سنڌ جو تعليمي نظام اوائلي دور کان اڄ تائين

سنڌ جو تعليمي نظام
(اوائلي دور کان اڄ تائين)
سنڌ جا آڳاٽا رهاڪو دنيا جي ٻين مهذب قومن وانگر علم، حڪمت، هنر، تهذيب، اخلاق ۽ سياست ۾ وڏي فضيلت جا مالڪ هئا. موهن جي دڙي مان لکت جو ملڻ ثابت ڪري ٿو تہ هتان جا ماڻهو پڙهي لکي ڄاڻندا هئا. ان وقت جڏهن دنيا اڃا علم کان ايترو روشناس نہ هئي، تڏهن بہ سنڌ جي سرزمين علمي معلومات ۾ سڀ کان سرشار هئي. قديم هندو دؤر جي تاريخ تي تاريڪيءَ جو پردو ڇانيل نظر اچي ٿو. مؤرخن هندو دور جو احوال گهڻي قدر قياس آراين ۽ روايتن جي بنياد تي بيان ڪيو آهي، تنهن هوندي بہ ان دور جي مختلف علمي ڪارنامن جو ذڪر ڪجي ٿو:
لڳ ڀڳ 1200 کان 1000 ق.م دوران هندو ڌرم جا مقدس ڪتاب ’ويد‘ سنڌو درياھہ جي ڪپن تي لکيا ويا. رگ ويد سڀني کان آڳاٽو ڪتاب آهي، جنهن ۾ اندر ۽ اگني ديوتائن جو ذڪر ۽ منترن جا قاعدا ۽ قانون درج آهن. رگ ويد ۾ خاص ديوتائن جي احوال کانسواءِ ’سپت سنڌو‘ (ستن درياهن واري ملڪ) جي مختصر تاريخ، علائقائي حالتن ۽ تھذيب ۽ تمدن جي خبر پوي ٿي. ويدڪ ادب کي سمجهڻ لاءِ برهم گرنٿ آهي ۽ هر هڪ ويد کي سمجهڻ لاءِ جدا جدا برهم گرنٿ آهن. ويدن جي تشريح لاءِ 800 ق. م کان 650 ق. م ڌاري اپنشد تصنيف ڪيا ويا. يجر ويد ۽ سام ويد ۾ ڀڄن ڳائڻ جا طور طريقا ۽ منترن پڙهڻ جا اشارا ۽ علم موسيقيءَ تي مواد موجود آهي. اٿر ويد ۾ هر ڪنهن دنوي تڪليف کي دور ڪرڻ جا منتر چيل آهن.
سنڌو ماٿر جي علائقي تڪش سلا/ ٽيڪسيلا ۽ گنڌارا پاسي جو گرامر جو ماهر پاڻيڻي، جنهن ڀاشا جو گرامر لکيو، اهو استاد هو، اُن جا ضرور شاگرد بہ هوندا.
برهمڻن جو رائج تعليمي نظام (Brahamanic System Of Education): قديم لکتن موجب آريا لوڪن جي سماج ۽ ڌرمي ڪارگذارين ۾ پورهيي جي ورڇ موجب چار طبقا: برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر هئا. انهن مان هر هڪ کي سماج ۽ مذهب لاءِ جدا جدا ڪم مليل هئا. برهمڻن کي ڌرم، تعليم ۽ ڌرمي رسمن جو ڪم ڏنو ويو، جنهن ۾ مرڻي پرڻي جون ريتون ۽ رسمون ادا ڪرڻ، سماجي ۽ اتهاسي موقعن تي منتر پڙهڻ ۽ تعليم ڏيڻ وٺڻ جو ڪم هو. ان زماني ۾ هڪ شاگرد جي زندگي هڪ آدرشي (معياري) زندگي هوندي هئي. تعليم جي راھہ ۾ پير رکڻ هڪ ڊگهي مسافريءَ تي نڪرڻ برابر سمجهيو ويندو هو. ابتدائي تعليم شروع ڪرڻ وقت (وديا آرنڀ يا اشر سويڪرڻم) تعليم جي ابتدا يا اکر قبول ڪرڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي هئي. ان تعليم جي پوري ڪرڻ کان پوءِ شاگرد ’اُپنيه‘ جي رسم ادا ڪري، مائٽن کي الوداع چئي پنھنجي روحاني رهبر ۽ استاد (گروءَ) جي جهوپڙي وسائيندو هو.
استاد (گرو): برهمڻن جي قديم دور ۾ گرو يا استاد ابتدائي توڙي اعليٰ تعليم ڏيندا هئا. پاٺشالائون سندن ذاتي ملڪيت هونديون هيون. پاٺشالائن ۾ ٻارن کي لکڻ پڙهڻ ۽ رواجي حساب ڪتاب سيکاريا ويندا هئا. تعليم جي عيوض شاگردن کان اجوري (فيس) وٺڻ بابت ڌرمي طور منع هئي، تنهنڪري برهمڻ بہ اجورو نہ وٺندا هئا. البت سکيا پوري ڪرڻ کانپوءِ استادن کي ’گرو دڪشڻا‘ (نذرانو) ڏيڻ جو ارواج هو. استاد ۽ شاگردن جا تعلقات همدرديءَ، محبت ۽ نيڪ نيتيءَ تي ٻَڌل هوندا هئا. علم جي ڏي وٺ روحاني ڏي وٺ سمجهي ويندي هئي، جنهنڪري علم ڏيندڙ ۽ پرائيندڙ ٻنهي کي عزت جي نگاھہ سان ڏٺو ويندو هو. ان زماني ۾ استاد ٿيڻ لاءِ ڪا خاص تربيت نہ هوندي هئي.
ان دور ۾ هيٺين طبقن- شودرن ۽ وئشن کي ڌرمي ڪتابن پڙهڻ جي منع هئي. ان وقت جو نصاب ڌرمي منترن، قديم منظوم ڪهاڻين، جوتش ۽ جاميٽريءَ تي ٻڌل هوندو هو، پر ڪاغذ اڃا وجود ۾ نہ آيو هو. لکڻ لاءِ ناريل ۽ ڪيوڙي جا پن ڪم آڻبا هئا. تحريري نصاب ۾ علم طبعي، علم ڪيميا، علم شهريت، جاميٽريءَ جو علم عام هو.
ڪاغذ جي اڻهوند سبب ٻين موضوعن جي تعليم زباني ڏني ويندي هئي ۽ علم برزبان ياد ڪرايو ويندو هو. منترن ۽ اشلوڪن ياد ڪرائڻ وقت تلفظ، ڍنگ ۽ بيهڪ جي جاين تي خاص توجھہ ڏنو ويندو هو. پاٺشالائن ۾ ٻارن کي واريءَ تي سنهي ڪاٺيءَ سان اکر لکڻ ۽ انهن جا اچار سيکاريا ويندا هئا، ڪجهہ آزمائش بعد لکڻ لاءِ ناريل ۽ ڪيوڙي جا پن استعمال ڪرايا ويندا هئا، ان کانپوءِ آهستي آهستي جوڙ، ڪٽ، ضرب ۽ ونڊ جا حساب، کوڙا ۽ جدولون بہ نصاب ۾ شامل ڪيون وينديون هيون.
ارڙهين صديءَ جي تعليمي حالتن جي تحقيق ڪندي ’وليم ائڊم‘ ڄاڻايو آهي تہ: ”استاد ساجهر ڳوٺ جو چڪر ڏئي گهرن مان 5 کان 12 ورهين جا 10 کان 15 ٻار گڏ ڪري اچي پنھنجي جهوپڙيءَ جي اڱڻ واري پاٺشالا ۾ گڏ ڪندو هو. پهريان پرارٿنا جو راڳ چَورائي، کوڙا ۽ جدولون چَورائيندو هو. انهيءَ کان پوءِ هر هڪ کان اڳيون سبق پڇندو ۽ نئون سبق ڏيندو هو. ڪچي سبق جي حالت ۾ جسماني سزا ملندي هئي ۽ نئون سبق بہ نہ ملندو هو. انهيءَ ڪم ۾ هوشيار شاگرد استاد جي مدد ڪندا هئا.“
ٻڌمت دور جو تعليمي نظام (Education System in Budhist Period): هندو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم ۾ تعليم جي خدمت ۽ تبليغ لاءِ ڪتب ايندڙ ٻنهي ڌرمن جي تعليمي طريقن ۾ ڪو فرق ڪو نہ هو. البت بنيادي مذهبي تفاوتن سبب سندن تعليمي مقصد ۽ تعليم جي نصاب ۾ گهڻو ويڇو هو. هندو مذهب ۾ تعليم فقط برهمڻن جو ورثو ۽ پيدائشي حق ڪري سمجهي ويندي هئي، پر ٻڌ ڌرم، برهمڻن جي انهيءَ هڪ هٽي کي ختم ڪري تعليم عام ۽ خاص لاءِ هڪ ڪري ڇڏي. ٻڌ ڌرم وارن جو ويدن ۾ اعتماد نہ هو ۽ سنسڪرت کي مقدس زبان نہ سمجهندا هئا. هنن پنھنجي تعليم ۽ تبليغ پاليءَ [پراڪرت جي هڪ صورت] ۾ ڏيڻ شروع ڪئي، جا ان وقت عوام جي عام فھم زبان هئي. نصاب ۾ علم منطق، مناظري ۽ فلسفي جي موضوعن جو اضافو ڪيو ويو. اُن سان گڏ نصاب ۾ صحت، زراعت، جوتش، جادو ۽ جنگي فن وغيرہ شامل هئا. برهمڻن پنهنجو زور ٽٽندو ڏسي ڪارگر پيشن لاءِ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي.
ٻڌ ڌرم جي اوج واري دَور ۾ سنڌو ماٿريءَ ۾ ’ٽيڪشيلا‘ ٻڌڌرم جي پرچار ۽ ٻوڌي ٻارن لاءِ وڏي تربيت گاھہ جو درجو رکندي هئي. انهي هوندي بہ گپتا گهراڻي جا هندو راجا هن عظيم الشان درسگاھہ (يونيورسٽيءَ) جي خدمت ۽ قدامت جو قدر ڪري، اُتي جي عالمن جي مالي امداد ڪندا هئا.
ٻڌمت جي تعليمي نظام ۾ استاد ۽ شاگرد جي تعلق بابت مهاتما گوتم ٻڌ چيو آهي ته، ”استاد، شاگرد جو احترام ائين ڪري جيئن هُو اُن جو پٽ آهي ۽ شاگرد، استاد جي عزت ائين ڪري جيئن پنھنجي پيءُ جي ڪندو آهي. ٻڌ دور ۾ شاگرديءَ جو مدو ڏھہ سال هوندو هو. ڏهن سالن جي عمر تائين شاگرد استاد جي ماتحت هوندا هئا، ان کانپوءِ هو پنھنجي ذميواري پاڻ کڻندا هئا. ان دور جي تعليمي نظام ۾ شاگردن لاءِ هيٺيان اصول مقرر هئا:
شاگرد استاد جي عزت ۾ اٿي بيهي، اُن جي تعظيم ۽ خدمت ڪري انهيءَ جي حڪمن تي هلي، انهيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪري ۽ انهيءَ جي تعليم کي ڌيان سان ٻڌي. استاد کي وري ان ڳالھہ جو پابند بڻايو ويندو هو تہ هو شاگردن تي شفقت جو هٿ ڦيري ۽ شاگردن کي اهو سمورو علم سيکاري، جنهن تي کيس دسترس حاصل هجي.
سنڌ ۾ عرب دور جو تعليمي نظام: سنڌ ۾ اسلام پهرين صدي هجريءَ جي آخر ۾ پهتو. ان دور ۾ مسلمانن وٽ قرآن مجيد جي ئي تعليمات هئي. نبي ڪريم صلعم جن جي سنت ۽ حديث بہ فني حيثيت حاصل نہ ڪئي هئي. ان دؤر ۾ درسگاهن ۾ رڳو قرآن حڪيم جي تعليم هئي.
اتر سنڌ ۾ اروڙ واري درسگاھہ قديم سمجهي وڃي ٿي، جيڪا جامع مسجد ۾ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جو پهريون مدرس ۽ استاد عالم قاضي موسيٰ بن يعقوب ثقفي هو. اوائلي عرب دور ۾ سنڌ جي اڪثر وڏن ۽ اهم مرڪزي شهرن اندر ڪيترا درسگاھہ ۽ مدرسا قائم هئا. هتي ڏورانهن ڏيهن کان طالب العلم علمي تحصيل لاءِ ايندا هئا. هن دور ۾ وڏا جيد عالم، محدث، مفسر ۽ فقيھ پيدا ٿيا، جن جي عظمت جي ساک خود عرب عالمن ڀري آهي. ديبل، اروڙ، منصوره، ملتان ۽ اُچ جي قديم شهرن عرب ۽ ايران جي ويجهڙائيءَ ڪري اسلامي علمن، عربي ۽ پارسي ادب تمام گهڻي ترقي ڪئي ۽ ان دؤر جو ادب نهايت معياري ۽ بلند سمجهيو ويندو هو. شروع ۾ سنڌ جي انهن قديم مدرسن ۽ درسگاهن ۾ عراق ۽ عرب کان مشھور عالم مدرس مقرر ٿيندا هئا. ان دور ۾ سنڌ ۾ ديبل وڏو بندر هو ۽ علمي شھر بڻجي ويو هو. هن شھر ۾ عربي مدرسي جو بنياد پيو. عراق ۽ عرب کان ڪيترائي عالم هتي آيا. تاريخ نويسن اهڙن ڪيترن عالمن کي شھر جي نسبت سان ديبلي ڪري لکيو آهي. علامہ سمعاني جي ڪتاب ’ڪتاب الانساب‘ ۾ اهڙن عالمن جو ذڪر موجود آهي.
ابو جعفر محمد بن ابراهيم بن عبدالله ديبلي وڏو بلند پايه عالم هو. هن ديبل مان هجرت ڪري مڪي شريف ۾ سڪونت اختيار ڪئي. وڏو محدث ۽ عالم ٿي گذريو آهي. ابو القاسم شعيب بن محمد ديبلي، ابو العباس محمد بن محمد بن عبدالله وراق، ابو العباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي ۽ علي بن موسيٰ ديبليءَ جھڙا سنڌي عالم پڻ عرب دور ۾ ديبل ۾ موجود هئا. هي پهريون شھر هو، جنهن ۾ عربن مسجد جو بنياد رکيو. اروڙ پراڻو شھر ۽ راءِ گهراڻي جي گاديءَ جو هنڌ هو. عرب سياحن ۽ تاريخ نويسن: ابن خردازبھ، اصطخري مقدسي ۽ مسعوديءَ، اروڙ بابت انهيءَ روايت سان متفق آهن. منصوره جيئن تہ اسلامي حڪومت جو تختگاھہ هو، ان ڪري وڏا وڏا جيد عالم هن شھر ۾ رهندا هئا. عرب ۽ عراق جا وڏا عالم، مفتي، قاضي ۽ مدرس هتي ايندا هئا. انهي زماني ۾ منصوره ۾ بہ ڪيترا بلند پايه عالم فاضل، اديب ۽ شاعر رهندا هئا. اڄڪلھہ جنهن شھر کي ’ملتان‘ سڏيو وڃي ٿو. ’پراڻ‘ مطابق انهيءَ جو قديم نالو ’ڪيشپ پور‘ هو، ملتان کي علم ادب، ثقافت، اسلامي درسگاهن ۽ مدرسن جي گهڻائي، تعليم ۽ تبليغ جي عروج ڪري ’سنڌ جو بغداد‘ سڏيو وڃي ٿو. شيخ رڪن الدين جي درسگاھہ، شيخ عمادالدين جو مدرسو، مخدوم حسام الدين جو مدرسو، احمد بن زين ملتانيءَ جو مدرسو، شيخ علاءُ الدين ملتانيءَ جو مدرسو عروج تي هئا، ان کان سواءِ هارون بن عبدالله ملتاني، شيخ صلاح الدين ملتاني ۽ شيخ فضل بن محمد ملتانيءَ سميت اُن وقت جا ناليوارا عالم ديني تعليم ۽ تبليغ جي ڪري مشھور هئا. اُچ ۽ ملتان جي سر زمين قديم زماني کان سنڌ جي حدن ۾ شامل هئي.
سومرن جي دور جو تعليمي نظام: عربن جي حڪومت کانپوءِ سنڌ ۾ سومرن جو راڄ شروع ٿيو. سومرن جي صاحبيءَ ۾ اٽڪل 20 حاڪمن 752ھہ/ 1351ع تائين سنڌ مٿان راڄ ڪيو. انهيءَ دور جي مدرسن مان ڪيترن ئي عالمن فيض حاصل ڪيو. منصوره، علمي حيثيت سبب اهم مرڪزي شھر ليکيو ويندو هو، پر محمود غزنويءَ جي حملن ان شھر کي هميشہ لاءِ ويران ڪري ڇڏيو. سومرن جي دور ۾ ملتان بہ اسلام جي تبليغ ۽ علم جو اهم مرڪز رهيو. ناصر الدين قباچه، مولانا قطب الدين ڪاشانيءَ لاءِ ملتان ۾ هڪ عاليشان مدرسو تعمير ڪرايو، جيڪو حسين لانگاھہ جي زماني تائين اوج تي هو. سومرن جي دور جي تعليمي ۽ تهذيبي ڌاڪ عراق، عجم ۽ مصر ۽ سميت ڏورانهن ملڪن تائين هئي.
منصوره جو علمي مرڪز محمود غزنويءَ جي حملن، ابن بطوطه جي وقت (1334ع ۾) ويران ٿي چڪو هو. الور، برهمڻ آباد ۽ محفوظ، جھڙا شھر ترڪ سلطانن جي دور ۾ صفحه هستيءَ تان مٽجي ويا. سومرن جي صاحبيءَ جي شروعات ۾ شهرن جي مسجدن لاءِ فقيھہ امامت لاءِ مقرر ٿيندا هئا تہ جيئن مسلمان فقھ حنفيءَ کان واقف رهن. اهڙن عالمن لاءِ ’صدر الصدور‘ (وڏو قاضي) سفارش ڪندو هو ۽ شهرن جا قاضي علمي ادارن جي صدارت ڪندا هئا. عالمن کي هر طرح ديني آزادي مليل هئي. مفلس شاگردن جي رهائش، کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جا بار حڪومت برداشت ڪندي هئي. سنڌ ۾ مسجدن اندر منبر جوڙڻ جو رواج سومرن جي دور ۾ پيو. سومرن جي دور ۾ تعليم جي فروغ لاءِ مدرسي لاءِ ڌار عمارت تعمير ڪئي وئي. سومرن جي دور ۾ ٽي اهم مدرسا: (1) اگهم ڪوٽ، (2) سيوهڻ، ۽ (3) بکر ۾ هئا.
(1) اگهم ڪوٽ جو مدرسو: اگهم ڪوٽ کي ’اگهاماڻو‘ بہ سڏيندا هئا. سومرن جي دور ۾ هتي وڏو علمي مدرسو هو، جنهن ۾ اٽڪل پنج سئو کن شاگرد قرآن شريف ۽ ٻين ديني علمن جو درس وٺندا هئا. شاگردن جي رهائش، کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙي لٽي جو بار سومرو درويش ميان دائود، ميان حمل ۽ ميان اسماعيل برداشت ڪندا هئا.
(2) سيوهڻ جو مدرسو: سيوهڻ قديم دؤر کان علم ۽ ادب جو مرڪز هو، جيڪو سومرن جي دور ۾ بہ اسلامي تھذيب ۽ تمدن جو گهوارو رهيو. سيوهڻ جو مدرسو اسلامي دنيا ۾ ’فهاء الاسلام‘ جي لقب سان مشھور هو. هتي اسڪندريہ (مصر) جا شاگرد بہ تعليم وٺڻ ايندا هئا. سيوهڻ ۾ اسلامي تبليغ جي سلسلي ۾ وڏي ۾ وڏو مبلغ شيخ عثمان مروندي (لعل شھباز قلندر) هو، جيڪو سلطان محمد بن غياث الدين زڪريا ملتاني رحه جو مريد ٿيو هو. شھزادو سلطان محمد سنڌ جو حاڪم ۽ عالم پرور هو. سندس دؤر حڪومت ۾ ’تاج الماثر‘، ’فخر مدبر‘، ’سلسلھ الانساب‘، ’آداب الحرب‘ ۽ ’آداب السلاطين‘ جھڙا ڪتاب لکيا ويا. قلندر شھباز نہ رڳو صوفي طريقي جي سھروردي شاخ سان وابستہ هو، پر علم ۽ تصوف ۾ بہ سندس اعليٰ مقام هو. ابن بطوطه جڏهن سنڌ ۾ آيو، تڏهن هن سيوهڻ جو بہ دورو ڪيو، جتي هن ڪيئي مڪتب ۽ خانقاهون ڏٺيون. ابن بطوطه موجب هن شھر جي خطيب شيبانيءَ کيس خليفي بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز جو پروانو ڏيکاريو، جيڪو سندس ڏاڏي کي خطيب ٿيڻ تي مليو هو. اهو پروانو سندس خاندان کي ورثي ۾ مليل هو، جنهن تي هيءَ عبارت لکيل هئي: ”هذا امربھ عبدالله امير المومنين بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز بغلان“ اها تحرير 99 هجريءَ جي هئي. سيوهڻ ۾ مشھور مدرس قاضي ڏتو رهندو هو، جنهن جي مدرسي ۾ ’تاريخ معصوميءَ‘ جو مصنف مير معصوم بکريءَ پڙهيو هو. هن مدرسي کي مخدوم نورالله عبدالله رحمان ۽ شاھہ عبدالله هلائيندا هئا.
(3) بکر جو مدرسو: بکر جو شھر سومرن جي صاحبيءَ ۾ علم جو وڏو مرڪزهو. وڏا وڏا جيد عالم ۽ فقھ هتي رهندا هئا. وڏن عالمن ۽ درويشن جي سڪونت ڪري هتي خانقاهون ۽ درسگاهون قائم ٿيون، پر انهن جو احوال نہ ٿو ملي. بکر تي اهو نالو ستين صدي هجريءَ ۾ پيو. اٺين صدي هجريءَ ڌاري ابن بطوطه لکي ٿو تہ: ”شھر جي وچ ۾ هڪ خانقاھہ ۽ مدرسو آهي، جتي غريب شاگردن ۽ نادار ماڻهن کي کاڌو ملي ٿو، شاگرد مدرسي ۾ پڙهڻ وڃن ٿا ۽ خانقاھہ ۾ رهائش پذير آهن.“ بکر جو هي مدرسو پهريون ڀيرو سيد محمد مڪيءَ جي ڪري وجود ۾ آيو.
نبي ڪريم صلعم جن جي بشارت تي سيد محمد مڪي پنھنجي خاندان جي علمائن ۽ بزرگن، جن ۾ سندس وڏو فرزند سيد محمد خطيب صدرالدين پڻ شامل هو، جنهن بکر ۾ مدرسو قائم ڪري ديني تعليم کي زور شور سان جاري رکيو، جنهن مان مختصر عرصي ۾ سندس ڪيترن طالبن ۽ عقيدتمند فيض پرايو. هن مدرسي کي شيخ برهان الدين بکري هلائيندو هو ۽ دهليءَ تائين مشھور هو. قاضي صدرالدين (قاضي ابو حنيفہ بکري) سنڌ ۾ حنفيءَ جو قاضي، وڏو عالم، زماني جو شيخ ۽ انهي دور جي مشاهيرن مان هو ۽ سومرن جي آخري دور ۾ سلطان محمد تغلق پاران بکر جو قاضي هو. مولانا برهان الدين بکري، شيخ فاضل ۽ علامہ سنڌي بہ وڏن عالمن مان هئا. کين فقھ، اصول فقھ ۽ عربي علم ادب ۾ وڏي دسترس هئي. بکر جي هن اهم مدرسي کان سواءِ سيد احمد بن جلال الدين حسن ڪبير بن علي بخاريءَ جي درسگاھہ ۽ مولانا صدرالدين بکريءَ جي درسگاھہ جو پڻ عروج هو، شيخ فقيھ امام صدرالدين حنفي بکري سنڌي، فقھ ۾ مجتهدانه درجو رکندڙ عالمن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ پنھنجي قائم ڪيل درسگاھہ ۾ اسلامي تعليم جو درس ڏيندو هو. محمد خطيب صدرالدين بن محمد مڪيءَ جو علي واهڻ ۾ مدرسو هو. سيد علي بن محمد بکري وڏو عالم هو. مولانا ظھيرالدين بکريءَ جو پڻ بکر ۾ مدرسو قائم هو. هُو نحو، فقھ ۽ اصول فقھ جو ڄاڻو هو. شيخ نوح بکريءَ جو مدرسو بہ موجود هو. قاضي فصيح الدين لاهري اصل هرات جو هو ۽ بکر شھر جي عالمن ۾ شمار ٿيندو هو.
سمن جي دور جو تعليمي نظام: سمن 675ھہ/ 1351ع کان 923ھہ/ 1519ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. ابتدا ۾ سمن جي حڪومت دهليءَ جي ماتحت هئي. ان دور ۾ سنڌ اندر ’محمدي خانقاھہ‘ (Khanqah-i-Muhammadi) جي نالي سان مذهبي مدرسو قائم ڪيو ويو، جيڪو مخدوم جھانيان سيوهڻ ۾ هلائيندو هو. دهلي سلطنت جي دور ۾ ديني تعليم ۽ تربيت جي همت افزائي ٿي، اهو مدرسو اهم تدريسي مرڪز هو. سمن سردارن پڻ علم ادب کي تمام گهڻي هٿي وٺرائي. ڄام سنجر ۽ ڄام نظام الدين عالمن جي وڏي خدمت ڪئي. ڄام نندي ٻاهرين دنيا جي عالمن کي سنڌ ۾ گهرايو ۽ کين وڌ ۾ وڌ سهوليتون ڏنيون. سمن تعليم تي گهڻو ڌيان ڏنو ۽ ان کي ترقي وٺرائي. هن زماني ۾ سيوهڻ، بکر، ٺٽو، درٻيلو، ٽلٽي، ڳاها، ٻٻرلوءِ، هالڪنڊي، نصرپور، اگهاماڻي، عمرڪوٽ، بوبڪ، سن ۽ باغبان وڏا علمي مرڪز هئا. سمن سلطانن ڄام تماچي، ڄام سڪندر (ثاني) ڄام سنجر، ڄام نندي ۽ دولھہ دريا خان مڪتبن ۽ مدرسن جي سٺي سرپرستي ڪئي.
ڄام تماچي حماد جماليءَ جي خانقاھہ ۽ درسگاھہ لاءِ وڏي رقم فراهم ڪئي. شيخ حماد جمالي هن دور جو اعليٰ پايي جو عالم هو. سمن جي ابتدائي زماني ۾ سيد محمد شيراز ۽ سندس پٽ سيد احمد بہ سنڌ پهتا ۽ هنن ٻنهي بزرگن سيوهڻ ۾ مدرسو قائم ڪيو. سيد احمد جو پٽ سيد جلال، تفسير، حديث، فقھ ۽ ٻين علمن ۾اڪابر هو. سيد احمد ٺٽي پهچڻ وقت، وقت جي وڏي عالم قاضي نعمت ٺٽويءَ سان ملاقات ڪئي. هن دور ۾ گجرات ۽ سنڌ جو ويجهو واسطو هو، انڪري ٻنهي رياستن ۾ عالمن جي اچ وڃ بہ جاري رهي. مؤرخن، ڄام سنجر جي علم نوازيءَ بابت تعريف ڪندي لکيو آهي تہ: ”ڄام سنجر هميشہ عالمن، صالحن ۽ درويشن جي دلجوئي ۽ خدمت ڪندو هو“. ڄام سنجر کانپوءِ سنڌ جي حڪومت ڄام نندي جي حوالي ٿي. کيس ابتدا کان عالمن ۽ علم سان محبت هئي. ڄام نظام الدين، ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ علم جي آبياري ڪئي ۽ هر ننڍي وڏي شھر ۽ ڳوٺ ۾ سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ درسگاهون قائم ڪيون. ڏيهي عالمن کان سواءِ ڄام نندي، پرڏيهي استادن جي بہ همت افزائي ڪئي ۽ انهن پنهنجا شھر ڇڏي سنڌ ۾ اچي مدرسا کوليا. سيوهڻ جي عباسي خاندان مان قاضي عبدالله هن دور جو وڏو عالم هو. علامہ جلال الدين جا ٻہ ناليوارا شاگرد مير معين الدين ۽ مير شمس الدين دارالحڪومت ٺٽي پهتا. هنن هتي رهي ديني ۽ دنياوي علم جي واڌاري ۾ وڏو حصو ورتو. ڄام نندي جي دؤر ۾ ئي شيخ عيسى برهانپوري لنگوٽي هندستان کان ٺٽي پهتو. هن ساموئيءَ ۾ پنهنجو مدرسو کوليو. ان دور جو بھترين استاد علامہ نعمت عباسي سندس شاگرد هو. هن دور ۾ تعليمي اڀياس جي حوالي سان شيخ حسين صفائيءَ جو نالو پڻ اهم آهي.
سورهين صديءَ شروع ٿيڻ سان وچ ايشيا ۾ تبديلين جو عمل شروع ٿيو، ان صورتحال ۾ متعدد عالمن اچي سنڌ ۾ پناھہ ورتي. محدث عبدالعزيز ابهري ۽ سندس پٽ مولانا محمد ۽ اثيرالدين، ان وقت سنڌ ۾ آيا ۽ کين دولھہ دريا خان جي سرپرستي حاصل ٿي. هن پاڻ ’ڳاها‘ ۾ اعلى پايي جي درسگاھہ قائم ڪئي. مخدوم بلال باغبان ۾ درس ۽ تدريس جو شغف جاري رکيو. جمالي دهلوي ساڻس ملاقات ڪئي هئي، جنهن جو ذڪر سندس ڪتاب ’سيرالعارفين‘ ۾ عزت ۽ احترام سان ڪيو ويو آهي. ڄام بايزيد ۽ ڄام ابراهيم، ملتان ۾ تعليمي سرگرمين لاءِ تعميرات ڪيون، جن لاءِ سما حاڪمن مالي مدد ڪئي. هن زماني جا استاد وڏا عالم ۽ اڪابر هئا، اهي پڙهائي سان گڏ درسي ڪتاب بہ تيار ڪندا هئا. علامہ عبدالعزيز، علاؤالدين ۽ منگلوري بہ انهن عالمن ۾ شامل هئا. نصاب ۾ منقولات کي معقولات تي ترجيح حاصل رهي. علمن ۾ قرآن پاڪ، تفسير، قراءت، حديث ۽ فقھ پڙهائبي هئي. ٻين علمن ۾ فلسفو، طب، منطق، علم تفسير، صرف نحو، گرامر، رياضي، هئت، اقليدس ۽ خطاطي بہ نصاب ۾ شامل هئي. ان زماني ۾ مخدوم بلاول جو مدرسو ٽلٽيءَ ۾ هو، شيخ وهاب برانيءَ جو ٺٽي ۾، مخدوم عبدالله رشيد جو هالا ۾، مخدوم بکرپوٽي جو مدرسو ڳاهن ۾ ۽ شاھہ قطب الدين جو مدرسو بکر ۾ هو.
هنن مدرسن ۾ ديني علمن کان سواءِ ٻين علمن جي نصاب جا ڪتاب بہ شامل هئا. مدرسن ۾ ’جامع المقدمات‘ (Jamial-Muuqaddama) مدرسي جي نظام ۽ ضابطي لاءِ لازمي مضمون طور پڙهايو ويندو هو. جيتوڻيڪ سمن جي آخري دور ۾ وچ ايشيا ۽ ايران جي عالمن جي اچڻ سان سنڌ ۾ فارسي ادب عام ٿيو ۽ هتي حافظ، سعدي، خيام، رومي ۽ فردوسيءَ جا ديوان ۽ شعر بہ پهتا، بهرحال هن دور جي علمي اڀياس مان خبر پوي ٿي تہ عربي ۽ فارسي زبان درٻاري توڙي درسي حيثيت ۾ نافذ رهي.
سمن جي دور ۾ ٽلٽيءَ ۾ مخدوم بلاول، قرآن شريف، تفسير، حديث، فقھ ۽ شريعت جي تعليم ڏيندو هو، وڏو محدث ۽ فقيھ هو. سندس درسگاھہ ظاهري علم جي پالوٽ سان گڏ روحاني فيض جو وڏو مرڪز هئي. مخدوم صاحب جا ڪيترا مڻيادار، معاصر ۽ شاگرد رشيد هئا، جن ۾ مخدوم عربي ڌياڻو (وفات 980ھہ/ 1572)، مخدوم اسحاق (وفات 932ھہ/ 1525ع)، مولانا يونس سمرقندي، مير سيد صفائي بن سيد مرتضى الحسيني، مخدوم جعفر بوبڪائي، مولانا اثير الدين ۽ مولانا يار محمد، شيخ قاسم ۽ سندس پٽ شيخ عيسى جندالله پاٽائي، شيخ ظاهر شاھہ پاٽائي، مولانا يونس لاکو سنڌي، مولانا شيخ مبارڪ پاٽائي ۽ ٻيا ڪيترا ناليوارا عالم اچي وڃن ٿا.
عرب دور ۽ اڳ سنڌ ۾ مسجدن ۾ ئي مدرسا هلندا هئا، پر سمن جي دور ۾ مدرسن ۽ درسگاهن لاءِ جدا عمارتون تعمير ٿيون. ٺٽي جي مدرسن ۽ درسگاهن جو تعداد وڌندو ويو، جو ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ چئن هزارن تي وڃي پهتو. برک عالم ۽ مدرس قاضي محمد،
ڄام بايزيد جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ وڏو ديني مدرسو هو، جنهن ۾ ديني ۽ دنيوي تعليم ڏني ويندي هئي. ڳوٺ مراد لوٺي جي درسگاھہ ۾
سيد محمد ۽ سندس پٽ احمد، ديني علمن ۽ بزرگيءَ ۾ ڪمال جا صاحب هئا، اهي ڄام صلاح الدين بن تماچي جي ڏينهن ۾ اتي اچي رهيا ۽ هڪ وڏي اسلامي درسگاھہ قائم ڪيائون. وقت جا عالم
شيخ عيسى ۽ قاضي نعمت عباسي بہ اتي پڙهيا. سيد محمد حسين ولد احمد بن سيد محمد عرف ميران محمد ديني توڙي دنياوي علم ۽ فن شيخ عيسى کان حاصل ڪيا.
سمن جي دور ۾ هيٺيان علمي درسگاھہ ۽ مدرسا هئا:
• سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق جي درسگاھہ
• شيخ طيب جو دارالعلوم ۽ درسگاھہ
• ميرڪ شيخ محمود جي درسگاھہ
• شيخ صدرالدين جي درسگاھہ
• مخدوم مَتُو جي درسگاھہ ۽ خانقاھہ
• مخدوم فضل جي درسگاھہ
• علامہ يونس سمرقنديءَ جي درسگاھہ
• قاضين جو مدرسو
• ميان وجيھہ سنڌيءَ جي خانقاھہ ۽ درسگاھہ
• قاضي محمود جي درسگاھہ
• قاضي شرف الدين جي درسگاھہ (سيوهڻ)
• ٻٻرلوءِ جي عظيم درسگاھہ
• قاضي ابو سعيد جي درسگاھہ
• مير عبدالله جي درسگاھہ
• بکر جي عظيم درسگاھہ
• مخدوم عبدالباقيءَ جي روهڙيءَ ۾ درسگاھہ
• سيوهڻ ۾ مخدوم شرف الدين جي درسگاھہ
• شاھہ حسين جي درسگاھہ
• شاھہ قطب الدين جي درسگاھہ
• بکر ۾ شاھہ جھانگير جي درسگاھہ
• سکر ۾ شاھہ خيرالدين جي خانقاھہ ۽ درسگاھہ
• مولانا مصلح الدين جو مدرسو
• قاضي مسعود قريشي عثماني جي درسگاھہ
• مخدوم ميتيدني جو مدرسو
• قاضي عثمان جو مدرسو
• شيخ متقي جو مدرسو
ارغون دور (1521ع کان 1555ع تائين) ۾ تعليم: سمن کانپوءِ سنڌ ۾ ارغونن جو راڄ قائم ٿيو. مرزا شاھہ بيگ وڏو عالم ۽ فاضل هو. قنڌار واري زماني ۾ عالمن جي صحبت ۾ گذاريائين. علم نحو جي ڪتاب ’ڪافيه‘ جي شرح، ’مطالع منطق‘ جي شرح وغيرہ تي قنڌار ۾ عالمن جي روبرو بحث مباحثي ۾ حصو وٺندو هو. مرزا شاھہ بيگ کانپوءِ سندس پٽ مرزا شاھہ حسن ارغون تخت تي ويٺو، جيڪو بہ سخن فھم شاعر هو. هن علم جي فروغ لاءِ ڪافي اثرائتا قدم کنيا. ارغونن جي دور ۾ ڳاهن ۾ مخدوم محمد فرخ پوٽي جو قديم مدرسو هو، جنهن ۾ هو اسلام جي ديني تعليم ڏيندو هو ۽ قاضي عبدالله درٻيلوي وٽس پڙهيو.
ترخان دور (1555ع کان 1592ع تائين) ۾ تعليم: 967ھہ/ 1660ع ڌاري مرزا شاھہ حسن جي وفات کانپوءِ سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، بکر کان سيوهڻ تائين سلطان محمود ڪوڪلتاش حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ سيوهڻ کان لاهري بندر تائين مرزا عيسى خان ترخان حڪومت سنڀالي. ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾ سنڌ جا ٻہ تختگاھہ ٺٽو ۽ بکر علمي لحاظ سان ’ارضِ- معموره‘ سڏجڻ لڳا. ٻنهي گهراڻن جا ترڪستان ۽ ايران سان تعلقات هئا، تنهنڪري ڪيترن عالمن هتي سنڌ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. ارغونن مان شاھہ بيگ، شاھہ حسن ۽ ترخانن مان جاني بيگ، غازي بيگ ۽ محمود ڪوڪلتاش شاعرانه مزاج رکندا هئا. سرڪاري زبان فارسيءَ زور ورتو. بکر سيوهڻ، نصرپور، ٺٽو ۽ سکر علم ۽ فن جا مرڪز بڻجي ويا. هن دور ۾ بوبڪ کي مرڪزي حيثيت حاصل رهي. مخدوم محمد جعفر بوبڪائي وڏو عالم ٿي گذريو آهي. سندس خاندان کي علمي حيثيت سبب مخدوم جو لقب مليو ۽ هن خاندان مان ڪيترا مدبر ۽ عالم پيدا ٿيا، جن مان مخدوم عبدالڪريم ميران (وفات 949ھہ) ۽ سندس مخدوم محمد جعفر رحه گهڻو مشھور ٿيا. مخدوم عبدالڪريم ميران جي بوبڪ ۾ وڏي درسگاھہ هئي، جنهن مان سڄي سنڌ جا ماڻهو علمي فيض پرائيندا هئا. شيخ يوسف پاٽائي سنڌيءَ جو پٽ علامہ طاهر محدث سنڌي، علامہ حڪيم محمد عثمان بوبڪائي، بوبڪ جي انهيءَ درسگاھہ مان فيض حاصل ڪيو هو. هن مدرسي جا ڪجهہ شاگرد پوءِ برهانپور پهتا ۽ اتي هڪ وڏي درسگاھہ قائم ڪيائون، جنهن مان هندستان جي ڪيترن طالب علمن فيض پرايو ۽ ان دؤر ۾ هندستان ۾ سنڌي عالمن حديث جي وڏي اشاعت ڪئي.
مير معصوم بکري، مخدوم محمد جعفر جو معاصر هو. هن بزرگ بوبڪ جي درسگاھہ ۾ جيڪو فيض ڏنو، ان سڄي سنڌ کي سيراب ڪري ڇڏيو. سندس اولاد مان مخدوم نجم الدين وٽس پڙهيو ۽ ان کان مخدوم حامد ۽ مخدوم عبدالغنيءَ فيض پرايو. مخدوم بايزيد ٺٽوي پڻ مخدوم جعفر جي اولاد کان فيض پرايو ۽ ساڳي ريت هالا جي مخدوم پير محمد پڻ انهيءَ درسگاھہ جي شاگردن کان فيض پرايو. مخدوم محمد جعفر اهو پهريون سنڌي عالم هو، جنهن ڏهين صدي هجريءَ ۾ درس ۽ تدريس سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم بہ جاري رکيو. سندس تصنيفن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ڪتاب ’القانة في مرمت الخزانة‘ آهي، جيڪو فقہ حنفي متعلق آهي. ان کانسواءِ هن تعليم جي طريقي تي برصغير جو پهريون ڪتاب لکيو. حڪيم عثمان پٽ شيخ عيسى بن شيخ ابراهيم صديقيءَ سنڌ جي جدا جدا استادن وٽ تعليم حاصل ڪئي، ان کانپوءِ هُو محلي سنڌي پوره (برهانپور) ۾ درس ڏيندو رهيو. شيخ عيسى برهانپوري سنڌي، علامہ قاضي عبدالسلام سنڌي (مختصر وقاية شرح جو مصنف)، شيخ نصيرالدين پٽ شيخ سراج محمد بينائي، مولانا صالح سنڌي، سيد محمد غوثي (مصنف: ’تذڪره گلزار ابرار) پڻ ان مدرسي جا طالب علم ٿي رهيا.
ڪلهوڙا دور جو تعليمي نظام: ڪلهوڙن سنڌ تي 1196ھہ/1782ع تائين حڪومت ڪئي. ڪلهوڙن جو دؤر علمي حوالي سان سونهري دور رهيو. هي دور نہ فقط سنڌ جي خوشحالي جو دور هو، پر علم ۽ فضل جي لحاظ کان پڻ درخشان زمانو هو. ڪلهوڙا خاندان جا ٻاهرين اسلامي ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم هئا. سنڌ اندر دنيا جي عالمن جي اچ وڃ تمام گهڻي هئي. کنڀات ۽ سورت جا بندر وڌيڪ ويجها ۽ آمدرفت جي لحاظ کان سهوليت وارا هئا. مڪي مڪرمه ۽ مديني منوره جون درسگاهون سنڌ جي عالمن لاءِ هميشہ کليل هونديون هيون. هن دور ۾ فقھ، تفسير، حديث، منطق، شاعري، حڪمت، تاريخ، مصوري، هيئت ۽ ٻين ڪافي علمن ترقي ڪئي. ايران جي چوٽيءَ جي شاعرن سنڌ جي نوابن جي سخن سنجيءَ جي واکاڻ ٻڌي سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. شيخ جزين، سرمد، سرمست ۽ طالب آملي بہ پهريائين سنڌ ۾ پهتا، پوءِ گجرات ۽ دکن ڏانهن ويا. ان دور ۾ جونپور، احمدآباد، دهلي، لاهور، سيالڪوٽ، ملتان ۽ ٺٽو، ديني علمن جي اشاعت جا اهم ۽ مکيہ مرڪز هئا. سمرقند ۽ ايران جي ڪن عالمن جي سنڌ ۾ اچڻ ڪري منطق ۽ فلسفي جو رواج عام ٿيو. مير فتح شيرازي (عضدالدوله) جلال الدين دواني، مير صدرالدين، مير غياث الدين منصور ۽ مرزا جان مير جا ڪتاب ننڍي کنڊ ۾ رائج ڪرايا ۽ سنڌ جي مدرسن ۾ پڻ اهوئي نصاب رائج ٿيو.
ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ جا شاگرد علمي تحصيل لاءِ قابل ۽ ڪامل استادن سان گڏ مڪي ۽ مديني وڃڻ لڳا. نوابن جي سرپرستيءَ هيٺ سنسڪرت، عربي، ترڪي ۽ يوناني ٻولين جي ادبي شاهڪارن جو فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيو. فن طبابت کي مدرسن جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. سيد عبدالرزاق، نواب اميرالدين خان بن سيد ابوالمڪارم (1212ھہ ۾) ٺٽي جي نواب ’رشحات الفنون‘، ’مغلومة الافاق‘ جي نالي معياري ڪتاب تصنيف ڪيا. عوام جي فلاح ۽ بھبود لاءِ مسجدون، حوض ۽ درسگاهون تعمير ڪرايون.
شيخ عمر ٺٽوي وقت جو عالم هو، جنهن وٽ شيخ ڪبيرناگوري باطني علم پڙهيو. شيخ عمر پوين ڏينهن ۾ گجرات ۾ وڃي رهيو. خواجہ عبيد احرار، خطيب ابو الفضل گازروني ۽ مولانا جلال الدين دواني سندس همعصر هئا. ميان آدم شاھہ وقت جو وڏو درويش عالم ۽ مدرس هو. ملتان جي سھروردي مشائخن سان دوستاڻو رستو هوس. ملتان جو ڪوٽوال آقا شاھہ محمد سندس مريد هو. جيتوڻيڪ ان دور ۾ عربي ۽ فارسيءَ کي تمام گهڻو عروج حاصل هو، تنهن هوندي بہ ڪلهوڙن جو دور مذهبي تبليغ ۽ اشاعت جي سلسلي ۾ هڪ سونهري دور شمار ڪيو وڃي ٿو. تصنيف ۽ تاليف، درس ۽ تدريس جو سمورو ڪم عربي ۽ فارسيءَ ۾ ٿيندو هو. سمن جي دور کان فارسي سنڌ جي سرڪاري زبان هئي، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ درس تدريس جي پڻ ضرورت محسوس ڪئي وئي، ٺٽي جي مشھور عالم مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ، سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط جوڙي. سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکڻ جي شروعات ٿي. جيتوڻيڪ ان کان اڳ بہ سنڌي رسم الخط ۾ ڪتاب ملن ٿا، پر منظم سنڌي رسم الخط ابوالحسن سنڌيءَ جوڙيو. ان ئي دور ۾ هر مدرسي کي هڪ عاليشان ڪتبخانو هوندو هو. اڳ ۾ مدرسا مسجدن جي حجرن ۾ هوندا هئا، پر سمن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ مدرسن جون الڳ جايون ٺهرايون ويون. پڙهائڻ جو طريقو اهو ساڳيو ئي رهيو، پر استادن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويو.
ڪلهوڙا دؤر ۾ جوڙايل مدرسا، درسگاهون ۽ عالم: هن دور ۾ هيٺيان عالم، مدرسا ۽ درسگاهون موجود هيون:
شيخ عمر جو مدرسو، مخدوم ابو القاسم درس ٺٽويءَ جي روحاني درسگاھہ، علامہ ابوالحسن ڪبير سنڌي ۽ سندس مدرسو الشفا، مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ سندس درسگاھہ، شيخ محمد حيات سنڌي ثم مدني، شاھہ عبداللطيف ۽ وائيءَ وارو مدرسو، مير علي شير قانع ٺٽوي ولد مير عزت ٺٽوي، مخدوم خواجہ زمان ولد حاجي عبداللطيف نقشبندي، مخدوم ضياءُالدين ٺٽوي جي درسگاھہ، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو هاشميه دارالعلوم مدرسو، سن ساوڙيءَ ۾ ابوالحسن ڏاهريءَ وارو مدرسو، ملا احمد ٺٽوي، محمد فاضل سنڌي، مخدوم ابوبڪر هالائي، ملا اسحاق بکري، مخدوم احمد ڪتابي ٺٽويءَ جو مدرسو، سونڊا شھر جون علمي، ادبي ۽ روحاني درسگاهون، مخدوم جلال محمد جي درسگاھہ، قاضي قطب الدين، حاجي قائم الدين، شيخ رحمت الله، مخدوم صدو لانگاھہ، ملا آجب، مخدوم فضل جي درسگاھہ ۽ روحاني آستان، صابر سومري جي درسگاھہ، مولانا ضياءُ الدين راهوٽيءَ جو مدرسو، شيخ عبداللطيف جي درسگاھہ، مخدوم حسن هريره جو دائري ۾ مدرسو، حيدرآباد جون درسگاهون ۽ مدرسا، شڪارپور ۾ شاھہ فقير علويءَ جي درسگاھہ، ۽ مٽياريءَ ۾ ديني تعليم جي مرڪز درسگاھہ.
ٽالپرن جو دؤر ۽ تعليمي نظام: ٽالپرن جي دورِ حڪومت ۾ ميرن صاحبن جي حويلين ۾ اميرزادين کي مذهبي تعليم ڏني ويندي هئي. اميرزادين وٽ پنهنجا جدا جدا ڪتبخانا ۽ پگهاردار ڪاتب مقرر هوندا هئا. ڪو بھترين نسخو عراق يا عجم کان پهچندو هو تہ ڪاتب کين نقل ڪري پيش ڪندا هئا. شهرن ۾ ڇوڪريون، ڇوڪرن سان گڏ آخوندن جي مڪتبن ۾ پڙهنديون هيون. تعليم جو دائرو فقط وڏن شهرن ۽ وڏن ڳوٺن تائين محدود هو.
ٽالپر دور ۾ مروج تعليمي سرشتي بابت سر رچرڊ برٽن لکي ٿو ته، ”سنڌ ۾ ميرن جي زماني ۾ چئن سالن جي عمر ۾ ڇوڪري کي مڪتب يا مدرسي موڪليو ويندو هو، جتي مولوي يا آخوند تعليم ڏيندا هئا. پهريائين آخوند ٻار کان ’الحمد رب العالمين‘ جا اکر سڃاڻائيندو ۽ چورائيندو هو. قرآن مجيد جي پوئين سيپاري پوري ڪرڻ کانپوءِ ٻارن کي نماز کانپوءِ ضروري سورتون برزبان ياد ڪرايون وينديون هيون ۽ ساڳئي وقت لکائڻ شروع ڪرائبو هو. تعليم جي پهرئين سال دوران لکڻ ۽ پڙهڻ جي مشق ڪرائي ويندي هئي. ان کانپوءِ معنيٰ ۽ مطلب سان قرآن ڪريم پڙهايو ويندو هو. ان ۾ گهڻو ڪري 4 سالن جو عرصو لڳندو هو. نائين سال ۾ مروج سنڌي زبان ۾ اڀياس ڪندا هئا، جنهن ۾ ’نورنامو‘ پڙهائبو هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جا ڪتاب پڙهايا ويندا هئا. ان سان گڏ نثر ۽ نظم ۾ سيف الملوڪ، ليلى مجنون ۽ مولانا عبدالحڪيم جو سڀ کان مشھور ڪتاب ’حڪايات الصالحين‘ پڙهايا ويندا هئا. انهيءَ کان سواءِ ميان عبدالله جو جوڙيل ’لاڏاڻو‘ ۽ تاريخ
’حبيب السير‘ تان ورتل معراج نامو ۽ عبدالحليم جو لکيل سؤ مسئلا‘ پڙهائبا هئا. اهڙا ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب شاگردن جي ذهني سگهہ وڌائڻ لاءِ پڙهايا ويندا هئا. تعليم جو اهو ڏاڪو ٽن سالن ۾ پورو ڪيو ويندو هو. ٻارهن تيرهن سالن جي ڄمار کانپوءِ شاگردن کي دوايو ٽوايو ۽ چشم چراغ واتي ويڻي ياد ڪرائبا هئا. ڪرچا ۽ ناگهان جھڙا آسان ۽ عام مشھور شعر جا ڪتاب بہ پڙهايا ويندا هئا. وڏن شاگردن کي اعلى تعليم ۽ ڄاڻ لاءِ تاريخ، انشا، گلستان، بوستان ۽ يوسف زليخا جھڙا ڪتاب پڙهايا ويندا هئا. مثنوي ۽ خاقانيءَ جا وڌيڪ ڏکيا ڪتاب ڪي ورلي شاگرد پڙهندا هئا ۽ فردوسيءَ کي تہ ڪو قليل شاگرد پڙهندو هو.
ٽالپرن جي دؤر ۾ مدرسا گهڻوڪري وقف تي هلندا هئا ۽ انهن کي حڪومت جي طرفان مالي مدد حاصل هوندي هئي، تنهن کانسواءِ مالدار يا متقي ماڻهو انهن لاءِ وصيتون ڇڏيندا هئا. هر هڪ مدرسي ۾ هڪڙو يا ٻہ اعلى تعليم يافتہ مخدوم هوندا هئا، جيڪي شاگردن کي سبق ڏيندا هئا. انهن کي ماهوار وظيفو يا پگهار ملندو هو. عيدن ۽ عاشورن تي شاگردن کي عام موڪل ملندي هئي. ڪن خاص حالتن ۾ لائق شاگردن کي ٿورن هفتن لاءِ ڳوٺ وڃڻ جي بہ موڪل ملندي هئي. ميرن جي صاحبي ۾ مدرسن جي نصاب ۾ صرف نحو، منطق، فقه، تفسير، حديث، معاني، بيان ۽ بديع پڙهايا ويندا هئا. شاگردن کي مڪتبن ۾ صَرف جا ابتدائي قاعدا پڙهائبا هئا، انهيءَ مقصد لاءِ حضرت عثمان مرونديءَ (قلندرلعل شھباز) جو ڪتاب ’ميزان‘ پڙهائبو هو.
انهيءَ سان گڏ ’اجناس‘ يا ’منشعب‘ گهڻوڪري برزبان حفظ ڪرايا ويندا هئا. اهي ٻئي ڪتاب پڻ لعل شھباز جا لکيل آهن. ٽيون ڪتابعقد‘ بہ نصاب ۾ شامل هو، جنهن جي عبارت عربي فارسي گاڏڙ هئي. چوٿون ڪتاب ’زبده‘ جنهن کي شاگرد نثر ۾ ياد ڪندا هئا، ڪي وري دائمي يادگيري لاءِ ساڳيو ڪتاب نظم جي صورت ۾ حفظ ڪندا هئا. نحو جي اڀياس لاءِ شاگردن پهريائين ’مائه عامل‘ شرح سان پڙهندا هئا. انهيءَ موضوع تي مير سيد علي شريف جي ڪتاب تي جاربردي يا رضيءَ جون شرحون ڪن ٿورن وٽ موجود هونديون هيون. ’صرف‘ کي پوري ڪرڻ کانپوءِ ابوالحسن علي الضريريءَ جو ’نحو‘ تي لکيل ڪتاب ’القهدزي‘ پڙهايو ويندو هو ۽ شاگرد ساڳئي وقت ’منطق‘ شروع ڪندا هئا. ’شجاوندي‘، ’هدايه النحو‘ ۽ آخر ۾ ’ڪافيه‘ سان گڏ ’شرح ملا جامي‘ ۽ عبدالحڪيم ۽ عبدالغفور جا حاشيہ پڙهايا ويندا هئا. ’منطق‘ ۾ پهريائين مولانا اسيرالدين ابهريءَ جي ڪتاب ’ايسا غوچي‘ جو عربي ترجمو پڙهائيندا هئا. ڪي شاگرد وري ’قال اقول‘ ۽ ’شمع‘ جي شرحي متن کي برزبان ياد ڪندا هئا. ان کانپوءِ ’نيم روزي ۽ يڪروزي‘ ڪتاب پڙهايو ويندو هو. انهن ڪتابن کي پوري ڪرڻ کانپوءِ مشھور ڪتاب ’شمسيه‘ ۽ ان جي شرح ’قطبي‘ تي منطق جو نصاب پورو ٿيندو هو، پر ڪي طالب ’تھذيب‘ ۽ ’سلم‘ بہ پڙهندا هئا. شاگردن کي ديني اڀياس ۾ پهريائين حنفي فقہ جا ڪتاب ’هدايه‘ ۽ ’وقايه‘ پڙهايا ۽ ياد ڪرايا ويندا هئا. ان کانپوءِ شاگرد تفسير جا ڪتاب جلالين، مدارڪ بيضاوي، ڪشاف جواهر ۽ حسيني پڙهندا هئا.
سڀني مدرسن ۾ گهڻوڪري هڪجهڙو نصاب رائج هو، جن ۾ هي علوم پڙهايا ويندا هئا: (1) منطق، (2) فقھ، (3) تفسير، (4) حديث، (5) علم المعاني، (6) علم البيان، (7) علم البديع، (8) صرف و نحو.
هنن نصابن کانسواءِ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺيان علوم رائج هئا: (1) قرات، (2) مناظره، (3) عروض، (4) رمل، (5) نجوم،
(6) جفر، (7) تاريخ، (8) حڪمت، (9) علام الخط.
ميرن جي دور ۾ بہ سنڌ ۾ لاتعداد مدرسا ۽ ديني مرڪز موجود هئا، جن ۾ خاص طور سيوهڻ، پاٽ، کهڙا، مٽياري، موهڙ (ولهار/ عمرڪوٽ)، ٽپٽ (ٽلٽيءَ ڀرسان) ۽ چوٽياري- اڀرندي ناري تي، اعلى تعليم جا مرڪز هئا. انهن جو درجو يونيورسٽين جي برابر هو ۽ انهن کي ميرن طرفان هر مهيني امداد ملندي هئي. هنن درسگاهن جا نشان اڄ بہ ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿا.
ٽالپر دور ۾ قائم ٿيل مدرسا ۽ درسگاهون هن ريت آهن:
مخدوم عبدالواحد (قاضي محمد احسان) سيوستانيءَ جي درسگاھہ، مخدوم محمد عارف سيوستاني جو مدرسو، حافظ عبدالوهاب فاروقي عرف سچل سرمست جي درسگاھہ، مولانا محمد علي سنڌيءَ جو مدرسو، مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جي ’ڪنڊي‘ واري درسگاھہ، خليفي محمود جي ڪڙي واري درسگاھہ، مفتي محمد صاحب ٻيرائيءَ جي ٻير ڳوٺ ۾ درسگاھہ، خليفي محمد يعقوب همايونيءَ جي درسگاھہ، مخدوم محمد يوسف کنيارين واري جي درسگاھہ.
(وڌيڪ ڏسو: سنڌ جا اسلامي درسگاھہ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ستون)
انگريزن جي زماني جي تعليم: انگريزن جي قبضي کانپوءِ سنڌ جي آزاد ملڪ واري حيثيت ختم ٿي وئي. سنڌ جي آخري ٽالپر حڪمران مير نصير خان ٽالپر 28 فيبروري 1843ع تي مياڻيءَ جي جنگ ۾ شڪست کاڌي ۽ سنڌ تي باقاعدي انگريزن جو راڄ شروع ٿيو. انگريزن جي حاڪميت قائم ٿيڻ سان هن خطي ۾ مغربي تھذيب جي پرچار عام ٿيڻ لڳي. عيسائي مشنري عيسائي مذهب جي پرچار ڪرڻ لڳي، ان مقصد لاءِ سنڌ ۾ موجود ڪليسائن/ گرجا گهرن کي تعليمي فروغ لاءِ استعمال ۾ آندو ويو. گرجا گهرن ۾ پادرين عيسائي مت سان گڏ مغربي تعليم کي عام ڪيو، جنهن مان هڪ خاص طبقي لاڀ ورتو.
انگريزن جي دؤر ۾ ابتدائي تعليم: انگريزن جي قبضي وقت تعليمي نصاب تي اسلامي رنگ غالب هو. انگريز هڪدم تعليمي نظام ۾ تبديليون ڪيون ۽ تعليمي نظام ۾ مختلف ڏاڪا مقرر ڪيا، جھڙوڪ: (1) ابتدائي تعليم، (2) ثانوي تعليم، (3) اعليٰ تعليم، (4) استادن جي خاص تربيت واري تعليم. ابتدائي تعليم لاءِ انگريزن 5 کان 6 سالن جي عمر جي حد مقرر ڪئي. ابتدائي تعليم لاءِ اڳئين دور ۾ ڪو خاص نصاب مقرر نہ هو، بلڪ مدرسن ۽ درسگاهن ۾ سڀ کان اول قرآن شريف جي صحيح پڙهڻي، اسلامي عقيدن ۽ عبادتن لاءِ گهڻو زور ديني تعليم طرف ڏنو ويندو هو، مذهبي حوالي سان عربي ۽ سرڪاري طور فارسي زبان جو رجحان عام هو.
انگريزن ابتدائي تعليم مادري زبان سنڌيءَ ۾ رائج ڪري نصاب ٺهرايو. انهيءَ تبديليءَ سبب ابتدائي تعليم ملڪ اندر عام ٿيڻ لڳي ۽ سون جي تعداد ۾ اسڪول کُليا. اهڙيءَ ريت ابتدائي تعليم جو سرشتو جڙيو.
انگريزن جي دؤر ۾ ثانوي تعليم: ثانوي تعليم، سنڌ اندر تعليم جو اهو ڏاڪو هئي، جنهن ۾ غير مادري زبان انگريزي زبان جي تعليم شروع ٿي، برطانوي سرڪار جي دلچسپيءَ جي ڪري ثانوي تعليم ۾ نمايان ترقي ٿي ۽ تعليم جي واڌ ويجهہ واري عمل کي هٿي ملي. ثانوي تعليم مان فارغ ٿيندڙ شاگردن کي نوڪريون سولائيءَ سان ملڻ لڳيون، تنهنڪري مقامي ماڻهن جو ثانوي تعليم ڏي تمام گهڻو رجحان وڌيو. ثانوي تعليم ۾ انگريزي ٻوليءَ جو نصاب ٺاهيو ويو، جنهن سان طالب علم انگريزي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت واقف ٿيا.
انگريز دؤر ۾ يونيورسٽيءَ جي تعليم: يونيورسٽيءَ جي تعليم اعليٰ ترين تعليمي ڏاڪو آهي، جيڪو انگريزن کان اڳ سنڌ ۾ موجود ڪو نہ هو. ملڪ ۾ وڏا مدرسا، مڪتب ۽ پاٺشالائون موجود هيون، پر اهي سڀ گهڻو ڪري ديني تعليم تائين محدود هيون، جڏهن تہ ڪجهہ مدرسن ۽ درسگاهن ۾ ديني تعليم سان گڏ فلسفي ۽ حڪمت جي بہ تعليم ڏني ويندي هئي. يونيورسٽيءَ سطح تي تعليمي سرشتو انگريزن جي اچڻ سان هندستان ۾ رائج ڪيو ويو.
پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سنڌ جي تعليم: 14 آگسٽ 1947ع تي آزاد اسلامي رياستپاڪستان‘ قائم ٿي. نومبر 1947ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پهرين تعليمي ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ مرتب ڪيل سفارشن کي پاڪستان جي پهرئين پنج سالا رٿا ۾ شامل ڪيو ويو. 1958ع ۾ شريف ڪميشن لاڳو ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي پرائمريءَ تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سجاڳ/ ذهين سنڌين جي مخالفت سبب آڪٽوبر 1962ع ۾ اهو فيصلو واپس وٺي، سال 1969ع ۾ ايوب خان جي حڪومت قومي تعليمي ڪميشن قائم ڪئي، جنهن انگريزن جي برپا ڪيل تعليمي نظام ۽ مروج تعليم جي هر شعبي ۾ ڪيتريون تبديليون تجويز ڪيون، جن تي پاڪستان جي ٻين ۽ ٽين پنج سالا رٿائن ذريعي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ابتدائي تعليم کي عام ڪرڻ خاطر سنڌ اندر سوين پرائمري اسڪول کوليا ويا، پر غير ضروري نصابي تبديلين، اڻ تجربيڪار ماسترن جي ڀرتين ۽ غلط رٿابنديءَ سبب ابتدائي تعليم جو معيار بيحد متاثر ٿيو. سنڌ جي تعليمي مسئلن کي سمجهڻ لاءِ پاڪستان جي تعليمي ماهرن تمام گهٽ ڌيان ڏنو. ورهاڱي وقت سنڌ مان لکين هندو سنڌي هندستان لڏي ويا ۽ اتان وڏي تعداد ۾ مسلمان مهاجر لڏي اچي هتي آباد ٿيا. لڏي ويل هندن ۾ ماسترن جو تعداد ايترو تہ گهڻو هو، جو هتان جا اسڪول ماسترن کانسواءِ بند ٿي ويا ۽ حڪومت کي بند ٿيل اسڪولن کي ٻيهر هلائڻ لاءِ ماسترن جي مقرريءَ لاءِ تعليمي لياقت ۽ ٻين شرطن کي ختم ڪرڻو پيو. اهڙين حالتن ۾ چار پنج درجا پڙهيل بيروزگار ماڻهن کي ابتدائي اسڪولن ۾ ماستر مقرر ڪيو ويو، مقامي (سنڌ جي) تعليم تي خراب اثر پيو. ٻئي طرف مهاجرن جي ٻارن (نئين نسل) جي تعليم جي انتظام لاءِ اڳ قائم ڪيل اسڪول ۾ قسم نامن تي خانگي امتحان وٺي تعليمي لياقت جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا ۽ قسم نامن تي عمريون ۽ تعليمي سندون تسليم ڪندي سندن تقرريون ڪيون ويون. نتيجي ۾ ڪيترا بي ترتيب خانگي اسڪول خاص ڪري شھري آبادين ۾ کوليا ويا. جتي صحيح تعليم تہ پري جي ڳالھہ، پر ڪارآمد تعليم ملڻ ناممڪن ٿي پئي. هي ڪاروباري قسم جا اسڪول سرڪاري امداد ۽ بي واجبي فين وصول ڪرڻ جا ذريعا بنجي ويا ۽ تعليم جو معيار ٻڙيءَ کان بہ هيٺ ڪرڻ لڳو.
سنڌ ۾ 1947ع کان ويندي مختلف دورن ۾ ابتدائي، ايليمينٽري، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم جي ترقيءَ لاءِ جيڪي رٿائون عمل هيٺ اينديون رهيون، انهن جو وچور هيٺينءَ ريت آهي:
(1) 1947ع ۾ ٿيل پهرين تعليمي ڪانفرنس دوران ننڍڙن ٻارن جي ذهني نشونما ۽ سندن پهرئين تعليمي ڏاڪي طور نرسري ڪلاس کي مروج تعليم جو لازمي جزو قرار ڏنو ويو.
(2) 1950ع کان 1980ع جي چار ڏهاڪن دوران ابتدائي ٻاراڻي تعليم جي حوالي سان ڪا بہ بهتر يا مؤثر تعليمي رٿا منظرعام تي نہ آئي ۽ صرف ڪچي ڪلاس کي ٻارن جي ابتدائي تعليمي ڏاڪي جي حيثيت حاصل رهي.
(3) 1992ع ۾ رائج ڪچي ڪلاس لاءِ منظم تعليمي پاليسي جوڙي وئي.
(4) 2001ع ۾ نون سالن بعد نيشنل پلان آف ائڪشن فار EFA (2001-2015) جي جامع رٿا موجب ابتدائي ٻاراڻي تعليم کي رسمي تعليمي سرشتي جي صورت ۾ مروج ڪيو ويو.
(5) 2002ع ۾ قومي ۽ صوبائي سطح تي ابتدائي ٻاراڻي تعليم (ECE) جي نصاب ۾ سُڌارا آندا ويا، ۽ ECE لاءِ ترميم ڪيل سنڌي نصاب جي موجودگيءَ کي پڻ يقيني بڻايو ويو.
(6) 2004ع ۾ ريفارم ائڪشن پلان تحت ابتدائي ٻاراڻي تعليم (ECE) کي جدا حيثيت ڏئي تسليم ڪيو ويو.
(7) 2009ع ۾ تعليمي پاليسيءَ موجب ابتدائي ٻاراڻي تعليم (ECE) کي مروج تعليم جو حصو بڻائي عملي رٿائون متعارف ڪرايون ويون، جيڪي هن وقت تائين سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ هلندڙ آهن.
سنڌ حڪومت طرفان ابتدائي ٻاراڻي تعليم لاءِ قومي تعليمي پاليسي (2009) جون قبول ۽ عمل هيٺ آيل پنج مکيہ عملي رٿائون هيٺينءَ ريت آهن:
(1) ابتدائي ٻاراڻي تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ جو بنياد ٻار جي شخصي ترقيءَ واري خيال تي مبني هجي. ٻارن کي اسڪولن ۾ سخت ۽ پابند ماحول بجاءِ هيجان خيز، باهمي سرگرمي ۽ راندروند وارو ماحول فراهم ڪرڻ.
(2) ابتدائي ٻاراڻي تعليم جي حاصلات لاءِ ٻارن جي عمر جي حد 3 کان 5 سال مقرر هجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال جي پرائمري تعليم، رياست طرفان ڏيڻ ۽ آئندہ ڏهن سالن ۾ ابتدائي ٻاراڻي تعليم کي عالمي اصولن موجب يقيني بنائڻ.
(3) ابتدائي ٻاراڻي تعليم جي بندوبست لاءِ پرائمري اسڪولن کي پابند بنائڻ ۽ ان مقصد لاءِ اضافي بجيٽ، استاد ۽ مددگار فراهم ڪرڻ.
(4) ابتدائي ٻاراڻي تعليم ڏيندڙ استادن لاءِ ٻارن جي ذهني لاڙي مطابق خاص تربيتي پروگرام جوڙائڻ.
(5) استادن جي تربيتي پروگرام جو انحصار ابتدائي ٻاراڻي تعليم جي نظرثاني ٿيل قومي نصاب تي هئڻ. نصاب ۽ مددگاري مواد ۾ مخصوص علائقن جي ثقافتي گوناگونيت کي اجاگر ڪرڻ.
ساڳيءَ ريت مختلف سالن ۾ پرائمري/ ايليمينٽري تعليم جي واڌاري لاءِ وفاقي سطح تي جوڙيل جن پاليسين کي صوبن تي لاڳو ڪيو ويو، انهن جو وچور هن ريت آهي:
(1) 1947ع: نيشنل ايڊيوڪيشن ڪانفرنس ۾ طئي ٿيل پاليسيءَ موجب مفت ۽ لازمي پرائمري تعليم تي زور ڏنو ويو ۽ استادن جي تربيت، طبعي تعليم ۽ تعليمي زبان جي اهم مسئلن تي غور ويچار ڪري يونيورسل پرائمري ايڊيوڪيشن جي اصولن تحت پرائمري تعليم کي ٻن ڏهاڪن ۾ عام ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو.
(2) 1951ع ۾ ’نيشنل پلان آف ايڊيوڪيشنل ڊيولپمينٽ‘ رٿا هيٺ 6 کان 11 سالن جي 66 فيصد ٻارن کي پرائمري تعليم ڏيڻ لاءِ 50 فيصد تربيت يافتہ استادن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ 86000 استادن جون ڀرتيون ڪري، پرائمري اسڪولن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويو.
(3) 1959ع دوران ’رپورٽ آف دي ڪميشن آن نيشنل ايڊيوڪيشن‘ جي پاليسيءَ تحت پرائمري اسڪولن ۾ ٻارن جي شرح لڳ ڀڳ 50 فيصد تائين پهتي ۽ آئندہ 15 سالن ۾ ’يونيورسل پرائمري ايڊيوڪيشن‘ تائين رسائيءَ جو هدف مقرر ڪيو ويو.
(4) 1970ع ۾ نئين تعليمي پاليسيءَ (New Education Policy) ذريعي پراڻين رٿائن ۾ ڪجهہ قدر ترميم ۽ توسيع ڪري ’يونيورسل ايليمينٽري ايڊيوڪيشن‘ جي مقصدن کي عام ڪرڻ ۽ خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم تي زور ڏنو ويو.
(5) 1972ع ۾ ’دي ايڊيوڪيشن پاليسي‘ جي هڪ رٿا موجب گهٽ استحقاق رکندڙ عورتن جي تعليم کي يقيني بنائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا ويا ۽ سندن لاءِ ڏهين درجي تائين مفت ۽ معياري تعليم لازم ڪئي وئي.
(6) 1979ع ۾ ’نيشنل ايڊيوڪيشن پاليسي اينڊ امپليمينٽيشن پروگرام‘ نالي تعليمي پاليسيءَ هيٺ بهتر حڪمت عمليءَ ذريعي 1987ع تائين ڇوڪرن جي يونيورسل پرائمري ايڊيوڪيشن ۽ 1992ع تائين ڇوڪرين جي ’يونيورسل پرائمري ايڊيوڪيشن‘ جي آڌار تي گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو. 1983ع تائين گهربل تعليمي شرح 60 سيڪڙو ۽ ان کانپوءِ 100 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي.
(7) 1986ع ۾ ’نيشنل ايڊيوڪيشن پلان‘ ۾ ڊراپ ان اسڪول، نيشن وائڊ لٽريسي پروگرام ۽ نئين روشني اسڪول جهڙين رٿائن جو اضافو ڪيو ويو، جن تحت غريب طبقي جي ٻارن لاءِ پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪيون ويون. ان کانسواءِ ثانوي تعليم کان هيٺئين درجي جي 225000 ٻارن/ شاگردن کي غير رسمي تعليمي طريقن ذريعي اعليٰ ثانوي تعليمي جماعت ۾ رسمي تعليم کي بهتر نموني سمجهڻ جي سگهہ پيدا ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو.
(8) 1992ع ۾ ’نيشنل ايڊيوڪيشن پاليسيءَ‘ تحت استادن جي تربيت تي خاص ڌيان ڏنو ويو، پرائمري تعليم کي لازم ۽ 2002ع تائين خواندگيءَ جي شرح جو 70 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو.
(9) 1998ع ۾ ’نيشنل ايڊيوڪيشن پلان‘ جي رٿا موجب 2000ع تائين خواندگيءَ جي شرح کي ٻيڻو ڪرڻ، تعليم جي ميدان ۾ عطيا ڏيندڙ ادارن کي شموليت جو موقعو فراهم ڪرڻ ۽ ايليمينٽري تعليم جي سڌاري لاءِ ’سوشل ائڪشن پروگرام‘ جي تجويز ڪيل حڪمت عملين تي غور ڪيو ويو ۽ ان ڏس ۾ 57000 مسجد اسڪولن (مسجدن ۾ تعليم ڏيڻ) جو آغاز پڻ ڪيو ويو.
(10) 2004ع ۾ ’ايڊيوڪيشن سيڪٽر ريفارم- ائڪشن پلان‘ جي رٿا تحت لازمي پرائمري تعليم کي قومي آرڊيننس جي شق ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن جي بنياد تي اڳ ۾ قائم پرائمري اسڪولن جي ساخت کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪي مؤثر اقدام کنيا ويا، نئين اسڪولن جي تعمير ۽ ڪجهہ پرائمري اسڪولن کي ايليمينٽري اسڪول جو درجو ڏئي ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون، سالن کان مروج ڪچي ڪلاس کي ’ابتدائي ٻاراڻي تعليم‘ (ECE) ۾ بدلايو ويو.
(11) 2009ع دوران وفاقي سطح تي ’قومي تعليمي پاليسي-2009ع‘ جي رٿا هيٺ جيڪي تعليمي رٿائون صوبن تي لاڳو ڪيون ويون، انهن ۾: ’يونيورسل پرائمري ايڊيوڪيشن جي اصولن تي عمل ڪندي پرائمري تعليم کي ڳوٺن ۾ عام ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو،
(2) پرائمري تعليم جي حصول لاءِ ٻارن جي عمر جي حد 6 کان 10 سال مقرر ڪئي وئي، (3) ’تعليم سڀني لاءِ‘ جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن مالي وسيلن کي ڪتب آڻڻ جون ڪوششون ورتيون ويون، (4) ضرورت آهر ابتدائي/ پرائمري اسڪولن کي مڊل/ ايليمينٽري اسڪولن جي حيثيت ڏني وئي، (5) بين الاقوامي سطح تي تعليمي ميدان ۾ ترقيءَ لاءِ ٻاهرين ملڪن کي بهتر تعليمي رٿا ۽ اسڪول ۾ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ امداد جي دعوت ڏني وئي، (6) اسڪولن کان داخلا جي گهٽ ٿيندڙ شرح تي ضابطو آڻڻ کي اولين ترجيح مقرر ڪئي وئي، (7) اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارن ۾ ڪجهہ بنيادي خوراڪ جي تقسيم کي عمل ۾ آندو ويو تہ جيئن ٻار/ شاگرد، خاص ڪري ڇوڪريون مسلسل تعليم حاصل ڪري سگهن، (8) اسڪولن کي ڪجهہ قدر پرڪشش بنائي بهتر تعليمي ماحول ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جو پابند بنايو ويو، (9) حڪومت طرفان هر صوبي ۾ هڪ رهائشي اسڪول جي منظوري ڏني وئي، (10) هر ٻار کي پهرين جماعت ۾ داخلا سان هڪ ID جاري ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو، جيڪا هر ٻار/ شاگرد توڙي شاگردياڻيءَ جي سموري تعليمي زندگيءَ سان لاڳو رهي سگهي.
سنڌ جو موجودہ تعليمي نظام: 17 سيپٽمبر 2011ع تي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ تعليمي ڪانفرنس رٿي وئي، جنهن ۾ سڀني صوبن جي وڏن وزيرن سان گڏ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. اُن ڪانفرنس جي اختتام تي گڏيل نموني هڪ پڌرنامو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو تہ قومي تعليمي پاليسيءَ (2009) کي مڙني صوبن ۾ رهنما پاليسيءَ طور جاري رکيو ويندو.
سنڌ ۾ موجودہ تعليمي نظام اٺن مکيہ حصن ۾ ورهايل آهي، جھڙوڪ: ابتدائي ٻاراڻي تعليم، ايليمينٽري تعليم، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم، اعليٰ تعليم، هنري ۽ فني تعليم، خاص/ معذور ٻارن جي تعليم، غير تدريسي ۽ نوجوانن جي تعليم، ديني مدرسن جي تعليم.
(1) ابتدائي ٻاراڻي تعليم:
ابتدائي ٻاراڻي تعليم جي اهميت کي عالمي سطح تي مڃتا حاصل آهي. ٻار جي ابتدائي سالن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ واري مرحلي کي Early Childhood Education (ECE)، Early Childhood Care and Education (ECCE)، ۽ Early Childhood Development (ECD) سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو. انهن مان ابتدائي ٻاراڻي تعليم Early Childhood Education (ECE) صفا ننڍن ٻارن جي تعليم لاءِ مخصوص آهي.
سنڌ ۾ عوامي سطح تي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪچي ڪلاس/ درجي کي ابتدائي ٻاراڻي تعليم جي زمري ۾ آندو وڃي ٿو. ان جو باقاعدي آغاز 1998ع کان ٿيو، جيتوڻيڪ ان کان اڳ ابتدائي ٻاراڻي تعليم جو رجحان عام هو، پر 1990ع تائين ڪچي ڪلاس کي ڪا سڃاڻپ حاصل ڪونه هئي.
2010-1998ع جي تعليمي پاليسيءَ هيٺ 3 کان 5 سال جي عمر جي ٻارن لاءِ پرائمري کان اڳ ڪچي ڪلاس جي تعليم کي لازمي قرار ڏنو ويو. سرڪاري اسڪولن سان گڏ خانگي اسڪولن ۾ بہ پرائمريءَ کان اڳ نرسري ڪلاسن ذريعي ٻارن جي تعليمي تربيت کي ضروري سمجهيو وڃي ٿو.
سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ طرفان سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ٻاراڻي ابتدائي تعليم (ECE) کي جدا نموني بيان نہ ٿو ڪيو وڃي، جڏهن تہ ايليمينٽري ۽ ثانوي تعليم کي ڌار ڌار حيثيت حاصل آهي.
جيتوڻيڪ سالياني ترقياتي پروگرام تحت ابتدائي ٻاراڻي تعليم کي سنڌ ۾ ڌار حيثيت حاصل نہ آهي، ان هوندي بہ ان ڏس ۾ 2002-1997ع جي عرصي لاءِ CIDA جي سهڪار سان TRC اداري، ڪراچي ۽ شڪارپور ۾ پنھنجي نوعيت جي پهرين ابتدائي ٻاراڻي تعليمي پروگرام (ECEP) جو انعقاد ڪيو. بعد ۾ سنڌ جي هڪ نيم خودمختيار تعليمي اداري ’سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشنسنڌ حڪومت جي سهڪار سان باضابطا طور پهريان قدم کنيا ۽ 10- 2009ع جي تعليمي رپورٽ ۾ تقريباً 200 ملين روپيا ابتدائي ٻاراڻي تعليم لاءِ رکيا ويا ۽ سنڌ جي پنج ضلعن: ٽنڊي محمد خان، بدين، خيرپور، گهوٽڪي ۽ نوشهري فيروز ۾ ابتدائي ٻاراڻي تعليم جا لڳ ڀڳ 150 اسڪول قائم ڪيا ويا آهن. ساڳيءَ ريت ابتدائي ٻاراڻي تعليم ڏيندڙ سرڪاري استادن لاءِ PST (پرائمري اسڪول ٽيچر) ۽ JST (جونيئر اسڪول ٽيچر) جا مخصوص اصطلاح قائم ڪري کين ٻارن جي ذهني لاڙن مطابق تربيت ڏني وڃي ٿي. خانگي اسڪولن ۾ پڻ ابتدائي ٻاراڻي تعليم ڏيڻ لاءِ ڌار مونٽيسوري مسٽريس جو عهدو رکيل آهي.
(2) ايليمينٽري تعليم:
هن تعليم مان مراد پهرئين کان پنجين درجي تائين جي تعليم آهي، جنهن ۾ 5 کان 9 سالن جي عمر تائين جا ٻار اچي وڃن ٿا. سنڌ ۾ عام طور پرائمريءَ (5 کان 9 سال) ۽ مڊل (10 کان 12 سالن) تائين جي ٻارن جي پهرئين کان اٺين درجي تائين جي تعليم کي گڏيل نموني ايليمينٽري تعليم ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
قومي تعليمي پاليسيءَ ۾ ايليمينٽري تعليم کي رکڻ جو بنيادي مقصد ’تعليم سڀني لاءِ‘ واري پاليسي آهي، جنهن تحت ملڪ ۽ صوبي جي شهرين کي بنيادي تعليم ميسر ڪري تعليم جي شرح کي وڌائڻ آهي.
(3) ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم:
سنڌ ۾ ثانوي درجي جي تعليم مان مراد نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي تعليم، جنهن ۾ عموماً 13 کان 14 سالن جي عمر جا ٻار اچي وڃن ٿا، موجودہ وقت ۾ ثانوي تعليم کي او ليول جي تعليم طور حيثيت ڏني وئي آهي. ان کان سواءِ اعليٰ ثانوي تعليم، يارهين ۽ ٻارهين درجي جي تعليمي حڪمت عمليءَ کي چئبو آهي، جنهن ۾ 15 کان 16 سالن جي ڄمار جا ٻار تعليم پرائين ٿا. ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم جي حصول جي هن مرحلي کي شاگرد جي اڳتي ايندڙ علمي توڙي عملي زندگيءَ ۾ بنيادي حيثيت حاصل ٿئي ٿي.
سنڌ ۾ موجودہ تعليمي نظام مطابق شاگرد اعليٰ ثانوي تعليم ۾ مضمون جي انتخاب سان پنھنجي مستقبل ۽ پيشي جو تعين ڪري سگهندا آهن. ان ئي مرحلي ۾ شاگرد سائنس، آرٽس، ڪامرس ۽ ڪمپيوٽر اسٽڊيز مان ڪنهن بہ هڪ مضمون جي چونڊ ڪري
تعليم پرائين ٿا. سائنس جي شعبي ۾ وڌيڪ تقسيم پري ميڊيڪل ۽
پري انجنيئرنگ جي مضمون طور ٿئي ٿي. سنڌ جي تعليمي نظام تحت سيڪنڊري (ميٽرڪ/ ڏهين درجي) کان مٿيون درجو هاير سيڪنڊريءَ ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن جي تعليم ڪاليجن ۾ ڏني وڃي ٿي. هن جي امتحاني ڪارگذارين لاءِ سنڌ جي هر ضلعي ۾ ’بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن‘ نالي هڪ ادارو قائم آهي، جيڪو نائين، ڏهين درجي جي امتحانن عيوض سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ (SSC) ۽ يارهين، ٻارهين درجي جي امتحاني نتيجن کانپوءِ
هاير سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ (HSSC) جاري ڪندو آهي.
(4) اعليٰ تعليم:
يونيورسٽي اعليٰ تعليم ڏيندڙ ادارو آهي، جيڪو تعليمي ڊگري ڏيڻ جي منظوري ڏيندو آهي. مختلف مضمونن ۾ روايتي طور تي هن ۾
15 کان 16 درجن تائين تعليم ڏني ويندي آهي، پر هاڻي 13 کان 16 درجن تائين تعليم ڏني وڃي ٿي. ان کان سواءِ چئن سالن جو بيچلر ڊگري پروگرام بہ ٿيندو آهي ۽ ماسٽرس لاءِ 17 درجي تائين تعليم ڏني ويندي آهي. 17 درجي کان 18 درجي تائين ايم. ايس (MS)، ايم. فل (M Phil) ۽ پي. ايڇ. ڊي (Ph.D) بہ ڪرائي ويندي آهي.
پاڪستان ٺھڻ بعد اعليٰ تعليم جي حوالي سان سنڌ صوبي ۾ پهرئين اعليٰ تعليمي اداري طور ’سنڌ يونيورسٽي‘ جو قيام عمل ۾ آيو. سنڌ ۾ هن وقت سرڪاري توڙي خانگي لڳ ڀڳ 34 يونيورسٽيون ۽ ادارا اعليٰ تعليم فراهم ڪري رهيا آهن، جن جي فهرست هن ريت آهي:
اسريٰ يونيورسٽي، حيدرآباد، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز، ڄام شورو، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ڄام شورو، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، دائود ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي، پاڪستان نيول اڪيڊمي ڪراچي، خان يونيورسٽي'>آغا خان يونيورسٽي ڪراچي، ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ائڊمنسٽريشن (IBA) ڪراچي، ڪراچي يونيورسٽي، اين. اي. ڊي (NED) يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي، بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، دادا ڀائي انسٽيٽيوٽ آف هاير ايڊيوڪيشن ڪراچي، گرين وِچ (Greenwich) يونيورسٽي ڪراچي، همدرد يونيورسٽي ڪراچي، انڊس انسٽيٽيوٽ آف هاير ايڊيوڪيشن ڪراچي، انڊس ويلي اسڪول آف آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف بزنس مئنيجمينٽ ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي، اقرا يونيورسٽي ڪراچي، جناح يونيورسٽي فار وومين ڪراچي، ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف اڪنامڪس اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي، KASB انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ڪراچي، محمد علي جناح يونيورسٽي ڪراچي. نيوپورٽ انسٽيٽيوٽ آف ڪميونيڪيشن اينڊ اڪنامڪس ڪراچي، پرسٽن انسٽيٽوٽ آف مئنيجمينٽ، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي، پرسٽن يونيورسٽي ڪراچي، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (SZABIST) ڪراچي (هن اداري جون سنڌ ۾ ڪافي شاخون پڻ قائم آهن)، سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي، ٽيڪسٽائيل انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان ڪراچي، ضياءُ الدين يونيورسٽي ڪراچي، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس، شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي نوابشاھہ، سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام، سکر آءِ. بي. اي وغيرہ. ان کان سواءِ يونيورسٽين سان ملحق ڪاليجن ۾ پڻ ريگيولر ۽ پرائيويٽ ڪلاسن تحت اعليٰ تعليم فراهم ڪئي وڃي ٿي. يونيورسٽين جي سهڪار سان ڪاليجن ۾ ڊگري پروگرامن جي تعليم ۾ ڪافي واڌارو آيو آهي. هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن (HEC) جي هڪ وضاحت موجب پرڏيهي سهڪار سان ڊگري پروگرام ڪرائڻ جا اختيار صرف هي ادارا رکن ٿا.
برطانيا جي سنَد يافتہ يونيورسٽي، يونيورسٽي آف هوڊرسفيلڊ (University of Huddersfield) جي سهڪار سان ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو ادارو، گريفٿ (Griffith) ڪاليج، ڊبلن ۽ نيشنل ڪائونسل فار ايڊيوڪيشنل اوارڊز آئرلينڊ جي گڏيل سهڪار سان اڪيڊمڪ سروسز پاڪستان، ڪراچيءَ ۾ نيشنل سرٽيفڪيٽ/ ڊگري پروگرام ۽ وولونگونگ (Wollongong) يونيورسٽي، آسٽريليا جي سهڪار سان ضياءُ الدين ميڊيڪل يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي شعبي پبلڪ هيلٿ ۾ هڪ سال جو ماسٽر ڊگري پروگرام شامل آهن.
(5) هنري ۽ فني تعليم:
سنڌ ۾ فني ۽ هنري تعليم ڪجهہ عرصي تائين ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ، ليبر ڊپارٽمينٽ ۽ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي ماتحت رهي، پر بعد ۾ قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي ليبر مارڪيٽ ۾ هنرمندن ۽ مزدورن جي وڌندڙ گهرج سبب سنڌ حڪومت 2008ع ۾ هنري ۽ فني تعليم جي فروغ لاءِ ’سنڌ ٽيڪنيڪل ايڊيوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي‘ (STEVTA) نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ نوجوانن کي 3 کان 4 سالن جي ڊپلوما ڪورس تحت مختلف هنرن جي تعليم ڏني وڃي ٿي. هن اداري جا سمورا انتظام هڪ بورڊ هلائي ٿو، جنهن ۾ خانگي شعبن سان تعلق رکندر ماڻهو بطور ميمبر ڪم ڪن ٿا. ان کان سواءِ سنڌ جي بي روزگار نوجوانن ۾ فني صلاحيتون پيدا ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ادارن جي مالي سهائتا سان سنڌ حڪومت بينظير ڀٽو شھيد يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام (BBSYDP) متعارف ڪرايو آهي، جنهن تحت 3 کان 12 مهينن جي مختصر عرصي تي مشتمل فني ڪورس ڪرايا وڃن ٿا. هن پروگرام ذريعي فني سکيا وٺندڙ نوجوانن کي سندن اهليت مطابق وظيفا پڻ ڏنا وڃن ٿا. ان کان سواءِ ورلڊ بئنڪ جي مالي سهائتا سان STEVTA ۽ BBSYDP جي ماتحت سنڌ اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام جو آغاز بہ ابتدائي مرحلن ۾ آهي، جنهن جو مقصد سنڌ جي 18 کان 35 سالن جي عمر تائين جي تقريباً پنجاھہ هزار نوجوانن کي مفت فني سکيا ۽ هنري تعليم ڏيڻ آهي.
هن وقت سنڌ ۾ هنري ۽ فني تعليم جا مجموعي طور 469 ادارا آهن، جن مان 415 ووڪيشنل، 30 مونو ٽيڪنڪ ۽ 24 پولي ٽيڪنڪ جا ادارا شامل آهن. انهن ادارن ۾ شاگردن جو تعداد 57506 ۽ استادن/ ماهرن جو تعداد 2727 آهي.
(6) خاص/ معذور ٻارن جي تعليم (Special Education):
سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي خاص ٻارن لاءِ ڪنهن بهتر تعليمي نظام جو بندوبست ٿيل ڪونهي. هڪ سرسري جائزي مطابق سنڌ ۾ خاص ٻارن جي تعليم جا فقط 50 ادارا آهن، جن مان 80 سيڪڙو ڪراچيءَ ۾ ۽ 20 سيڪڙو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قائم آهن، جڏهن تہ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ معذور ٻارن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ اڃا ڪو ادارو قائم نہ آهي. شهرن ۾ قائم معذور ٻارن جا تعليمي ادارا گهڻو ڪري خانگي يا ڪنهن غير سرڪاري فلاحي اداري جي مالي سهائتا سان ڪم ڪري رهيا آهن، انهن ادارن جو مقصد ذهني ۽ جسماني طور معذور ٻارن کي بنيادي تعليم سان روشناس ڪرائڻ آهي. ان ڏس ۾ ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ جيڪي اسپيشل ايڊيوڪيشن اسڪول قائم آهن، انهن جي فهرست هيٺينءَ ريت آهي:
ڪراچيءَ ۾ قائم خاص/ معذور ٻارن جا تعليمي ادارا: ACELP انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ڊيولپمينٽ، ال اميد ريهبليٽيشن ايسوسيئيشن (AURA)، آسرا اسپيشل اسڪول، ايسوسيئيشن فار رٽائرڊڊ چلڊرين، دانش گاھہ اسڪول، آٽزم (Autism) انسٽيٽيوٽ، مان عائشہ ميموريل اسڪول، بالخي مسرت انسٽيٽيوٽ (بالخي فائونڊيشن)، دارالخوڻود، دارالمسرت، دارالسڪون، انٽر لائين اسڪول فار اسپيشل چلڊرين، انسٽيٽيوٽ آف بيهيويئر (Behavior) سائيڪالوجي، اقبال ميموريل اسپيشل ايڊيوڪيشن سينٽر، اسلامڪ اسڪول فار ڊيف، IBP اسڪول آف اسپيشل ايڊيوڪيشن، ڪراچي ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر فار ايم آر سي (MRC)، ڪراچي اسڪول فار دي ڊيف، ڪراچي ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر، منزل اسڪول فار اسپيشل چلڊرين، مشعل اسڪول فار هيئرنگ امپيئرڊ چلڊرين، مرڪز اميد، مائل اسٽون (Milestone) اسڪول فار اسپيشل ايڊيوڪيشن، PAFWA مشعل اسڪول فار اسپيشل چلڊرين، اسپيشل بائونڊ اسڪول فار لرننگ ڊس ايبلٽيز، اسڪاءِ (Sky) اسپيشل چلڊرنز ايڊيوڪيشنل انسٽيٽيوٽ، اسڪول فار سلو لرنر (Slow Learner)، SCINOSA ڊي هوم، شھيد ملت اسپيشل ايڊيوڪيشن سينٽر، راحتگاھہ، ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر فار ڊس ايبلڊ پرسنز، المستعد، هوم فار هينڊيڪيپڊ، ڊيوا (DEWA) اسڪول فار دي ڊيف، ائڊلٽ (Adult) بلائنڊ سينٽر، ڊي هوم سوسائٽي ار دي ڪيئر آف هينڊيڪيپڊ، ABSA اسڪول فار دي ڊيف، دي ايسوسيئيشن فار دي ويلفيئر آف دي ائڊلٽ ڊيف اينڊ ڊمب، دي هوپ سينٽر فار مينٽلي رٽارڊيڊ، سوسائٽي فار دي ريهبليٽيشن (Rehabilitation) آف ڪرپل (Cripple) چلڊرين وغيرہ.
سنڌ جي ٻين مختلف شهرن ۾ قائم اسپيشل ايڊيوڪيشن جا تعليمي ادارا هيٺيان آهن: ميونسپل ڊيف اينڊ ڊمب اسڪول حيدرآباد، روٽري اسڪول فار دي ڊيف اينڊ ڊمب سکر، لپروسي يونٽ حسين آباد، حيدرآباد، اسڪول فار دي بلائينڊ شھدادپور روڊ نوابشاھہ، اسڪول فار دي ڊيف نوابشاھہ، يونٽ فار دي هينڊيڪيپڊ چلڊرين سانگهڙ، يونٽ فار دي هينڊيڪيپڊ چلڊرين ڪنڌڪوٽ، يونٽ فار دي هينڊيڪيپڊ چلڊرين لاڙڪاڻو، يونٽ فار دي هينڊيڪيپڊ چلڊرين دادو، گورنمينٽ اسڪول فار دي بلائنڊ چلڊرين خيرپور وغيرہ.
(7) غير رسمي بنيادي تعليم/ نوجوانن جي تعليم:
1998ع ڌاري قومي تعليمي رپورٽ مطابق تعليم جي تشريح هن ريت بيان ڪئي وئي تہ ”ڏهن سالن کان وڌيڪ عمر جو هر اهو ماڻهو، جيڪو اخبار پڙهي سگهي ۽ ڪنهن بہ ٻوليءَ ۾ خط لکي سگهي، اهو پڙهيل لکيل فرد تصور ڪيو وڃي.“
مٿينءَ راءِ جي مناسبت سان قومي توڙي صوبائي سطح تي تعليمي شرح وڌائڻ خاطر ڪي اُپاءَ ورتا ويا، جن مان غير رسمي
بنيادي تعليم ذريعي نوجوانن کي تعليم فراهم ڪرڻ جو پروگرام پڻ جوڙيو ويو.
سنڌ ۾ هن پروگرام جو آغاز ’ايڊيوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ‘، حڪومت سنڌ جي ماتحت شروع ڪيو ويو آهي. اداري طرفان هن پروگرام ذريعي سنڌ ۾ تعليمي شرح وڌائڻ خاطر ’پڙهيل لکيل، خوشحال سنڌ (2015-2012)‘ جي رٿا هيٺ اڻ پڙهيل نوجوانن کي بنيادي تعليم سان آراستہ ڪيو ويندو.
ان کان سواءِ ڪجهہ غير سرڪاري تنظيمون سنڌ ۾ تعليمي شرح جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، جن ۾: نيشنل رورل سپورٽ پروگرام (NRSP) مختلف پروگرامن وسيلي سڄيءَ سنڌ ۾ نوجوانن کي بنيادي تعليم فراهم ڪرڻ ۾ پيش آهي. ’آمريڪي امداد جو ادارو‘
(US-AID) جي سهائتا سان ايڊيوڪيشن سيڪٽر ريفارم اسٽنس (ESRA) پڻ ان ڏس ۾ 2002ع کان 2007ع دوران تقريباً هڪ لک نوجوانن کي بنيدي تعليم ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
ان کان سواءِ ڪيترائي سماجي ادارا ۽ تنظيمون پڻ سنڌ ۾ مختلف پروگرامن وسيلي تعليم فراهم ڪري رهيون آهن.
(8) ديني مدرسن جي تعليم: ننڍي کنڊ ۾ ديني مدرسن جي تعليم جو نظام گهڻي عرصي کان موجود آهي. تاريخي حوالي سان مدرسن کي منظم تعليمي نظام جي حيثيت حاصل رهي آهي. مسلم دنيا ۾ ڇهين صديءَ کان مدرسا ئي ديني ۽ دنياوي علم فراهم ڪرڻ جا مرڪز پئي رهيا. سنڌ ۾ انگريزن جي آمد کان اڳ مڪمل طور ديني مدرسن جي تعليم جو نظام رائج هو، جيڪو بعد ۾ انگريزن جي ڪالونائيزيشن ۽ برطانوي/ انگريزي تعليمي نظام سبب گهٽجي ويو.
هن وقت سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ قائم مدرسن اندر
16 سالن/ درجن تائين تعليم ڏني وڃي ٿي. مدرسن ۾ تعليمي درجابندي هيٺينءَ ريت ٿيل آهي: ناظره (پرائمري)، حفظ (مڊل)، تجويد (ثانوي)، تحنتي (اعليٰ ثانوي)، موقف- اعليٰ (بيچلر)، عالم (پوسٽ گرئجوئيٽ).
سنڌ ۾ ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن اندر ديني تعليم جا بيشمار دارالعلوم (يونيورسٽيون) آهن، جن ۾ دارالعلوم ڪورنگي، دارالعلوم بنوڙي ٽائون، اشرف المدراس ۽ جامة الرشيد اهم آهن. پاڪستان ۾ مدرسن کي رجسٽر ڪرڻ جا ٽي مکيہ ادارا رابطہ المدارس اسلاميه، وفاق المدارس ۽ تنظيم المدارس اهل سنت پاڪستان آهن. انهن ادارن مان سڀ کان وڏو وفاق المدارس جو ادارو آهي، جنهن ۾ تقريباً 524 مدرسا رجسٽرڊ ٿيل آهن.
سنڌ ۾ موجود ديني مدرسن جو تعداد
وفاق، تنظيم، رابطو ادارا/ مدرسا
مرداڻا زنانه گڏيل ڪُل
رابطة المدارس اسلاميہ 44 10 115 169
وفاق المدارس 145 45 334 524
تنظيم المدارس اهلسنت پاڪستان 131 36 290 457
متفرقه 41 17 117 175
غير الحاق شده 99 27 316 442
اڻڄاڻايل 39 10 69 118
سنڌ ايڊيوڪيشن سيڪٽر پلان (2016-2013) جي هڪ رپورٽ موجب سنڌ ۾ هن وقت مجموعي طور 9122 رجسٽر ۽ 1543 اڻ رجسٽر اسڪول موجود آهن، جن مان سنڌ جي مکيہ شهرن ۾ رجسٽر ۽ اڻ رجسٽر ٿيل اسڪولن جو تعداد جدولي طريقي ۾ هيٺينءَ ريت آهي:
شھر رجسٽر اسڪول اڻ رجسٽر اسڪول
ڪراچي 5359 563
حيدرآباد 878 336
سکر 222 25
ميرپورخاص 307 56
خيرپور 441 65
لاڙڪاڻو 140 67
بينظيرآباد (نوابشاھہ)217 35
گهوٽڪي 192 62
ڄامشورو 128 31
نوشهروفيرو 131 24
دادو 107 34
بدين 132 27
سانگهڙ 201 32
ٺٽو 94 15
مٽياري 39 8
ٽنڊو محمد خان 42 7
ٽنڊو الهيار 79 16
عمرڪوٽ 79 44
مٺي 79 16
قنبر- شھدادڪوٽ 60 10
شڪارپور 63 30
جيڪب آباد 67 9
ڪشمور- ڪنڌڪوٽ 65 31
ساڳيءَ رپورٽ ۾ سرڪاري سطح تي سنڌ ۾ قائم اسڪولن جو درجي وار تعداد هن ريت ڄاڻآيل آهي:
(1) پرائمري اسڪولن جو تعداد:
بوائز گرلز مخلوط ٽوٽل
10331 6471 26287 43089
مڊل/ ايليمينٽري اسڪول:
بوائز گرلز مخلوط ٽوٽل
659 731 1164 2554، سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري تعليمي ادارن جو تعداد: ثانوي (Secondary)
بوائز گرلز گڏيل ٽوٽل
641 513 485 1639
اعلي ثانوي (Higher Secondary)
بوائز گرلز گڏيل ٽوٽل
101 86 88 275
سنڌ جي پنج مکيہ دويزنن ۾ پوسٽ گريجوئيٽ، ڊگري ۽ ٻارهين ڪلاس جي تعليم لاءِ 239 سرڪاري ڪاليج آهن، جن جي ضلعي وار ورڇ هيٺ ڏجي ٿي:
ڊويزن ڇوڪرن لاءِ ڇوڪرين لاءِ ٽوٽل
ڪراچي 63 55 118
حيدرآباد 33 21 54
ميرپورخاص 10 6 16
سکر 22 9 31
لاڙڪاڻو 15 5 20


هن صفحي کي شيئر ڪريو