڏاپ ڏانهن ايندي ڪوهستان جي علائقي ۾ ديهه لٺ ڪرمتياڻي آهي. هن نئن جي پيٽ ۾ ڪرمتين جو پراڻو قبرستان آهي. ملير ۾ جيڪي ’لٺيگ ڪلمتي‘ رهن ٿا، تن کي لٺ نئن جي ڪپ تي رهڻ ڪري ’لٺيگ‘ يا ’لٺ وارا‘ چيو وڃي ٿو. گنڌاڪيءَ جي جبلن کان وهي ايندڙ ميندياري ڍورو، ديهه ڪرمتياڻي ۽ ديهه گڏاپ کي الڳ ڪري اڳتي لٺ ڪرمتياڻي نئن جو حصو ٿئي ٿو. ’اڪين واري ڍوري‘ من جبل کان وهي اچي ٿڌي نئن ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هتي ئي ٿڌي نئن جي ڪپ تي ’مور مرادين‘ وارو تاريخي قبرستان آهي. جنهن ۾ 30 کان مٿي گهاڙي قبرون آهن. جنهن سان لڳ ’گنڌا ڪيءَ‘ وارو ڍورو آهي. ٻئي پاسي ”ڪهيريءَ وارو ڍورو“ آهي. جيڪو خرمريون بٺيءَ مان وهي ٿڌيءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ٿڌي ۽ هن جاءِ تي ميلن تائين صاف ۽ شفاف پاڻي ساوڻي جي برساتن کي پوءِ وهندو آهي ۽ ڪن جاين تي ڪنن ۽ کڏن ۾ ٻارنهن مهينا پاڻي موجود هوندو آهي. هتي ٿڌي نئن ۾ ’گنڌاڪي وارو ڪن‘ ڪراچيءَ جي حدن ۾ حيات گوندر ڳوٺ کان پوءِ ’ٻٽڪي وارو ڪن‘ ۽ ’ڄامڙي وارو ڪن‘ مشهور آهي. ٻولهاڙيءَ واري ڍوري، ڪرڪٽي ڍوري ۽ ٿڌي نئن جي ڪپ تي زراعت به ٿئي ٿي. ديهه ڪاٺوڙ ۾ ’گوهريان‘ تاريخي ماڳ آهي، جيڪو ’گوهر جتڻي‘ جي نالي سان آهي. مول نئن به هتان گذري جڏهن ملير ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان کي ملير نئن چيو وڃي ٿو. مول جو اهو حصو اوچين پهاڙن، وهندڙ صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جي ڪري وڻندڙ آهي. ديهه لنگهيجي ۾ ٿڌي نئن جي ڪپ تي گهاڙي قبرستان آهي، جنهن کي ’روميون‘ ۽ ڪلمتين جون قبرون چيو وڃي ٿو.
لنگهجي نئن: ’لنگهجي ڍورو‘ مختلف جابلو سلسلن مان وهي سپر هاءِ وي کي ناگوري سوسائٽيءَ (ڪراچيءَ) وٽان پار ڪري، ملير نئن ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. سپر هاءِ وي کانپوءِ ديهه بازار مان گذرڻ ڪري هن کي ’بازار نئن‘ به چوندا آهن.
لوياڇ نئن: ضلعي چامشوري جي ڪاري جبل جي ڪڇ مان برسات جو پاڻي ڍورن جي صورت ۾ وهي سپر هاءِ وي کان وٺي ڪلو کوهر ۽ نوري آباد جي پٽن مان ٿيندو، ڪوهستان کان ايندڙ ’نئن لوياڇ‘ ۾ پوندو آهي ته هڪ چڱي موچاري نئن وهي هلندي آهي. هيءَ نئن ضلعي ٺٽي ۾ ڪوهستان جي ’آڃڻي مڪان‘ وٽان ٿيندي، اچي ڪينجهر ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. هن نئن جو وهڪرو 32 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي، جيڪو سنڌو درياهه کان به تيز آهي. هن وقت ’نئن لوياڇ‘ تي تمام گهڻا ٽيوب ويل لڳل آهن، جن تي ڪافي زرعي آبادي ٿئي ٿي. برساتن ۾ هيءَ نئن موج ۾ اچي آسپاس ٻوڏ آڻيندي آهي. 1981ع ۾ نئن لوياڇ، جهمپير کان الهندي طرف کان ڦاٽ کاڌو ۽ جبل ٽوڙي جهمپير شهر ۾ ڪاهي پئي ۽ آسپاس جا ڳوٺ لوڙهي وئي. اهو ڪوهستان جي تاريخ ۾ خطرناڪ ٻوڏ جو واقعو هو. جڏهن هيءَ نئن ڪينجهر جي نيري پاڻيءَ ۾ داخل ٿيندي آهي ته سندس ميرانجهڙو پاڻي پري تائين عجيب منظر پيش ڪندو آهي. هيءَ ڪوهستان جي وڏين نئين مان هڪ آهي.
لياري نئن: ڪراچي شهر جي وچان گذرندڙ لياري نئن برساتي نئن آهي. گڏاپ جي علائقي، کٻڙ لڪ جي جابلو علائقي (حب ڊيم جي ڏکڻ اولهه) ۽ اوپڪاڻيءَ جي ٽڪرين مان وهي اچي سهراب ڳوٺ وٽان گذري، هاڻوڪي تاج ڪالوني'>آگرا تاج ڪالوني (جتي ورهاڱي کان اڳ هندن جو مساڻ هو) لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. لياري نئن جي ڪري ڪراچيءَ جي هن قديم علائقي جو نالو ’لياري‘ پيو آهي. لياريءَ نالي پڻ برساتي نديون موجود آهن.
لياري نئن، لي مارڪيٽ جي اتر پاسي شيدي وليج جي ڪناري کان ٿيندي، کڏي تائين وهي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. 1729ع ۾
ڀوڄي مل ۽ سندس ساٿين پاران جوڙايل ’ڪراچي ڪوٽ‘ جو ’مٺو در‘ لياريءَ پاسي کُلندو هو، ڇاڪاڻ ته اُنهن ڏينهن ۾ هتي صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو هو ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جا کوهه هئا، جن جي ڪري هن در جو نالو ’مٺو در‘ رکيو ويو هو. ڪوٽ ٺهڻ کان پوءِ لياري نئن انهيءَ ديوار جي ڪنارن کان وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. انگريزن جي قبضي کان پوءِ ٻوڏن جي بچاءَ لاءِ لياري نئن جو رخ موڙي هاڻوڪي وهندڙ لياري شاخ ڏانهن ڪيو ويو. قديم شاخ اڄ به گٽر نالي جي صورت ۾ موجود آهي. 195.58 م. م سراسري برسات پوڻ تي 32.657،948 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهنڪري 166.98 چورس ڪلوميٽر ايراضي آباد ڪندي آهي.
مڙدان نئن: هيءَ نئن اولهه ۾ کنجي نئن جي منڍ مان شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ اڳتي ايندي، ان کي ٽڪرن مان به پاڻي ملي ٿو. مڙدان نئن جي پاڻيءَ تي ڪاڇي جون ڪيتريون ٻنيون آباد ٿين ٿيون، هن نئن جو پاڻي پيئڻ طور به ڪتب آندو وڃي ٿو.
مزاراڻي نئن: هي جاگير جي وڏي نئن آهي. هيءَ نئن، سيتا نئن جي ڏکڻ ۾ آهي. نئن مزاراڻي کيرٿر جي آخري پاسراٽين مان نڪري ڪاڇي جي وسيع پٽن ۾ پکڙجي ٿي. هيءَ نئن ڏاڙهياري جي جبل جي چوٽيءَ تي ’گوڙ‘ وٽان، جتان ڏاڙهياري جو سمورو پاڻي هڪ ڳجهي سير ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ پوءِ اهو پاڻي جبل مان اندران ئي اندارن ’مير هڏي‘ نالي ماڳ وٽان گڙگاٽ ڪندو نڪرندو آهي. مزاراڻي نئن اتان شروع ٿئي ٿي. سنڌ ۾ هيءَ نئن سڀني نين کان خوبصورت آهي. پر شڪارين لاءِ ڏُکي به آهي، جو هن ۾ هنڌ هنڌ تي ڏکيا ڪنڀ به آهن. هن نئن جي ڪاري پاڻيءَ تي به هتي آبادي ٿيندي آهي. برسات جي موسم ۾ ’بڊام‘ ۽ ’ڪاڇڙي‘ ڍنڍون به هن نئن جي پاڻيءَ مان سيراب ٿينديون آهن. ڪاڇي جي چڱي ايراضيءَ ۾ هن نئن ذريعي آبادي ٿئي ٿي. هن سوڙهي ۽ ڪُنبن سان ڀريل برساتي نئن لاءِ چون ٿا ته سنڌ جي سڀ کان سهڻي نئن آهي، پر ان خيال کان بيحد ڏکي آهي، جو اُن ۾ گهوڙي سواري يا شترباني (اُٺن جي سواريءَ) جي گنجائش نه آهي. هن نئن جي تري ۾ وڏيون وڏيون جنبون ۽ ڇپون پيل آهن. مزاراڻي نئن 114.3 م. م سراسري برسات پوڻ تي 57،590.055 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي. جنهن تي 503.85 چورس ڪلو ميٽر ايراضي آباد ٿيندي آهي.
مکي نئن: هيءَ نئن به تعلقي جوهيءَ ۾ نئن گاج جي اتر ۾ آهي. هن نئن کي ’مڪي نئن‘ به چوندا آهن. ڪاري جبل مان نڪري اوڀر طرف ’ڪسبي‘ ڳوٺ جي پٺ ڏئي، اوڀر طرف وهي ٿي. برسات جي موسم ۾ اٿلي ڪجهه ٻنا ڀرائيندي آهي. هن نئن تي به زرعي آبادي ٿيندي آهي. مکي نئن 114.3 م. م سراسري برسات پوڻ تي 67،44،429 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائيندي آهي، جنهن تي 590.03 چورس ڪلوميٽر ايراضي آباد ٿيندي آهي.
ملجي جي وانڍئي واري نئن: هيءَ ننڍڙي نئن آهي، جيڪا ڪارونجهر کان نڪري ٿي ۽ ننگرپارڪر شهر جي اولهه ۾ پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تان وهي ٿي. هيءَ نئن اتر اولهه جي رخ ۾ وهي ٿي. هن نئن ۾ ابتدائي ٻن ڪلوميٽرن دوران ٻيون ڪيتريون ننڍڙيون نئيون داخل ٿين ٿيون. هيءَ نئن 15 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري ڳوٺ ’ملجي جي وانڍئي‘ جي اولهه ۾ زرخيز علائقي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
مليرڙي نئن: هيءَ نئن سيوهڻ تعلقي ۾ آهي، برسات ۾ بڊي جبل کان وهي، لڪي جبلن جي اولهائين پاسي ختم ٿيندي آهي. هن جو وهڪرو اولهه کان اوڀر آهي. ٿوري آبادي ڪرائي ٿي. هن نئن جي ڪناري تي هڪ قديم آثار به آهي.
ملير نئن: هيءَ نئن ڄامشوري ضلعي مان وهي ڪراچيءَ جي علائقي ملير کي آباد ڪري ٿي. هن نئن جي نالي بابت ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ جي علائقي ’ملير‘ تان هن تي اهو نالو پيو آهي، پر ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ملير علائقي تي اهو نالو ’ملير نئن‘ تان پيو آهي.
ملير نئن جو هڪ ڏيک
هي نئن مول مان نڪري ٿي. جڏهن هي ملير جي علائقي ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان جاءِ تي ’کديجي نئن‘ به اچي ’ملير نئن‘ ۾ پوي ٿي. ٻيون برساتي نئيون: ٿڌو، جرندو، لنگهيجي ۽ سڪڻ، ملير نئن جون ڏن ڀرون برساتي نئيون آهن. ان کان سواءِ ڪونڪر، ٻاڪران، گهگهر، پپري، وٽيجي، کار، ڪنڊ، نم، مهير، موئيداڻ، ميلو، ٻاڙو (ٻولهاڙي)، ڪُرڪٽي، لٺ ڪرمتياڻي نئيون ۽ ڍورا به ملير نئن سان اچي ملن ٿا. ڪيترائي ڍورا جن ۾ سونگل، مهادل، چاڪر ڦاهي، چڱرو، ڳجهڙو، موکي، سوري، صفوران، آمري، ڪهيريءَ وارو ڍورو، ٽوٽڪرين وارو ڍورو، ڱانڱيارو، ٽهير ۽ ٻيون نئيون به ملير جي علائقي ۾ هيون، جيڪي هاڻي گٽر نالن ۾ تبديل ٿي ويون آهن.
ملير نئن جي ڇوڙ وارو هڪ حصو جيڪو گسريءَ (Gizri) لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ان کي بند ڪري ڊفينس هائوسنگ جي حوالي ڪيو ويو آهي. اڳتي هلي ملير نئن جو رخ وڌيڪ ڪورنگي ڪريڪ ڏانهن ڪيو ويو آهي. ملير نئن جو رخ تبديل ڪرڻ کانپوءِ ان جي خالي پيٽ ۾ مٽي ڀري بنگلا اڏيا ويا آهن.
ملير، ٿڌو ۽ لياري نئن کي، ندي ان ڪري چيو ويندو آهي، جو انهن نئين مان حب نئن وانگر صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو هو. هتان جا رهواسي انهن نئين مان ڪسيون ڪڍي پاڻي آباديءَ لاءِ به ڪتب آڻيندا هئا، ڪنهن دور ۾ هتي نار ۽ ڪوش وسيلي به زراعت ڪئي ويندي هئي. اڄ به کديجي، لنگهيجي، ٿڌو، مول، ڪنڊ ۽ مهير ڍوري ۾ ڪٿي ڪٿي صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو ڏسبو آهي.
انهن نئين جي طاس (Base) تي ماڻهن پنهنجا ڳوٺ آباد ڪيا ۽ معاش لاءِ انهن نئئن مان توڙي انهن جي ڀر ۾ کوهه کوٽي زراعت لاءِ پاڻي حاصل ڪندا هئا. ملير نئين 215.13 م. م سراسري برسات پوڻ تي 77،661.930 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي. جنهن سبب 361.00 چورس ڪلوميٽر ايراضي آباد ڪندي آهي.
مماني/ مماڻي/ مَمانيو نئن: هي نئن تعلقي جوهيءَ ۾ نئن گاج جي انهن نئين مان آهي، جيڪي گاج جي ڏکڻ واريون نئيون سڏبيون آهن. راڄي ديري ڳوٺ ۾ ڪيهر شاهه تاريخي مقام آهي، جنهن جي نسبت سان مقامي ماڻهو مقام کان اترنئين وارين کي ”اتر واريون نئيون“ چوندا آهن ۽ مقام جي ڏکڻ وارين نئين کي ’ڏکڻ واريون نئيون‘ چوندا آهن. نئن ممانيو کي نئن مماني يا مماڻي به چوندا آهن. هن نئن تي به زرعي آبادي ٿيندي آهي.
مول نئن: مول نئن ڄامشوري ضلعي جي مشهور نئن آهي، جيڪا ڪوهستان جي ’مول‘ شهر ڀرسان گذري ٿي. مول شهر، مول يونس، مول ديهه ۽ مول تپو نالا مول نئن تان پيل آهن. مول نئن کير ٿر مان نڪري ڏکڻ طرف وڃي ملير نئن سان ملي ٿي. جنهن جاءِ تي ’مول‘ کي ’ملير‘ نئن سڏيو وڃي ٿو. اها به ڄامشوري ضلعي جي حد آهي. مول نئن قديم ۽ تاريخي نئن آهي، نئن مول جي ٻنهي ڪنارن سان پٿر جي قديم دور جا ڪيترا قديم ماڳ موجود آهن، جن مان جبلن تي چٽساليءَ جا ڪيترا نمونا ملن ٿا. ان کان سواءِ اسلامي دور جا به ڪجهه ماڳ مڪان زردشتين جا گبربند به موجود آهن. ٿوري برسات سان هيءَ نئن وهي هلندي آهي، هن تي آبادي به ٿيندي آهي. مول نئن 185.42 م. م سراسري برسات جو پاڻي پوڻ تي 166.106،290 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي. جنهن ڪري 626.18 چورس ڪلو ميٽر ايراضي آباد ڪندي آهي.
مونڌري جي نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر جي بلڪل اولهه مان نڪري ٿي ۽ اتر ۾ اٽڪل 13 ڪلوميٽرن تائين وهندي اهڙي ميدان ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي، جيڪو جون کان نومبر تائين لوڻياٺي پاڻيءَ سان ڀريل هوندو آهي. هي حصو رڻ ڪڇ جو حصو آهي.
مهرو ڪولهي نئن: پارڪر جي هيءَ نئن چتراسر جي ٽين شاخ آهي. فورگريريئن نئن جي اتر ۾ يا مهري ڪولهيءَ کان اڳڀرو هيءَ نئن 3.5 ڪلوميٽرن جو ننڍڙو سنئون سنواٽو وهڪرو آهي. هيءَ نئن ڏکڻ اوڀر ڏانهن وهندي چتراسر نئن جو حصو ٿي وڃي ٿي.
مئو نئن: هيءَ ننڍي نئن آهي، جيڪا ڪارونجهر مان نڪري ٿي ۽ ڪارونجهر جي اتر ۽ اتر-اولهه ۾ چئن ڪلوميٽرن تائين پوروڇوٽ وهڻ کانپوءِ اڳتي ڏيڍ ڪلوميٽر پنڌ طئي ڪرڻ کانپوءِ اتر-اوڀر طرف ڳوٺ مئو ڀرسان ڇوڙ ڪري ٿي. هن نئن جو پيٽ اٽڪل 20 کان 80 ميٽر ويڪرو آهي، جيڪو وچٿري کان ويندي ٿلهي واريءَ وارو آهي.
ميٽاڻ ڍوري / نئن: ميٽاڻ نئن جي ڪري هن ديهه جو نالو ئي ميٽاڻ رکيو ويو آهي. برساتن ۾ جڏهن ٽڪري جو پاڻي انهيءَ ڍوري ۾ وهندو آهي ته هن جو رنگ به ميٽوڙي (ميٽ جي رنگ جهڙو) هوندو آهي. هيءُ ڍوري ٻين ڍورن سان ملي مائي ڳاڙهي درگاهه لڳ حب نديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
نري نئن: هي نئن تعلقي جوهي ضلعي دادوءَ ۾ آهي. هيءَ ننڍي نئن آهي، پر هن نئن جي ڪنڌيءَ تي ڪنهن سمي سنڌ جو مشهور ماڳ واهي پانڌي هو. نامور محقق بدر ابڙي ڪتاب ’منڇر گورک گاج دنيا‘ ۾ لکيو آهي ته هن نئن جي آس پاس ڪيترا ئي قديم ماڳ آهن، جن مان ٿاڻو ڪوٽيرو، ميان جو ڪوٽ ۽ بٺ ڪارو ڪوٽ مشهور آهن. هيءَ برساتي نئن آهي، هن نئن تي زرعي آبادي ٿيندي آهي. هيءَ نئن ڇنيءَ وٽان وهي منڇر کي ڀري ٿي. نري نئن ڦوسي لڪ ويجهو ڳاڙهي کان شروع ٿي واهي پانڌيءَ جي اولهه ۾ جبلن مان نڪري، نئن گاج جي موجوده وهڪري سان شامل ٿي منڇر ۾ پوي ٿي. هن نئن جي ڪئچمينٽ ايراضي اٽڪل 500 چورس ڪلوميٽر آهي.
نري نئن 114.3 م.م سراسري برسات پوڻ تي 53،421،534 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائيندي آهي. جنهن تي 467،38 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي آباد ٿيندي آهي.
عزيز ڪنگراڻيءَ جي لکڻ موجب هيءَ نئن ڳوٺ واهي پانڌيءَ جي اولهه واري جابلو سلسلي مان نڪري ٿي. ڳوٺ واهي پانڌي وٽ ٻن وهڪرن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. هڪ وهڪرو شهر جي اتر ۽ ٻيو ڏکڻ کان ڦري وهي ٿو. نئن نيل/ نيل ندي، واهي پانڌيءَ وارو ميداني علائقو سيراب ڪري ٿي.
نڙاني نئن: هيءَ نئن شهدادڪوٽ جي حدن ۾ اتر کان ڏکڻ تي وهندڙ سنڌ جي پهرين نئن آهي. هن نئن جي اتر ۾ بلوچستان صوبي جي جهل مگسي ضلعي جي حد آهي. هيءَ نئن ٽن جهرڻن جو گڏيل وهڪرو آهي. نڙاني نئن جي پاڻيءَ تي پوک به ٿئي ٿي. برساتن جي وسڪارن کانپوءِ هن نئن جو پاڻي ڪڏهن ڪڏهن پراڻي ايف پي بچابند تائين پڻ پهچي ويندو آهي.
نئنگ نئن: هيءَ نئن ڏکڻ کان اتر طرف وهي ڀت جبل جي اولهه ۽ بڊي جبل جي اوڀر کان ٿيندي نئنگ شهر (تعلقي جوهي) کان اڳتي وڌي منڇر ۾ پوي ٿي. هيءَ نئن اٽڪل 50 ڪلو ميٽر ڊگهي آهي. نئنگ نئن به آهي ته ڍورو به آهي. نئنگ ڍورو به نئنگ کان يعني نئنگ شهر کان وهي ٿو. هيءَ نئن پراڻي نئن آهي، جنهن جي قدامت ڀت ۽ بڊي جبل جيتري شمار ٿئي ٿي. نئنگ ڍورو پڻ نئن مان ٺهي ٿو. نئنگ وارو کوهه به قديم کوهه آهي. ان جو پاڻي به نئن نئنگ سان گڏبو آهي. هيءَ نئن گاجي شاهه جي اوڀر ۾ ٽوڙي ۽ ڌؤنڪ واريون ماٿريون آباد ڪرائي ٿي. نئنگ جي ڍوري ۾ مڇي به جام مرندي آهي. ڍورو به آبادي ڪرائيندو آهي. نئن نئنگ جي ساڄي ڪنڌيءَ تي سنڌو تهذيب جو مشهور ماڳ ڪنڊي بٺي موجود آهي.
هيءَ نئن کير ٿر ۽ بڊي جيل جي وچ مان ڏکڻ کان اتر طرف لهي ڇنيءَ وٽ منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ان ۾ هنڌ هنڌ واهيون ۽ ڍورا اچي پون ٿا، انتهائي ڏکڻ ۾ ٻه نيون نئيون ’ڪانڌي واهي‘ ۽ ’نئن دهل‘ جون ڌار ڌار ماٿريون ٺاهين ٿيون. هن نئن ۽ ان جي ڍورن تي ڪٿي گبربند ۽ گوربنديون ٺهيل آهن. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ پنهنجي ڪتاب ’سنڌ، اي جنرل انٽروڪشن‘ ۾ ڪانڌي واهي، نگهاول ۽ گوزباني گبربندن جو ذڪر ڪيو آهي. هتي هڪ چشمو پڻ آهي.
نئنگ نئن 139.7 م. م سراسري برسات پوڻ تي 44،917،741 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائيندي آهي، جنهن تي 321.53 چورس ڪلوميٽر ايراضي آباد ٿيندي آهي. هڪ مفروضو اهو به آهي ته هن نئن ۾ واڳون به رهندا آهن.
وٽن واري نئن: وٽن واري نئن 185.42 م. م سراسري برسات پوڻ تي 63،142،926 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي. جنهن ڪري 340.54 چورس ڪلو ميٽر ايراضي آباد ڪندي آهي/ ڪري سگهندي آهي.
هليلي نئن: هيءَ مشهور نئن، گاج نئن جي ڏکڻ ۾ تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ آهي. هيءَ نئن ڳوٺ مراد جمالي، تعلقي جوهيءَ جي الهندي وارن جبلن مان نڪري ٿي. هن نئن جي ڀرسان جنگو جماليءَ جو قبرستان آهي. جوهي تعلقي جي مشهور ڳوٺ ٽنڊي رحيم خان جي اتر کان وهي ٿي. هن نئن تي سٺي آبادي ٿيندي آهي. اوڀر طرف ٻنا ڀرائيندي آهي. ڪاڇي ۾ ٻني کي ’لٺ‘ به چوندا آهن. قديم زماني ۾ هليلي تي گبر بند به اڏيا ويندا هئا. هڪ راءِ آهي ته اهي بند رومين، ايرانين يا ساسانين جي دور ۾ ٺهيا هئا. هيءَ نئن کيرٿر جي جابلو سلسلي مان وهي منڇر ۾ تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو