ڪرار ڍنڍ جو هڪ ڏيک

ڪرار ڍنڍ جو هڪ ڏيک

ڪينجھر ڍنڍ جو هڪ ڏيک

ڪينجھر ڍنڍ جو هڪ ڏيک

منڇر ڍنڍ جو هڪ ڏيک

منڇر ڍنڍ جو هڪ ڏيک

سنڌ جا ويٽ لئنڊ ڍنڍون ڍورا

سنڌ جا ويٽ لئنڊ ڍنڍون ڍورا

سنڌ جا ويٽ لئنڊ

سنڌ جا ويٽ لئنڊ

سنڌ جون ڍنڍون 1

سنڌ جون ڍنڍون :ڍنڍون، ڌرتيءَ جي ’پاڻياري تهه‘ (Hydrosphere) جو اڻ ٽُٽ حصو آهن. انساني سماج ۾ قديم ايامن کان هنن جي وڏي اهميت رهي آهي. رگ ويد ۾ به ڍنڍن جو ذڪر آيل آهي، ”مالوند ماڻهو ڍنڍن جي ڀرسان اچي ڊاٻو ڪندا آهن ۽ ڪو وقت اتي ترسي وري ڪنهن ٻيءَ جوءِ ڏانهن سفر ڪندا آهن.“
شاهه لطيف، انهن ئي ڍنڍن تي سوين راڄن جي گذران جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
سهسين راڄ سيد چئي، پاسي تن پرن (سر ڪاموڏ)
ان کان سواءِ ڍنڍن جي پکين ۽ ٻين جنساري نباتات جو ذڪر به شاهه جي رسالي ۾ آيل آهي.
ڍنڍن جي جڙڻ جو عمل قدرتي آهي. زمين تي مينهن، درياهه يا سمنڊ جي پاڻيءَ جي ڪنهن وڏي ڇڏيل وهڪري واري هنڌ يا ڀاڏ، جنهن جي چوڌاري خشڪ ۽ سُڪي زمين هجي، تنهن کي ’ڍنڍ‘ چئبو آهي. جڏهن ته ڍنڍ هٿرادو نموني به جُڙي سگهي ٿي. اڄڪلهه ڍنڍ لفظ جي مروج معنيٰ ’بيٺل پاڻيءَ جو وڏو تلاءُ‘ آهي، اصل ۾ اهو لفظ ’نديءَ جي ڍوري‘ مان جڙيو آهي. ڍنڍون جنهن زمين جي هيٺاهينءَ واري هنڌ يا جاءِ تي والار ڪنديون آهن، انهن جي درجي بندي هيٺينءَ ريت آهي:
جُوالائي ڍنڍون: آتش فشاني عمل سبب زمين جو ڪو حصو هيٺانهون ٿي ڍنڍ جي صورت اختيار ڪري وٺندو آهي.
واءَ جڙيل ڍنڍون: هوا جي کاڌ جي ڪري جُڙيل تراين مان به ڍنڍون ٺهنديون آهن.
برفاني ڇپن مان جڙيل ڍنڍون: برفاني ڇپون ڳرڻ وسيلي جُڙيل ڀاڏ مان به ڍنڍن جو وجود پوي ٿو.
ڏارن مان جڙيل ڍنڍون: ارضي ساختيائي جوڙجڪ (Structural Formation) جي ڪري جيڪا فطري چرپر ٿيندي آهي، ان لقاءَ مان به ڍنڍون جڙنديون آهن. جهڙوڪ: اوڀر ڏارن واري ماٿريءَ جي مٿاڇري جي والار سبب ڍنڍون وجود ۾ اچن ٿيون.
درياهي ڍنڍون: پاڻيءَ جي ذخيرن وسيلي جڙيل ڀرجهلائي ڍنڍون، جيڪي ندين جي وهڪرن سان لڳ ڪنهن ترائي يا پراڻ ڍوري مان جڙنديون آهن.
جابلو تراين ۾ جڙيل ڍنڍون: زميني مٿاڇري کان سواءِ ڍنڍون جبل جي چُرن، پيالي نما تراين، قدرتي ڪونرن (Trough) جڙڻ سبب ٺهنديون آهن، جيئن دنيا جي تمام وڏي ۽ اونهي ڍنڍ بيڪال، اڳوڻي سوويت يونين ۾ واقع آهي. هڪ اندازي موجب هيءَ ڍنڍ دنيا جي تازي پاڻيءَ جو هڪ ڀاڱي پنج حصو پاڻ ۾ سمائي سگهي ٿي.
هٿراڌو ڍنڍون: ڪنهن قدرتي عمل کانسواءِ هٿرادو طريقي سان وجود ۾ اينديون آهن. ان ريت ڪيترن ئي ملڪن ۾ آمدرفت جي سهولتن ۽ ٻوڏن کان بچاءَ خاطر بند ٺاهي، درياهي وهڪرا روڪي هٿرادو ڍنڍون ٺاهيون ويون آهن، جهڙوڪ: ايريزونا ۽ پاويل ڍنڍون، جيڪي ڪولوراڊو نديءَ وسيلي ڀريون وڃن ٿيون.
اتفاقي ڍنڍون: دنيا ۾ ڪيتريون ئي ڍنڍون زلزلي، ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ، برفاني ڇپن ڪِرڻ، ڳرڻ، درياهن جي گس مٽائڻ يا پوئتي هٽڻ سبب وجود ۾ آيون آهن، جن ۾: ريلفوٽ، ڪيٽل ۽ آڪسبو ڍنڍون شامل آهن.
جڏهن ته ڪجهه ڍنڍون ڪيميائي عمل دخل جي ڪري به وجود ۾ آيون آهن. اڪثر ڪري انهن علائقن ۾ جتي چُن ۽ پٿرن جا تهه مٿاڇري جي ويجهو هئڻ ڪري هيٺان پاڻي چُن جي پٿرن کي ڳاري ٿو، جنهن سبب وڏا ’ڪونر‘ (Trough) جڙي پون ٿا ۽ پاڻي هيٺ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جن مان هڪ مثال، سنڪ هول ڍنڍ (Sink Hole Lake) جو آهي.
هن وقت دنيا ۾ هزارن جي تعداد ۾ ننڍيون وڏيون، مٺي ۽ کاري پاڻي جون ڍنڍون موجود آهن. دنيا جي هر حصي ۾ اتان جي جاگرافيائي حالتن مطابق جابلو درياهي علائقن، وسيع ميدانن ۽ مينهن جي پاڻيءَ سبب ڍنڍون وجود ۾ اينديون آهن. سنڌ ۾ هن وقت هزارن جي تعداد ۾ قدرتي توڙي مصنوعي نموني جُڙيل مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جون ننڍيون ۽ وڏيون ڍنڍون موجود آهن، جيڪي ڪچي، ڪاڇي، ٿر، کيرٿر، ڪوهستان، سنڌونديءَ جي ڇوڙ وارن ۽ هاڻوڪن ۽ آڳاٽن علائقن ۾ آهن، جن جو سنڌ جي ماحوليات ۽ اقتصاديات، ترقي، واڌاري ۽ سُڌاري ۾ اهم ڪردار پڻ رهيو آهي.
سنڌ ۾ ڍنڍن جا قسم: سنڌ ۾ موجوده وقت ۾ ڍنڍن جا ڪيترائي قسم آهن، جن جا مختصر تفصيل هيٺين ريت آهن:
منهن ڇوڙ ڍنڍ: هن طرح جي ڍنڍ جو منهن درياهه طرف کليل هوندو آهي. درياهه جي چاڙهه سبب، ان کي پاڻيءَ جي اوت پلئه پوندي آهي ۽ هيءَ پاڻي سان ڀرجي تار ٿي ويندي آهي، بعد ۾ انهن جا منهن بند ڪيا ويندا آهن.
پراڻ ڍنڍ: سنڌو درياهه جڏهن پنهنجو گس مٽائي نئين واٽ سان وهندو هو، تڏهن پراڻو وهڪرو ٻه درياهي روپ ۾ آبڪلاڻيءَ ۾ يا مينهوڳيءَ جي پاڻيءَ سان ڀرپور ٿي اصلي نياڻ ۾ وهندو هو، انهيءَ پراڻي وهڪري ۾ سياري جي مند ۾ پاڻيءَ جو چاڙهه گهٽجي ويندو آهي. ان ريت اِهو آڳاٽو ڍورو ’پراڻ ڍنڍ‘ سڏبو آهي.
ٻُٽ ڍنڍ: هن قسم جي ڍنڍ ۾ ڪنهن به طرف کان درياهه جو پاڻي داخل نه ٿي سگهندو آهي ۽ عام طرح هن ۾ مينهن جو پاڻي بيٺل هوندو آهي.
ڪولاب ڍنڍ: هن قسم جي ڍنڍ ۾ درياهه جا ڇڇ، چاڙهه سبب وهڪرن جي صورت ۾ وهندا آهن ۽ جڏهن سنڌونديءَ جو پاڻي ڇينهرو کائيندو آهي ته اهي ڇڇ ڌار ڌار ڍورن جي صورت ۾ وهندا آهن. سنڌ ۾ ٻه ڪولاب آهن. هڪ ’جيئل ڪولاب‘ ۽ ٻيو ’سيال ڪولاب‘، جيئل ڪولاب آڳاٽي زماني ۾ هڪ وڏي ڍنڍ هوندو هو، جيڪا ضلعي خيرپور ۾ هئي، جڏهن ته سيال ڪولاب سنڌونديءَ جي ڀرسان هڪ وڏي ڍنڍ هئي.
ڪنب ڍنڍ: هن قسم جي ڍنڍ، اُن وقت جڙندي آهي، جڏهن درياهه پنهنجو رخ بدلائيندو آهي يا ڪنهن پوٺي کي پائيندو آهي. درياهه جي اهڙي پائيندڙ زورآوريءَ واري جاءِ کي آجهار چئبو آهي. نديءَ جو نئون وهڪرو پائڪ وسيلي ڪيترائي ميل نئين نياڻ ٺاهي ڪنهن پراڻي نياڻ ۾ به وهڪرو ٺاهيندو آهي ۽ ڪيتري ئي وقت تائين انهيءَ ڪنب ۾ پاڻي موجود رهندو آهي، جڏهن ته هن ڍنڍ تي شروعاتي سالن ۾ ڪوبه پن، ڏير، ڪُم ۽ ڪوڻين جهڙو گاهه نه اُسرندو آهي.
سنڌ ۾ هن وقت ڪيتريون ئي ڍنڍون آباد آهن، جن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:
آباد ڍنڍ: هيءَ مشهور ڍنڍ ڄامشوري ضلعي ۾ سيوهڻ تعلقي جي ڳوٺ لڪي شاهه صدر جي اوڀر ۾ ٿيٻاٽ ڳوٺ ويجهو واقع آهي. هن ڍنڍ تي اهو نالو ’آباد‘ ڳوٺ ويجهي هئڻ سبب پيو، جڏهن ته سنڌو درياهه ڀرسان هئڻ ڪري هي ڍنڍ ٻارهن مهينا ئي پاڻ سان ڀريل هوندي آهي. هي ڍنڍ هاڻوڪي وقت ۾ فشريز کاتي جي انتظام هيٺ نيلام ٿئي ٿي. (وڌيڪ ڏسو: آباد ڍنڍ، جلد پهريون، ص 19)
آتڻ ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ تعلقي قمبر ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ واقع آهي. انگريز دؤر ۾ هيءُ ڍنڍ وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل هئي، پر هن وقت ان جو گهڻو حصو زرعي آباديءَ جي هيٺ اچي ويو آهي. ڍنڍ سرڪار جي تحويل ۾ آهي ۽ سرڪار لاءِ آمدنيءَ جو ذريعو پڻ بڻيل آهن. (وڌيڪ ڏسو: آتڻ ڍنڍ، جلد پهريون، ص: 29)
آڍاڻي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ دادو ضلعي جي ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ آڍاڻي ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ کي بيراجن وسيلي ڀريو ويندو آهي. پنهنجي علائقي ۾ تفريحي ماڳ طور مشهور هيءَ ڍنڍ مقامي رهواسين جي روزگار جو وسيلو بڻيل آهي، آڍاڻي ڍنڍ جي هر سال فشريز کاتي پاران نيلامي ڪئي ويندي آهي. (وڌيڪ ڏسو: آڍاڻي ڍنڍ، جلد پهريون، ص 46)
آرڙ جي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي دادو، تعلقي ميهڙ جي اُتر ۾ ڌامراهه واهه ڀرسان واقع آهي. (وڌيڪ ڏسو: آرڙ جي ڍنڍ، جلد پهريون، ص 50)
آمري ڍنڍ: سنڌ جي هيءُ قديم ڍنڍ ڄامشوري ضلعي جي سيوهڻ تعلقي ۾ آمري شهر کان اوڀر طرف سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري تي واقع آهي. هيءَ ڍنڍ درياهه جي ڇڏيل پراڻ آهي، جيڪا درياهه جي چاڙهه وارن ڏينهن ۽ برسات جي مند ۾ ڀرجي هيٺ اڌڙي ٻيلي طرف وهندي آهي.
هيءَ ڍنڍ مقامي ماڻهن لاءِ تفريحي ماڳ هئڻ سان گڏ گذر سفر جو ذريعو پڻ بڻيل آهي، جڏهن ته آمري ڍنڍ موجوده وقت ۾ فشريز کاتي جي انتظام هيٺ آهي، جيڪا هر سال هن کي نيلام ڪندي آهي. (وڌيڪ ڏسو: آمري ڍنڍ، جلد پهرين، ص 84)
ابڙائو ڍنڍ: هيءُ مشهور ڍنڍ ضلعي سانگهڙ تعلقي چوٽيارين ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ جي ڊيگهه پنج ڪلوميٽر ۽ ويڪر ٻه ڪلوميٽر آهي. ابڙائو ڍنڍ تفريح ماڳ طور پڻ مشهور آهي. (وڌيڪ ڏسو: ابڙائو ڍنڍ، جلد پهريون، ص 102)
اڇ ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري تي آباد ملاڪاتيار شهر، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ جو شمار علائقي جي اهم ترين ڍنڍن ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ته هيءَ ڍنڍ تفريح لاءِ پڻ مشهور آهي. (وڌيڪ ڏسو: جلد پهريون، ص 136)
الاکائي ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ ضلعي ڄامشوري جي تعلقي سيوهڻ ۾ واقع آهي. الاکائي ڍنڍ جو گهڻو حصو زرعي زمين هيٺ اچي ويو آهي تنهنڪري هي ڍنڍ ايراضي جي لحاظ کان ڍوري جو ڏيک ڏي ٿي جڏهن ته فشريز کاتي وارا هن ڍنڍ کي هر سال نيلام ڪندا آهن. (وڌيڪ ڏسو: الاکائي ڍنڍ، جلد پهريون، ص 237)
الهه اوڀايو ڍنڍ: هي مشهور ڍنڍ ضلعي دادو ۾ واقع آهي، الهه اوڀايي ڍنڍ جي پاڻيءَ مان زمين آباد ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته هي ڍنڍ مقامي رهواسين لاءِ تفريحي ماڳ پڻ بڻيل آهي. (وڌيڪ ڏسو: الهه اوڀايو ڍنڍ، جلد پهريون، ص 248)
امير پير جي ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ تعلقي ۽ ضلعي دادو ۾ ڳوٺ امير پير لڳ سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري تي واقع آهي. هيءَ ڍنڍ سنڌو درياهه جي ڇڏيل وهڪري سبب وجود ۾ آئي. هيءَ ڍنڍ ڳوٺ جي نالي سان ئي سڃاتي وڃي ٿي. پير جي ڍنڍ'>امير پير جي ڍنڍ هن وقت سوڪهڙي سبب زوال پذير ٿي چڪي آهي. (وڌيڪ ڏسو: پير جي ڍنڍ'>امير پير جي ڍنڍ، جلد پهريون، ص 279)
اميناڻي ڍنڍ: هيءُ مشهور ڍنڍ ضلعي ڄامشوري، تعلقي دادو ۾ درگاهه امير پير جي اوڀر طرف واقع آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکي جو شڪار ٿيندو آهي. جڏهن ته فشريز کاتي وارا هن ڍنڍ کي هر سال نيلام ڪندا آهن. (وڌيڪ ڏسو: اميناڻي ڍنڍ، جلد پهريون ص 281)
انيتي ڍنڍ: هي مشهور ڍنڍ ضلعي دادو، تعلقي خيرپورناٿن شاهه ۾ خانپور شهر جي اوڀر ۾ واقع آهي. فشريز کاتي وارا هن ڍنڍ کي هر سال نيلام ڪندا آهن. (وڌيڪ ڏسو: انيتي ڍنڍ، جلد پهريون، ص 317)
بازار ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ پيڃاري واهه جي ڪناري، تعلقي شاهه عبدالڪريم بلڙي، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آهي. هن کي پنياري واهه مان پاڻي ڏنو وڃي ٿو، جنهن ڪري هيءَ ڍنڍ ٻارهن مهينا ئي آباد رهي ٿي. بازار ڍنڍ جو شمار مقامي علائقي جي اهم ترين ڍنڍن ۾ ٿئي ٿو ۽ هيءَ ڍنڍ مقامي ماڻهن جي تفريح گاهه هجڻ سان گڏ گذر بسر جو وسيلو پڻ آهي. (وڌيڪ ڏسو: جلد پهريون، بازار ڍنڍ، ص 378)
بخاري ڍنڍ: سنڌ جي هن تاريخي ڍنڍ کي ’ٽلٽي ڍنڍ‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو، جيڪا ضلعي ڄامشوري، تعلقي سيوهڻ ۾واقع قديم ڳوٺ ٽلٽي ۽ پير بخاريءَ جي ويجهو آهي. پير بخاريءَ جي ڀرسان هئڻ ڪري ان کي بخاري ڍنڍ پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. مڇيءَ جي شڪار ڪري هيءُ ڍنڍ مقامي ماڻهن جي روزگار جو وسيلو هئڻ سان گڏ تفريح ماڳ پڻ بڻيل آهي. (وڌيڪ ڏسو: ٽلٽي ڍنڍ، جلد ٻيو، ص 467)
بڊام ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ وارهه تعلقي قنبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ واقع آهي، بڊام ڍنڍ موجوده وقت ۾ سرڪاري تحويل ۾ هجڻ باوجود اُتي جي مقامي ۽ بااثر ماڻهن جي قبضي هيٺ آهي. (وڌيڪ ڏسو: بڊام ڍنڍ، جلد پهريون، ص 416)
بقار ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ تعلقي چوٽياريون ضلعي سانگهڙ جي اُتر اُوڀر ۾ 25 ڪلوميٽرن تي واقع آهي. هن ڍنڍ تي بقار نالو هتي موجود هڪ قديم ڳوٺ سبب پيو. هيءَ ڍنڍ مکيءَ جي سمورين ڍنڍن ۾ نمايان آهي. هن ڍنڍ جي ويڪر ڏيڍ ڪلوميٽر ۽ ڊيگهه پنج ڪلوميٽر تي مشتمل آهي. (وڌيڪ ڏسو: بقار ڍنڍ، جلد پهريون، ص 451)
بگري ڍنڍ: هيءُ قديم ڍنڍ تعلقي عمرڪوٽ ۾ نيو ڇور شهر ڀرسان پراڻي ڇور کان اتر طرف اٽڪل ٽي ڪلوميٽر پري کنڊرات جي صورت ۾ واقع آهي. هن وقت بگري ڍنڍ سوڪهڙي سبب ڦٽل آثارن جي صورت ۾ موجود آهي. (وڌيڪ ڏسو: بگري ڍنڍ، جلد پهريون، ص 458)
بلاولپور ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ ضلعي ڄامشوري جي ڳوٺ بلاولپور ڀرسان آهي. پکين جي شڪار سبب هنن جي آمد ۾ گهڻي قدر گهٽتائي اچي وئي آهي. بلاولپور ڍنڍ موجوده دور ۾ فشريز کاتي وارن جي تحويل هيٺ آهي، جيڪي کيس هر سال نيلام ڪندا آهن. (وڌيڪ ڏسو: بلاول پور ڍنڍ، جلد پهريون، ص 463)
بوبڪ ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ ضلعي ڄامشوري، تعلقي سيوهڻ ۾ بوبڪ شهر جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ ۾ آبي جيوت جي موجودگيءَ سان گڏ پکي به جهجهي تعداد ۾ اچي لهندا هئا. موجوده وقت ۾ بوبڪ ڍنڍ پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب سوڪهڙي جو شڪار آهي، جڏهن ته هي ڍنڍ سرڪار جي تحويل هيٺ هئڻ ڪري هر سال نيلام ڪئي ويندي آهي. (وڌيڪ ڏسو: بوبڪ ڍنڍ، جلد پهريون، ص 489)
ٻاڙي ڍنڍ: هي ڍنڍ ضلعي سانگهڙ، تعلقي ناري ۾ بقار ڍنڍ کان اوڀر طرف واقع آهي. مٺي پاڻي جي هن ڍنڍ جي اونهائي تمام گهري آهي. (وڌيڪ ڏسو: ٻاڙي ڍنڍ، جلد پهريون، ص 544)
ٻانهياري ڍنڍ: هي مشهور ڍنڍ تعلقي عمرڪوٽ ۾ واقع آهي. پنهنجي علائقي ۾ هيءَ ڍنڍ تفريح ماڳ طور پڻ مشهور آهي. (وڌيڪ ڏسو: ٻانهياري ڍنڍ، جلد پهريون، ص 378)
ٻپيرا ڍنڍ: سنڌ جي هي قديم ڍنڍ تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ کي هر سال فشريز کاتي وارا نيلام ڪندا آهن. (وڌيڪ ڏسو: ٻپيرا ڍنڍ، جلد پهريون، ص 556)
ٻورڙي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي دادو، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ موجود قديم ۽ تاريخي ڳوٺ ٻورڙيءَ جي ويجهو واقع آهي. (وڌيڪ ڏسو: ٻورڙي ڍنڍ، جلد پهرين، ص 576)
ٻوڙي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي دادو، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ خانپور ۾ واقع آهي، ٻوڙي ڍنڍ مقامي ماڻهن جي روزگار جو وسيلو هئڻ سان گڏ تفريحي ماڳ پڻ آهي. (وڌيڪ ڏسو: ٻوڙي ڍنڍ، جلد پهريون، ص 577)
ٻيٽ ٻُڍي واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ديهه ٻيٽ ٻڍي تعلقي موري ۾ ننڍي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي ۽ هن ۾ ٿوري مڇي مرندي آهي.
ڀوتڙا ڍنڍ: هي ڍنڍ ضلعي ڄامشوري، تعلقي سيوهڻ ۾ ڳوٺ ڀوتڙا جي ڀرسان آهي. ڪنهن دؤر ۾ هن ڍنڍ ۾ مڇي گهڻي تعداد ۾ شڪار ڪئي ويندي هئي. جڏهن ته موجودہ وقت هي ڍنڍ ڦٽي وئي آهي. (وڌيڪ ڏسو: ڀوتڙا ڍنڍ، جلد ٻيو، ص 119)
ڀولوءَ واري ڍنڍ: هيءُ خوبصورت ڍنڍ تعلقي چوٽياريون ضلعي سانگهڙ ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ جي پکيڙ پنج ڪلوميٽر ۽ ويڪر اڌ ڪلوميٽر آهي. جڏهن ته هن کان رتڙائو ڍنڍ ٽي ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. مٺي پاڻيءَ جي هي ڍنڍ مڇي جهجهي تعداد ۾ هئڻ سبب مقامي ماڻهن جي روزگار جو وسيلو پڻ بڻيل آهي.
تلو ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ ضلعي دادو، تعلقي جوهيءَ ۾ بهاولپور ويجهو آهي. هن ڍنڍ کي تلوٻٽڙا‘ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. هن ڍنڍ ۾ مڇي گهڻي تعداد ۾ ٿئي ٿي، جنهن ڪري هي ڍنڍ مقامي ماڻهن جي روزگار جو وسيلو پڻ بڻيل آهي. جڏهن ته کيس فشريز کاتي وارا نيلام ڪندا آهن. (وڌيڪ ڏسو: تلو ڍنڍ، جلد ٻيو، ص 304)
ٿيٻاٽ ڍنڍ: سنڌ جي هيءَ قديم ڍنڍ ضلعي ڄامشوري جي تعلقي سيوهڻ ۾ لڪي شاهه صدر جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٻه ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. پکين جي مسلسل شڪار سبب سندن آمد ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. هيءَ ڍنڍ هن وقت فشريز کاتي جي تحويل ۾ آهي. (وڌيڪ ڏسو: ٿيٻاٽ ڍنڍ، جلد ٻيو، ص 396)
ٽٻوهين جي ڍنڍ: هيءَ قديم ڍنڍ تعلقي ساماري، ضلعي ميرپورخاص ۾ ڦٽل حالت ۾ موجود آهي. هيءَ ڍنڍ به ان قديم شهر جي نالي جي نسبت سان سڃاتي وڃي ٿي، جيڪا هن وقت پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب مڪمل طور تي ويران ٿي وئي آهي. (وڌيڪ ڏسو: ٽٻوهين جي ڍنڍ، جلد ٻيو، ص 441)
ٽيڀري ڍنڍ: هي قديم ڍنڍ ضلعي ۽ تعلقي عمرڪوٽ ۾ بگري ڍنڍ جي ويجهو ويران حالت ۾ موجود آهي. جڏهن ته هن ڍنڍ جا آثار هن وقت به ڏسي سگهجن ٿا. (وڌيڪ ڏسو: ٽيڀري ڍنڍ، جلد ٻيو، ص 504)
ٺٺيا ڍنڍ: سنڌ جي هي تاريخي ۽ قديم ڍنڍ ضلعي ڄامشوري جي تعلقي سيوهڻ ۾ آمري کان اُتر طرف واقع آهي. هيءَ ڍنڍ سنڌونديءَ جي ڇڏيل وهڪري واري ڀاڏ آهي. هيءَ ڍنڍ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جو وسيلو هئڻ سان گڏ تفريحي ماڳ پڻ بڻيل آهي. (وڌيڪ ڏسو: ٺٺيا ڍنڍ، جلد ٻيو، ص 554)
پاٻيڙو ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ حيدرآباد شهر ۾ گنجي ٽڪر جي اوڀر پاسي ڳوٺ کٿڙ لڳ آهي. دهيءَ ڍنڍ ڪلري ڍنڍ جي ويجهو هئڻ ڪري ان کي ’ڪلري‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو. هيءُ ڍنڍ برسات جي مند ۾ گنجي ٽڪر تان پاڻي وهي اچڻ جي ڪري ڀربي آهي، جڏهن ته هيءَ ڍنڍ مڇي ۽ پکيءَ جي شڪار سبب مقامي ماڻهن جي روزگار جو وسيلو هئڻ سان گڏ تفريحي ماڳ پڻ آهي. (وڌيڪ ڏسو: پاٻيڙو ڍنڍ، جلد ٽيون، ص 1)
پاٽ ڍنڍ: هي ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي تعلقي دادوءَ ۾ قديم شهر پاٽ جي ويجهو واقع آهي. هن ڍنڍ ۾ ڪيترن ئي قسمن جي مڇي پيدا ٿيندي آهي، جنهن ۾: درو، لوسڻي، وهنج، سارهيو ۽ شاڪُر شامل آهن، جڏهن ته مٺي پاڻيءَ جي هن ڍنڍ تي پکي گهڻي تعداد ۾ اچي لهن ٿا، پر پکين جي مسلسل شڪار سبب سندن تعداد ۾ گهڻي ڀاڱي گهٽتائي اچي وئي آهي. هي ڍنڍ موجوده وقت ۾ فشريز کاتي جي تحويل هيٺ آهي، جيڪا هن کي هر سال نيلام ڪندي آهي.
پڇڙي ڍنڍ: هيءَ قديم ڍنڍ دادو ضلعي جي تعلقي جوهيءَ ۾ بهاولپور ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي جهجهي تعداد ۾ ٿيندي آهي، جنهنڪري هي ڍنڍ مقامي ماڻهن جي روزگار جو ذريعو پڻ بڻيل آهي. جڏهن ته هن ڍنڍ کي فشريز کاتي وارا نيلام ڪندا آهن.
پراڻو ديرو ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ديهه صالحپور، تعلقي موري ۾ واقع آهي. هي ڍنڍ سنڌو درياهه جي وهڪري سبب وجود ۾ آئي تنهن دؤر ۾ هن ڍنڍ ۾ مختلف نباتات سان گڏ مڇي به جهجهي مقدار ۾ شڪار ٿيندي هئي. پر هن وقت پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ سبب هيءَ ڍنڍ پنهنجي خوبصورتي وڃائي ويٺي آهي. هي ڍنڍ سرڪار جي تحويل ۾ هئڻ باوجود مقامي ماڻهن جي قبضي هيٺ آهي. (وڌيڪ ڏسو: پراڻو ديرو ڍنڍ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ص 138)
پير ڳڻئي واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ پير ڳڻئي ڀرسان ويران حالت ۾ موجود آهي. پنهنجي اوج واري دؤر ۾ هيءَ ڍنڍ مڇي ۽ پکين جي شڪار جي حوالي سان تمام گهڻي مشهور هئي، پر هن وقت هيءَ ڍنڍ سوڪهڙي جو شڪار آهي ۽ پنهنجي اهميت ۽ خوبصورتي وڃائي ويٺي آهي. (وڌيڪ ڏسو: پير ڳڻيي واري ڍنڍ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ص: 366)
جاکپاري ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي تعلقي دادو ۾ ڳوٺ جاکپاري ويجهو واقع آهي. موجوده وقت ۾ هتان وڏي مقدار ۾ لوڻ ملي ٿو. (وڌيڪ ڏسو: جاکپاري ڍنڍ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ص 416)
جهان خان ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي ٺٽي ۾ چوهڙ جماليءَ ڀرسان واقع آهي. هي ڍنڍ ملڪاڻين جي ذاتي ملڪيت هئڻ ڪري ان کي ’ڇڇ جهان خان‘ سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته علائقي جي وڏي ڍنڍ هئڻ ڪري هتي مڇي به جهجهي پيدا ٿئي ٿي ۽ پکي به گهڻي تعداد ۾ واهيرو ڪندا آهن. هي ڍنڍ مقامي ماڻهن جي روزگار جو وسيلو هئڻ سان گڏ تفريحي ماڳ پڻ بڻيل آهي.
جهتيال ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ ڳوٺ الهه بخش جهتيال لڳ، تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ واقع آهي. هتان جي مقامي آبادي جو گذر سفر گهڻو تڻو هن ڍنڍ تي آهي، پکين جي مسلسل شڪار سبب پکين جي آمد مڪمل طور تي ختم ٿي وئي آهي. هيءَ ڍنڍ هن وقت فشريز کاتي جي تحويل ۾ آهي ۽ ان کي پاڻي بئراجن وسيلي مهيا ڪيو ويندو آهي. (وڌيڪ ڏسو: جهتيال ڍنڍ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ص 67)
چڪڻ ڍنڍ: هيءَ قديم ڍنڍ دادو ضلعي جي تعلقي دادوءَ ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ جو نالو سنڌونديءَ جي چڪڻ تان پيو آهي، جڏهن ته شاهه لطيف پنهنجي هڪ شعر ۾ هن ڍنڍ جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي:
جتي چڪڻ جي چپيٽ، اتي سيد سير لنگهاءِ تون“
پنهنجي اوج واري دؤر ۾ هن ڍنڍ ۾ مڇيءَ جا ڪيترائي قسم ٿيندا هئا، جن ۾ ڪرڙو، لُهر، پوپرو، موراکو، شاڪر، ڄرڪو، گوج ۽ وهنج شامل هئا، جڏهن ته گاهن ۾ ڏير ۽ ڪل کانسواءِ پکي به گهڻي تعداد ۾ اچي لهندا هئا. موجوده وقت ۾ هيءَ ڍنڍ پاڻيءَ جي کوٽ سبب سُڪي وئي آهي.
چڱڙو ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ قمبر تعلقي کان اٺ ڪلوميٽر پري اولهه طرف ڳوٺ ٻير شريف ڀرسان واقع آهي. هيءَ ڍنڍ ٻير شريف جي تنيا قبيلي جي چڱي مڙس رئيس محمد پريل تنيي جي ملڪيت ۾ آئي. سندس وفات بعد سندس پونيرن جي ملڪيت آهي. (وڌيڪ ڏسو: چڱڙو ڍنڍ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ص 168)
ڇاري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم ۾ واقع آهي. ڇاري ڍنڍ کي ميران شاخ مان پاڻي ملي ٿو، جيڪا ڪوٽڙي بئراج جي کاٻي ڪناري تي وهندڙ واهن ۾ پيڃاري مان نڪري ٿي، جنهنڪري هي ڍنڍ سدائين آباد رهي ٿي. هي خوبصورت ڍنڍ مقامي رهواسين جي روزگار جو وسيلو هئڻ سان گڏ تفريحي ماڳ پڻ بڻيل آهي. (وڌيڪ ڏسو: ڇاري ڍنڍ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڇاڻ ڍنڍ: هي ڍنڍ سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي تعلقي شاهبندر ضلعي ٺٽي ۾ واقع آهي. هن جي ايراضي 50 کان 60 ايڪڙن تي مشتمل آهي. هن ڍنڍ ۾ بهه، ڪُم، لوڙهه ۽ پٻڻ کانسواءِ مڇي به گهڻي تعداد ۾ ٿئي ٿي. جڏهن ته سياري جي مند کانسواءِ هتي پکي به جهجها اچي واهيرو ڪندا آهن، جنهنڪري هي مقامي رهواسين جو معاشي وسيلو هئڻ سان گڏ تفريحي ماڳ پڻ بڻيل آهي. ڇاڻ ڍنڍ کي فشريز کاتي وارا هر سال نيلام ڪندا آهن. (وڌيڪ ڏسو: ڇاڻ ڍنڍ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڇٽي جي ڍنڍ: هيءَ قديم ڍنڍ ڳوٺ سيتا تعلقي دادوءَ ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ تي پنهنجي اوج واري دؤر ۾ پکي جهجهي تعداد لهندو هو ۽ مڇي پڻ جام پيدا ٿيندي هئي، جنهن کي مقامي ماڻهو شڪار ڪري گذر بسر ڪندا هئا، پر هن وقت هيءَ ڍنڍ پاڻيءَ جي کوٽ سبب سُڪي وئي آهي.
ڇڇر ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ڳوٺ ڇڇر، تعلقي سيوهڻ ضلعي ڄامشوري ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇيءَ جا ڪيترائي قسم پيدا ٿين ٿا جنهن ۾: رڙو، گندڻ، ٻٽي، چٽو ۽ ڏنور شامل آهن، جڏهن ته هيءَ ڍنڍ فشريز کاتي جي تحويل هيٺ آهي، جيڪي ان کي هر سال نيلام ڪندا آهن.
حمل ڍنڍ: سنڌ ۾ ايراضيءَ جي لحاظ کان هيءَ ٻيو نمبر وڏي ڍنڍ آهي، جيڪا دادو تعلقي، ضلعي لاڙڪاڻي ۽ قنبر شهدادڪوٽ ۾ ورهايل آهي. سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽيءَ مطابق، هن ڍنڍ جي ڊيگهه 25 ڪلوميٽر ۽ ويڪر تقريباً 10 ڪلوميٽر آهي. حمل ڍنڍ تي نالي بابت ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون مشهور آهن، ڄام نظام الدين سمي جي دور حڪومت ۾ اتر پاسي قنڌار کان افغانستان، پٺاڻن، ارغونن جا حملا ٿيندا هئا ۽ حملي آور سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪندا هئا. اهڙن حملن ۾ ڦرلٽ کي روڪڻ لاءِ ڄام نظام الدين سمي جي وزير دولهه دريا خان حمل ڍنڍ واري علائقي يعني چانڊڪا پرڳڻي کي سيال خان چانڊيي ۽ ان جي چاليهن ساٿين جي حوالي ڪيو، جن مان هڪ شخص حمل چانڊيو پنهنجي ڪٽنب سميت هن علائقي ۾ اچي آباد ٿيو. اهڙيءَ ريت ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي حمل چانڊيي ڳوٺ ٻَڌو، جنهن بعد اڄ ڍنڍ سندس نالي جي نسبت سان سڏجي ٿي. هڪ ٻي روايت آهي ته حمل خان درويش صفت ۽ شاهوڪار شخص هو. هن ڍنڍ جي اولهه طرف کيرٿر واري پاسي پنهنجي نالي ’حمل‘ سان ڳوٺ وسايو، جيڪو اڄ به موجود آهي.
حمل ڍنڍ 1932ع ۾ ايف. پي. بند جي تعمير ٿيڻ کانپوءِ باقاعدي ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪئي، جنهن کي برساتن ۾ کيرٿر جابلو سلسلي مان وهي ايندڙ نيون ڀرين ٿيون. ان کان سواءِ بلوچستان صوبي جي هيرالدين ڊرينيج اسڪيم جو کارو ۽ گندو پاڻي، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن جو پاڻي به هن ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن ڍنڍ ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 10.08 ايم.اي.ايف آهي. ان ڪري زهريلي پاڻي سبب حمل ڍنڍ ۾ انساني آبادي سان گڏ نباتات تي هاڃيڪار اثر پيا آهن، جڏهن ته اُتي موجود انساني آبادي جو گذر سفر مڇي، پکين ۽ ٻي پيداوار تي آهي.
حمل ڍنڍ ۾ زهريلي پاڻيءَ جي ڇوڙ سبب اُتي جي مڇيءَ جي پيداوار ۾ پڻ گهڻي قدر گهٽتائي اچي وئي آهي، پر ڪجهه قسم اڃا به ملن ٿا، جن ۾ سينڱاري، موراکي، ڪرڙو، گندڻ، گوج، ڄرڪو، کڳو ۽ ٿيلهي شامل آهن ۽ پکين ۾ نيرڳي، آڙي، کيڻاٺي، ٽينگلو، ڪُهنگ، ڪونج ۽ ٻگهه شامل آهن. ڍنڍ ۾ ماحولياتي گدلاڻ کان اڳ هتي ڪنارن سان گهاٽا ٻيلا هوندا هئا، جيڪي پڻ ختم ٿي چڪا آهن، جنهنڪري پکين جي آمد ۾ پڻ ڪافي گهٽتائي آئي آهي.
ڍنڍ جي حوالي سان، تاريخي حوالن مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته دنيا جو مشهور سياح ابن بطوطه حمل ڍنڍ ويجهو واقع هڪ ٻي ڍنڍ ساروح جي درياهي وهڪري وسيلي حمل ڍنڍ جي حدن کان ٿيندو ڳوٺ ٽاڻي ۾ ترسيو هو، جتان بعد ۾ هن ٻين علائقن ڏانهن سفر جاري رکيو.
هيءَ ڍنڍ پنهنجي پکيڙ، جاگرافيائي بيهڪ ۽ سونهن سبب سنڌ جو اثاثو آهي. جڏهن ته هن جي اولهه ۾ کيرٿر جبل، شاهه گودڙيي جي مزار، اوڀر ۾ ايف.پي بندر ۽ ميهڙ شهر آهي، اتر اولهه ۾ وارهه، غيبي ديرو ۽ ڏکڻ ۾ فريدآباد ۽ ڪاڇي جو ميداني علائقو آهي.
دڦري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي بدين جي تعلقي بدين ۾ واقع آهي. هن جو شمار ضلعي جي اهم ترين ڍنڍن ۾ ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن ڍنڍ ۾ مڇي ڪيترن ئي قسمن جي ٿئي ٿي، جيڪا پنهنجي ذائقي ۽ لذت جي حوالي سان تمام گهڻي مشهور آهي. مڇيءَ جي قسمن ۾: ڪرڙو، لُهر، پيلئڙو، پاپليٽ، ڄرڪو، گوج ۽ سينگاري شامل آهن، جڏهن ته هن ڍنڍ تي پکي به گهڻي تعداد ۾ اچي ٿو، پر انهن جي شڪار سبب پکين جي آمد ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. دڦري ڍنڍ جي نالي جي حوالي سان تاريخي ڪتابن مان ڪابه ڄاڻ نه ٿي ملي، پر هن وقت هي ڍنڍ مقامي ماڻهن جي روزگار جو ذريعو هئڻ سان گڏ تفريحي ماڳ پڻ بڻيل آهي، جڏهن ته هن ڍنڍ تي سياحن خاطر سرڪار پاران ڪابه سهولت موجود نه آهي.
دوني ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي نوشهري فيروز جي تعلقي موري جي ديهه ملڪاڻيءَ ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ ۾ ڪنهن دؤر ۾ تمام گهڻي مڇي مرندي هئي، پر موجوده وقت ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب مڇيءَ جي پيداوار ۾ گهڻي ڀاڱي گهٽتائي اچي وئي آهي، پر هيءُ ڍنڍ هن وقت به هڪ تفريحي ماڳ هئڻ سان گڏ عام ماڻهن لاءِ روزگار جو وسيلو پڻ بڻيل آهي. هن وقت هيءَ ڍنڍ سرڪار جي تحويل هيٺ آهي.
ڏاوچ ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي دادوءَ، تعلقي دادوءَ ۾ ڳوٺ شير محمد ڏاوچ جي ڀرسان واقع آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي جهجهي پيدا ٿيڻ سان گڏ پکي به جام لهي ٿو، پر پکين جي مسلسل شڪار سبب انهن جي آمد ۾ گهڻي ڀاڱي گهٽتائي اچي وئي آهي، جڏهن ته هي ڍنڍ فشريز کاتي جي تحويل ۾ هئڻ سبب هر سال نيلام ٿيندي آهي.
ڏونگريون ڍنڍ: سنڌ جي هي خوبصورت ڍنڍ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي ناري ۾ نارا ڪئنال جي ساڄي ڪپ کان ڳوٺ بقار جي ڏکڻ اولهه طرف واقع آهي. هن ڍنڍ تي نالو راڄڙ ذات جي ڏوگرا نک جي نسبت سان پيو، جڏهن ته ڍنڍ جي وچ ۾ ڀٽون پڻ موجود آهن، جن کي ننڍي ۽ وڏي ڏوگريون ڪوٺيو ويندو آهي. پنهنجي اوج واري دؤر ۾ هيءَ ڍنڍ سياري جي مند ۾ وڏي تعداد ۽ قسمن جي پکين جي لهڻ ۽ شڪار سبب مشهور هئي. مقامي ماڻهن جي راءِ موجب تمام گهڻي تعداد ۾ پکين جي آمد سبب سموري ڍنڍ جي مٿاڇري تي پاڻي بجاءِ پکي ئي نظر ايندا هئا. موجوده وقت ۾ ڏونگريون ڍنڍ وچ ۾ بختاور ڪئنال نڪرڻ ڪري پنهنجو وجود وڃائي چڪي آهي.
ڏيپارجن واري ڍنڍ: هيءُ مشهور ڍنڍ ديهه ڏيپارجا تعلقي موري ضلعي نوشهري فيروز ۾ واقع آهي. مٺي پاڻيءَ جي هن ڍنڍ ۾ مڇيءَ جا ڪيترائي قسم ٿيندا هئا، جن ۾: ڪرڙو، موراکو، کڳو، سينگاري، گنڌڻ، چتوهڙ، سوني ۽ ڦڳڻو شامل هئا، پر پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ سبب مڇيءَ جي تعداد ۾ ڪافي گهٽتائي ٿي وئي آهي. هن ڍنڍ تي سياري جي مند کان علاوه ٻين مندن ۾ به ڏيهي ۽ پرڏيهي پکي اچي واهيرو ڪندا هئا، جن ۾: نيرڳي، آڙي، نرڌر، وهر،گڊو، گاجيرو، ڳنوائي، ڪوڪراٽ ۽ ٻيا شامل هئا. پر پکين جي شڪار سبب سندن آمد مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آهي. پنهنجي ديهه جي نالي سان سڃاپندڙ هيءَ ڍنڍ فشريز کاتي جي تحويل هيٺ آهي، جيڪي هر سال هن جي نيلامي ڪرائيندا آهن. (وڌيڪ ڏسو: ڏيپارجا ڍنڍ، جلد ٽيون، ص 357)
ڊرگهه ڍنڍ: سنڌ جي هيءَ قديم ڍنڍ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شهر قمبر کان ڏهه ڪلوميٽر پري ڳوٺ کاهي مينهون ۽ ڊرگهه ٿاڻي جي اولهه ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ جي پکيڙ 182 هيڪٽر آهي. ڊيگهه ٽي ڪلوميٽر، ويڪر ٻه ڪلوميٽر ۽ اونهائي 10 فوٽ آهي. هيءَ ڍنڍ سنڌو درياهه جي گس مٽائڻ جي ڪري وجود ۾ آئي، موجوده وقت ۾ هيءَ ڍنڍ سرڪار جي تحويل ۾ آهي. (وڌيڪ ڏسو: ڊرگهه ڍنڍ، جلد پنجون، ص 400)
ڊنءُ ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ گوري شهر کان اوڀر طرف واقع آهي. پنهنجي علائقي جي وڏين ڍنڍن ۾ شمار ٿيندڙ هيءَ ڍنڍ موجوده وقت ۾ پنهنجي اهميت وڃائي زوال پذير ٿي چڪي آهي. (وڌيڪ ڏسو: ڊنءُ ڍنڍ، جلد پنجون، ص 406)
راڄڙي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ تعلقي سيوهڻ ضلعي ڄامشوري ۾ واقع آهي. سندس نالو سنڌ جي قديم ۽ وڏي ٻيلي ’راڄڙي‘ جي نسبت سان پيو. هن ڍنڍ ۾ مڇي گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿيندي آهي. جڏهن ته هتي پکي به جهجهي تعداد ۾ اچي واهيرو ڪندا آهن، پر سندس مسلسل شڪار سبب پکين جي آمد ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. موجوده وقت ۾ هن ڍنڍ جو انتظام فشريز کاتي وارن وٽ آهي.
راوت لغاري ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي خيرپور ناٿن شاهه تعلقي ۾ ڳوٺ راوت خان لغاريءَ جي ڀرسان واقع آهي. کيس ڳوٺ جي نالي جي نسبت سان سڏيو وڃي ٿو. هن ڍنڍ ۾ ڪيترن ئي قسمن جي مڇي پيدا ٿئي ٿي، جنهن ۾: چٽو، فوجي کڳو، گندڻ، سينگاري، پوپري ۽ موراکي شامل آهن، جڏهن ته هيءَ ڍنڍ موجوده وقت ۾ فشريز کاتي جي انتظام هيٺ آهي.
راهين ڍنڍ: هيءَ مشهور ڍنڍ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ تعلقي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ ۾ واقع ٽکڙ جي ويجهو آهي. 250 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي مشتمل هيءَ ڍنڍ سنڌونديءَ جي ڇڏيل گنجي ٽڪر ۽ پيڃاري ڪئنال واري وهڪري سبب وجود ۾ آئي، جڏهن ته موجوه وقت ۾ کيس پيڃاري شاخ ۽ ڇنڊڻين ذريعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو، جنهنڪري هي سال جا ٻارنهن مهينا آباد رهي ٿي. پنهنجي علائقي جي وڏين ڍنڍن ۾ شمار ٿيندڙ هن ڍنڍ ۾ گلفام، موراکي، ٿيلهي، ڪرڙو، گراس ۽ سينگاري مڇيون پيدا ٿين ٿيون، جنهن کي مقامي ماڻهو شڪار ڪري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪندا آهن، جڏهن ته سياري جي مند ۾ هن ڍنڍ ۾ پکي به جهجهي تعداد ۾ لهندو آهي، پر سندن مسلسل شڪار سبب پکين جي آمد ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي.
راهين ڍنڍ ۾ عام سياحن لاءِ تفريحي ماڳ پڻ بڻيل آهي ۽ هتي ايندڙ ماڻهو ڍنڍ ۾ ٻيڙيءَ وسيلي سير ڪري لطف اندوز ٿيندا آهن.
رتڙائو ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي چوٽياريون ۾ واقع آهي. ڍنڍ ٻن ضلعن ۾ ورهايل هئڻ سبب سندس اڌ حصو خيرپور ضلعي جي ناري تعلقي ۽ اڌ سانگهڙ ضلعي ۾ اچي وڃي ٿو. جڏهن ته سندس ڊيگهه ڇهه ڪلوميٽر ۽ ويڪر هڪ ڪلوميٽر آهي. ڍنڍ جي نالي جي نسبت سان هڪ روايت مشهور آهي ته هن علائقي جا رهواسي پيرين پنڌ پير جو ڳوٺ خيرپورميرس ۾ پنهنجي مرشد جي درگاهه تي ويندا هئا ۽ رستي ۾ رات پوڻ تي هتي ترسندا هئا. هڪ ڀيري رتو نالي هڪ موچي زيارت بعد هن ڍنڍ ڀرسان پهتو ته بيمار ٿي پيو، جنهن بعد پاڻ وصيت ڪئي ته مرڻ جي صورت ۾ کيس هن ڍنڍ ويجهو دفن ڪيو وڃي ۽ اڄ به سندس قبر اولهه طرف واقع آهي، جنهن بعد ان فقير رتي موچيءَ جي نسبت سان هن ڍنڍ تي نالو ’رتڙائو‘ پئجي ويو. رتڙائو ڍنڍ تي ڪيترن ئي قسمن جا پکي لهڻ سان گڏ مڇي پڻ جهجهي انداز ۾ پيدا ٿئي ٿي، جنهن جي ڪري هيءُ ڍنڍ مقامي ماڻهن جي روزگار جو وسيلو پڻ آهي.
رحماني ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي دادو جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ سيتا ويجهو واقع آهي، جڏهن ته هيءَ ڍنڍ سنڌونديءَ جي ڇڏيل اڳوڻي وهڪري سبب وجود ۾ آئي. جڏهن ته هن ڍنڍ ۾ مڇيءَ جو شڪار گهڻي مقدار ۾ ٿيندو آهي.
ساروهه ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ وارهه تعلقي قنبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ واقع آهي. هن جي اولهه ۾ کيرٿر جبل، ڏکڻ ۾ حمل ڍنڍ ۽ جوهي شهر جڏهن ته اتر ۾ وارهه تعلقو آهي. هن ڍنڍ جي نالي بابت روايت آهي ته نو لکي جاگير کان اڳ هن علائقي ۾ سردار پنري خان سولنگيءَ (637هه) جو راڄ هوندو هو ۽ کيس ٻه پٽ هوندا هئا، جن جا نالا: ساروهه ۽ امير هئا. انهن مان ساروهه جي نالي سان هيءَ ڍنڍ سڏجي ٿي. سمن جي حڪومت ۾ ڄام سلطان نظام الدين ۽ سندس وزير دولهه دريا خان چانڊين جي سردار سريمڻ کي جاگير ڏني ۽ چانڊيا روجهاڻ مان لڏي اچي ساروهه جي ڪناري تي آباد ٿيا. ان دؤر ۾ ساروهه جي ڪناري گهاٽو جهنگ هوندو هو. ڪاڇي ۽ کيرٿر ۾ مينهن پوڻ سبب جبلن جو پاڻي نَئِن ۽ ڍورن جي صورت ۾، هن ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، جنهن سبب ساروهه ۾ مڇي، بهه، لوڙهه، قم، پٻڻ گهڻائيءَ ۾ ملڻ سان گڏ پکي پڻ جهجهي تعداد ۾ ايندا هئا، جڏهن ته هن ڍنڍ وسيلي ڪاڇي جي ڪيترائي ايڪڙ ٻني پڻ آباد ٿيندي هئي.
هن وقت غيبي ديري ڳوٺ جي اوڀر پاسي ۾ ايف.پي بند جي اولهه ۾ ساروهه نالي چنن جو هڪ قديم ڳوٺ آباد آهي. ان ڳوٺ جي نالي سان درياهه جو وهڪرو ڪاڇي مان به وهندو هو، جيڪو منڇر ۾ ڇوڙ ڪندو هو ۽ اتان درياهي رستي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. انهيءَ وهڪري جي ٻنهي طرف کان اولهه ۽ اوڀر ۾ ڪيترائي قديم ڳوٺ، وسنديون، پتڻ ۽ بندر آباد هئا، جيڪي اڄ به ڪاڇي جي قديم آثارن ۾ موجود آهن. ساروهه ڍنڍ، درياهه جو ڏيک ڏيندڙ آهي. سن 1500ع ۾ جيڪب آباد ۽ ڪنڌڪوٽ مان پاڻيءَ جو هڪ قديم وهڪرو بلوچستان ۽ سنڌ جي جبلن مان ايندڙ جابلو نَئِن جو پاڻي وقت سان گڏ بند ٿي ويو. ان وهڪري مان قديم دؤر ۾ ٽي ڍنڍون پڻ ٺهنديون هيون، جن ۾ بڊام، ڪاڇڙي ۽ ساروهه ڍنڍ شامل آهن. تاريخ جي حوالن مان ڄاڻ ملي ٿي ته ستين صديءَ ۾ سنڌو درياهه جو الهندو وهڪرو ٽن حصن ۾ ورهائجي ويو. هيءُ وهڪرو ڪشمور وٽان سنڌو درياهه مان نڪرندو هو ۽ ڪنڌڪوٽ، شڪارپور جي علائقي مان گذري ميرو خان ۾ حاڪم شاهه پٽ وارو ماڳ وٺي ڪاڇي مان ٿيندو منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ساروهه ڍنڍ جي ڀرجڻ جو وسيلو کيرٿر جبلن مان نڪرندڙ اهم نَئِن کينجي آهي، جيڪا 5300 فوٽن جي اوچائي تان ميان گڻ واري هنڌ کان ويجهو مچل وٽان پنهنجو سفر شروع ڪري ٿي. ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي ڪمشنر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ هن نَئِن کي ‘The Great Canon of Sindh’ جو لقب ڏنو، جيڪا ساروهه ڍنڍ ۾ پنجاهه ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪري ڇوڙ ڪري ٿي.
سامارو ڍنڍ: سنڌ جي هيءَ تاريخي ۽ قديم ڍنڍ تعلقي ساماري ضلعي ميرپورخاص ۾ واقع هئي. تاريخي حوالن مان ڄاڻ ملي ٿي ته هندستان جي مغل بادشاهه همايون افغانستان مان شڪست کائڻ بعد پنهنجي لشڪر سميت عمرڪوٽ ۾ پناهه ورتي هئي. سال 1542ع ۾ همايون بادشاهه پنهنجي زال حميده بيگم کي عمرڪوٽ ۾ ڇڏي پاڻ سپاهين سان گڏ ٺٽو ۽ بکر فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو هو، اڃا سفر ۾ هو ته کيس اطلاع مليو: ”حميده بيگم کي پٽ ڄائو آهي.“ جيڪو اڳتي هلي هندستان جو بادشاهه ٿيو ۽ سندس نالو جلال الدين محمد اڪبر رکيو ويو. جنهن وقت همايون بادشاهه کي پٽ ڄمڻ جو اطلاع مليو هو، ان وقت هو سامارو ڍنڍ جي ڪناري تي پنهنجي لشڪر سميت لٿل هو. تنهن دؤر ۾ هي ڍنڍ پنهنجي اوج تي هوندي هئي. هتي آبي جيوت کانسواءِ مڇي پڻ گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿيندي هئي، جڏهن ته مُند آهر ڏيهي توڙي پرڏيهي پکي هتي اچي واهيرو ڪندا هئا. سامارو ڍنڍ موجوده وقت ۾ وڌندڙ آبادي ۽ ماحولياتي گدلاڻ سبب مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آهي، جڏهن ته هن ڍنڍ جي جاءِ تي ساڳي نالي هڪ شهر پڻ جڙي چڪو آهي.
ساوڙي ڍنڍ: سنڌ جي هيءَ تاريخي ڍنڍ ضلعي شهيد بينظيرآباد جي ڳوٺ ساوڙي ويجهو آهي. چار ڪلوميٽر جي ايراضيءَ تي پکڙيل هن ڍنڍ کي سانوري، ساوتري ۽ ساوندري به ڪوٺيو ويندو آهي. جڏهن ته کيس مقامي ماڻهو ميهار جو پتڻ ڪري پڻ سڏيندا آهن. تاريخي ڪتابن مان ڄاڻ ملي ٿي ته هي ڍنڍ هاڪڙي درياهه جي وهڪري سبب وجود ۾ آئي، جڏهن ته ڍنڍ ويجهو جارجاڻي، سن، هرٻيجي ۽ آمرجي ڍورو موجود آهي. مٺي پاڻيءَ جي هن ڍنڍ ۾ ڪيترن ئي قسمن جي مڇي پيدا ٿيندي آهي، جنهن ۾: ڪرڙو، ٻٽي، درو، ڇلي، منڍو، پوپري ۽ ٿيلهي شامل آهن، جنهن کي مقامي ماڻهو ماري ڀرپاسي جي مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪري گذر بسر ڪندا آهن. جڏهن ته هتي سياري جي مند کان علاوه ٻين مندن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا پکي اچي لهندا آهن، جن ۾ متلو، ڦدي، کلڪڻ، بيل، ڪهنگ، ڪيني، آڙي، ٽوهڙ، پيهوڙي ۽ ڊوئڙو شامل آهن، پر پکين جي مسلسل شڪار سبب سندن آمد ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي.
سپنا ڍنڍ: سنڌ جي هي مشهور ڍنڍ ضلعي ڄامشوري، تعلقي سيوهڻ ۾ واقع آهي. پنهنجي اوج واري دؤر ۾ هن ڍنڍ ۾ آبي جيوت کانسواءِ ڪيترن ئي قسمن جي مڇي پڻ ملندي هئي، جنهن ۾: موراکو، ڪرڙو، ڏنڀرو، مرو، سُڻي ۽ سينگاري شامل آهي. جڏهن ته پکين به جهجهي تعداد هتي اچي واهيرو ڪندا آهن. هي ڍنڍ هن وقت فشريز کاتي جي حوالي آهي.
سُچارو ڍنڍ: هي قديم ڍنڍ دادو ضلعي جي تعلقي دادو ۾ ڳوٺ سُچاري ڀرسان واقع آهي. ڍنڍ جي اوج واري زماني ۾ هتي مڇي ۽ پکي جو شڪار گهڻي تعداد ۾ ٿيندو هو، پر گهڻي وقت کان پاڻي جي اڻاٺ سبب هي ڍنڍ سوڪهڙي جو شڪار آهي.
سڌ واهه ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي تعلقي دادوءَ ۾ ڳوٺ سيال کان اوڀر طرف واقع آهي. سنڌو درياهه جي چاڙهه وارن ڏينهن ۾ هيءُ ڍنڍ ڀرجي ويندي آهي، جڏهن ته هن ڍنڍ ۾ مڇي جهجهي پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي مقامي ماڻهو وڪرو ڪري گذر بسر ڪندا آهن. هيءَ ڍنڍ هن وقت فشريز کاتي جي تحويل ۾ آهي.
سرائي شوڪت علي لغاريءَ واري ڍنڍ: هي ڍنڍ ديهه لغاري بجراڻي تعلقي موري ۾ ڦٽل حالت ۾ موجود آهي. اڳوڻي زماني ۾ مشهور رهندڙ هن ڍنڍ تي سياري جي موسم ۾ سائيبريا ۽ ٻين علائقن جا پکي اچي واهيرو ڪندا هئا جن ۾: نيرڳي، منگهو، ڊگهوش، ڪونج، ٿورهانڊو، ٻوئڙ بدڪ، سوسائي، ڪيني، تبيرو ۽ ٻيا شامل هئا ۽ ٻي آبي جيوت کانسواءِ هن ڍنڍ ۾ مڇي پڻ گهڻي تعداد ۾ شڪار ٿيندي هئي ۽ مقامي ماڻهو پنهنجو ٻنيون پڻ هن ڍنڍ جي پاڻيءَ وسيلي آباد ڪندا هئا. هيءَ ڍنڍ هن وقت پاڻيءَ جي اڻهوند سبب ويران ٿي وئي آهي.
سرجاري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ بهاولپور ويجهو تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ کي ’سرجار‘ يا ’سرجري‘ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته مقامي ماڻهن جي خيال موجب هن ڍنڍ تي اهو نالو ديهه سرجري سبب پيو. هي ڍنڍ درياهه جي ڇڏيل وهڪري سبب وجود ۾ آئي پنهنجي اوج واري دؤر ۾ هن ڍنڍ ۾ مڇي گهڻي تعداد ۾ ملندي هئي، جنهن جو شڪار ڪري مقامي ماڻهو گذرسفر ڪندا هئا، پر هن وقت هي ڍنڍ سوڪهڙي جو شڪار آهي.
سرن واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي سانگهڙ، تعلقي چوٽياريون ۾ ڀولو واري ڍنڍ جي اولهه ۾ واقع آهي. هن خوبصورت ڍنڍ جي پکيڙ پنج ڪلوميٽر ڊگهي ۽ ويڪر ٽي ڪلوميٽر آهي. جڏهن ته هن ڍنڍ ۾ ٻي آبي جيوت کانسواءِ مڇي به گهڻي انگ ۾ ٿئي ٿي، جنهن کي مقامي ماڻهو شڪار ڪري مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪندا آهن. هيءُ ڍنڍ موجوده وقت ۾ فشريز کاتي جي تحويل ۾ آهي.
سسئي ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپور ساڪري ۾ تاريخي ماڳ ڀنڀور جي اوڀر ۾ واقع آهي. هيءَ ڍنڍ مائي سسئيءَ جي نالي سڃاتي وڃي ٿي، جيڪا سنڌ جي هڪ رومانوي قصي سسئي پنهون سان منسوب ٿيل آهي، جنهن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي پڻ پنهنجي اساسي شاعريءَ جو حصو بڻايو آهي. هيءَ ڍنڍ اڳوڻي دؤر ۾ آباد هئي، پر هن وقت پاڻيءَ جي اڻاٺ ۽ سوڪهڙي سبب زوال پذير ٿي وئي آهي.
سن ڍنڍ: هيءُ قديم ڍنڍ ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾، ديهه ساوڙيءَ ۾ واقع آهي. کيس سن ڍورو پڻ چيو ويندو آهي. جڏهن ته هن ڍنڍ کي سن ٻاريچي جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي. هيءَ ڍنڍ سهڻي ميهار وارو ڍورو وهي اچڻ جي ڪري وجود ۾ آئي، جنهن کي هاڪڙو به سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ته هن وقت هيءُ ڍنڍ سوڪهڙي جي شڪار سبب مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آهي.
سنهاري ڍنڍ: سنڌ جي هي قديم ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي خيرپورناٿن شاهه تعلقي ۾ گوزي شهر جي اُتر ۾ واقع آهي. پنهنجي اوج واري دؤر ۾ هن ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکيءَ جو شڪار ٿيندو هو، جڏهن ته هاڻوڪي وقت ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب هيءَ ڍنڍ سوڪهڙي جو شڪار ٿي وئي آهي.
سوڀناري ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي تعلقي جوهيءَ ۾ ڳوٺ بچل خان جماليءَ جي ڀرسان آهي. ٻارهن سؤ ايڪڙن تي مشتمل هن ڍنڍ جو شمار پنهنجي علائقي جي وڏين ڍنڍن ۾ ٿئي ٿو. هن ڍنڍ جي نالي بابت روايت آهي ته اُن تي هڪ هندو عورت سوڀناريءَ جي نالي تان پيو. هن ڍنڍ کي ’سونڀاريءَ جي ڍنڍ‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو. هيءَ ڍنڍ الهندي ناري جي ڪناري تي هئڻ ڪري سال جا ٻارهن مهينا ئي ڀريل هوندي آهي، جڏهن ته هن ۾ مڇيءَ جا ڪيترائي قسم پيدا ٿيندا آهن، جن ۾: گوج، فوجي، منڍو، سينڱاري، پوپري، مُرو، گندڻ، گائينرو ۽ وانچ شامل آهن. سياري جي مند ۾ هتي ڪيترن ئي قسمن جا پکي سائيبريا ۽ ٻين علائقن مان اچي واهيرو ڪندا آهن، جن ۾: کوکراٽ، سانولو، بگو اڇو، آڙي، سينهه ڀوري، نردول، ڪراٽڻ، لهور، ٽوهڙ ۽ سري شامل آهن، پر پکين جي مسلسل شڪار سبب انهن جي آمد ۾ گهڻي ڀاڱي گهٽتائي اچي وئي آهي. هن ڍنڍ جو پاڻي مقامي ماڻهو ٻني ٻاري لاءِ پڻ استعمال ڪندا آهن. هيءُ ڍنڍ مقامي ماڻهن جي روزگار جو ذريعو هئڻ کان سواءِ تفريح جو ماڳ پڻ بڻيل آهي.
سومري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ تعلقي عمرڪوٽ ضلعي ميرپور خاص ۾ ڦٽل آثارن جي صورت ۾ موجود آهي ۽ برسات جي مند ۾ هيءُ ڍنڍ ڀربي آهي.
سوناٻنڊي ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ دادو ضلعي جي تعلقي دادوءَ ۾ سوناٻنڊي ٻيلي ۾ واقع آهي. ٻيلي جي نالي جي نسبت سان سڃاپندڙ هن ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکيءَ جو جهجهو شڪار ٿئي ٿو، جڏهن ته هيءَ ڍنڍ موجوده وقت ۾ فشريز کاتي جي تحويل هيٺ آهي.
سوني ڍنڍ: هيءُ قديم ڍنڍ دادو ضلعي جي ميهڙ تعلقي ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکيءَ جو شڪار جام ٿيندو آهي، پر موجوده وقت ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائي ۽ سرڪار جي عدم توجهه سبب هي ڍنڍ ختم پئي ٿيندي وڃي. هن ڍنڍ کي فشريز کاتي وارا هر سال نيلام ڪندا آهن.
شاهه مراد واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ديهه ٻيٽ ٻڍي تعلقي موري ضلعي نوشهري فيروز ۾ واقع آهن. هيءَ ڍنڍ ننڍي ايراضي تي پکڙيل آهي، جنهن ڪري هن ۾ ٿوري تعداد ۾ مڇيءَ جو شڪار ٿيندو آهي.
شڪر ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ سڪرنڊ شهر ضلعي نوابشاهه (شهيد بينظيرآباد) ۾ ڦٽل آثارن جي صورت ۾ واقع آهي. پنهنجي اوج واري دؤر ۾ هيءَ ڍنڍ ميلن ۾ ڦهليل هئي ۽ اتي موجود مقامي ماڻهن جي روزگار جو وسيلو هئڻ سان گڏ هڪ واپار جو مرڪز پڻ هئي. مٺي پاڻي هئڻ ڪري هن ڍنڍ کي شڪر ڍنڍ سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته هن ڍنڍ جي نالي بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”لفظ سڪرنڊ، شڪر ڍنڍ جي بگڙيل صورت آهي، جيڪو هن شهر تي پيو.“
مير فتح علي خان جو ميرن جي دؤر ۾ جوڙايل شهر فتح آباد به هن ڍنڍ جي ڪناري تي آباد هو، جڏهن ته مير فتح علي خان شڪار لاءِ هتي ڪئمپ پڻ قائم ڪئي. ان دؤر ۾ هتي پکي، مڇي، لوڙهه، ڪُم، پٻڻ ۽ پلو عام جام هو، جڏهن ته سياري جي مند ۾ هتي پرڏيهي پکي پڻ اچي لهندا هئا. ڍنڍ جي ماحول، آبهوا ۽ نظارن سبب مير صاحب ڍنڍ اندر موجود هڪ ٻيٽاريءَ تي عمارت پڻ جوڙائي، جنهن جو ذڪر
مير عظيم الدين ٺٽويءَ هن طرح ڪيو آهي: ”شڪر ڍنڍ جي وچ ۾ مير فتح علي خان ٽالپر جي حڪم سان ٻيٽاريءَ جي مٿان شاهي محلات اڏيل آهي.“ انگريزن جي دؤر ۾ درياهه ۾ چاڙهه سبب ٻوڏ جي پاڻيءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سنڌو درياهه تي بچابند ٻَڌڻ کانپوءِ هيءَ ڍنڍ زوال پذير ٿي وئي، جڏهن ته 1927ع ۾ هن ڍنڍ مان پمپن وسيلي پاڻي کنيو ويو ته جيئن ڍنڍ جي ويجهو تحقيق لاءِ هڪ زرعي فارم تيار ڪري سگهجي. جنهن کانپوءِ سرڪار طرفان ڍنڍ جي زمين اتان جي مقامي ماڻهن کي ورهائي ڏني وئي ۽ موجوده وقت ۾ اتي سڪرنڊ شهر آباد ٿي چڪو آهي.
شورن واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ حيدرآباد ۾ گنجي ٽڪر جي اوڀر طرف ڳوٺ کٿڙ ويجهو واقع آهي، جڏهن ته شورن جي ڳوٺ ويجهو اتر طرف هئڻ ڪري ان کي ’شورن جي ڍنڍ‘ جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو، پر ڪجهه مقامي ماڻهو هن کي ’سون ڪن‘ به سڏين ٿا. هن ڍنڍ جي ڀرجڻ جو اهم ذريعو گنجي ٽڪر مان وهي ايندڙ برساتي نئن ۽ ڍورن جو پاڻي آهي.
صدوري ڍنڍ: سنڌ جي هي قديم ڍنڍ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي چوٽياريون ۾ ڳوٺ ڦليل کان اولهه پاسي ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هن ڍنڍ جو پراڻو نالو ’چنڊي جي ڍنڍ‘ آهي. هن ڍنڍ جي حوالي سان هڪ ڏندڪٿا مشهور آهي ته: ”هڪ ڀيري سورهيه بادشاهه هن ڍنڍ تي شڪار ڪري رهيو هو ۽ فقيرن کان ڍنڍ جي نالي بابت پڇيائي فقيرن کيس ٻڌايو ته هن کي ’چنڊي جي ڍنڍ‘ سڏين ٿا، تنهن تي پاڻ وراڻيائون ته، ”اهڙي خوبصورت ۽ من موهيندڙ ڍنڍ کي ’چنڊي جي ڍنڍ‘ سڏڻ نامناسب آهي“، جنهن بعد سورهيه بادشاهه ان جو نالو ’صدوري‘ رکيو ۽ هيءُ ڍنڍ انهيءَ نالي سان سڏجڻ لڳي. ٽي ڪلوميٽر ويڪر ۽ ڇهه ڪلوميٽر ڊيگهه رکندڙ هن ڍنڍ ۾ آبي جيوت کانسواءِ جهجهي تعداد ۾ ڪيترن ئي قسمن جي مڇي ٿئي ٿي، جنهن ۾: ڪرڙو، گائينرو، موراکي ۽ سرهيو شامل آهن، جڏهن ته سياري جي مند ۾ هن ڍنڍ تي ڏيهي توڙي پرڏيهي پکي گهڻي تعداد ۾ لهي ٿو، پر انهن جي مسلسل شڪار سبب انهن جي آمد ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. هيءَ خوبصورت ۽ من موهيندڙ ڍنڍ پنهنجي علائقي ۾ مقامي ماڻهن لاءِ تفريحي ماڳ پڻ بڻيل آهي.
ڪاڇڙي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ تعلقي وارهه ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ جي نالي بابت مشهور آهي ته سمن جي حڪمرانيءَ ۾ ڪڇڙ ذات سان واسطو رکندڙ قبيلو هن ڍنڍ تي آباد هو ۽ ان قبيلي جي ڪري هن ڍنڍ تي اهو نالو پيو، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ پاڻ کي ڪڇي سڏائڻ لڳا. هيءَ ڍنڍ بچابند کان اولهه ۾ بڊام ڍنڍ، ساروهه ڍنڍ ۽ حمل ڍنڍ جي سلسلي سان جُڙيل آهي، جڏهن ته هيءَ ڍنڍ برسات جي موسم ۾ نئيون وهي اچڻ ڪري ڀربي آهي ۽ قنبر شهدادڪوٽ ۽ ميروخان جي شهر جو کارو ۽ گندو پاڻي پڻ هن ڍنڍ ۾ نيڪال ٿيندو آهي.
هن ڍنڍ جي ڏکڻ طرف بڊام ڍنڍ، اتر ۾ حمل ڍنڍ ۽ اولهه ۾ کيرٿر جبل آهي، جڏهن ته ٻوڏ جي صورت ۾ هن ڍنڍ جو پاڻي ڇنڊڻ واهه ۾ ڪڍيو ويندو آهي، جيڪو انگريز راڄ ۾ ڪاڇڙي ڍنڍ جي آخري ڇيڙي تي ٺهيل دروازن مان ڇوڙ ڪندو آهي. آڳاٽي دؤر ۾ هيءَ مشهور شڪار گاهه پڻ هئي، جتي ڪيترائي پکي سياري جي مند ۾ پرڏيهه کان ايندا هئا، جن ۾: ڊگوش، نيرڳي، چيڪلو، آڙي، لنگهو، ڌونري، ٻهاڙ، ڳهڻو ۽ ٻيا شامل هئا. پر هن وقت مقامي شهرن جو گندو ۽ سم جو زهريلو پاڻي جڏهن حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪيو ويو، ان ڪري بڊام، ساروح، حمل، منڇر ۽ ڪاڇڙي ڍنڍ ماحولياتي آلودگيءَ جو شڪار ٿيون، جنهنڪري پرڏيهي پکين جي آمد ۾ گهٽتائي اچڻ سان گڏ اتان جي مقامي آبادي پڻ لڏپلاڻ ڪري وئي. سرڪاري تحويل ۾ هجڻ باوجود هن ڍنڍ تي اُتان جي مقامي ۽ بااثر رهواسين جو قبضو آهي.
ڪاري يا ڦٽو ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم ۾ لاکاٽ ڳوٺ جي ويجهو واقع آهي. هيءَ ڍنڍ سنڌونديءَ جي ڇڏيل وهڪري سبب وجود ۾ آئي، جنهن ۾ پکي گهٽ ۽ مڇي جهجهي مقدار ۾ ملي ٿي، انهيءَ سبب مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جو وسيلو هئڻ کانسواءِ تفريح ماڳ پڻ آهي.
ڪاڪاهو ڍنڍ: سنڌ جي خوبصورت ڍنڍ کپري شهر کان پنجويهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ضلعي سانگهڙ ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ جي نالي بابت تاريخي ڪتابن مان ڪا به ڄاڻ نه ٿي ملي، جڏهن ته لفظ ’ڪاڪاهو‘ جي لغوي معنيٰ جهدوجهد يا اوکائي آهي. هن ڍنڍ کي مکيءَ جي ڍنڍن ۾ نمايان حيثيت حاصل آهي. هتي سياري جي مند ۾ ڪيترائي ڏيهي ۽ پرڏيهي پکي، جن ۾: کيڻاٺي، آڙي ۽ نيرڳي اچي لهندا آهن. جڏهن ته مقامي ماڻهن جي روزگار جو وسيلو پڻ ڍنڍ تي آهي، جتان هو مڇيءَ جو شڪار ڪري مختلف شهر ۾ وڪرو ڪندا آهن.
مٺي پاڻيءَ جي هن ڍنڍ جو دارومدار برسات جي پاڻيءَ تي آهي، جڏهن ته مقامي ماڻهو هتان جي پاڻيءَ کي استعمال پڻ ڪندا آهن. چوڌاري ڀٽن ۾ واقع هن ڍنڍ جي سونهن پسڻ لاءِ ڪيترائي سياح ٽولن جي صورت ۾ ايندا آهن، پر سياحن جي سهولت ۽ هن ڍنڍ جي ترقيءَ لاءِ سرڪار پاران ڪي به اُپاءَ نه ورتا ويا آهن، جنهن سبب هيءَ ڍنڍ سياحتي ماڳ طور مشهوري ماڻي نه سگهي آهي.
ڪراڙ ڍنڍ: سنڌ جي هيءَ قديم ڍنڍ ڀٽ شاهه شهر، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ واقع آهي. سنڌو درياهه جڏهن هالا پراڻا کان ٿيندو ڀٽ شاهه کان گذري، نصرپور وٽان ٿيندو ٿر ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو، تنهن وقت ۾ ڀٽ وٽ ڪراڙ جو ’ڪُن‘ مشهور هو، جنهن ۾ ڪيترائي ٻيڙا ٻڏي ويندا هئا. ان زماني ۾ ڀٽ جو ڳوٺ ٻن حصن ۾ ورهايل هو، جن کي ڏکڻ ڀٽ شاهه ۽ اتر ڀٽ شاهه سڏيو ويندو هو. هيءَ ڍنڍ سنڌو درياهه جي رخ مٽائڻ ڪري وجود ۾ آئي، جنهن ۾ بعد ۾ علي واهه ذريعي پاڻي پهچايو ويندو هو ۽ برسات جي مند ۾ درياهه جي چاڙهه سبب به هيءَ ڍنڍ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندي هئي، جنهنڪري هتي ڪيترائي ڏيهي توڙي پرڏيهي پکي پڻ ايندا هئا.
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ڀٽ شاهه شهر جي ڏکڻ طرف ڇهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ساڱرو نالي واهه کوٽرايو ويو ۽ ٻيو ڀٽ شاهه شهر کان اُتر ۾ ’سارنگ‘ نالي واهه کوٽرايو ويو. هن ڍنڍ کي پاڻي پهچائڻ لاءِ ’ساڱري‘ مان هڪ ننڍو واهه ڪڍيو ويو، جنهنڪري هن ڪُن ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪري ورتي. ڪلهوڙن ۽ بعد ۾ ٽالپرن جي حڪمرانيءَ واري زماني ۾ هن ڍنڍ کي ٽن طرفن کان ڪوٽ ڏنل هوندو هو، جڏهن انگريزن جي دور ۾ سنڌ جو وڏو بئراج سکر ۾ ٺهيو ته سنڌ ۾ هڪ وسيع آبپاشي نظام وجود ۾ آيو ۽ ڀٽ شاهه شهر جي اولهه ڏکڻ ۾ ڪڍيل ’تارا شاخ‘ مان هن ڍنڍ کي پاڻي ملڻ لڳو ۽ ڍنڍ ڀٽ جي ڏکڻ طرف ئي محدود ٿي وئي.
ڪراڙ ڍنڍ کي اهميت سنڌ جي مشهور شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪري پڻ آهي. هن جڏهن هن ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ديرو ڄمايو ته سندن مريدن هن ڍنڍ مان مٽي ڍوئي ڀٽ تي هڪ وسيع ٿلهو ٺاهيو. شاهه صاحب جي هن ڍنڍ جي فطرتي حسن سان گهري دلچسپي رهي آهي ۽ هن ڍنڍ جا نظارا، اُن ۾ موجود گُل، پٻڻ، وڻ ٻوٽا ۽ پکي کيس پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندا هئا. ڪراڙ ڍنڍ جو ذڪر سندس رسالي ۾ ملي ٿو:
سارنگ سائي سِٽ، جهڙي لالي لاک جي،
ايئن سي اُٻن انگيا، جئن سي چُنيءَ چٽ،
برسيو پاسي ڀِٽَ، ڀريائين ڪُن ڪِراڙ جا.
اها به روايت آهي ته شاهه سائين پنهنجو ڪيترو ڪلام ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇلايو هو. هيءَ ڍنڍ هن وقت نه فقط شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ڪري مشهور آهي، پر سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز جي مزار به هن جي ڪنڌيءَ تي موجود آهي. اڳتي هلي ڪراڙ ڍنڍ ماحولياتي گدلاڻ سبب زوال پذير ٿي وئي. پر تازو ثقافت کاتي ان جي صفائي ڪرائي ان کي تفريحي ماڳ ۾ تبديل ڪرايو آهي.
ڪري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ دادو تعلقي جي ڳوٺ سيتا ويجهو واقع آهي. سنڌونديءَ جي چاڙهه وارن ڏينهن ۾ هيءَ ڍنڍ ڀرجندي هئي، پر موجوده وقت ۾ پاڻي جي اڻاٺ سبب هيءَ ڍنڍ سوڪهڙي جو شڪار آهي.
ڪَڪڙ ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ ضلعي دادو جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڪڪڙ شهر ويجهو واقع آهي. آڳاٽي زماني ۾ هن ڍنڍ کي ’ڪاڪا سٻور‘ جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو هو. هيءَ ڍنڍ موجوده وقت ۾ ماحولياتي گدلاڻ سبب پنهنجي اهميت وڃائي ويٺي آهي، جڏهن ته سندس انتظام فشريز کاتي حوالي آهن.
ڪلاچ ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ سنڌ جي تاريخي ۽ قديم ڍنڍ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي ناري ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ جي ڊيگهه چار ڪلوميٽر ۽ ويڪر اڌ ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته هن ڍنڍ جي نالي جي نسبت سان چيو وڃي ٿو ته، ”هن ڍنڍ جي وچ ۾ هڪ وڏو ’ڪُن‘ هوندو هو، جنهنڪري هن ڍنڍ کي ’ڪلاچ‘ سڏيو ويو. هن ڍنڍ جي حوالي سان هڪ ٻي روايت مشهور آهي ته ورهاڱي کان اڳ هندستان ۾ سنڌ اندر جاريحُر تحريڪ‘ دوران فرنگين سان حُر مجاهدن جي جوٽيل جنگين ۽ معرڪن ۾ شهيد ٿيل حر مجاهدن کي انگريز ڪلاچ ڍنڍ جي ڪُن ۾ اڇلي ڇڏيندا هئا. موجوده وقت ۾ ڪلاچ ڍنڍ ۾ پکي گهٽ لڀن ٿا، پر مڇي گهڻي تعداد ۾ شڪار ٿئي ٿي. هيءَ ڍنڍ مقامي رهواسين جي روزگار جو وسيلو پڻ بڻيل آهي، جڏهن ته هن ڍنڍ جو انتظام فشريز کاتي جي حوالي آهي.
ڪلري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ حيدرآباد ضلعي ۾ گنجي ٽڪر جي اوڀر ۾ ڳوٺ کٿڙ ويجهو واقع آهي. هن ڍنڍ سان گڏ پاٻيڙو ڍنڍ به آهي، ان ڪري هن کي پاٻيڙو ڍنڍ به سڏيو وڃي ٿو. هڪ مقامي روايت موجب، ”هن ڍنڍ ۾ سم يا ڪلر وارو پاڻي ڇڏيو ويندو هو، ان ڪري ان کي ڪلري سڏيو وڃي ٿو.“ ڪلري ڍنڍ برساتن جي مند ۾ گنجي ٽڪر تان پاڻي وهي اچڻ ڪري وجود ۾ آئي. هن ڍنڍ تي پکي گهٽ واهيرو ڪندا آهن، پر مڇي جهجهي تعداد ۾ پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي ڀرپاسي جي مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪيو ويندو آهي. هيءَ ڍنڍ مقامي ماڻهن جي روزگار جو ذريعو هئڻ سان گڏ تفريحي ماڳ پڻ آهي.
ڪنڊياري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ دادو ضلعي جي تعلقي جوهيءَ ۾ ڳوٺ بهاولپور ويجهو ۽ شهيد مخدوم بلاول جي مزار کان اولهه طرف 8 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي. پنهنجي اوج واري زماني ۾ هن ڍنڍ مان ڪيترائي مڻ مڇي شڪار ٿيندي هئي ۽ ان جي ايراضي 150 ايڪڙن تي مشتمل هئي، جنهن ۾ ٻيڙيون پڻ موجود هونديون هيون. هن وقت الهندي ناري جو M.N.V.D ٿيڻ ۽ ناري جي ٻنهي پاسن کان بند اچڻ سبب هيءَ ڍنڍ پاڻي نه ملڻ ڪري ويران ٿي وئي آهي. ڪنڊياري ڍنڍ موجوده وقت فشريز کاتي جي تحويل هيٺ آهي.
ڪنڊي چکيءَ جي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ چکي موجود آهي، جنهن جي نسبت سان ڍنڍ تي اهو نالو پيو. ان نالي مان واضح آهي ته سنڌوندي چک ٺاهي سيتاري پراڻ ڏانهن قديم دؤر ۾ وهي آئي هئي. اهڙا نشان اڄ به هتي ملن ٿا، جتان سنڌوءَ جو وهڪرو جاکپاري ڍنڍ تائين رسندو هو. پنهنجي اوج واري دؤر ۾ هن ڍنڍ ۾ مختلف نباتات سان گڏ مڇي به گهڻي تعداد ۾ ٿيندي هئي، جنهن کي مقامي ماڻهو مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪندا هئا، جڏهن ته موجوده وقت آبي گدلاڻ ۽ وڌنڌڙ آباديءَ جي ڪري هيءَ ڍنڍ پنهنجي اهميت وڃائي، ڍوري جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي.
ڪورائين واري ڍنڍ: سنڌ جي هيءَ مشهور ڍنڍ تعلقي موري جي ديهه ڪورائيءَ ۾ موجود آهي ۽ ديهه جي نالي سان سڏجي ٿي. پنهنجي اوج واري دؤر ۾ هن ڍنڍ ۾ ڪيترن ئي قسمن جي مڇي پيدا ٿيندي هئي جنهن ۾: موراکي، سينڱاري، پاپليٽ ۽ فوجي شامل هئي. هن ڍنڍ کي علائقي ۾ نمايان حيثيت حاصل هئي، ان سان گڏ هتي پکي پڻ گهڻي تعداد ۾ اچي لهندو هو، جنهن ۾: ڊگوش، آڙي، نيرڳي، ٻوڙي، ڪانيرو، گولاڙو، پرهي، گڊو، وهر ۽ ڏوريو شامل هئا، پر پکين جي مسلسل شڪار سبب انهن جي آمد ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. هيءَ ڍنڍ موجوده وقت ۾ ماحولياتي گدلاڻ ۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب مڪمل طور زوال پذير ٿي چڪي آهي.
ڪينجهر ڍنڍ: سنڌ جي ٺٽي ضلعي ۾ موجود هن تاريخي ڍنڍ جو شمار سنڌ جي خوبصورت ۽ تفريحي ڍنڍن ۾ ٿئي ٿو. مٺي پاڻيءَ جي هن ڍنڍ جي ايراضي 35 هزار هيڪٽرن تي مشتمل آهي ۽ ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي گنجائش 0.52 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. هيءَ ڍنڍ ويڪر ۾ ڇهه ڪلوميٽر ۽ ڊيگهه ۾ 23 ڪلوميٽر آهي. جڏهن ته ان جي گهرائي 80 کان 90 فوٽ تائين آهي. شروعات ۾ سونهري ۽ ڪينجهر ٻه الڳ ڍنڍون هيون. جڏهن برسات سبب درياهه ۾ چاڙهه ايندو هو ۽ جابلو سلسلي مان نديون ۽ نالا وهي ٻنهي ڍنڍن ۾ ڇوڙ ڪندا هئا ته ٻئي ڍنڍون ملي هڪ ٿي وينديون هيون ۽ اتي جا رهواسي چوندا هئا ته: ”ڪينجهر ۽ سونهريءَ لائون لڌيون آهن.“
ڪينجهر ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جو سڀ کان وڏو وسيلو ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ واهه ڪلري بگهاڙ آهي، جنهن کي ڪراچي واهه پڻ چيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ ڪوهستان جون ڪجهه نئيون ۽ ڍورا پڻ هن ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا، جن ۾: سوڙهه، لوياڇ، ٻاڙي، هرولهو، ڍور، نيهون، کارڙي، ڪٿڙي، ڪرنجهڙو، لوهيرو، پار وارو وغيره شامل آهن. هيءَ ڍنڍ نه فقط ڪراچيءَ جي شهرين لاءِ پاڻيءَ جو هڪ اهم ذريعو آهي، پر هن صنعتي شهر جي هزارين ڪارخانن کي پاڻي رسائڻ جو وڏو وسيلو آهي. هن ڍنڍ تي سير ۽ تفريح خاطر موڪلن جي ڏينهن ۾ عام ماڻهو گهمڻ ايندا آهن، جن جي سهولت لاءِ پاڪستان ٽوئرزم، سنڌ فشريز کاتي، آبپاشي کاتي، سنڌ وائيلڊ لائف کاتي ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ، ريسٽ هائوس، ريسٽورنٽ ۽ هٽ (huts) ٺهرايا آهن.
سنڌ جي هيءَ مشهور ڍنڍ هن وقت ماحولياتي گدلاڻ جو پڻ شڪار آهي. ڪوهستان جي علائقي نوري آباد ۾ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ قائم ٿيل صنعتي علائقي جي ڪارخانن مان خارج ٿيندڙ زهريلا ڪيميائي مادا نَئِن لوياڇ ۽ ٻين نئن وسيلي هن ڍنڍ ۾ داخل ٿين ٿا ۽ ان کانسواءِ ڄامشوري ضلعي جي ڪوٽڙي تعلقي ۾ موجود سوين صنعتي ڪارخانن جو زهريلو مادو پڻ ڪلري بگهاڙ ذريعي ڪينجهر ۾ داخل ٿئي ٿو، جنهن ڪري ڍنڍ ۾ مڇي جي پيداوار تي هاڃيڪار اثر پيا آهن. ان کان سواءِ هتي ايندڙ سياحن پاران گند ۽ ڪچرو پڻ اڇلايو وڃي ٿو ۽ ڍنڍ ۾ هلندڙ موٽر بوٽس پڻ ماحول کي آلوده ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن. 1976ع ۾ هن ڍنڍ کي رامسر سائيٽ قرار ڏنو ويو ۽ بعد ۾ کيس سنڌ وائيلڊ لائيف پروٽيڪشن آرڊيننس ذريعي جهنگلي جيوت جي تحفظ وارو هنڌ پڻ قرار ڏنو ويو.
سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي آباد هيءَ ڍنڍ لوڪ داستان جي ڪردار نوري ڄام تماچي سبب پڻ مشهور آهي. روايت موجب ڄام تماچي فارغ وقت ۾ شڪار به ڪندو هو، جنهن دوران سندس نظر ڪينجهر ڍنڍ تي مڇي ماريندي نوري مهاڻي تي پئي ۽ ان جي حسن تي موهت ٿيو، بعد ۾ ساڻس شادي به ڪيائين. ڄام تماچي جي ماڙي جا آثار اڄ به هن ڍنڍ جي ڀرسان واقع آهن. جڏهن نوري مهاڻي جي مزار ڪينجهر ڍنڍ ۾ موجود هڪ ٽڪري تي آهي. هن ڍنڍ جو ذڪر ’شاهه جي رسالي‘ جي ’سُر ڪاموڏ‘ ۾ ملي ٿو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيو آهي ته:
هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراءِ،
اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءِ،
لڳي اُتر واءُ، ته ڪينجهر هندورو ٿئي.
کاڻوٺ ڍنڍ: هيءَ قديم ڍنڍ ضلعي ڄامشوري جي تعلقي ڪوٽڙي ۾ کاڻوٺ شهر جي اوڀر ۾ واقع آهي. روايت موجب اصلي کاڻوٺ شهر ڪنهن دؤر ۾ هاڻوڪي کاڻوٺ شهر کان اوڀر طرف هو، جنهن کي درياهه پائي ويو ۽ هيءَ ڍنڍ درياهه جي پراڻ آهي. تاريخي حوالن مان ڄاڻ ملي ٿي ته شاهه بيگ ارغون ٺٽي کان سيوهڻ ويندي هن ڍنڍ جي ڪناري رات رهيو هو. مٺي پاڻي جي هن ڍنڍ ۾ مڇي گهڻي تعداد ۾ ملي ٿي. فشريز کاتي پاران هن ڍنڍ کي هر سال نيلام ڪيو ويندو آهي.
کرل ڍنڍ: هي ڍنڍ تعلقي دادو جي ڳوٺ کرل ۾ واقع آهي، جڏهن ته هن ڍنڍ جي نيلامي فشريز کاتي وارا ڪندا آهن.
کوکرن واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ديهه کوکر تعلقي موري ۾ ڦٽل صورت ۾ موجود آهي. ديهه کوکر جي نالي جي نسبت سان سڃاپندڙ هن ڍنڍ ۾ ڪيترن ئي قسمن جي مڇي شڪار ٿيندي هئي، جن ۾: ڪرڙو، لُهر، منڍو، شاڪر، گائينرو ۽ پاپليٽ شامل هئي. جڏهن ته سياري جي مند ۾ سائيبريا کان ڪيترائي پکي هتي اچي واهيرو ڪندا هئا. هي ڍنڍ درياهه جي وهڪري سبب وجود ۾ آئي، پر هن وقت سرڪار جي عدم توجهه ۽ پاڻي کوٽ سبب ويران ٿي وئي آهي.
کير واري ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ ضلعي سانگهڙ، تعلقي چوٽياريون ۾ واقع آهي. سندس پکيڙ اٽڪل ڇهن چورس ميلن تي مشتمل آهي. هن ڍنڍ جي نالي بابت روايت آهي ته هتي گهاٽن وڻن جو جهنگ هو، جتي خليفي علي محمد ساند (ڏڏر واري خليفو) وٽ وڏي تعداد ۾ چوپايو مال هو. هو مينهن ۽ ڍڳين کي صبح جو ڏهڻ ويهندو هو ته رات پئجي ويندي هئي. تمام گهڻي کير سبب گهر جا سمورا ٿانو ڀرجي ويندا هئا ۽ باقي بچيل کير ڍنڍ ۾ هاريو ويندو هو، جنهنڪري هن ڍنڍ جو نالو ’کير واري ڍنڍ‘ پئجي ويو. هن ڍنڍ ۾ آڳاٽي دؤر ۾ گهڻي تعداد ۾ مڇي پيدا ٿيندي هئي، جنهن کي مقامي ماڻهو شڪار ڪري ڀرپاسي جي شهرن ۽ واهڻن ۾ وڪرو ڪندا هئا ۽ هتي سياري جي مند ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي پکي پڻ جهجهي تعداد ۾ ايندا هئا. موجوده وقت ۾ هيءَ ڍنڍ ماحولياتي گدلاڻ سبب پنهنجي اهميت وڃائي ويٺي آهي، جڏهن ته سندس انتظام فشريز کاتي وٽ آهي.
کيڙن واري ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ واقع آهي. هي ڍنڍ درياهه جي گس مٽائڻ سبب وجود ۾ آئي، جڏهن ته هن وقت کيس بئراجن وسيلي پاڻي مهيا ڪيو ويندو آهي. جنهن سبب هن ڍنڍ تي ڏيهي پکين سان گڏ پرڏيهي پکي به لهندا آهن ۽ مڇي پڻ گهڻي تعداد ۾ ٿيندي آهي، جنهنڪري مقامي سرڪار هن ڍنڍ جي هر سال نيلامي ڪندي آهي.
گائنچا ڍنڍ: هيءَ قديم ڍنڍ ڄامشوري ضلعي جي تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ گائنچا ڳوٺ ڀرسان آهي. پراڻي دؤر ۾ هي ڍنڍ ’اونهي‘ جي نالي سان سڏبي هئي، پر گائنچا ڳوٺ آباد ٿيڻ سبب هن کي گائنچا ڍنڍ سڏيو ويندو آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇيءَ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، جن ۾: سوني، ڇتوهڙ، کڳو، ديو، سرهيو، موري ۽ اوٺي شامل آهن، جڏهن ته ڏيهي پکين سان گڏ پرڏيهي پکي پڻ هتي اچي واهيرو ڪندا آهن، جن ۾: نيرڳي، آڙي، ٽٽيهر، ڳنوائي، پيهوڙي، رتبو ۽ سينڍار شامل آهن. گائنچا ڍنڍ هن وقت فشريز کاتي جي تحويل هيٺ آهي.
گَچيرو ڍنڍ: سنڌ جي هيءَ قديم ۽ تاريخي ڍنڍ تعلقي موري ضلعي نوشهري فيروز ۾ درياهه جي ڀرسان گچيري ڳوٺ ۾ ڦٽل آثارن جي صورت ۾ موجود آهي. هن ڍنڍ کي مير معصوم بکريءَ، ’تاريخ معصوميءَ‘ ۾ ’گچري‘ جي نالي سان سڏيو آهي، جڏهن ته عرب هن کي ’ڪجر‘ سڏيو آهي، پر تاريخي حوالن مان ڄاڻ ملي ٿي ته جڏهن ڳچيرو شهر درياهه جي ڪنڌيءَ تي آباد ٿيو ته هن ڍنڍ جو نالو به گچيرو پئجي ويو. برهمڻ دؤر کان هي آباد قديم ڍنڍ درياهه جي وهڪري سبب وجود ۾ آئي، جنهن ۾ هڪ وهڪرو تاريخي شهر ۽ ڪلهوڙن جي تختگاهه خداآباد جي اوڀر ۾ هو ۽ ٻيو وهڪرو پراڻ هو، جيڪو هن ڍنڍ جي وجود جو سبب بڻيو، جڏهن ته راجا ڏاهر پنهنجي حڪومت ۾ هن ڍنڍ جي ڏکڻ پاسي هڪ قلعو پڻ تعمير ڪرايو هو، جنهن جي سنڀال ’جاسين شمني‘ جي حوالي هئي. پنهنجي اوج واري زماني ۾ هن ڍنڍ ۾ ڪيترن قسمن جي مڇي ۽ ٻي آبي جيوت ٿيندي هئي، جڏهن ته ڪيترن ئي قسمن جا ڏيهي توڙي پرڏيهي پکي واهيرو ڪندا هئا. گچيرو ڍنڍ هن وقت مڪمل طور ختم ٿي چڪي آهي، پر درياهه جي چاڙهه وارن ڏينهن ۾ هيءَ ڀرجي ويندي آهي.
گڊو ناريجي واري ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ تعلقي قمبر ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ ۾ واقع آهي. مٺي پاڻيءَ جي هيءَ ڍنڍ، درياهه جي وهڪري سبب وجود ۾ آئي، جڏهن ته هن وقت کيس بئراج وسيلي پاڻي مهيا ڪيو وڃي ٿو. چئن ميلن جي ايراضيءَ تي پکڙيل هن ڍنڍ ۾ مڇي گهڻي مقدار ۾ ٿئي ٿي، جنهن کي مقامي رهواسي مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪري گذر بسر ڪندا آهن. هيءَ ڍنڍ تفريحي ماڳ پڻ آهي.
گنجا ٺوڙها ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ڳوٺ گنجا ٺوڙها، ديهه گنجا، تعلقي دادوءَ ۾ واقع آهي. محققن موجب هيءَ ڍنڍ درياهه جي رخ مٽائڻ ڪري وجود ۾ آئي، جڏهن ته هن وقت هن کي بئراجن وسيلي آباد ڪيو وڃي ٿو. هن ڍنڍ تي ڪيترائي پکي لهندا آهن، جن ۾: نردول، سري کانڀو، ٻگهه، ڪانئرو، کيڻاٺي، ٽر ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته بِهه، پٻڻ، ڪُم کان علاوه مڇي به گهڻي تعداد ۾ ٿئي ٿي، جنهن ۾: وانچ، چتوهڙ، گوج، ڇلي ۽ منڍو شامل آهن. مسلسل شڪار سبب پکين جي آمد مڪمل طور تي ختم ٿي وئي آهي. هيءَ ڍنڍ موجوده وقت سرڪار جي تحويل هيٺ آهي ۽ هر سال اُن جي نيلامي ڪئي ويندي آهي.
گوپانگ ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي ڄامشوري، تعلقي ڪوٽڙي ۾ واقع آهي. کيس ’کاسائي‘ جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي. هيءُ ڍنڍ سنڌونديءَ جي اڳوڻي ڇڏيل وهڪري سبب وجود ۾ آئي. هن ڍنڍ ۾ مڇي ڪيترن ئي قسمن جي پيدا ٿئي ٿي، ان ۾: ڪرڙو، سينگاري، فوجي، ڄرڪو، کڳو، اوٺي ۽ پوپرو شامل آهن، جڏهن ته هتي سياري جي مند ۾ سائيبريا ۽ ٻين علائقن جا ڏيهي ۽ پرڏيهي پکي واهيرو ڪندا آهن، جن ۾ ڊگهوش، نيرڳي، آڙي، کوکراٽ، ٻگهه، گولاڙو، بگ ۽ رتنبو شامل آهن، پر پکين جي مسلسل شڪار سبب انهن جي آمد مڪمل طور تي ختم ٿي وئي آهي. گوپانگ ڍنڍ مقامي رهواسين لاءِ معاشي وسيلو هئڻ سان گڏ تفريحي ماڳ پڻ آهي.
ڳموري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ شهر عمرڪوٽ کان 8 ڪلوميٽر اولهه ۾ واقع آهي. هيءَ قديم ۽ تاريخي ڍنڍ موجوده وقت ۾ سوڪهڙي جو شڪار آهي، پر برسات جي مند ۾ ڀربي آهي. هن ڍنڍ جي حوالي سان اهو پڻ مشهور آهي ته جڏهن راڻو مومل کي نه ماڻي سگهيو ته فقير بڻجي هن ڍنڍ تي اچي رهيو. هن ماڳ تي ڏونر ڀٽي، سينهڙو، راڻو ۽ همير سومرو ڌماچاڻي شڪار ڪندي اچي پاڻ ۾ مليا هئا. هن ڍنڍ جي نالي سان چيو وڃي ٿو ته ’ڳمري‘ نالي مهاڻيءَ پٺيان سندس نالو پيو. پنهنجي اوج واري زماني ۾ هن ڍنڍ مان ڪيترائي ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي هئي، جڏهن ته موجوده وقت ۾ هيءَ ڍنڍ سڪي وئي آهي.
گهارو گنب ڍنڍ: هيءُ قديم ڍنڍ ضلعي نوشهرو فيروز، تعلقي موري جي ديهه گچيري ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ کي ’گهارو ڍنڍ‘ به سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته هن ديهه جو حوالو چچنامي ۾ پڻ موجود آهي. اڳوڻي دؤر ۾ هن ڍنڍ ۾ مڇي جهجهي تعداد ۾ هئڻ سبب کيس گهڻي اهميت حاصل هوندي هئي. ڇاڪاڻ ته هتان جا مقامي رهواسي مڇيءَ جو شڪار ڪري مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪندا هئا، جنهنڪري هيءَ ڍنڍ انهن جي روزگار جو وسيلو پڻ بڻيل هئي. هيءَ ڍنڍ هن وقت پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ سبب زوال پذير ٿي وئي آهي.
گهانگهري ڍنڍ: سنڌ جي هيءَ خوبصورت ڍنڍ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي ناري ۾ واقع آهي. پکيڙ جي لحاظ کان هيءَ ڍنڍ ويڪر ۾ هڪ ڪلوميٽر ۽ ڊيگهه ۾ ٽي ڪلوميٽر کن ٿيندي. هن ڍنڍ ۾ مڇي جهجهي تعداد ۾ مري ٿي، جڏهن ته هيءَ ڍنڍ مکيءَ جي ڍنڍن ۾ پڻ پنهنجي خوبصورتيءَ جي لحاظ کان اهميت رکي ٿي.
گهڙو ڍنڍ: هي ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي ميهڙ تعلقي ۾ راڌڻ اسٽيشن جي اوڀر ڏکڻ طرف واقع آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي جهجهي تعداد ۾ شڪار ٿئي ٿي ۽ فشريز کاتي وارا گهڙو ڍنڍ کي هر سال نيلام ڪندا آهن.
گهنرهه ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ دادو تعلقي جي ميهڙ شهر کان ٻاويهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولهه طرف واقع آهي. هن ڍنڍ جي پکيڙ پنج ڪلوميٽر چورس آهي، جڏهن ته ان جي اولهه ۾ ڪجهه مفاصلي تي سنڌ جي مشهور اولياءُ عبدالله شاهه گودڙيي جي مزار آهي. هن بزرگ جي ميلي وارن ڏينهن ۾ ڍنڍ تي زيارتين جي آمد سبب رونق وڌي ويندي آهي ۽ هن ڍنڍ جي ويجهو هڪ قديم مندر پڻ زبون حالت ۾ موجود آهي. سنڌ ۽ بلوچستان صوبي کي ملائيندڙ رستو هن ڍنڍ جي دنگ تي هئڻ سبب ٻنهي صوبن مان ايندڙ سياح سير ۽ تفريح لاءِ ايندا آهن ۽ انهن جي سهولت خاطر هتي ٻيڙيون پڻ موجود آهن. گنهرهه ڍنڍ جي خوبصورتي ۽ بهتر ماحول سبب هتي مقامي پکي، جن ۾ تتر، ڪبوتر، ڪٻر، ڪانوَ، طوطا، ڪاٺ ڪٺو، مينا، جهرڪيون ۽ ٻيا پکي واهيرو اچي ڪندا آهن. ان کان سواءِ ڍنڍ جي آسپاس جانور پڻ وڏي تعداد ۾ موجود هوندا آهن، جن ۾ گدڙ، بگهڙ، لومڙ، چراغ، ڳورپٺ، هرڻ، سها ۽ ڦاڙها شامل آهن، جڏهن ته ڍنڍ تي مقامي پکين کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي پکي اچي واهيرو ڪندا آهن، جن ۾ ڪونج، بدڪ، آڙي، نيرڳي، ڪهنگ، ڄاڃي لاکو ۽ کانڀائو شامل آهن، پر پکين جي مسلسل شڪار سبب سندن آمد ۾ گهڻي ڀاڱي گهٽتائي اچي وئي آهي. هيءُ ڍنڍ مقامي ماڻهن ۽ سياحن لاءِ سير ۽ تفريح جو ماڳ هئڻ سان گڏ روزگار جو وسيلو پڻ بڻيل آهي. مقامي رهواسي هتان پکي ۽ مڇي شڪار ڪري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪندا آهن.
لاکن جي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ دادو تعلقي ۾ ديهه پڪو سيتا، تپي پاٽ ۾ ڦٽل حالت ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ جي اوج واري دؤر ۾ مڇي ۽ پکي گهڻي تعداد ۾ شڪار ٿيندو هو، جڏهن ته موجوده وقت ۾ هيءَ ڍنڍ سوڪهڙي جو شڪار آهي.
لغارين بجراڻين واري ڍنڍ: هي ڍنڍ نوشهري فيروز ضلعي جي تعلقي موري ۾ ديهه خيري ديري ۾ واقع آهي. ڪچي جي وڏي ايراضيءَ واري هن ڍنڍ کي ’مصري ڍنڍ‘ پڻ سڏيو ويندو آهي. مٺي پاڻيءَ جي هيءَ ڍنڍ درياهه جي ڇڏيل وهڪري سبب وجود ۾ آئي، جڏهن ته هن ڍنڍ تي اهو نالو لغارين ۽ بجراڻين جي ڳوٺ سبب پيو، جيڪو هن ڍنڍ جي اوڀر پاسي ڪناري تي آباد آهي. ٽالپرن جي دؤر ۾ هن ڍنڍ کي تمام گهڻي اهميت حاصل هئي. هن ڍنڍ ۾ مڇي، آبي جيوت ٿيڻ کان سواءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي پکي گهڻي تعداد ۾ واهيرو ڪندا هئا، جن ۾: نيرڳي، ٻوئڙ، ڊگهوش، هنج، ڦولارو، ڪرو ۽ ٻراڙو شامل آهن.
هيءَ ڍنڍ هن وقت ماحولياتي گدلاڻ سبب لٽجي وئي آهي، جڏهن ته وڌندڙ آباديءَ سبب هن ڍنڍ جو گهڻو حصو زمين طور استعمال هيٺ اچي ويو آهي ۽ موجوده وقت ۾ هن ڍنڍ تي اتان جي بااثر ماڻهن جو قبضو آهي.
لنگهه ڍنڍ: سنڌ جي هيءَ تاريخي ۽ قديم ڍنڍ تعلقي قنبر جي ٻن ڳوٺن ’پکي‘ ۽ ’خيرپور جُوسي‘ جي ڀر ۾ واقع آهي، جيڪا اوڻويهن هيڪٽرن تي ڦهليل آهي. انگريز دؤر کان آباد هن ڍنڍ کي پاڻي گنهور واهه مان ملي ٿو. هيءَ ڍنڍ پرڏيهي پکين لاءِ سياري جي مند ۾ هڪ وڏي آماجگاهه پڻ آهي، جتي هزارن جي تعداد ۾ مختلف قسم جا پکي اچي واهيرو ڪن ٿا، جن ۾: ڊگوش، ميري جهالائي، نيرڳي، چيڪلو، ٻهاڙ، ڳهڻو، ڌونري، لنگهو، آڙي، ٿورانڊو وغيره قابل ذڪر آهن. جڏهن ته ڍنڍ ۾ قم، لوڙهه، ڪوڻي عام جام ٿين ٿيون. سرڪاري شڪارگاهه طور مشهور هن ڍنڍ تي ڪيترائي سياح، ملڪي توڙي غير ملڪي سربراهه شڪار خاطر آيا، جن ۾: ياسر عرفات، اردن جو بادشاهه شاهه حسين، جنرل ضياءُالحق، صدر ايوب خان، ذوالفقار علي ڀٽو، سلطان النهيان، ڪرنل قذافي، ايران جو شهنشاهه رضا شاهه پهلوي، پير پاڳارو ۽ ٻيون اهم شخصيتون شامل آهن، جن جي سهولت، تفريحي ۽ رهائش خاطر ريسٽ هائوس ۽ پارڪ پڻ تعمير ڪرايا ويا.
هن وقت لنگهه ڍنڍ سرڪار طرفان ماحولياتي آلودگي ۽ عدم ڌيانيءَ سبب پنهنجي خوبصورتي وڃائي ويٺي آهي، جنهن سبب مڇيءَ جي پيداوار ۽ پکين جي آمد ۾ پڻ گهٽتائي اچي وئي آهي.
لِهور جي ڍنڍ: سنڌ جي هيءَ قديم ڍنڍ قنبر تعلقي کان ست ڪلوميٽر پري ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ ڦٽل آثارن ۾ واقع آهي. مقامي روايت موجب ’لهور‘ ذات جو گائنچو ۽ ليلا جو پيءُ هو، جنهن جي نالي پٺيان هن ڍنڍ تي نالو پيو. جڏهن ته لهور جي نالي سان عمرڪوٽ ضلعي جي تعلقي ساماري ۾ پڻ تاريخي اُهڃاڻ ملن ٿا. جتي چنيسر بادشاهه جو تخت هو ۽ تاريخي حوالن موجب هن ڍنڍ کي سومرن جي ملڪيت ٻڌايو وڃي ٿو.
ماڙين واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي سانگهڙ جي چوٽياريون تعلقي ۾ واقع آهي ۽ بقار ڍنڍ جي اُتر ۾ ڇهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. سندس پکيڙ ٽي ڪلوميٽر ڊيگهه ۽ اڌ ڪلوميٽر ويڪر تي مشتمل آهي. هن ڍنڍ تي نالو جوڻيجن جي ماڙين جي ڪري پيو، جيڪي آڳاٽي دؤر ۾ بانڪي خان ۽ محمد حيات جوڻيجي هن ڍنڍ جي حدن ۾ رهائش لاءِ جوڙايون هيون. هي علائقو به جوڻيجن جي ماڙين طور مشهور آهي. پاڻي وڌڻ سبب هي علائقو ڍنڍ جو ڏيک ڏيڻ لڳو ۽ هي ماڙيون سير ۽ تفريح طور استعمال ٿيڻ لڳيون. هن خوبصورت ۽ من موهيندڙ ڍنڍ تي ڪيترن ئي قسمن جا پکي واهيرو ڪندا آهن، جن ۾ ڪڙل، ڊگوش، آڙي، نيرڳي، لالو هنج، رتنبو، ڊوئڙو ۽ ٻراڙو شامل آهن، پر پکين جي مسلسل شڪار سبب سندن آمد ۾ گهڻي ڀاڱي گهٽتائي اچي وئي آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي به جام شڪار ٿيندي آهي. مقامي رهواسين لاءِ ماڙين واري ڍنڍ تفريح ماڳ هئڻ سان گڏ روزگار جو وسيلو پڻ آهي.
مان ڪُن واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ کٿڙ لڳ ريلوي اسٽيشن جي اولهه طرف واقع آهي. نئن ۽ ڍورن جي پاڻيءَ وسيلي ڀربي آهي، جڏهن ته هن ڍنڍ ۾ مڇي گهٽ ٿيندي آهي.
مائي ڦاپان واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي نوشهري فيروز ضلعي جي تعلقي موري ۾ ديهه خيري ديري ۾ واقع آهي. اڳوڻي وقت ۾ هيءَ ڍنڍ وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل هوندي هئي، جنهنڪري هن ۾ مڇي به ڪيترن ئي قسمن جي پيدا ٿيندي هئي. جن ۾: ڪرڙو، ٻوٽي، موريا، سينگاري، مرو، اوٺي ۽ ديو شامل هئي، جڏهن ته هن وقت ماحولياتي گدلاڻ سسبب هيءَ ڍنڍ پنهنجي اهميت وڃائي ويٺي آهي ۽ پاڻيءَ جي اڻهوند سبب هيءَ ڍنڍ مڪمل طور تي ڦٽي وئي آهي.
مستي خان جتوئيءَ واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ تعلقي موري ضلعي نوشهرو فيروز ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇيءَ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، جن ۾: ٻوٽي، موريا، لُهر، موراکو، سينگاري، چٽو ۽ ڇلي شامل آهن. جڏهن ته ڍنڍ ۾: لوڙهه، ڪُم، بدوکو، ڪٻل، ٻڪن، ڌاتو گاهه ۽ پني کان علاوه مختلف نباتات پڻ ٿئي ٿي. هن ڍنڍ تي پکي به جهجهي تعداد ۾ واهيرو اچي ڪندا آهن جن ۾: لنگهه، ڊگوش، ڪارٻهو، رونهارو ۽ ملنگ شامل آهن، پر پکين جي شڪار سبب هنن جي آمد ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي.
مٺي پاڻيءَ جي هيءَ ڍنڍ مقامي ماڻهن جي تفريحي ماڳ هئڻ سان گڏ روزگار جو وسيلو پڻ بڻيل آهي، جڏهن ته هيءَ ڍنڍ موجوده وقت ۾ سرڪار جي تحويل هيٺ هئڻ سبب هر سال نيلام ٿيندي آهي.
مصري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي نوشهري فيروز ۾ تعلقي موري ۾ واقع آهي، جڏهن ته ساڳي علائقي ۾ انهيءَ ئي نالي سان ٻه ڍنڍون ٻيون به موجود آهن. هيءَ ڍنڍ موجوده وقت ۾ سوڪهڙي جو شڪار آهي.
ملڪاڻي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ سنڌونديءَ جي ساڄي طرف دادو شهر کان پندرهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اوڀر طرف ديهه ملڪاڻي شريف ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ جو نالو بزرگ غلام محمد ملڪاڻيءَ جي نسبت سان پيو. پنهنجي اوج واري دؤر ۾ هيءَ ڍنڍ مڇي ۽ پکين کانسواءِ بِهه، لوڙهه، ڪُم، ٻورانيءَ جي سنگن ۽ ڀيڙ جي پيداوار سبب مشهور هئي، پر هن وقت ماحولياتي گدلاڻ ۽ پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ سبب سندس اهميت ۾ گهڻي ڀاڱي لاٿ اچي وئي آهي.
ملڪ واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ديهه چنيجا تعلقي ميهڙ ۾ واقع آهي. ڪنهن زماني ۾ کيس ’چنيجن جي ڍنڍ‘ پڻ سڏيو ويندو هو. هن ڍنڍ جون حدون راڄوڻي پتڻ تائين پکڙيل هيون، جيڪو جونالي جي اولهه ۾ آهي، پر هن وقت وڌنڌڙ آبادي ۽ ماحولياتي گدلاڻ سبب ان جي ايراضيءَ ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. پنهنجي اوج واري دؤر ۾ هن ڍنڍ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا پکي اچي واهيرو ڪندا هئا. جڏهن ته مڇي به گهڻي تعداد ۾ ٿيندي هئي. هيءَ ڍنڍ هن وقت فشريز کاتي جي تحويل هيٺ آهي، جيڪا هر سال نيلام ڪندي آهي.
منڇر ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ، سنڌ جي تاريخي شهر سيوهڻ کان ارڙهن ڪلوميٽر اولهه ۾ واقع آهي، جيڪا لڳ ڀڳ 67° 34' کان 67° 43' اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 26° 23' کان 26° 2' اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تائين پکڙيل آهي. هن ڍنڍ جو ترو سنڌونديءَ جي تري کان 15-20 فوٽ هيٺ رهيو آهي، جڏهن ته موجوده وقت ۾ سنڌوءَ کان 5-6 فوٽ مٿي آهي.
ايشيا جي سڀ کان وڏي هن ڍنڍ بابت علم ارضيات جا ماهر سندس ڄمار 80 لک ورهيه کان ٻه ڪروڙ سال ڄاڻائن ٿا، جڏهن ته ڪتاب ’منڇر گورک گاج دنيا‘ ۾ بدر ابڙي هن ڍنڍ جي ڄمار ڏهه هزار سال ڄاڻائي آهي. هيءَ ڍنڍ، ان وقت پيدا ٿي، جڏهن هماليه جبلن مان سنڌو درياهه ڪالاباغ کان ٿيندو کيرٿر، لڪي ۽ بڊي تائين پهتو ته جبلن جي رنڊڪ سبب ان کي اڳتي وڌڻ جو رستو نه مليو ۽ اتان 90° ڊگريءَ جي موڙ کان اوڀر پاسي رخ ڪيائين. تنهن بعد اتي موجود زمين ۾ ڪنب پئجي ويو، جنهن سبب هن ڍنڍ جي صورت اختيار ڪري ورتي. منڇر ڍنڍ جي ويڪر هر سال آگسٽ جي مهيني ۾ 16x32 ڪلوميٽرن تان پکڙجي وڃي ٿي ۽ فبروريءَ ۾ 12.5 x3.5 ڪلوميٽرن تائين پهچي ٿي. هن ڍنڍ جي اونهائي 20 فوٽ آهي، جنهن ۾ هڪ ملين ايڪڙ فوٽ کان وڌيڪ پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش آهي. مقامي ماڻهو هن جي پکيڙ 200 کان 223 چورس ڪلوميٽر ٻڌائين ٿا.
هن ڍنڍ جي نالي بابت تاريخي حوالن مان ڪا به ڄاڻ حاصل نه ٿي ٿئي، پر ڪنهن دور ۾ ان کي ’ڪنڀ‘ سڏيو ويندو هو، جڏهن ته ايراني حڪمران هن کي ’منوچهر‘ جي نالي سان ڪوٺيندا هئا. لساني ماهر ان جو اشتقاق مانس+ سر (ماڻهو+ سر= ڍنڍ) سڏين ٿا ۽ چون ٿا ته مانسرور جو سنڌي نالو آهي. هن ڍنڍ کي ’منڇر تهذيب‘ ۽ ’تهذيب جو هندورو‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو. اها ڳالهه هن ڍنڍ جي ڪنڌين تي قديم کنڊرن دريافت ٿيڻ سبب چئي وئي آهي.
سنڌو درياهه جي ڪناري جي ويجهو هئڻ ڪري الهندي ناري کان منڇر تائين ان جو مکيه وهڪرو يا چاڙهه سدائين جاري رهيو آهي. ان وهڪري سان اونهاري ۾ منڇر ڀرجندي آهي ۽ سياري جي مند ۾ ڇنڊبي آهي. منڇر ۾ سنڌودرياهه کانسواءِ نَئِن گاج جي پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو به پوي ٿو. جاگرافيائي ماهرن موجب ڪنهن زماني ۾ منڇر ڍنڍ ۾ نَئِن مولا ۽ ٺٽِي بولان جو پاڻي به ڇوڙ ڪندو هو، جڏهن ته برسات جي موسم ۾ درياهه ۾ چاڙهه سبب اڙل واهه، دانستر واهه ۽ ننڍن وڏن ڍورن جو پاڻي پڻ هن ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
منڇر ڍنڍ جي اولهه ۾ کيرٿر، ڏکڻ ۾ بڊي جبل ۽ لڪيءَ جو جابلو سلسلو آهي. هن ڍنڍ کي 1932ع ڌاري اتر ۽ اوڀر کان بند ڏنو ويو، جيڪو ايف پي بند سان لاڳيتو سلسلو آهي. هن ڍنڍ تي 1988ع ۾ 65 قسمن جي 50 هزار آبي پکين جي آمد رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن مان سياري جي مند ۾ ايندا هئا، جن ۾ ٽيٽيهر، گهتڻي، ٻرهاڙو، کيڻاٺي، ڪُهنگ، آڙي، چيهه، نيرڳي، ٻوئر ۽ هنج وغيره شامل آهن. ان دؤر ۾ منڇر ڍنڍ ۾ 26 قسمن جا آبي ٻوٽا ٿيندا هئا، جيڪي هن وقت ڪنهن حد تائين ختم ٿي چڪا آهن. نباتات ۾ بِهه، لوڙهه، ڪُم، ٻوراني، ڪانا، چويا، ڀڀڙ، کيرولي، پٻڻ، ڀلوتري وغيره شامل آهن. منڇر ڍنڍ مان تقريباً مڇيءَ جا 90 قسم ملندا هئا، جن جو تعداد موجوده وقت ڪافي گهٽجي ويو آهي. انهن ۾: ڪُرڙو، ڏاهي، سريهو، موراکي، پلو، ڇلي، لُهڙ، گندڻ ۽ جهينگو شامل آهن. جڏهن ته هتان جي مقامي ماڻهن جو گذرسفر مڇيءَ تي رهيو آهي، جيڪا مختلف شهرن ۾ وڪرو ٿيندي آهي. هن ڍنڍ جي چوڌاري ڪيترا ڳوٺ آباد آهن، جن ۾ گهڻائي مهاڻن جي آباد آهي، مقامي ماڻهن جو ذريعي معاش مڇيءَ کانسواءِ پکين جي شڪار سان لاڳاپيل آهي. سنڌو درياهه جي آبپاشي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ سم نالي جو زهريلو نمڪياتي پاڻي هن ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آهي، جنهنڪري هيءَ مڪمل طور تي زوال پذير ٿي وئي آهي.
موندر واري ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ دادو تعلقي جي ڳوٺ موندر ڀرسان واقع آهي. هن ڍنڍ ۾ پنهنجي اوج واري دؤر ۾ مڇي ۽ پکيءَ جو شڪار گهڻي تعداد ۾ ٿيندو هو، پر موجوده وقت ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب هيءَ ڍنڍ مڪمل طور سُڪي وئي آهي.
ميان موٽڻ واري ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ ضلعي ۽ تعلقي ڄامشوري جي مشهور بزرگ ميان موٽڻ جي درگاهه جي ڀرسان واقع آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇيءَ جو گهڻو شڪار ٿيندو آهي.
مئين ٻگهئي واري ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ ضلعي نوشهرو فيروز، تعلقي موري ۾ سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري تي موجود آهي. هيءَ مشهور ڍنڍ 2500 ايڪڙن تي مشتمل آهي، جنهنڪري هن ڍنڍ کي علائقي جي وڏي ڍنڍ هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. هن ڍنڍ تي سياري جي مند ۾ گهڻي تعداد ۾ پکي اچي واهيرو ڪندا آهن، پر مسلسل شڪار سبب هنن جي آمد ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي ۽ مٺي پاڻي هئڻ سبب هن ڍنڍ ۾ مختلف نباتات ٿيڻ سان گڏ مڇي به گهڻي ٿيندي آهي، جنهن کي شڪار ڪري مقامي ماڻهو گذربسر ڪندا آهن. هيءَ ڍنڍ هن وقت به هڪ سٺي شڪار گاهه هئڻ سان گڏ هڪ تفريح گاهه پڻ آهي.
ناٿ ڍنڍ: سنڌ جي هيءَ قديم ڍنڍ، ديهه ناٿ، تپي منگواڻي، تعلقي ميهڙ ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ تي ’ناٿ‘ ڪيئن پيو، خبر نه آهي. شاهه لطيف ۽ ساميءَ ’ناٿ‘ جو ذڪر ڪيو آهي:
پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون نانهه ۾!
ارضيات جي ماهرن موجب هيءَ ڍنڍ درياهه جي وهڪري سبب وجود ۾ آئي، جنهن کي هن وقت بئراجن ذريعي پاڻي پهچايو وڃي ٿو، جڏهن ته هن ڍنڍ ۾ آبي جيوت کان سواءِ مڇي به ڪيترن ئي قسمن جي ٿئي ٿي، جنهن ۾: لهر، گائينرو، چٽو، ٻٽي، لوسڻي، ڇلي، موريا ۽ وهنج شامل آهي ۽ پکين جا ڪيترائي قسم ملن ٿا، جن ۾: ڪوڪراٽ، گاجرو، ڦولارو، نيرڳي، چيڪلو، ڄاڄي لاکو، ڳهڻو، کوٻائي ۽ ٻيا شامل آهن. هن وقت ناٿ ڍنڍ ماحولياتي گدلاڻ ۽ وڌنڌڙ آباديءَ سبب زوال پذير ٿي وئي آهي، جنهن سبب هيءَ پنهنجي اصل صورت وڃائي ويٺي آهي ۽ مقامي سرڪار جي عدم توجهه سبب ڏينهون ڏينهن ختم پئي ٿيندي وڃي.
نظر علي ڪورائيءَ واري ڍنڍ: هيءَ مشهور ڍنڍ ديهه لليا، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ واقع آهي. پنهنجي اوج واري زماني ۾ هن ڍنڍ ۾ ڪيترن ئي قسمن جي مڇي پيدا ٿيندي هئي، جن ۾: موراکو، ڪرڙو، رڙو، ٻٽي ۽ ڏاهي شامل هئي، پر هن وقت وڌنڌڙ آبادي ۽ ماحولياتي گدلاڻ سبب مڇيءَ جي پيداوار ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. مٺي پاڻيءَ جي هن ڍنڍ تي بااثر ماڻهن جو قبضو آهي.
هاسو ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ، قمبر شهر کان ٻه ڪلوميٽر اتر طرف اٽڪل 100 ايڪڙن تي پکڙيل آهي. آڳاٽي دؤر ۾ هيءَ هڪڙا ذات جي ملڪيت هئي. ننگر خان هڪڙي، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ هن کي سن 1748ع ڌاري آباد ڪيو. تنهن وقت ۾ هن ڍنڍ تي ڪيترائي ڏيهي ۽ پرڏيهي پکي سياري جي مند ۾ واهيرو ڪرڻ ايندا هئا، جن ۾: نيرڳي، ٻوئڙ، کٺياڻ، ڦرو، کلڻ، آڙي، چيڪلو، پيهوڙي، ڪينو، بيل، جوهو ۽ نردول شامل هئا، جڏهن ته ڍنڍ ۾ مڇين جا ڪيترائي قسم جن ۾: ڪرڙو، لُهر، پوپرو، موراکو، شاڪر، ڏنڀرو ۽ مرو شامل آهن.
هاسو ڍنڍ هن وقت ماحولياتي گدلاڻ جو شڪار ٿي وئي آهي، جڏهن ته هتي آبادي وڌڻ جي ڪري ان جو ڪيترو ئي حصو زرعي زمين هيٺ اچي ويو آهي ۽ قمبر- لاڙڪاڻي روڊ ۽ ريلوي اسٽيشن ٺهڻ سبب پرڏيهي پکين جي آمد جو سلسلو پڻ مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي.
هن وقت هيءَ ڍنڍ مڇيءَ جي ڍنڍ آهي، جتي هر سال مڇيءَ جي ٺيڪي جو واڪ لڳندو آهي ۽ هن کي نورواهه ۽ زمين جي نيڪر جي وسيلي ڀريو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو