سنڌ جوڙ

سَنڌَ (جوڙ: Joints ): جسم جي هڏائين پڃري (Skeleton) جا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ هڏا جتي پاڻ ۾ اچي گڏ ٿين ۽ جوڙ ٺاهين، تن کي سنڌيءَ ۾ سَنڌ چئبو آهي. هڏن جا مهڙ ٽن طرحن سان پاڻ ۾ ڳنڍجي سنڌ ٺاهين ٿا. هڪ تاندورا (ريشا: Fibers)، ٻيو ڪُرٽڻا هڏا (Cartilages) ۽ ٽيون سڻڀا اوڄا (Synovial tissues). سنڌن جي ڪري جسم جي عضون (Organs) ۽ هڏائين پڃري جي هڏن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ٿئي ٿو. نه رڳو ايترو، پر سنڌن جي ڪري انساني عضون ۾ چرپر (Movement) جي خاصيت پيدا ٿئي ٿي ۽ انساني عضوا پنهنجي ڪم ڪار ڪرڻ جي لائق ٿين ٿا.
(الف) سنڌن جا قسم (Types/ classes of joints): سنڌن جي ماهرن (Arthrologists) سنڌن کي خاصيتن ۽ ڪم جي حوالي سان ٽن قسمن ۾ ورهايو آهي:
(1) تاندورن وارا ريشيدار سَنڌ (Fibrous joints): هن قسم جا سَنڌ مڙي ۽ چري پري نه سگھندا آهن، هڪ هنڌ بيٺل (Fixed) هوندا آهن، ان ڪري هنن سنڌن کي اڻ چرندڙ/ محڪم (Immovable) سنڌ چئبو آهي. هنن جي ڪري ٻه عضوا ۽ سنڌ پاڻ ۾ دائمي ڳنڍيل هوندا آهن. هن قسم جا سَنڌ انسان جي ڪيپراٽي (skull) جي هڏن جا جوڙ (sutures) ٺاهين ٿا. هن قسم جا سنڌ ڪيپراٽيءَ جي هڏن جي مهڙ ۾ ڳنڍيندڙ اوڄن Connective tissues جي سنهن تاندورن وسيلي هڪ ٻئي ۾ دائمي ڳنڍيل هوندا آهن ۽ اهي تاندورا سخت مادي جا ٺهيل هوندا آهن. مثال مٿي جي ڪيپراٽيءَ جو اڳياڙي ڪلنگيءَ وارو سنڌ، (Coronal suture) ڪيپراٽي، مٿي جي اڳئين مهاڙيءَ وارو هڏو ۽ لونڊڙين جي مٿان پاسيرڙن هڏن (Frontal and parietal bones) جي مهاڙين جي سنڌن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو.
(ii) تير جي نشان جهڙو سنڌ (saggital sutures): هي سنڌ ٻنهي پاسيرن هڏن جي مهڙ کي پاڻ ۾ ڪيپراٽيءَ جي وچ ۾ ڊيگھه ۾ سينڌ وانگي اڳياڙيءَ هڏي کان ڪياڙيءَ واري هڏي (occipital bones) تائين ملائي ٿو. ڪيپراٽيءَ ۾ هي وڏي ۾ وڏو سنڌ آهي.
(iii) يوناني آئيوٽا جي لفظ جهڙو سنڌ (Lambdoid suture): هن قسم جو سنڌ يوناني آئيوٽا جي يارهين اکر يعني انگريزيءَ جي آئيوٽا جي پنجويهين اکر يعني ٻن شاخن واري Y کي جيڪڏهن ابتو ڪبو ته يوناني آئيوٽا جي يارهين اکر جهڙو هوبهو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جيڪو سَنڌ جي ٻنهي پاسيرڙين هڏن جي مهڙن کي ڪياڙيءَ واري هڏي (Occipital bone) جي مهڙ سان ملائي هن قسم جو اڻ چرندڙ سنڌ ٺاهي ٿو.
ان کان سواءِ محڪم اڻ چرندڙ سَنڌن جي ڪري هيٺين ڄاڙيءَ Mandible جا صحتمند ڏند ڄاڙيءَ جي کانچن/ سنڌن (Sockets) ۾ مهارن جي ٻنڌڻن (Periodontal Ligaments/ Gums) جي ڪري مضبوط هڪ هنڌ جڙيل آهن ۽ ٽَنگ جا ٻه هڏا هڪ پنيءَ (Calf) جي اندرئين پاسي واري سنهي هڏيءَ (Fibula) کي ۽ سامهون واري هڏيءَ Tibia shin bone کي هڪ ٻئي سان تاندورن/ ريشيدار اوڄن جي چادر (جنهن کي اندرئين هڏن جي چادر (پردو) Inter osseousmembrane به چئبو آهي) سان ملائي/ جوڙي ٿي.
(2) ڪُرٽڻن هڏن وارا سَنڌ (Cartilaginous Joints/ Omphiarthrosis): هن قسم جا سنڌ ٿلهن ۽ سخت تاندورن واران ڪرٽڻن هڏن (Fibro cartilage) جا ٺهيل هوندا آهن. هنن سنڌن کي اوچتي ڌُڏڪي کي روڪيندڙ سَنڌ (Shock Observer Joints) به چئبو آهي. هنن سَنڌن جو ڪم گهڻ پاسائون آهي. ڪجهه سَنڌ چرپر ڪري سگهندا آهن ته ڪجهه سَنڌ ويڪرا ٿي ويندا آهن، ڇو ته انهن سَنڌن جا مهڙ هڪٻئي سان ڪرٽڻن هڏن جي سنهن تهن (Epiphseal plates) يا ڪرٽڻن هڏن جي تاندورن جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل به هوندا آهن ۽ انهن تهن يا تاندورن جي ڪري سَنڌن جا منهن/ مهڙ هڪٻئي کان ويڪرا يا وقتي جدا به ٿي ويندا آهن. مثال طور:
(i) نهائين وارن هڏن جا جوڙَ (Public Symphysis Bone Joints): نهائينءَ وارن هڏن جا سَنڌ هڪٻئي سان ڪرٽڻن هڏن جي سنهن تهن ۽ تاندورن جي ڪري پاڻ ۾ مليل هوندا آهن ۽ ويڪرا به انهن تهن ۽ تاندورن جي ڪري ٿيندا آهن، ۽ انهن ۾ چرپر به ساڳين تهن ۽ تاندورن جي ڪري ٿيندي آهي. انهن هڏن جي سَنڌن ۾ ويڪر عورتن جي هٿ پير لهڻ (Parturition) واري زماني ۾ ٿيندي آهي، جيڪڏهن اها ويڪر قدرتي طرح نه ٿئي ته ٻار آپريشن ڪري ڄڻائبو آهي، جڏهن ته عام ڏينهن ۾ انهن سَنڌن ۾ چرپر هلڻ سان خاص ڪري مٿانهين جاءِ تي چڙهڻ سان ٿيندي آهي.
(ii) ڪرنگهي جا مهرا (Spinal Vertebrae): ڪرنگهي جي مهرن ۾ ويڪر ۽ چرپر به ڪرٽڻن هڏن جي سنهن تهن ۽ تاندورن جي ڪري ٿيندي آهي.
(iii) ڪَوڙِي (Sternum) جي ٽِڪُنڊي هڏيءَ (Manubrium) جا سَنڌ: هيءَ ٽڪنڊي هڏي مٿئين ٻنهي پاسي هسليءَ جي کانچن (Clavicular notch) سان ملي جوڙ/ سَنڌ ٺاهي ٿي. پاسن کان پهرئين ۽ ٻين پاسراٽيءَ سان ۽ هيٺان خود ڪوڙيءَ سان (جنهن جي هيءَ ٽڪنڊي هڏي پاڻ به حصو آهي) هيٺ (Sternal angle) يعني ڪوڙيءَ جي وچ جي مٿئين حصي وٽ جوڙ/ سَنڌ ٺاهي ٿي، جنهن ۾ چرپر به ضرورت آهر ڪم ڪار ڪرڻ وقت ٻانهون چورڻ/ يا سيني جي چورڻ وقت ٿئي ٿي.
(iv) وقتي سَنڌ (Temporary Joints): هن قسم جا سنڌ ٻارن جي شروعاتي عمر (وڌندڙ ٻارن) ۾ وڏن هڏن جي وچ ۾ Diaphysis ۽ منهن/ مهڙ (Epiphyses) ۾ وقتي طور ڪرٽڻن هڏن جي ڪري گڏجي سَنڌ ٺهندو آهي، جيڪو تيستائين قائم هوندو آهي، جيستائين (ماءُ جي پيٽ ۾) وڏا هڏا مڪمل جڙي راس ٿيندا آهن.
(3) سڻڀا سَنڌ (Synovial Joints/ Diarthroses): هن قسم جا سنڌ آسانيءَ سان چري پري سگهندا آهن. هي سنڌ جسم ۾ اڪيچار ٿين ٿا، جن کي سَنڌن جي ماهرن هيٺين ڇهن درجن/ قسمن ۾ ورهايو آهي، مثال:
(i) گسڪڻ وارا سَنڌ (Gliding Joints): هن قسم جي سَنڌن ۾ ٻن هڏن جا مٿاڇرا پاڻ ۾ هڪبئي تي سرڪندا آهن. اهڙن سنڌن ۾ ڪَرائيءَ (Carpus) جي هڏن جا سنڌ ۽ مُري (Tarsus) جي هڏن جا سنڌ اچي وڃن ٿا. هن قسم جي سنڌن کي سِڌا سنڌ (Plane Joints) به چئبو آهي.
(ii) گول ۽ کانچي وارا سنڌ (Ball and Socket Joints): اهڙا سنڌ، جن جي هڏن جو مٿيون حصو گول هوندو آهي، تنهنڪري ٻئي پيالي جهڙي (Cup shaped) سنڌ/ هڏي جي کانچي، کوپي ۾ ٺهڪي ايندو آهي، جنهنڪري انهيءَ سنڌ ۾ آسانيءَ سان چرپر ٿي سگهندي آهي، اهڙن سنڌن ۾ ڍاڪ جو سنڌ (Hip joint) ۽ ڪلهي جو سنڌ (Sholder joint) اچي وڃن ٿا.
(iii) انجيسن جهڙا سَنڌ (Hing Joints): هن قسم جا سَنڌ انجيسن وانگر هڪ پاسي مڙي/ چرپر ڪري سگهندا آهن. هن قسم جي سنڌن ۾ ٺونٺ وارو سنڌ (Elbow Joint)، گوڏي جو سنڌ (Knee Joint)، کڙيءَ جو سنڌ (Ankle Joint) ۽ هٿن پيرن جي آڱرين جا سنڌ اچي وڃن ٿا. هن قسم جا سنڌ دروازي جي انجيسن وانگر رڳو هڪ پاسي مُڙي/کُلي يا وري واپس پنهنجي ساڳيءَ جاءِ تي ويندا آهن.
(iv) گول اڀار وارا سنڌ (Condy loid Joints): هن قسم جي سنڌن جي هڏي جي آخر ۾ هڏيءَ جو گول اڀار ٿيندو آهي. هي سنڌ به انجيسن جهڙن سنڌن سان مشابهت رکندڙ آهن، پر انهن سنڌن ۾ اضافي خاصيت اها آهي ته اهي سنڌ اڳتي پوئتي، هيٺ مٿي ۽ اوسي پاسي ڏانهن ورندا ۽ چرپر ڪري سگهندا آهن. انهن سنڌن ۾ ڪرائيءَ جو سَنڌ مُکيه سَنڌ ليکيو ويندو آهي. ائين ڳاٽي/ ڪنڌ جو سنڌ به هن قسم جي سنڌ ۾ ليکيو ويندو آهي. هنن کي ’گول سنڌ‘ (Round joint) به چئبو آهي.
(v) چُوڙ وارا سنڌ (Pivot joints): هن قسم جا سنڌ گول، چو طرف ڇلي وانگر ڦرندا (Rotate) آهن، ان ڪري هنن سنڌن کي چوڙ وارا سنڌ چئبو آهي. هنن سنڌن ۾ هڪ هڏو گول چڪري جي شڪل جهڙن ٻنڊڻن ۾ کتل هوندو آهي، جنهنڪري اهو هڏو ٻئي هڏي سان اهڙو جوڙ ٺاهيندو آهي، جو اهو جوڙ گول چو طرف چوڙ وانگر ڦرندو آهي. مثال پٺيءَ جي ڪنڊي (Spine) جي پهرين مهري (First cervical vertebrae) تي مٿو چوڙ وانگر ڦرندو آهي، ڇو ته پٺيءَ جي ڪنڊي جو پهريون مهرو ڪليءَ وانگي هوندو آهي، جنهن تي ماڻهوءَ جي منڍي (مٿو) چوڙ وانگر ڦرندي آهي. پٺيءَ جي ڪنڊي ۽ مٿي جو جوڙ هن قسم جي سنڌ جو مکيه سنڌ ليکيو ويندو آهي.
تنهن کانسواءِ ٻانهن جي اڳئين حصي (ٺونٺ کان وٺي ڪرائيءَ تائين) جنهن کي ميڊيڪل سائنس جي علم بدن جي اصطلاح ۾ Forearm چئبو آهي، ان جي پاسي واري هڏن (Radius) ۽ وچ واري ڊگھي هڏي (Ulna) ۾ پڻ مٿي وانگي ساڳئي قسم جي چُوڙ واري سنڌ جي خاصيت موجود آهي. هن قسم جي سنڌ کي Rotary Joint پڻ چيو ويندو آهي.
(iv) گدي/ هني وارا سنڌ (Saddle Joints): هن قسم جي سنڌن ۾ هڏا هڪٻئي جي مٿان گديءَ/هني وانگر تهن جي شڪل ۾ ڳنڍيل هوندا آهن، هن قسم جا سنڌ هٿن جي آڱوٺن جي تري، ڪرائين ۽ هٿن جي آڱرين ۽ آڱوٺي جي پهرين گُريءَ (Metacarpal) جي هيٺان ٿيندا آهن، جن سنڌن جي ڪري آسانيءَ سان چري، مڙي ۽ گھمائي ڦيرائي سگھبا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو