اوائلي حياتيءَ وارو زمانو

اوائلي حياتيءَ وارو زمانو

سنڌ جي ارضياتي اوسر واري زماني جي جيوت

سنڌ جي ارضياتي اوسر واري زماني جي جيوت

سنڌو ماٿريءَ جي ترائيءَ

سنڌو ماٿريءَ جي ترائيءَ

لڪي سلسلي جي تهدار جوڙجڪ

لڪي سلسلي جي تهدار جوڙجڪ

سامونڊي جيوت: سپين، ڪوڏين، سانڪوٽن، گھينگھڙن ۽ ٻين جيتن جي کوپن سان جڙيل تهدار پهڻ

سامونڊي جيوت: سپين، ڪوڏين، سانڪوٽن، گھينگھڙن ۽ ٻين جيتن جي کوپن سان جڙيل تهدار پهڻ

ڏار

ڏار

تر ڪندڙ ڏار

تر ڪندڙ ڏار

ابتا ڏار

ابتا ڏار

سرحدي زمين

سرحدي زمين

چيريل ڏار

چيريل ڏار

سنهو داڻيدار وارياسو پهڻ

سنهو داڻيدار وارياسو پهڻ

جابلو ابت چاڙهيڪا

جابلو ابت چاڙهيڪا

ندين ۽ نئن جي وهڪرن سبب جڙيل گول پهڻ

ندين ۽ نئن جي وهڪرن سبب جڙيل گول پهڻ

وارياسي پاهڻي ٽڪر مٿان گولاڙا پاهڻي پکيڙ

وارياسي پاهڻي ٽڪر مٿان گولاڙا پاهڻي پکيڙ

ڪڪرين جي ڳتيل اورڀور سان گولاڙا پهڻ

ڪڪرين جي ڳتيل اورڀور سان گولاڙا پهڻ

نئين جوڙجڪ ۾ ڪوهستان جي انيڪ ماڳن تي هوا جي زورسبب گٺل پٿر، جنب، سروٽا ۽ ٻي اورڀور

نئين جوڙجڪ ۾ ڪوهستان جي انيڪ ماڳن تي هوا جي زورسبب گٺل پٿر، جنب، سروٽا ۽ ٻي اورڀور

’پربت جيڏن جانورن جي دور‘ کان ڪوئلي جي جوڙجڪ

’پربت جيڏن جانورن جي دور‘ کان ڪوئلي جي جوڙجڪ

ٿر وارو ٻرندڙ ڪوئلو

ٿر وارو ٻرندڙ ڪوئلو

تيل ۽ قدرتي گئس

تيل ۽ قدرتي گئس

ڪنڌ ڪوٽ آئل فيلڊ

ڪنڌ ڪوٽ آئل فيلڊ

سفيد مٽي/ چائنا ڪِلي

سفيد مٽي/ چائنا ڪِلي

آسماني پٿر

آسماني پٿر

ميٽ

ميٽ

ٻرندڙ مٽي

ٻرندڙ مٽي

ٻرندڙ مٽي

ٻرندڙ مٽي

سليڪا وارياسو پٿر

سليڪا وارياسو پٿر

زرد مٽي

زرد مٽي

لوهه واري المونيائي مٽي

لوهه واري المونيائي مٽي

لٽائين يا ڪچي جي مٽي

لٽائين يا ڪچي جي مٽي

ڪچ واري

ڪچ واري

چن جو پٿر

چن جو پٿر

ڦٽڪي

ڦٽڪي

گندرف

گندرف

لوڻ

لوڻ

لڪي شاهه صدر جا چشما

لڪي شاهه صدر جا چشما

وارياسو پٿر

وارياسو پٿر

چيرولي

چيرولي

مينگنيز ڌاتو

مينگنيز ڌاتو

ٽامو

ٽامو

شيهو ۽ جست

شيهو ۽ جست

چقمقي پٿر

چقمقي پٿر

گرينائيٽ پٿر

گرينائيٽ پٿر

بلوري مرڪب

بلوري مرڪب

پٿر جو نمونو

پٿر جو نمونو

سنڌ جي ارضيات

سنڌ جي ارضيات (Geology of Sindh)
سائنس جي تحقيق موجب ڌرتيءَ جو وجود/ جنم شمسي نظام سان گڏ 5 ارب ورهيہ اڳ ٿيو ۽ ڌرتيءَ جي موجودہ طبعي صورت جڙڻ جو سلسلو 4 ارب 60 ڪروڙ سال (4.6 billion years) اڳ ٿيو. جڏهن کان ڌرتي وجود ۾ آئي، تڏهن کان وٺي اڄ تائين واري وقت کي ’تاريخي ارضيات‘ (Historical Geology) ۽ ’ارضي واقعات‘ (Geological Events) کي هڪ ڪتاب جي مختلف حصن ۽ ڀاڱن وانگر صفحن ۽ بابن ۾ ورڇيو ويو آهي. (ڏسو: ’ڌرتي‘، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد 5، صفحو: 284). ان ريت ڌرتيءَ جي سڄي ڄمار کي ٽن وڏن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن کي زمانو (Eras) چئبو آهي ۽ اُهي ترتيبوار هن ريت آهن:
(i) ’اوائلي حياتيءَ وارو زمانو‘ (Proterozoic Era)
(ii) ’آڳاٽو حياتيءَ وارو زمانو‘ (Paleozoic Era) ۽
(iii) ’نئون حياتيءَ وارو زمانو‘ (Cenozoic Era)
هر زمانو وري ننڍن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، جن کي ’عرصو‘
(Periods) چئجي ٿو ۽ هر هڪ دؤر کي پنهنجيون ننڍيون ننڍيون ورهاستون آهن، جن کي عھد (Epoch) ۽ ’دور‘ (Age) سڏيندا آهن. انهيءَ حساب سان سنڌ جو جنم اُپکنڊ (Subcontinent) واري جڙيل تاسريءَ، ’سنڌ تاسر‘ (Indian Plate) جي ’يوريشيئين تاسر‘ (Eurasian plate) سان ٽڪراءَ (Indo-Eurasian Collision) واري قدرتي عمل سان 4 ڪروڙ 50 لک ورهيہ اڳ ٿيو. ان کان ڇھہ ڪروڙ سال اڳي ’ٽرشري پيرڊ‘ (Tertiary Period) ۾، اپکنڊ هڪ تمام وڏي ٻيٽ وانگر ٽيٿئس سمنڊ (Tethys Sea) ۾ تري رهيو هو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ ڌرتيءَ وارو موجودہ ڀاڱو ٽيٿئس سمنڊ
(Tethys Sea) هيٺ هو. ان ريت سنڌ، ’ڌرتيءَ جي ٽئين زماني‘ (Tertiary Era) جي شروعات ۾ جنم وٺڻ شروع ڪيو ۽ ان کي موجودہ جاگرافيائي صورت وٺڻ ۾ ساڍا چار ڪروڙ سال لڳا. انهيءَ زماني جي تصوراتي منظرنامي ۾ سنڌ ۽ اتر هندستان جو ڳچ حصو ٽيٿئس سمنڊ (Tethys Sea) هيٺ آيل هو، پر پوءِ قدرتي طور موسمياتي ڦيرگهير، زمين جي اندرين حرڪت جي ڪري ۽ هماليا طرف وقت بہ وقت ايندڙ زلزلن سبب سمنڊ هيٺ آيل زمين هوريان هوريان نروار ٿيندي وئي ۽ سمنڊ هيٺ آيل زميني ڀاڱا مٿي اُڀري، اُسري آيا ۽ سمنڊ هتان کان پري هٽندو ويو. ارضياتي ماهرن جو خيال آهي تہ سنڌ ملڪ کي جنم ڏيندڙ ٽيٿئس سمنڊ آهي، ۽ ان کي سنواريندڙ، رهڻ ۽ پوکيءَ جوڳو بنائيندڙ سنڌوندي آهي.
سنڌ جي موجودہ ميداني علائقن کي جوڙڻ ۾ وقت بوقت ايندڙ مٽيءَ هاڻي موسمي طوفانن ۽ سنڌونديءَ ساڻ ٻين ندين ۾ آيل ٻوڏن ۽ برساتن گڏجي زمين تي پئي لَٽَ ۽ واريءَ کي پکيڙيو، وهندڙ ندين جو لٽ ۽ رَوَ، زمين کي هڪ طرف مٿي ۽ ٻئي پاسي مِٺو پڻ ڪندو ٿي ويو.
ان ريت سنڌ کي سرسبز ۽ آباد، شاد ۽ رونقدار بنائڻ ۾ سنڌونديءَ جو وڏو ۽ اهم هٿ رهيو آهي. سنڌوندي، سنڌ جي زمين توڙي ماحوليات کي موزون رکڻ ۾ ابتدا کان وٺي هن وقت تائين بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جي ڌرتيءَ جي جنم وٺڻ کان وٺي، انساني تهذيبي شڪل اختيار ڪرڻ تائين سنڌونديءَ جو مک ۽ اُتم ڪردار رهيو آهي.
سنڌ، دنيا جي نقشي تي پاڪستان جي ڏاکڻي ۽ اڀرندي حصي ۾، اتر 23° 35´ کان 28° 30´ ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 66°42´ کان 71° 10´ ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي وچ تي ’سرطاني تاپائين‘ (Tropic Cancer) پٽي جي اتر ۾ آهي. قدرتيءَ طرح هتي اڀرندي کان ٿر جو صحرا، اُلهندي کان پٻ جبلن جون قطارون، اتر کان ڪڇيءَ جو ٽڪنڊو ميدان ۽ ڏکڻ- الهندي کان مڪران جو ڪنارو آهي.
سنڌ جي تاريخي ارضياتي جوڙجڪ (Historical Geology of Sindh): سنڌ جي ارضيات اصل ۾ اپکنڊ (Sub Continent) جي ارضياتي جوڙجڪ واري تاريخ سان جڙيل آهي. ڌرتيءَ جي کنڊائتي ٽوڙ ۽ لوڙھہ واري نظرئي (Theory of Continental Drift) موجب اپکنڊ (Sub-continent) پنھنجي اصليت ۾ مهاکنڊ، پئنجيا (Pangaea) جو ئي هڪ حصو آهي، جيڪو 20 ڪروڙ ورهيہ اڳ ٽيٿئس سمنڊ (Tethys Sea) وسيلي پهرين لائريشيا (Laurasia) ۽ گونڊوانا لينڊ (Gondwana Land) جي شڪل ۾ ڇِنو ۽ انهيءَ گونڊوانا لينڊ مان ’سنڌ تاسر‘ (Indian Plate) 5 ڪروڙ ورهيہ اڳ مدغاسڪر وٽان ٽُٽي ۽ هوريان هوريان سُرندي ۽ لُڙهندي وڃي 4 ڪروڙ 50 ورهيہ اڳ يوريشيئن پليٽ سان ٽڪرائي. ان جي نتيجي ۾ ’هماليائي جوان جابلو سلسلو‘ (Young Himalyian Mountain Range) وجود ۾ آيو. قراقرم، نانگاپربت ۽ ٻيا جابلو سلسلا بہ انهيءَ سلسلي جون ڪڙيون آهن. (وڌيڪ ڏسو: ٽيڪٽونڪ پليٽون، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو، ص: 510)
سنڌ تاسر (Indian Plate) انهيءَ ٽڪراءَ کان پهرين هڪ سنوت وارو سڌو ميداني پٽ هو، اُهو ميداني پٽ اُن ٽڪراءَ کانپوءِ انيڪ جابلو سلسلن سان ڀرجي ويو. اِهو هماليائي جابلو سلسلو ۽ ان جون سنڌونديءَ واريون ماٿريون: تبت، لداخ، ليھہ، بلتستان ۽ اسڪردو ڪروڙين ۽ لکين ورهين کان زلزلن جي زد ۾ رهيون آهن. اهڙن زلزلن جي ڪري سمنڊ هوريان هوريان پوئتي هٽندو ويو ۽ پنھنجي پويان ’تهدار جابلو سلسلا‘ (Sedimentary Mountain Range) ڇڏيندو ويو. ننڍي کنڊ جو سليماني جابلو سلسلي ۽ کيرٿر جابلو سلسلي سان گڏ ان جا سهيوڳي ٻيا ننڍا جابلو سلسلا: گرو، کيرٿر، رني ڪوٽ ۽ لڪي جابلو سلسلا اهڙن ئي قدرتي لقائن جي ڪري وجود ۾ آيا.
سنڌ ارضياتي حساب سان تمام ننڍي ڄمار رکي ٿي. اولھہ واريون قديم ٽڪريون 11 ڪروڙ 70 لک ورهيہ پراڻيون آهن. ارضياتي زمانن ۽ دورن جي حساب سان اِها ڄڻ ڪلھہ ڪلهوڪي ڳالھہ آهي. ڪوهستان جا گهڻو ڪري جبل ۽ ٽڪر 6 ڪروڙ 50 لک ورهيہ اڳ جڙڻ شروع ٿيا. ان زماني تائين ساهواري جيوت ڌرتيءَ تي گهڻي ارتقا ڪري چڪي هئي. بنا ڪرنگهي وارا (Invertibrate)، ڪرنگهيدار/ ڪرڙانگ (Vertebrate)، مڇيون (Fishes)، گاھہ گوچر (Vegetation)، جَرَ ٿليا (Emphibia)، ٿڻائتا جانور (Mammal) ۽ پکي (Birds) پيدا ٿي چڪا هئا. سنڌ جي ارضياتي روهن ۽ ڪوهن وارا سمورا ماڳ انهيءَ انيڪ جيوت جي پنڊپهڻن (Fossils) سان سڄو جابلو سلسلو ڀريو پيو آهي.
سنڌ جي ارضياتي اوسر (Geological Evolution of Sindh): سڄيءَ دنيا ۾ ٿيل ارضياتي اوسر ’قدرتي لقائن‘ (Natural Phenomenon)، جھڙوڪ: ’زمين جي اندرين حرڪت‘ (Earth Movement)، جڙيل تاسرين (Tectonic Plates) جي حرڪت سبب ممڪن ٿي آهي.
سنڌ جي جُوالائي ٻرندڙ جبلن مان هڪ ڪارونجهر جبل، حياتيءَ کان اڳ واري زماني (Pre-cambrian Era) سان تعلق رکي ٿو ۽ 4 ارب 50 ڪروڙ ورهيہ کان گهڻو آڳاٽو آهي.
سنڌ جي اولھہ واري سرحدي پاسي واري ضلعي لسٻيلي جو پٻ جبل وارو سلسلو ’چن واري دور‘ (Cretacious Period) ۾ 13 ڪروڙ ورهيہ اڳ کان 6 ڪروڙ 70 ورهيہ اڳ واري زماني ۾ نڪري نروار ٿيا. ان جون ڪي پوءِ واريون ٽڪريون لڪي جبل کان بڊي جبل جي سلسلي واريون آهن.
سنڌ جي هاڻوڪي ’لڪي جابلو سلسلي‘ جي ابتدا ۽ اوسر ’ٿڻائتن جانورن جي پيدا ٿيڻ واري عھد‘ (Paleocene Epoch) ۾
4 ڪروڙ 80 لک ورهيہ اڳ کان 6 ڪروڙ 70 لک ورهيہ اڳ تائين ٿي. انهيءَ ميڙ (Group) جا ٻيا جبل جھڙوڪ: کيرٿر جابلو سلسلي جي ڏاڙهياري جبل واري پاسي بلوچستان جي خضدار، لسٻيلي ضلعي ۽ حب پاسي جبل اُسريا. لڪي جابلو سلسلي ۾ موجود وڻن جا پنڊپهڻ (fossils) ۽ مانجهند لاکڙا ڪوئلي جا ذخيرا بہ ايترائي آڳاٽا آهن.
سنڌ جي لڪيءَ وارو ’ٽيون جابلو سلسلو‘ (Tiyon Range) ’گڏهن ۽ گهوڙن جهڙن جانورن واري عھد‘ (Eocene Epoch) ۾ 6 ڪروڙ ورهين کان اڳ کان 4 ڪروڙ 70 لک ورهيہ اڳ تائين اُسري نروار ٿيو. انهيءَ دور جي اوسر ۾ کيرٿر جبلن جي اتر- اولھہ واري بڊي جبل ۽
حب جبل سان گڏ روهڙي ۽ ڪوٽڏجيءَ وارا جبل اچي وڃن ٿا.
سنڌ جو مکيہ ’کيرٿر ۽ ناڙي جابلو سلسلو‘، ’باندر جهڙي مخلوق واري عھد‘ (Oligocene Epoch) ۾ 4 ڪروڙ ورهيہ اڳ کان 2 ڪروڙ ورهيہ اڳ تائين جُڙيو. ’سنڌ جي ارضياتي تاريخ‘ (Historical Geology) ۾ ان جو نالو ’کيرٿر- ناڙي جوڙجڪ‘ (Khirthar- Nari Formation) آهي.
سنڌ جي جابلو سلسلي ۾ ’ناڙي- گاج جوڙجڪ‘ (Nari-Gaj Formation) وارا ٽڪرَ ’وهيل مڇي ۽ بن مانس جهڙي جانور واري عھد‘ (Miocene Epoch) ۾ ’ناڙي جابلو سلسلو‘ 2 ڪروڙ 50 ورهيہ اڳ کان 18 لک سال اڳ تائين جا آهن. انهن ۾ ناڙي جابلو سلسلو 2 ڪروڙ 70 ورهيہ اڳ کان 18 لک 50 هزار سال اڳ تائين ۽ نئن گاج جو جابلو سلسلو 18 لک 50 هزار ورهيہ اڳ کان 12 لک ورهيہ اڳ تائين واري عرصي ۾ جڙيو آهي.
سنڌ جي ’منڇر جابلو جوڙجڪ وارو سلسلو‘، ’گوشت خور جانورن جي اوسر واري عھد‘ (Pliocene Epoch) 60 لک ورهيہ اڳ تائين اُڀريو. هُن دور جون ٽڪريون، کيرٿر جي اوڀر واري وَٽ ۾ لڪيءَ جي ڀرپاسي کان گنجي ڏونگر تائين آهن. ان ريت اِها جوڙجڪ هاڙهي جبل واري وَٽ تائين ملي ٿي.
سنڌ جي ٻي ارضياتي اوسر وارو عھد ’نئين پٿر واري دور‘ (Pleistocene Epoch) تائين رهيو، جيڪو لاڳيتا چار ’گليشيئر/ برفاني عھد‘ (Glacial Epoch) رکندڙ 18 لک ورهين کان 10 هزار ورهيہ اڳ تائين جو دور آهي، جنهن ۾ اول ٿر وارو ڪجهہ آڳاٽو ڪارونجهر وارو ڀاڱو نروار ٿيو ۽ پوءِ ميداني علائقو جُڙيو. اهو ئي زمانو برفاني عھد جي خاتمي ۽ پهرين انساني تهذيب، سنڌو سڀيتا (Indus Civilization) جي شھري دور (urban phase) جڙڻ وارو شروعاتي دور آهي.
سنڌ جو پکيڙ جي لحاظ کان، وڏو حصو سيلابي ميدانن
(Flood Plains) تي جڙيل آهي. هيءُ حصو هيٺين سنڌوماٿريءَ واري تَر (ترائيءَ) (Lower Indus Basin) ۾ اچي وڃي ٿو. سنڌ پکيڙ جي لحاظ کان 140,915 چورس ڪلوميٽر ايراضي رکي ٿي، جيڪا اتر کان ڏکڻ طرف 579 ڪلوميٽر ڊگهائيءَ ۾ ۽ اوڀر کان اولھہ تائين 442 ڪلوميٽر آخري حد تائين ويڪري آهي ۽ سراسري طرح سان 281 ڪلوميٽر ڊيگهہ رکندڙ آهي.
سنڌ انساني تاريخ جي اوسر ۾ اهم جڳھہ والاري ٿي. هن جي انهيءَ انساني تهذيبي ارتقا جي سفر ۾ سنڌونديءَ جو وڏو حصو رهيو آهي، جيڪا هماليائي جابلو سلسلن مان 2880 ڪلوميٽرن جو سفر ڪري ٿي، سنڌ ۾ ان جو ڀاڱو هڪ ڀاڱي ٽي يعني 944 ڪلوميٽر آهي. ان نديءَ جي لٽ سنڌ ملڪ جوڙيو آهي.
ارضياتي طور تي پاڪستان کي ويڪرائي ۽ ڊگهائي ڦاڪن جي حساب سان هيٺين ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي:
(1) ڪوهاٽ- پوٺوهار (Kohat Potohar) ڀاڱو: پوٺوهار ضلعي وارو هي ماڳ اُتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ 32° درجي کان 34° تي ۽ اوڀر ۾ ڊگهائي ڦاڪ 70° درجي کان 75° تي واقع آهي.
(2) سليمان (Suleman) ڀاڱو: هي ڀاڱو ويڪرائي ڦاڪ 27° درجن کان 32° درجا اتر ۽ ڊگهائي ڦاڪ 710 درجن کان 730 درجا اوڀر تي واقع آهي.
(3) کيرٿر (Khirthar) ڀاڱو: هي پاڪستان جي ڏاکڻي حصي ۾ اُتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ 24° کان 30° اوڀر ۾ ڊگهائي ڦاڪ 67° کان 71° تي واقع آهي.
سنڌ ملڪ، کيرٿر واري ڀاڱي ۾ موجود آهي. ارضياتي سائنس جي حساب سان پاڪستان کي ٻن وڏن تَرن/ ترائين (Basin) ۾ ورهايو ويو آهي، جن کي ’سنڌوماٿريءَ واري تَـرُ (ترائي)‘ ۽ ’بلوچستان تَــرُ (ترائي)‘ چئبو آهي.
سنڌو ماٿريءَ جي ترائيءَ (Basin) کي وري وڌيڪ ٻن حصن: ’مٿين سنڌو ماٿري ترائي‘ ۽ ’هيٺين سنڌو ماٿري ترائيءَ‘ ۾ ورهايو ويو آهي. موجودہ سنڌ ملڪ هيٺاهين سنڌو ماٿريءَ واري ترائيءَ ۾ موجود آهي.
سنڌ کي طبعي لحاظ کان ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي آهن:
(1) اولانهان مٿانهان پٽ (Western Highlands)
(2) هيٺين سنڌو ماٿري (Lower Indus Valley)
(3) ريگستان (Desert)
(1) اولانهان مٿانهان پٽ (Western Highlands): سنڌ جي الهندي سرحد وارا سمورا ننڍا وڏا جابلو سلسلا ٿلهي ليکي کيرٿر سلسلي ۾ شامل آهن. ارضياتي وقت جي ماپي جي حساب سان انهن جي جوڙجڪ، بيهڪ ۽ دور/ عھد بنھہ مختلف آهن. انهيءَ سلسلي ۾ رني ڪوٽ سلسلو ۽ لڪي سلسلو ڄمار ۾ وڌيڪ قديم دور (پيلوسين: Paleocene) جو آهي. کيرٿر ڊيگهہ ۾ 150 ميل آهي ۽ 120 ميلن تائين لاڙڪاڻي
ضلعي جِي قلات سان حدبندي ڪري ٿو. انگريز دور جي جاگرافيءَ موجب اولھہ وارن مٿانهن پٽن ۾ هالار جبل جي قطار موجود آهي. هالار جبل اصل ۾ هاڙهو جبل آهي. ان بابت سر هينري ايليٽ پنھنجي ڪتاب ’History of India‘ جي جلد-I جي ضميمي ۾ لکي ٿو: هن جبل جو اصل نالو هالار، هالا ۽ هاڙهو، سنڌ جي راجا ’هال‘ جي ڪري پيو، هُو اهي ساڳيا نالا بلوچستان جي يوناني هيلينز حاڪمن ڏانهن بہ منسوب ڪري ٿو، جڏهن تہ بدر ابڙي موجب ”هالار نالي جبل سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ ڪٿي بہ موجود ناهي رهيو. هالار جبل اڳوڻي سنڌ جي ڪڇ واري ڀاڱي ۾ موجود رهيو آهي، جنهن جو کيرٿر جابلو سلسلي سان ڪو بہ واسطو ناهي.“
هن سلسلي ۾ مشھور تاريخدان رحيمداد مولائي شيدائي پنھنجي قلمي ڪتاب ’روضة السنڌ‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”کيرٿر سنڌ جي اتر وارين بگٽي ۽ مري ٽڪرين جو رخ اتر کان اولھہ طرف آهي ۽ الهندي وارن جبلن جو رخ اتر کان ڏکڻ طرف آهي. اهو هاڙو جبل ئي آهي، جو سنڌ جي ميدان کي قلات کان ڌار ڪري ٿو.
کيرٿر جي اتر سنڌ سرحدي ضلعي ۾ سندس چوٽي ’ميان گن‘ سمنڊ جي مٿاڇري کان 7300 فوٽ بلند آهي. هن جبل جي مکيہ چوٽي ’ڪُتي جي قبر‘ 7200 فوٽ بلند آهي. هن جي سڀ کان مٿانهين ٿڌي ماڳ کي ’گورک هِل‘ چيو ويندو آهي. (اڳوڻي) لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪن ماڳن تي هن جبل جي ويڪر 12 ميل آهي. هتي هن جي قطارن جا مڪاني نالا ڪرڪري، ڪارو، زرد، پنارو وغيرہ آهن. انهن قطارن جون ڪجهہ واديون سمنڊ جي سطح کان 4000 فوٽ بلنديءَ تي آهن. انهن وادين کي ڪن جڳهين تي پٿرن جا بند پاڻيءَ جي روڪ لاءِ ڏنل آهن. جن کي مڪاني ماڻهو ’گبربند‘ يا ’ڪافرڪوٽ‘ چون ٿا. هتي ڪن قديم شهرن جا ڀڙا پڻ موجود آهن. اهڙا ڪافرڪوٽ بلوچستان واري پاسي بہ آهن.
انهيءَ قطار يا سلسلي ۾، لڪي، کيرٿر ۽ پٻ جبلن جون قطارون موجود آهن. ڪرو، سري جي الهندي ۾ آهي، کيرٿر جابلو سلسلي جي هڪ شاخ ڪرو جبل ڏکڻ- اوڀر ۾ موجود آهي، جنهن کي ’ڏاڙهيارو جبل‘ بہ چون ٿا. کيرٿر جي ٻي شاخ سيوهڻ جي ڀرسان آهي، تنهن کي ’ڀڳو ٽوڙو‘ ۽ لڪي جابلو سلسلي جو نالو ڏنل آهي. کيرٿر جبلن جي ٽين لام ڪراچي ضلعي ۾ آهي، جنهن کي ’ڪوهستان‘ ڪري ڪوٺين ٿا. انهن سمورن ننڍن وڏن جابلو سلسلن جي ڄمار الڳ الڳ آهي. اهي سمورا جبل سنڌونديءَ جي ساڄي ڪپ تي آهن ۽ سنڌ کي بلوچستان کان ڌار ڪن ٿا، جيڪي تهدار، ڀڳل ٽٽل، چيرن ۽ ڦاٽن سان ڀريا پيا آهن. مٿن ڪا بہ اوڀڙ ۽ وڻڪار نہ آهي. اوچائيءَ جي لحاظ کان هي حصا 6800 فوٽن تائين پهچي وڃن ٿا ۽ ڏاڙهياري جبل جي وڌ کان وڌ اوچي چوٽي 6000 فوٽ ٿيندي ۽ هن جو 7200 فوٽ اوچائيءَ وارو ماڳ ’ڪُتي جي قبر‘ نالي سان موجود آهي. اها مٿانهين جڳھہ ’گورک جبل‘ جي نالي سان سڏجي ٿي ۽ ڊول ۾ اُبت چاڙهيڪن وارا جبل (Anticline) جوڙي ٿي. هن جي اُڀرندي حصي کي ’ڪوهستان‘ سڏجي ٿو.
(2) هيٺين سنڌو ماٿري- لاڙ (Lower Indus Valley): سنڌ جو هڪ اهم ۽ وڏو حصو لاڙ آهي، جنهن جو رڳو ’ڊيولٽائي/ ڪيٽيائي ماڳ‘ (Deltic Region) 5000 چورس ميل آهي. هن کي 200 ميل ڊگهو سنڌونديءَ جي مُنهن (Mouth of River) وارو دنيا جون ستون نمبر وڏو سنڌو ڊيلٽا (Indus Delta) آهي، جنهن ۾ سنڌوندي ڇوڙ ڪري ٿي. هن ڊيلٽائي ماڳ واري زرخيز زمين منجهہ ڪن هنڌن تي چُن جي پٿر (Limestone) جون ٽڪريون موجود آهن.
(3) ٿر (Desert): سنڌ جي ڏکڻ- اوڀر واري حصي ۾ ٿر جو ريگستان آهي، جيڪو راجسٿان (انڊيا) تائين پکڙيل آهي. سنڌ ۾ اِهو ٿر وارو برپٽ 21000 چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي. ٿر واري هن حصي ۾ گهڻو ڪري واريءَ جا دڙا، ڏهر، ترايون، ڍنڍون ۽ ڍورا ٿين ٿا. (وڌيڪ ڏسو: ’ٿر‘، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو، صفحو 373). ٿر جي هن ريگستاني ماڳ جي ڏکڻ- اوڀر ڪنڊ تي ننگرپارڪر شھر ڀرسان 125 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هڪ ٻرندڙ جبل (Igneous Rock) ڪارونجهر موجود آهي. هيءُ جبل ’سماقي پٿرن‘ (گرينائيٽ پٿرن: Granite Stones) سان جڙيل آهي، جنهن کي ’ننگرپارڪر گرينائٽ‘ (Nagarpakar Granite) سڏبو آهي.
سنڌ صوبي ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا، جن ۾ مختلف جابلو ميڙ ۽ بناوٽون موجود آهن، اهي 11265 چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهن. سنڌ جا تهدار جبل گهڻو ڪري سامونڊي جيوت جي چنائين کوپن (چُن وارن کوپن)، ڪوڏن، سانڪوٽن وارن پنڊپهڻن (fossils) سان سٿيل ۽ تانگهي، سامونڊي پاڻيءَ واري ماحول جي پيداوار آهن. اهي سمورا جبل سنڌ جي مشھور جابلو سلسلي کيرٿر جوڙجڪ سان لاڳاپيل آهن، جن جي عمر 13 ڪروڙ کان وٺي 7 ڪروڙ 50 لک سالن تائين ۽ ان کان 20 لک سالن تائين ڪٿي وئي آهي ۽ ان جي ٿولھہ 24000 فوٽن تائين آهي. ’ڌرتيءَ جي زماني واري ڄاڻڪاري ماپي‘ (Geological Time Scale) مطابق هنن پٿرن جي جوڙجڪ واري عمر ’ڌرتيءَ جي حياتيءَ واري وچئين دور‘ (ڪريٽيشيئس: Cretaceous) 13 ڪروڙ ورهيہ اڳ ۽ ڌرتيءَ جي حياتيءَ جي چوٿين زماني (Quaternary Era) جي مختلف دورن، جھڙوڪ: ’ٿڻائتن جانورن جي دور‘ (پيليوسين: Paleocene)، ’گهوڙن ۽ گڏهن جهڙن جانورن جي دور‘ (ائيوسين: Eocene)، ’باندر جهڙي مخلوق جي دور‘ (اوليگوسين: Oligocene)، ’بن مانس جهڙي جانورن جي دور‘ (مايوسين: Miocene)، ’گوشت خور جانورن جي دور‘ (پلايوسين: Pliocene) کان وٺي 18 لک ورهيہ اڳ واري ’نئين پٿر واري دور‘ (پلئسٽوسين: Pleistocene) تائين جي آهي. انهن عمرين وارن جبلن ۾ سواءِ ’گوشت خور جانور جي اوسر واري دور‘ ۽ ’نئين پٿر واري دور‘ جي، باقي سمورن دورن وارن جابلو سلسلن جو جنم سمنڊ ۾ ٿيو آهي.
سنڌ جا ٽَڪر (Indus Rocks): ارضياتي لحاظ کان سنڌ جا کيرٿر وارا جبل ٻن حصن ۾ ورهايا ويا آهن، جن مان هڪ ’پارھہ گروھہ‘ ۽ ٻيو ’رني ڪوٽ گروھہ‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. سنڌ جي جبلن کي جوڙجڪ/ گهاڙ/ بناوت (Formation) جي آڌار تي ٻارهن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ انهن تي مقامي نالا (Type Locality) ڏنا ويا آهن. هنن جبلن جي پيدائش سمنڊ جي گهري ۽ تانگهي پاڻيءَ ۾ ٿي آهي، جڏهن تہ ڪجهہ جبلن جي جوڙجڪ خشڪيءَ واري ماحول ۾ ٿي آهي.
سنڌ ۾ ظاهر ٿيل (exposed) سمورن جبلن جي جوڙجڪ (formation) جو اُنهن جي عمر، اصليت ۽ منجهن موجود پٿرن سان گڏ تفصيلي ذڪر هن ريت آهي:
پارھہ ميڙ (Parh Group): هي جبلن جو ميڙ مغل ڪوٽ (Moghal Kot)، فورٽ منرو (Fort Manro) ۽ پٻ (Pab) جبلن جي بناوتن تي مشتمل آهي، جيڪي ’چاڪ واري دور‘ جي عمر جا جبل آهن.
رنيڪوٽ گروپ (Ranikot Group): هي جبلن جو ميڙ، کڏهڙو (Khadahro)، ٻارو (Baro) ۽ لاکڙا (Lakhra) جوڙجڪ تي مشتمل آهي، جيڪي 6 ڪروڙ 50 لک ورهيہ اڳ ’ٿڻائتن جانورن جي اُسرڻ واري دور‘ کان وٺي ’برفاني ڇپن جي عھد‘ (Glacieral Epoch) جا يعني 18 لک سال آڳاٽا آهن.
سنڌ جي جابلو ’تھہ نگاريءَ‘ (Stratigraphy) ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف ارضياتي اصطلاحن، جھڙوڪ: سنڌ شيلڊ (Indian Shield)، لهوارو تاڪ (Sloping shelf)، جيڪب آباد مٿاهين (Jacobabad High)، حيدرآباد ونگ (Hyderabad Arch)، سِر بحر (Foredeep)، سرحدي زمين (Borderland)، ڏار (Faults)، جوڙجڪ (formation)، ميڙ (group)، اصليت واري جاءِ (original location) ۽ تر/ ترائي (basin) وغيرہ جي وصف ۽ تشريح هن ريت آهن:
(1) سنڌ شيلڊ (The Indian Shield): سنڌ شيلڊ، جيڪا سنڌوءَ جي ڪُک واري تر يا ترائيءَ (basin) تي ٻَڌل ۽ مٽيل ٽڪرن (Metamorphic Rocks) ۽ سماقي پٿرن (گرينائيٽ پٿرن) جي سلسلي سان جڙيل آهي. ان جي انتها ڏکڻ اوڀر ۾ سنڌ جا ننگرپارڪر وارا ٻرندڙ ٽڪر (Ignious Rock) آهن، جيڪي اصل ۾ سنڌ شيلڊ/ پاکر (Indian Shield) جو ئي حصو آهن.
(2) لهوارو تاڪ (The Sloping Shelf): سنڌ شيلڊ جون ٻانهيون هڪ ڪشادي تاڪ (Broad Shelf) جوڙيندي هوريان هوريان اولھہ ڏانهن اڀڪپري نموني ۽ اتر ڏانهن سوڙهيون ٿينديون وينديون آهن. اهو سامونڊي ڪشادو تاڪ آرپار موٽ (Transgression) ۽ ٻيهر موٽ (Regression) واري مک مُد تي ماڳ تي رهيو آهي. هن سامونڊي تاڪ (Shelf) جي تھن جي پرتن وسيلي هن کي ’ڌرتيءَ جي چوٿين حياتياتي دور‘ (قديم انسان ۽ جديد انسان) جي ’6 ڪروڙ 50 لک سال اڳ واري ٿڻائتي جانورن جي عھد‘ (Paleocene Epoch) جو قرار ڏنو ويو آهي. هن سامونڊي تاڪ (Shelf) جا مک گڻ هلڪي ڪشادائي (Low amptitude) وارو جهڪاءَ (flexures) ۽ ڏار (faults) آهن. هن تاڪ تي حاوي ٻہ پڌرا مثبت رخ آهن:
(1) جيڪب آباد مٿاهين (Jacobabad Heigh)
(2) حيدرآباد ونگ (Hyderabad Arch)
(1) جيڪب آباد مٿاهين (The Jacobabad High): هن تاڪ (Shelf) جا چٽا خدوخال جيڪي چوٿين حياتياتي دور (Quaernary Era)، ’گڏهن ۽ گهوڙن جهڙن جانورن جي عھد‘ (Eocene Epoch) جا 6 ڪروڙ سال آڳاٽا آهن ۽ اهي تھہ ’پربت جيڏن جانورن واري دور‘ (Jurassic Period) جيڪو 19 ڪروڙ سال اڳ شروع ٿيو ۽ ان جي خاتمي تي ’چاڪ واري دور‘ (Cretaceous Period) جي تھن مٿان چڙهيل آهن. اها ساخت بلوچستان جي وسيع ۽ ويڪري زمين کان اُسري اولھہ وارين ٻانهين تائين هلي وڃي ٿي. اهي ويجهي عهد، وهيل مڇي ۽ باندر جهڙي مخلوق واري عھد (Miocene Epoch) تائين آيل هماليائي اُڀار (uplift) واري تحرڪ ۾ محوري پٽي (Axail Belt) کان وڌي ڪري هاڻوڪي سنڌ جي سِر بحر (foredeeps) جي جوڙجڪ ڪئي. انهيءَ هماليائي اُڀار واري تحرڪ سبب مثبت ننڍين ٽڪرين (Positive Spurs) جي لاهين، سنڌو ترائيءَ (Basin) جي ساختياتي مرڪز (Structural Axis) کي ’چاڪ واري دور‘ ۾ ڪيترائي ميل اوڀر ڏانهن کڻي وڃي تبديل ڪيو.
(2) حيدرآباد ونگ (The Hyderabda Arch): حيدرآباد ونگ پنھنجي شڪل ۽ صورت ۾ هڪ سادي مرڪزي اُبتي ڪٻ واري لاهيءَ واري (Geantielines) شڪل رکي ٿي. هن حيدرآباد ونگ جي محوري ڊيگهہ (Axialary Length) 90 ميل جي آهي. هن ونگ جي اوسر اٽڪل روءِ ’پوئين چاڪ واري دور‘ (Late Cretaceaous Period) يعني 13 ڪروڙ سال اڳ کان ’پوئين ٿڻائتن جانورن جي عھد‘ (Late Paleocene Epoch) يا ’اوائلي گڏهن جهڙن جانورن جي عھد‘ (Early Eocene Epoch) ۾
6 ڪروڙ ورهيہ اڳ ٿي. حيدرآباد ونگ جي ايراضيءَ جو گهڻو حصو اونهاين ۾ لڪل جهميل تري (Gesynclinal) واري ترائيءَ جو حصو آهي، جيڪا ڪنهن وڏي ’ابتڪُٻدار لاهين‘ (Geantielines) ۽ امڪاني طور ’اُپٻيٽ‘ (Peninsular Foreland) جيان هڪ ’وڏي ساختياتي ڪونار‘ (Broad Structural Trough) جي شڪل ۾ اڀرندي سنڌو ڪنار سان لڳ درياهي ريٽ هيٺان پنهنجو وجود رکي ٿي.
حيدرآباد ونگ نہ رڳو هن علائقي جي وڏي ارضي ساخت کي والاري ٿي، پر اها ائين تکي ناهي جيئن بلوچستان جي گهڻي تڻي ارضي ساخت آهي، تنهن هوندي بہ اها ونگ تمام گهڻن ئي ارضي
ساخت جي ابت ڪٻ وارين جابلو لاهين جي لپيٽن (folds) کي والاري ويٺي آهي. حيدرآباد ونگ ان ريت پڌري ۽ نروار بہ آهي، جيئن همعصر دور جي سنجواني (Sanjwani) نروار آهي. ڇو تہ اها ونگ سنڌونديءَ جي لٽ سان ڀريل آهي.
(3) سِر بحر (The Foredeep): سنڌ جي سامونڊي تاڪ (shelf) واري هيٺاهين (depression) اڀڪپري ليڪائين آهي ۽ هن جون ڪجهہ صورتون، جھڙوڪ: ڪري کاري ڪار/ اپسمنڊ وانگي (Karachi Emboyment) ۽ ڪراچيءَ جي کاهي (Karachi Trough) آهن. اهي صورتون سوئي- سليماني ۽ ٻنون سوان کاهين کان وٺي سربحر جي گردشي ليڪ (Geosyncline) تائين آهن. ڪراچيءَ کاهي کان سواءِ اهڙين سمورين همعصر کاهين جي جوڙجڪ ۽ بنياد ساڳئي نموني جو آهي. انهين کاهين جا تھہ ’پربت واري جيوت واري وقت کانپوءِ واري عھد‘ (Post Jurassic Epoch) جا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 30000 فوٽ ٿلها، ويڙهيل (folded) جوان، وڌيڪ چٽا ۽ نروار آهن.
(4) ڏار (Fault): سنڌ ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن واري زمين ۾ انيڪ ڏار موجود آهن، جن ۾ ڌڪيندڙ ڏار (Thrust Faults)، سڀ کان خطرناڪ آهن، جيڪي زمين جي اندرئين حرڪت، ڌڪڻ وارن علائقن (Thrust Zone) سبب زلزلن (Earthquake) ۽ نئين جوڙواد (Newtectonism) جو ڪارڻ بڻجن ٿا. اهي ڏار بنيادي طرح سان ٻن قسمن جا آهن:
(5) ابتا ڏار (Reverse faults): اهي ابتا ڏار هڪ وڏي زاويي سان زمين جي اونهائيءَ ۾ لڙي ويا آهن.
ابتا ڏار (Reverse Faults) ٻين ننڍن وڏن ڏارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تازا ۽ يڪ رنگا هوندا آهن. اهي ڏار ٽاڪرو ڀڃ ڊاھہ واري سگهہ رکڻ سبب اُن جي علائقائي صورت ۽ شڪل تبديل ڪري سگهن ٿا. اها صورت لپيٽيل (folded) ٽاڪرو جوءِ ۾ خاص طرح سان نروار آهي.
ابتن ڏارن جي ڀيٽ ۾ عام ارضي ڏار جن کي ترڪندڙ ڏار
(Slip faults) يا ڇِڪ وارا ڏار (Gravity faults) چوندا آهن. سي ايڏا اهم نہ هوندا آهن.
(6) سرحدي زمين (The Borderland): سنڌ جي سرحدي زمين سنڌو ترائيءَ (Basin) جي ڪُک کان اولھہ بلوچستان جي سرحدي زمين لڳولڳ آهي ۽ اها بلوچستان ترائيءَ (Basin) کي سنڌ ترائيءَ کان جدا ڪري ٿي. اهو هڪ اندازو آهي تہ ’پوئين پربت جيڏي جيوت واري دور‘ (Late Jurrassic Period) 13 ڪروڙ ورهيہ اڳ ’ٿڻائتن جانورن جي عھد‘ (Paleocene Epoch) يا اوائلي گڏهن ۽ گهوڙن جهڙن جانورن جي عھد‘ (Early Eocene Epoch) کان وٺي ’گوشت خور جانورن جي عھد‘ (Pliocene Epoch) ۽ ’نئين پٿر جي زماني‘ (Pleistocene Epoch) تائين ارڙهن لک ورهيہ اڳ تائين سنڌ جي جابلو جوڙجڪ ٿيندي رهي آهي.
اها جوڙجڪ صاف نموني کليل ۽ اُڀي آهي ۽ عام طرح سان ٻانهين جي پاسي کان ’ابتي ڏارن‘ (Reverse Fault) وسيلي ٽاڪرو پيرن کان ٿورو مڙي ٿي. ان جي گهڻين شڪلين ۾ ان جا ’اُڀا تھہ‘ (Starta) مٿاهين کان لڙيل آهن. هن ويڙهي نما جوڙجڪ ۾ (Recumbent Folds) موجود آهن. اهي ويڙهاڪا (Folds) تيز درجي (Strong degree) وارا ۽ پنھنجي ڊگهي مرڪز (axial) واري سلسلي ۾ پاڻ ۾ ڪو گهڻو فرق نہ ٿا رکن. اهي عام لڙيل وَر (plunging folds) گهڻو ڪري ڀُريا پيا آهن. جھڙوڪ: منگهي پير جا لڙيل ابتي ڪُٻ وارا چاڙهيڪا آهن.
سنڌوءَ جي ٽاڪرائين ايراضيءَ جي لهواري تاڪ (Sloping Shelf) واري ايراضيءَ وچان لچڪيدار آهي، اتي جا وَر (folds) ان پٽي جي ساختياتي صورت ۾ بنھہ معمولي ڪردار ادا ڪن ٿا. اهي هڪ وڏو جهڪاءُ ۽ لاھہ رکن ٿا. ان جو عام طرح سان لاڙو اتر- ڏکڻ ڏانهن آهي. انهيءَ تاڪ واري ايراضيءَ جو تفصيلي نقشو ظاهر ڪري ٿو تہ اها ايراضي ورن (folds) ابت ڪٻ وارين لاهين ۽ هم جوڙ جهڪاءَ (syncline) جوڙيندي اتر- ڏکڻ ڏانهن لڙي ٿي. هتي پوروڇوٽ سان ٽي (3) وَرَ (folds) اتر- ڏکڻ سڌ رکندڙ نظر اچن ٿا، جيڪي هن ريت آهن:
(1) پٻ سلسلو (Pub Range)
(2) کيرٿر سلسلو (Khirthar Range)
(3) لڪي سلسلو (Laki Range)
ڪوهستاني ايراضيءَ جي ساخت ’هـڪ رُخن وَرن‘ (Monoclinal Folds) جي شڪل ۾ هڪ ٻئي مٿان وريل وَرن جي صورت ۾ اولهائين ٻانهينءَ تي ۽ ساڳيءَ ريت اتر- ڏکڻ وارو لاڙو رکي ٿي.
کيرٿر سلسلي واري انهيءَ ساخت جي ماپ ڊيگهہ ۾، 50 ميل ۽ ويڪر ۾ 20 ميل ۽ سامونڊي سطح کان وڌ ۾ وڌ 6800 فوٽ مٿاهين ’ڪتي جي قبر‘ جي صورت ۾ ’پربت جيڏي جيوت واري دور‘
(Jurrassic Period) جي آهي، جيڪو 19 ڪروڙ کان 13 ڪروڙ سال اڳ تائين رهيو.
ٻاڙي (ٻاري) جي ساخت لڪي سلسلي ۾ ڊيگهہ 5 ميل ۽ ويڪر 2 ميل رکي ٿي.
هڪ ٻي ڊولائتي ۽ سھڻي نموني واري لهواري ساخت، جيڪا رني ڪوٽ جي چوٽيءَ (Crest) وٽ پڌري آهي. اها ’ٿڻائتن جانورن جي عھد‘ (Paleocene Epoch) جي جوڙجڪ رکي ٿي، جڏهن تہ تيل ڪمپنين جي ’کاڻين کوٽڻ ڪري‘ (Mining) هن جي گهري اونهائيءَ مان ’چاڪ واري دور‘ (Cretaceous Period) جا تھہ مليا آهن. جتان ڪيترائي ڊولائتي ورن وارا ڪُٻن چاڙهيڪن وارا ساختياتي نمونا درياهي روَ ۽ لٽ جي هيٺان لڌا ويا آهن، جيڪي جيڪب آباد، ماڙي، خيرپور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ موجود آهن. اهي ڊولائتا ۽ جابلو ٻانهين سان
2 ۽ 5 درجي (Degree) تي لڙيل آهن. هتي دورن جي حساب سان ڪي ناممڪن صورتون بہ نظر آيون آهن، جيڪب آباد ۾ ٿڻائتي جانورن جي عھد (Paleocene Epoch) وارا تھہ، پربت جيڏي جيوت واري دور (Jurrassic Period) مٿان وريل آهن.
(7) چيريل ڏار (Tear Faults): اهي ڏار زمين جي اندر تائين اڀي/ عمودي نموني هيٺ لڙيل هوندا آهن ۽ علائقائي طرز تي 45 ڊگرين تي ملي وڃن ٿا.
سر بحر واري هيٺاهينءَ ۾ اتر ۽ ڏکڻ وارا ڏار نظر هيٺ رکڻ جھڙا آهن، جيڪي ارضي وَرن (folds) سان گهڻو ڪري متوازي هلن ٿا ۽ لڪي جابلو سلسلي ۾ اوڀرائين ٻانهين (eastern flank) کان 35 ميل ۽ لڪي شاھہ صدر کان رني ڪوٽ ڏانهن بہ اڳتي ڏکڻ ڏانهن هليا وڃن ٿا، جتي آسماني پٿرن (Celestite)، بئرائيٽ (Barite) ۽ سيلائيٽ (Calite) جا ذخيرا موجود آهن. اتي ڏار واري ميدان (Fault plane) ۾ لڪي ۽ پٻ جابلو سلسلي ۾ انيڪ ڏار نقشائي صورت تي موجود آهن، پر اهي ايڏا اهم ان ڪري نہ آهن، جو انهن مان ڪو بہ واضح نموني علائقائي زميني چرپر ۽ تبديليءَ جو ڪارڻ نہ ٿو بڻجي.
بدر ابڙو پنھنجي ڪتاب ’کيرٿر جو سفر‘ ۾ کيرٿر، سليمان ۽ لوڻياٺي خطي (Salt Zone) ۾ ارضيات جي ڏارن وارن علائقن ۽ ’ڌڪڻ وارن علائقن‘ (Thrust zone) ۾ ڪراچيءَ جي ڊيلٽائي علائقي ۽ مڪران جي سامونڊي ڪناري سان چئن ڏارن جو ذڪر ڪري ٿو. انهن مان پهريون بند ڏار آهي، جيڪو شاھہ بندر، جاتي، پاڪستان اسٽيل مل کان هلندو ڪراچي شھر جي اوڀر مان گذرندو وڃي راس مُونز (Cap Manze) وٽ ختم ٿئي ٿو. ٻيو ڏار رڻ ڪڇ کان شروع ٿئي ٿو. ٽيون ڏار پٻ جابلو سلسلي ۾ آهي ۽ مڪران جي سامونڊي ڪناري وٽ عربي سمنڊ ۾ وڃي ختم ٿئي ٿو. چوٿون ڏار ڄام شوري ضلعي ۾ سورجاڻي کان شروع ٿي ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ ۾ ختم ٿئي ٿو، انهن چئن ڏارن سان لاڳاپيل ڪڇ ۽ سنڌ ۾ آيل انيڪ زلزلن جي تاريخ اچي وڃي ٿي.
ميڙ (Group): هيءُ جبلن جو اهڙو ميڙ (Group) آهي، جنهن کي ڪنهن مليل پئماني (Scale) مطابق نقشي تي آڻي سگهجي.
جوڙجڪ/ بناوت (Formation): اهڙن جابلو تھن جي ميڙ کي جوڙجڪ چئبو آهي، جيڪي پنھنجي رنگ، ڍنگ ۽ بناوت جي لحاظ کان ٻين جبلن کان جدا ڪري سگهجن ۽ ٻنهي پاسن کان ڪجهہ ڪلوميٽرن تائين پکڙيل هجن ۽ پڻ انهن کي ڪنهن مليل ماپي مطابق نقشي تي آڻي سگهجي.

اصلي جاءِ (Original Location): هيءُ اهو هنڌ/ ماڳ ٿئي ٿو، جنهن جي نالي پٺيان ڪنهن مخصوص بناوت/ فارميشن کي اُن جو نالو ڏنو ويندو آهي ۽ اهو ماڳ تاريخي يا جاگرافيائي طور مشھور هوندو آهي.
تر/ ترائي/ هيٺانهين (Basin): هيءَ سمنڊ ۾ هڪ اهڙي هيٺانهين ٿئي ٿي، جيڪا سمنڊ جي ڪناري کان سمنڊ جي ڪناري تائين پکڙيل ٿئي ٿي ۽ ان ۾ هزارين فوٽن جي تهدار جوڙجڪ ٺھڻ جي گنجائش هوندي آهي.
سنڌ جا جبل (Indus Rocks): سنڌ ۾ ٻن قسمن جا جبل ملن ٿا، ٻرندڙ جبل (Igneous Rocks) ۽ تهدار جبل (Sedimentary Rocks)، سنڌ ۾ ’تبديل ٿيل جبل‘ (Metamorphic Rocks) ڪونه آهن.
ٻرندڙ جبل (Igneous Rocks): ٻرندڙ جبل زمين ۾ موجود آتشي مادي (Magma) جُوالائي عمل (volcanic activity) سان ٺھن ٿا. سنڌ ۾ هي جبل ننگرپارڪر ۾ ’ڪارونجهرجبل جي نالي سان مشھور آهن ۽ پارڪر جي چوڌاري ننڍن ٽَڪرن جي صورت ۾ موجود آهن. سنڌ ۾ اهي جبل سڀ کان آڳاٽا آهن.
ڪـارونـجهـر جـبـل ’سـاهـواري جـيـوت کان آڳاٽـي زمـانـي‘
(Precambrian Era) کان بہ گهڻو قديم آهي. هن جبل جي ڄمار 4 ارب 50 ڪروڙ ورهين کان بہ گهڻي آڳاٽي ٿي سگهي ٿي. سمنڊ مان سڄي سنڌ ڌرتيءَ جي ظاهر ٿيڻ کان پهرين هي ٽڪريون سمنڊ مان ٻاهر آيون هيون.
ائين چئي سگهجي ٿو تہ ڪارونجهر وارن ٽڪرن جو جنم ’پاتال واري زماني‘ (Haden Era) ۾ 4 ارب 60 ڪروڙ ورهيہ اڳ ۾ ٿيو هوندو، جڏهن ڌرتيءَ جي طبعي لقاءَ وارو منظرنامو هن ريت هو، جو هر پاسي گندرف سڙڻ، آتشفشاني ۽ ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ سبب پٿر جي مينهن جو وسڪارو پئي ٿيو، هوا گرم ٻاڦ واري هئي، هڪڙو لاوو (Lava) مس ٺريو ٿي تہ ٻئي تتل ڳار (Magma) ۾ دفنائجي ٿي ويو.
ڪارونجهر جبل جي ڄمار بابت بدر ابڙي جو اندازو آهي تہ ”ڪارونجهر جبل 4 ارب 70 ڪروڙ ورهيہ اڳ جنم ورتو هوندو.“ ڪارونجهر جبل ننگرپارڪر شھر لڳ هڪ وڏي قطار واري صورت ۾ ڪڪڙ جي آنن وانگر ڦريو اچي ٿو، جنهن جي وچ ۾ ماٿريون آهن. انهيءَ گول قطار جي ٻاهرين گولائي ڪٿي چاليھہ ميل آهي تہ ڪٿي ويھہ ميل آهي. هن جبل جي وڏي ۾ وڏي چوٽي سمنڊ جي سطح کان هڪ هزار فوٽ مٿي آهي. هن ۾ انيڪ پاڻيءَ جا جهرڻا ۽ جابلو نئيون آهن، جيڪي دائم جهرڻن ۽ مندائتين ندين جي صورت ۾ وهي وڃي. ڪڇ واري برپٽ (پُڙڇاپُر) ۾ پون ٿيون.
هنن ٻرندڙ جبلن ۾ انيڪ رنگن جا ٽَڪَر ۽ پھڻ ملن ٿا، جن ۾ ٻہ رنگ خاص آهن: هڪڙو ڳاڙهو ۽ ٻيو اڇو رنگ. انهن ٽَڪَرن ۾ انهن ٻن رنگن کان سواءِ ٻيا بہ ساوا ۽ نيرن ورن وارا رنگ بہ موجود آهن، جنهنڪري اهي ڪارونجهر وارا جبل ويجهي کان رنگارنگي پري کان ڪاري ورن تي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هي ٽَڪَر پنھنجي جوڙجڪ ۾ تمام سخت آهن ۽ عمارتن ٺاهڻ، سمنڊ کي بند ٻَڌڻ جي ڪم اچي سگهن ٿا. هتي جا پٿر رنگارنگي هئڻ ڪري انهن مان جوڙيل عمارتون تمام سهڻيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. هنن جبلن ۾ مختلف قسمن ۽ رنگن جي مٽي (Clay) بہ لڀي ٿي، جنهن مان اتي جا ماڻهو ٺڪر جا ٿانوَ ٺاهيندا آهن ۽ ڪچن گهرن کي ليپو ۽ پوچي ڏيڻ جي ڪم ۾ بہ آڻيندا آهن. هنن جبلن مان قيمتي پٿر بہ ملن ٿا، جيڪي اڄڪلھہ چوريءَ ٽرڪن ۾ ڀري ڪراچيءَ نيا وڃن ٿا.
تهدار جبل (Sedimentary Rock): سنڌ جا تهدار جبل ٽيٿئس سمنڊ (Tethys Sea) جي تري ۾ ڪروڙين سال اڳ جڙڻ شروع ٿيا هئا. اهي جبل سامونڊي جيوت جي چُن وارن کوپن مان جڙي راس ٿيا. انهيءَ سامونڊي جيتامڙي جيوت ۾ گهينگهڙا، سپيون، ڪوڏيون، ڪوَڏ ۽ سانڪوٽا ۽ انهيءَ نوعيت جي ٻي جيوت جا کوپا شامل هئا، جيڪا ٽيٿئس سمنڊ ۾ عام جام هئي. سنڌ تاسر (Tertiary Indian Plate) وارو اهو حصو، جنهن تي اڄ مرڪزي ڀارت (Central India) موجود آهي، سو ان زماني ۾ بہ سڌو پٽ هو. ان زماني ۾ سنڌ وارو سڄو علائقو سمنڊ هيٺ هو. اتر ڏانهن سنڌ تاسر (Indian Plate) جي لڙهڻ ۽ سُرڻ واري ڊگهي پنج ڪروڙ ورهيہ اڳ واري 50 لک ورهين جي سفر ۾ هڪ خاص داٻ ۽ ڀيڪوڙ پيدا ٿيو، جنهنڪري سامونڊڪي تري ۾ سامونڊي جيوت جي کوپن سان سٿيل تھہ اوڀر ۽ اولھہ طرف ڏانهن لڙيل ۽ اُڀريل هئا ۽ سنڌ تاسر جي سَنڌن وٽ اولهائين داٻ ۽ ڀيڪوڙ جي ڪري انيڪ جابلو سلسلا اُتر- ڏکڻ ڊيگهہ ۾ جڙي راس ٿيا.
هڪ ٻيو اڀياسي مفروضو بہ ان ۾ شامل آهي ته، لکين ۽ ڪروڙين ورهين تائين ڌرتيءَ جي ٻرندڙ ۽ ٻين جبلن تي پوندڙ برسات ۽ طوفانن سبب پيدا ٿيل ڀڳ ڀورَ نئن ۽ ندين جي وهڪري وسيلي اچي ڪري سمنڊ ۾ پوندي آهي، جتي اها تھن جي صورت ۾ جمع ٿيندي رهي ٿي. هنن تھن ۾ اُن دور جا سامونڊي جانور ۽ ٻوٽا ’پنڊ پھڻ‘ (Fossils) جي صورت ۾ گڏ ٿيندا ويا. سمورا تهدار جبل هميشہ سامونڊي تري ۾ جڙندا رهندا آهن. جيستائين انهن تھن تي زلزلن ۽ ٻين قدرتي زميني حرڪت جو اثر نہ ٿيو هجي.
سنڌ جي تهدار جبلن (Sedimentary Rocks) کي جاگرافيائي لحاظ کان ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪڙو لڪي جبلن جي قطار ۽ ٻيو کيرٿر جبلن جي قطار. اِها ورهاست رنگ جي بنياد تي آهي، جيئن تہ کيرٿر جبلن جي قطار جو رنگ کير جهڙو آهي، تنهنڪري انهن کي کيرٿر سڏيو وڃي ٿو. کيرٿر جبلن جي قطار جي ٻاهران جيڪي ننڍيون ننڍيون

چوٽيون آهن، تن کي لَڪي جبلن جي قطار سڏيو ويندو آهي. کيرٿر جبلن جي قطار ۾ اوچي ۾ اوچي چوٽي سمنڊ جي سطح کان 2786 فوٽ مٿي آهي ۽ ’ڪتي جي قبر‘ جي نالي سان مشھور آهي.
سنڌ جي تهدار جبلن جون قطارون سنڌ جي اولهندي حصي ۾ آهن ۽ انهن جو رخ اتر کان ڏکڻ طرف آهي. سنڌ جي تهدار جبلن (Sedimentary Rocks) کي سندن ٺھڻ جي حالت ۽ ڄمار جي بنياد تي مختلف طبقن ۽ ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. سنڌ ۾ سڀ کان آڳاٽا تهدار جبل، ’کڏڙو‘ ۽ ’پٻ‘ مشھور آهن ۽ اهي تهدار جبل ضلعي ڄامشوري جي قديم تاريخي ماڳ آمريءَ وٽ پوريءَ طرح ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هنن تهدار جبلن ۾ چن جو پٿر (Lime Stone) ۽ وارياسو پٿر (sandstone) سليٽي ڪچو پٿر (Shale) ملي ٿو. هن جوڙجڪ جي تھن ۾ انيڪ قسمن جي سامونڊي جيوت پنڊپهڻ جي صورت ۾ موجود آهن. کڏڙي ۽ پٻ جي تھن مٿان وري ’رني ڪوٽ‘ (روڻي ڪوٽ) جوڙجڪ وارا تھہ ملن ٿا، جيڪي 2000 فوٽ ٿلها آهن. هي تھہ رني ڪوٽ ۽ آمريءَ لڳ پوريءَ طرح ڏسي سگهجن ٿا. انهيءَ ڪري انهن تھن جو نالو ’رني ڪوٽ جوڙجڪ‘ (Ranikot Formation) آهي.
رني ڪوٽ جابلو جوڙجڪ جي تھن مٿان وري لڪي جابلو سلسلي واري جوڙجڪ جا تھہ اچن ٿا، جيڪي 5000 فوٽن کان 8000 فوٽن تائين ٿلها آهن. هن جوڙجڪ ۾ چُن جي پٿر (Lime Stone) ۽ وارياسي پٿر (Sand Stone) کان سواءِ ڪوئلي (Coal) جا تھہ بہ ملن ٿا، جيڪي ضلعي ڄامشوري جي لاکڙا ۽ ٺٽي ضلعي ۾ جهمپير جي ميٽنگ واري ماڳ وٽ آهن.
لڪي سلسلي جي جوڙجڪ وارن تھن مٿان وري کيرٿر سلسلي جا تھہ اچن ٿا، جيڪي 3000 کان 9000 فوٽ ٿلها آهن. هن جوڙجڪ جي تھن ۾ رڳو چن جو پٿر ملي ٿو ۽ ان ۾ بي انتها ننڍي ننڍي سامونڊي جيوت پنڊپهڻ (fossils) صورت ۾ موجود آهي. کيرٿر جابلو سلسلي مٿان وري ناڙي جبلن جي سلسلي وارا تھہ ملن ٿا. هن سلسلي جا تھہ ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهن، هڪ مٿيون ڀاڱو ۽ ٻيو هيٺيون ڀاڱو. مٿئين ڀاڱي ۾ وارياسو پٿر ۽ هيٺئين ڀاڱي ۾ چنائون پٿر ملي ٿو. هن سلسلي جا تھہ 400 کان 876 فوٽن تائين ٿُلها آهن. هن جوڙجڪ واري سلسلي جا تھہ ناڙي نئن وٽ چڱيءَ طرح ڏسي سگهجن ٿا، تنهنڪري ’ناڙي جوڙجڪ‘ (Nari Formation) سلسلي وارا تھہ سڏجن ٿا.
ناڙي جوڙجڪ سلسلي مٿان وري گاج سلسلي جا تھہ شروع ٿين ٿا، جيڪي 1300 فوٽ ٿُلها آهن ۽ گاج نئن وٽ پوريءَ طرح ڏسي سگهجن ٿا. هنن تھن ۾ رڳو چن جو پٿر ملي ٿو. گاج جوڙجڪ سلسلي وارن تھن مٿان وري منڇر جوڙجڪ (Manchar Formation) وارا تھہ شروع ٿين ٿا، جيڪي 1000 فوٽن تائين ٿلها آهن ۽ ان ماڳ وٽان منڇر ڍنڍ وٽ پوريءَ طرح ڏسجڻ ڪري اهي منڇر جوڙجڪ وارا تھہ سڏجن ٿا. هنن تھن ۾ هاٿين، گهوڙن ۽ گينڊن (Rhinoceros) جا هڏا پنڊپهڻ (fossils) جي صورت ۾ ملن ٿا. ’هنن تھن ۾ چن جي پٿر، وارياسن پٿرن ۽ گول پٿرن (ڪانگلومريٽ: Conglomerate) وارو وڏو تھہ موجود آهي.
مغل ڪوٽ جي بناوت/ جوڙجڪ (Mughalkot formation): سال 1959ع ۾ هن جوڙجڪ کي ’مغل ڪوٽ جوڙجڪ‘ جو نالو وليئم (William) ڏنو. هن جوڙجڪ کي سال 1908ع ۾ ريڊنبرگ جو هيمي نيوسٽس چن جو پٿر (Hemi-neustes Limestone of redenburg) سال 1879ع ۾ ’چن جو پٿر هيپراٽس بلئنفورڊ‘ سان گڏ (Limestone with Hipperites Blanford) سڏيو هو. هن جوڙجڪ جو نالو ’هنٽنگ سروي ڪارپوريشن‘ 1961ع ۾ ٺهيل مغل ڪوٽ پوسٽ سان منسوب ڪيو. اها ٽاڪرو جوڙجڪ سليماني سلسلي ۾ پارھہ چن واري پٿر (Parah limestone) ۽ پٻ وارياسي پٿر (Pab Sandstone) جي وچ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٿي آهي. هي سئينڊيمن قلعي (Fort Sundeman) ۽ ديري اسماعيل خان روڊ کان اولھہ طرف 5 ڪلوميٽرن تي واقع آهي. سنڌ ۾ هيءَ جوڙجڪ ’ٻاڙي نالي‘ (Bara Nala) وٽ رونما آهي. هن ۾ هڪ سخت قسم جو سفيد چن جو پٿر ٿئي ٿو، جيڪو ان لاهيءَ کان تمام گهڻو ’پٻ وارياسو پٿر‘ ٿيندو وڃي ٿو. گاج نئن وٽ هن جوڙجڪ ۾ ڪيترائي پٿرن جا ڍير ۽ وڏا ڦاٽ آهن. ’ٻاڙي نالي‘ ۾ هن جوڙجڪ جي ٿولھہ 330 فوٽ آهي، جڏهن تہ کاڻين کوٽڻ (drilling) دوران ڪنڌڪوٽ وٽ 76 فوٽ ۽ دٻو کاڙي (Dabbo Creek) ڪراچيءَ وٽ 270 فوٽ آهي. هن جوڙجڪ مان لڀندڙ حيواني جيوت جا پنڊپهڻ (Fossils) تازي کاري پاڻيءَ ۾ رهندڙ سامونڊي جيوت جا آهن، جنهن جي بنياد تي اندازو لڳايو ويو آهي تہ هن جوڙجڪ جي پيدائش ’تانگهي ساحلي ماحول‘ (Shallow Marine Environment) ۾ ٿي آهي. هن جوڙجڪ جي عمر، ’چن واري دور‘ جي آهي، جيڪا ڌرتيءَ جي ’ڀون ڄاڻڪاريءَ واري وقت جي ماپي‘ پٽاندر 7 ڪروڙ 20 لک سال پراڻي آهي.
پٻ بناوت/ جوڙجڪ (Pub Formation): هن جابلو جوڙجڪ کي اِهو نالو هڪ ارضياتي ماهر ريڊنبرگ (Redenburg) سال 1906ع ۾ ڏنو هو، جنهن 1876ع ۾ بلينفورڊ (Blanford) ’چن واري دور‘ ۾ ’وارياسي پٿر‘ (Sand Stone) جو نالو بدلائي اهو نالو رکيو. سڀ کان پهرين هن جوڙجڪ جو نالو ريڊنبرگ سال 1906ع ۾ ’پٻ وارياسو پٿر
(Pub Sandstone) رکيو، جيڪو پٻ جبلن جي قطار تان ورتو ويو آهي. هن جوڙجڪ جي اصليت واري جاءِ سال 1958ع ۾ وليئم (William) ويراب نئن (Werab Nain) جي اولھہ ۾ ٻڌائي آهي، پر سنڌ ۾ هي جوڙجڪ آمري ريلوي اسٽيشن جي اولھہ ۾ لڪي سلسلي جي قطار ۾ موجود ’ٻاڙي نالي‘ وٽ ظاهر آهي. هن جاءِ تي پٻ وارو وارياسو پٿر، ڀوري ناسي ۽ گلابي رنگ ۾ لڀي ٿو، ڪيترن ئي هنڌن تان مليل انهن پهڻن مٿان وڏا ڪارا داغ پڻ آهن. هن جوڙجڪ جو ’وارياسو پھڻ‘ (Sand Stone) ڀورو ۽ نرم ٿئي ٿو. هن ۾ بلوري پٿر جا سليڪائي گول شيشائي داڻا گهڻوڪري ٿولھہ جي لحاظ کان سرنهن جي داڻي کان وٺي پٽاٽي جيترا 2 کان 4 انچ ٿولھہ وارا ٿين ٿا. پٻ وارياسو پٿر، لڪي جابلو سلسلي ۾ ڪاري پٿر جا

هڪ ٻئي مٿان ٻہ تھہ آهن، جن جي ٿولھہ 100 فوٽ آهي. ٻاڙي نئن ۾ وارياسي پاهڻي جوڙجڪ جي ٿولھہ 870 فوٽ آهي ۽ سنڌ جي ٻين ماڳن، جھڙوڪ: ڪراچيءَ ۾ 28 فوٽ ۽ لاکڙا وٽ اِها ٿولھہ 100 کان 300 فوٽ آهي. هن جوڙجڪ جي عمر ’چن واري دور‘ کان وڌيڪ لڳي ٿي، جيڪو 7 ڪروڙ 20 لک ورهيہ پراڻو آهي. هن جوڙجڪ ۾ ورلي ڪي پنڊپهڻ لڀن ٿا. هن جوڙجڪ ۾ موجود اوائلي بناوتن (Primary Structures) جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته، ان جو جنم سامونڊي ساحلي ڪناري واري ماحول ۾ ٿيو آهي.
کڏهڙو بناوت/ جوڙجڪ (Khadro Formation): هيءَ جوڙجڪ اُتر ويڪرائي ڦاڪ وٽ 26 ڊگرين 7 منٽ ۽ 8 سيڪنڊ ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي 67 ڊگري، 35 منٽ ۽ 9 سيڪنڊ تي آمريءَ جي اولھہ ۾ موجود آهي. هن بناوت تي اهو نالو وليئمس (Williams) سال 1959ع ۾ رکيو. هن گهاڙ کي گهڻو اڳ بلينفورڊ (Blanford) جي نالي تي سال 1878ع ۾ ’ڪارڊيٽا بيومانٽي هنڌ‘ (Cardita beaumenti Beds) جي نالي سان سڏيو. هن جوڙجڪ کي ’ڪرخ‘ (Karkh)، ’گدڙ ڍور‘ (Gidar Dhor)، ’جکير‘ (Jakhir) ۽ ’بدڪچو‘ (Badkachu) ۽ ٿر جوڙجڪ وارن مختلف نالن سان پڻ سڏيو ويو. سال 1952ع ۾ ايمس (Eames) هن بناوت کي وليئم ترڪيبي ڪچو پٿر (ڪارڊيا شيل Cardiashale) سڏيو ۽ سال 1959ع ۾ جوڙجڪ جي اصليت واري جاءِ ’ٻاڙو نئن‘ ٻڌائي، جيڪا لڪي جبلن جي قطار جي اوڀر ۾ آهي. هن جوڙجڪ جو نالو ’کڏهڙو نئن‘ تان ورتو ويو آهي، جيڪا آمري اسٽيشن جي اولھہ ۾ آهي. هن گهاڙ/ جوڙجڪ ۾ گهڻو ڪري چُن وارو پٿر (Lime Stone)، وارياسو پٿر
(Sand Stone)، تهدار پٿر (Shale) چُن بردار (Marl) ۽ چيرولي (Gypsum) ملن ٿا. هن بناوت کي ان ۾ موجود پٿرن جي بنياد تي هيٺيئن، وچئين ۽ مٿئين حصي ۾ ورهايو ويو آهي، جن مان هيٺيون حصو چُن جي پٿر، ساواڻ مائل چُن بردار، هڪ ٻئي جي مٿان تھہ بردار جوڙجڪ تي ٻَڌل آهي.
هن جوڙجڪ جي ٿولھہ 600 فوٽ آهي، ٻاڙي نئن وٽ هن جي ٿولھہ 220 فوٽ، لاکڙا وٽ ٿولھہ 375 فوٽ، پبڻي چوڪ وٽ 150 فوٽ ۽ 100 فوٽ مچ وٽ آهي. سلياري کاڻ کوٽ (driling) جي ذريعن مان هن جوڙجڪ وارو تھہ مڪمل نموني جيڪب آباد، ماڙي، نبي سر، خيرپور، بدين، ميرپوربٺورو ۽ ٿر ۾ ماڳهين غائب آهي، جڏهن لاکڙا وٽ رنيڪوٽ جوڙجڪ کان هيٺ موجود آهي.
هن جوڙجڪ جي وچئين حصي ۾ جهجهي نموني، ڪچي پٿر (Shale) جا تھہ ملن ٿا، جڏهن تہ ان جي مٿئين حصي ۾ پيلاڻ مائل ڀورو ناسي ڳنڍيدار (Interbedded)، سنهو، داڻيدار، چن وارو ۽ وارياسو پٿر لڀي ٿو. ان سان گڏوگڏ هن جوڙجڪ جي مختلف تھن ۾ ’وارياسي پٿر‘ جا رنگ، زيتوني سائو، ڀورو ناسي يا گهاٽو ناسي آهن ۽ اهو طبعي لحاظ کان گهرو ناسي ۽ نرم ڀنجوءَ وارو (friable) ۽ چُن بردار (calcareous) ٿئي ٿو. ان جا داڻا سنهي داڻي کان وچٿري داڻي جيترا ٿين ٿا. هن ۾ ڪجهہ سنها تھہ زيتوني سائي تھہ دار پٿر جا بہ ملن ٿا، هن جوڙجڪ ۾ پنڊ پھڻ بہ ملن ٿا، جنهن جي بنياد تي هن جوڙجڪ جي عمر ابتدائي ٿڻائتي جانورن جي اُسرڻ واري عھد (Paleocene Epoch)
4 ڪروڙ 80 لک ورهيہ کان ٿورو پوءِ واري مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪو موجودہ وقت کان 8 ڪروڙ کان 6 ڪروڙ 70 لک سال پراڻو آهي. هن جوڙجڪ ۾ سامونڊي جيوت جو ميلاپ (mixture) موجود آهي، ان ۾ ’ننڍي سوراخدار جيوت‘ (small planktonic foraminifera) ’اوائلي دور جا کوپي وارا جيوَ‘ (Globogerina) ۽ ڇٽيدار جيوت (Cibicides) موجود آهي، جيڪا اوائلي ٿڻائتي دور سان تعلق رکي ٿي. هن جوڙجڪ جي پيدائش تانگهي وهندڙ تازي پاڻيءَ واري سامونڊي ماحول
(Shallow Marine Environment) ۾ 100 فيٿمس کان گهٽ درجي تي ٿي آهي.
ٻاڙو بناوت/ جوڙجڪ (Bara Formation): هن بناوت جو نالو احمد ۽ غنيءَ (Ahmad & Ghane) سال 1971ع ۾ تجويز ڪيو. هيءُ نالو انهن ريڊنبرگ جي نالي تي سال 1906ع ۾ ’هيٺئين رني ڪوٽ‘ لاءِ تجويز ڪيو. هن جوڙجڪ جو نالو ٻاڙو نئن مان ورتو ويو آهي، جيڪا لڪي جبلن جي قطار ۾ وهندي آهي. هن جوڙجڪ کي ڪن ٻين ارضيات جي ماهرن پڻ الڳ الڳ نالا ڏنا آهن، ان کي سال 1952ع ۾ ايمس (Eames) ’گاج تھہ‘ ۽ سال 1959ع ۾ وليئمس (Williams) ’رني ڪوٽ جوڙجڪ‘ جي نالي سان سڏيو. هنن پاران اترين لڪي جابلو سلسلي ۾ واقع ’ٻاڙي نئن‘ کي هن جوڙجڪ جي اصليت واري جاءِ قرار ڏنو ويو آهي.
اها جوڙجڪ رحمان ڍوري وٽان آمريءَ جي اولھہ ڏانهن سھڻي نموني پسي سگهجي ٿي، جتي هي اُتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ 26 ڊگري،
4 منٽ ۽ 6 سيڪنڊ ۽ اولھہ ۾ ڊگهائي ڦاڪ 67 ڊگري، 35 منٽ ۽
4 سيڪنڊ تي نروار نظر اچي ٿي، گڏوگڏ اها جوڙجڪ ٻاڙي نئن، جهڪ ماڙي ۽ لاکڙا وٽ پڌري آهي.
هن جوڙجڪ ۾ نرم وارياسو پٿر (Sand Stone)، تھہ دار پٿر (Sedimentary Rock)، رنگدار مٽي (Coloured Clay) ملي ٿي. اِها گهري رنگدار مٽي ڀورن ۽ ڳاڙهن داغن سان رڱيل ٿئي ٿي. هن جوڙجڪ جو 3/2 حصو وارياسن پٿرن تي مشتمل آهي، جيڪو سنهڙن داڻيدار وارياسي پٿرن جي تھن جو ٺهيل آهي. وارياسي داڻن جي ماپ سنهڙن ۽ نہ ڏسي سگهندڙ ذرڙن کان وٺي وڏن داڻن تائين آهي، جنهن ۾ گهڻائي چن جي داڻن جي آهي. ٻاڙي جوڙجڪ جي هيٺين جوڙجڪ واري حصي ۾ چيرولي (Gypsum) ۽ تھہ دار پٿر (Sedimentry Stone) بہ ملن ٿا. اها جوڙجڪ ڪاراڻ مائل ۽ ڪٿي ڪٿي لوھہ ۽ چقمقي پٿرن واري (Pyritious) آهي. هن جوڙجڪ جي ٿولھہ 100 فوٽ کان 1500 فوٽ تائين آهي.
هن جوڙجڪ ۾ ڪوئلي جون چار سيمون (Seams) 4 کان 6 فوٽ ٿولھہ واريون آهن، جيڪي ڏکڻ ڏانهن ٺٽي تائين آهن، برما آئل ڪمپنيءَ موجب اُتي 4 فوٽ ٿلهو تھہ ڀوري نرم ڪوئلي (lignite coal) جو 900 فوٽ اونهائيءَ ۾ موجود آهي. اها جوڙجڪ لڪي جابلو سلسلي ۾ اتر ڏانهن ويرو وڪڙ کان ڇڪجي جهڪ ماڙيءَ کان رني ڪوٽ تائين هلي وڃي ٿي. اها جوڙجڪ جنهن کي ڪڏهن رحمان ڍوري وارو رُڪن (Rehman Dhoro Member) بہ چئبو هو، سا لاکڙا کان ٿولھہ 500 کان 1000 فوٽ رکي ٿي ۽ ٻاڙي نئن وٽ صفا نروار نظر اچي ٿي. اها کڏهڙو جوڙجڪ وٽ اڀريل ۽ درجي بہ درجي چڙهيل ۽ مٿڀري بيٺل نظر اچي ٿي. اتر ۾ جهڪ ماڙيءَ جي چوٽيءَ جي ويجهو ۽ لڪي سلسلي ۾ هن جو ڏيک پڌرو آهي ۽ اولھہ رني ڪوٽ ۾ اها جوڙجڪ ڪارن پٿرن ۾ شامل ٿيندي نظر اچي ٿي. هن جو هيٺيون هنڌ انيڪ قسم جي سپين ۽ مرجان (Ceral) سان مليل جليل آهي.
هن جوڙجڪ ۾ سپن، مرجان (Coral) ۽ ٻوٽن جا پنڊپهڻ ملن ٿا. هن جوڙجڪ جي عمر ’وچئين ٿڻائتي جانورن واري دور‘ (پيليوسين: (Paleocene واري آهي، جيڪا 6 ڪروڙ ۽ پنجاھہ لک سال پراڻي آهي. هن جوڙجڪ جي پيدائش سامونڊي ماحول ۾ ٿي آهي، پر ڪجهہ حصا کاريءَ مٽي ۽ کاري پاڻيءَ جي ميلاپ واري هنڌ (Estuary) ۽ وهندڙ تازي پاڻيءَ (fluriatile) ۾ پڻ پيدا ٿيا آهن.
لاکڙا بناوت/ جوڙجڪ (Lakhra Formation): هن جوڙجڪ جو نالو احمد ۽ غنيءَ سال 1971ع ۾ تجويز ڪيو ۽ اهو لاکڙا ڳوٺ ۽ ماڳ پٺيان رکيو ويو، جيڪو حيدرآباد کان 40 ميل اتر-اولھہ ۾ اتر ويڪرائي ڦاڪ تي 25 ڊگري، 40 منٽ ۽ 15 سيڪنڊ تي ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي 68 ڊگري، 15 منٽ ۽ 20 سيڪنڊ تي لڪيءَ جابلو سلسلي ۾ واقع آهي. هن جوڙجڪ کي ريڊنبرگ سال 1906ع ۾ ’مٿئين رني ڪوٽ‘ جو نالو ڏنو. ارضيات جي ٻين ماهرن بہ هن جوڙجڪ کي ساڳئي نالي سان سڏيو. هن جوڙجڪ ۾ ’رني ڪوٽ جوڙجڪ‘ جو مٿيون حصو، بدڪچو، رتڙو ۽ ٿر جوڙجڪ جا مٿانهان حصا ۽ جکير ميڙ (Group) جو هيٺانهون حصو پڻ اچي وڃن ٿا. لڪي جابلو سلسلي جي لاکڙا واري ’ابتي چاڙهي‘ (Anticline) واريءَ ڏاکڻي ٻانهن کي هن جوڙجڪ جي اصل جاءِ قرار ڏنو ويو آهي. هيءَ جوڙجڪ، کيرٿر واري علائقي ۽ وچيئن پٽي (Axial Belt) جي وسيع علائقي ۾ پکڙيل آهي.
هن جوڙجڪ جي ٿولھہ اُن جي اصل ماڳ وٽ 242 ميٽر آهي، لاکڙا واري اُبت- چاڙهيڪي (Anticline) جي اُترئين ٻانهن وٽ 135 ميٽر ۽ ٻاڙو نئن وٽ 50 ميٽر آهي. هن جوڙجڪ ۾ ڪارن ۽ ڀورن پٽن سان سوراخدار چُن جو پٿر ملي ٿو، جنهن ۾ سامونڊي جيوت وارا پنڊپهڻ موجود آهن. هن جوڙجڪ ۾ پيلاڻ مائل ڀورو چن وارو وارياسو پٿر، تھہ دار پٿر، نئن جي پيٽ وارو گول پٿر ۽ تھہ دار مٽي پڻ لڀندي آهي. هن جوڙجڪ ۾ ڪوئلي وارا مٿانهان هنڌ (Coal beds)، هيٺين رني ڪوٽ جوڙجڪ جي مٿئين حصي ۾ آهن، جيڪي ڇڪبا وڃي رني ڪوٽ قلعي جي اتر کان ڏکڻ ڏانهن ٺٽي تائين هليا وڃن ٿا، هتي جي مٽي لوهي زنگ واري (ferrugenous) آهي. هتي هر درجي جو چن جو پٿر ۽ چن دار وارياسو پٿر مليو آهي. هن جي ٿولھہ 500 کان 1000 فوٽ آهي. هن جو بھترين ڏيک ٻاڙي نئن، آمري، لاکڙا ۽ اتر اولھہ ڪوٽڙي وٽ آهي. سال 31-1926ع ۾ نوتال (Nutall) غير واضح نموني مٿين
رني ڪوٽ جو لڪي جوڙجڪ سان ڏکڻ سنڌ ۾ لاڳاپو ڄاڻايو آهي.
ان جوڙجڪ جو مٿيون اُڀي سنوت وارو حصو صفا پڌرو ۽ لڪيءَ
جي چُن واري پٿر مٿان تھہ جوڙي ٿو، پنھنجي وصفن ۾ ان جو رنگ
هلڪو آهي ۽ ان جو تھہ ٻوڏ جي لٽ وارو، ڪلئپٽرا فورس انڊيڪس (Clyptraphorous Indicus)، ريگي (Arenaceus) ۽ سوراخدار پهڻن (Forminifera) سان ڀريل آهي. ان جي مٿين حصي ۾ مختلف قسمن
جي پنڊپهڻ جيوت موجود آهي، جھڙوڪ: اسيلينا رنيڪوٽيا
(Assilina Ranikotensts) ۽ نوتالي نيميلسٽا (Nummilites Nuttali).
هن جوڙجڪ ۾ موجود حيواني پنڊپهڻن جي بنياد تي هن جوڙجڪ جي عمر ’ٿڻائتي جانورن وارو پويون دور‘ ٻڌائي وئي آهي. اقبال، سال 1972ع ۾ هن جوڙجڪ جي اها عمر هجڻ جي تصديق ڪئي، جيڪا 5 ڪروڙ 40 سال اڳ تائين جي آهي. هن بناوت جي پيدائش سامونڊي ماحول ۾ ٿي آهي.
لڪي بناوت/ جوڙجڪ (Laki Formation): هن جوڙجڪ لاءِ لڪي جوڙجڪ وارو اصطلاح 1960ع ۾ هٽنگ سروي وارن ڏنو. سال 1877ع ۾ بلئنفورڊ (Blanford) ان کي کيرٿر گروپ ۾ ڄاڻايو آهي ۽ 1905ع ۾ نئٽلنگ ان کي لڪي سلسلو ڪري بہ ڄاڻايو هو. نئلٽنگ ۽ بلئنفورڊ ان جي ڪنهن بہ نموني يا ڀاڱي کي رحمان ڍوري واري ايراضيءَ ۾ نروار نہ ڪيو هو. اها جوڙجڪ اتر ويڪرائي ڦاڪ وٽ، 26 ڊگري، 4 منٽ ۽ 3 سيڪنڊن ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ لڳ، 67 ڊگري، 35 منٽ ۽ 4 سيڪنڊ تي نروار آهي. سال 1903ع ۾ لڪي سلسلي جو نالو نئٽلنگ (Nettling) تجويز ڪيو. هيءُ نالو بلئنفورڊ سال 1876ع ۾ ’کيرٿر سلسلي‘ جي لاءِ استعمال ڪيو. هنٽنگ سروي ڪارپوريشن 1961ع ۾ هن سلسلي جو نالو ’لڪي گروپ‘ (Laki Group) تجويز ڪيو. موجودہ رپورٽ ۾ هن جوڙجڪ جو نالو ’لڪي جوڙجڪ‘ (Laki formation) رکيو ويو آهي. سال 1959ع ۾ هيءَ جوڙجڪ ٽينش (Tanish) نالي سان مکيہ سئيءَ واري چُن جي پٿر ۽ هنٽنگ سروي ڪارپوريشن جي ٽيان (Tiyan)/ ٽيون (Teyon) جوڙجڪ کي بہ ظاهر ڪري ٿي. اترئين لڪي جابلو سلسلي جي ’مري نئن‘ واري ماڳ کي هن جوڙجڪ جي اصلوڪي جاءِ قرار ڏنو ويو آهي.
هيءَ جوڙجڪ نرم چن، چن جي ڊگهي پٿر، چن دار پٿر، چن جي تھہ دار پٿر، وارياسي پٿر ۽ ڳاڙهيءَ مٽيءَ تي مشتمل آهي. جوڙجڪ جي مکيہ حصي ۾ تھہ دار پٿر عام نہ آهي ۽ اهو چُن سان گڏ تھہ دار ٿئي ٿو. تھہ دار پٿر خاڪي، ساواڻ مائل، پيلو، چيروليءَ وارو، چن بردار ۽ سنهڙن پٽن سان جڙيل ٿئي ٿو، جيڪي چنائين پٿر جي وچ ۾ ٿين ٿا. لڪي جوڙجڪ جي رُڪنن (members) ۾ لڪي چنائون پٿر 200 کان 300 فوٽ ٿولھہ وارو آهي، جڏهن تہ ميٽنگ تهدار پٿر 95 فوٽ، ميٽنگ چن وارو پٿر 140 فوٽ ۽ سونهري رڪن 25 فوٽ ٿولھہ رکندڙ آهن.
اِهو لڪي چُن جي پٿر وارو سلسلو لڪيءَ کان جهمپير تائين لاڳيتو هليو وڃي ٿو. اهو جابلو سلسلو چوٿين ساهواري جيوت جي زماني (Quaternary Era) جي ٻئي حصي، ’گهوڙن ۽ گڏهن جهڙن جانورن واري عھد‘ (Eocene) کان بہ اڳ جو آهي.
بدر ابڙي انهيءَ لڪي جابلو سلسلي ۾ ڊائنوٿيريم (Deinotheriam) جو مڪمل ڍانچو ڏٺو آهي، جيڪو قد ۾ 14 فوٽ اوچو آهي ۽ ان جا هيٺيان ڏند ڄاڙيءَ ڏانهن وريل آهن. هن اُن کي 2 ڪروڙ 50 لک سال اڳ واري ’وهيل مڇي ۽ بن مانس جهڙي جانور واري عھد‘ (Eocene Epoch) جو قرار ڏيندي انهيءَ ’سنڌ ڊائناٿيرم‘ کي اڄوڪي هاٿي ۽ برفاني دور جي ٿڻائتن جانورن (Mammals) جو پڙاڏو قرار ڏنو آهي.
هيءَ گهاڙ، چُن واري پٿر، تھہ دار پٿر ۽ ڪٿي ڪٿي چن بردار پٿر تي مشتمل آهي. چن جو پٿر سفيد کان هلڪي خاڪي رنگ جو،
پنڊ پھڻ وارو، وزني، سخت ۽ ڳنڍيدار ٿئي ٿو. تھہ دار پٿر، چن بردار ۽ ساواڻ مائل ڀوري کان پيلاڻ مائل خاڪي رنگ جو ٿيندو آهي.
چن بردار پٿر ڳنڍيدار وارياسي پٿر (Sand Stone)، بجري واري مٽي (Lateritic Clay)، چن بردار (Marl) ۽ گهڻوڪري ساواڻ مائل خاڪي رنگ جو ٿئي ٿو. هيءَ جوڙجڪ کيرٿر سلسلي، پٻ سلسلي، ڪراچي، ٿاڻي بولاخان، ڪوٽڏيجي ۽ روهڙيءَ جي علائقن تائين پکڙيل آهي. گاج نئن وٽ هن جوڙجڪ جي ٿولھہ 1200 فوٽ، ٿاڻي بولاخان لڳ 550 فوٽ، ڪنڌڪوٽ ۾ 860 فوٽ، ڪورنگيءَ ۾ 421 فوٽ ۽ ڦلجيءَ وٽ 800 فوٽ آهي. هن گهاڙ جي عمر ان ۾ موجود پنڊپهڻن (fossils) جي بنياد تي پوئين ۽ وچين ’گڏهن ۽ گهوڙن جهڙن جانورن واري عھد‘ واري مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا موجودہ وقت کان 5 ڪروڙ سال پراڻي آهي. هن جوڙجڪ جو جنم تانگهي سامونڊي پاڻيءَ واري ماحول ۾ ٿيو آهي.
هن جوڙجڪ کي چئن رڪنن (Members) ۾ ورهايو ويو: بنيادي رڪن جو نالو سونهري رڪن ۽ ٻين گروهن جا نالا ميٽنگ تھہ دار پٿر، ميٽنگ چن وارو پٿر ۽ لڪي چُن جو پٿر آهن.
سونهري رڪن (Sonhari Member): هيءُ رڪن جهمپير جي علائقي ۾ چٽيءَ طرح سان ظاهر آهي، جنهن ۾ لوھہ رنگ ۽ ڳاڙهي رنگ جي مٽي، ڀوري، نارنگي، ڳاڙهي، بادامي ۽ خاڪي رنگن وارا ۽ ڪٿي ڪٿي لوھہ رنگ وارياسو پٿر (Ferruginous Sandslone) ۽ بلوري معدنياتي تھہ (Lenticular beds) مختلف رنگن وارا تھہ، اهي تھہ کنڊ جھڙا ڀُرڻا ۽ ڪن ماڳن تي ڳنڍيدار وارياسي پيلي چن جي پٿر وارا سنهڙا تھہ بہ ملن ٿا. هن جي ٿولھہ مختلف جڳهن تي 10 کان 25 فوٽ آهي.
چُنائون ميٽنگ رڪن (Meting lime member): هن رڪن تي اهو نالو انهيءَ ڪري رکيو ويو، جو هيٺانهين سنڌ ۾ جهرڪ وٽ ظاهر آهي. هن رڪن ۾ وزندار، سخت، ڳنڍيدار، ميٽائون اڇو چن جو پٿر ملي ٿو. جهرڪن وٽ هن رڪن جي ٿولھہ 140 فوٽ آهي.
ڏکڻ تھہ دار رڪن (Meting shale member): هن رڪن ۾ ڳوڙهي ڳاڙهسري ڀوري رنگ جي مٽي، چيروليءَ واري تھہ دار پٿر ۽ سنهڙن پرتن وارين تھن ۾ ورهايل لوھہ رنگ چُن جو پٿر ملي ٿو. هي سڄي جو سڄو رڪن جهمپير وٽ ميٽنگ لڳ ظاهر آهي، جتي هن جي ٿولھہ 95 فوٽ آهي، جيڪا اتر طرف گهٽبي وڃي ٿي.

لڪي چُن وارو رڪن (Laki lime stone member): هيءُ رڪن لڪي جابلو سلسلي ۾ 120 ميلن/ 192 ڪلوميٽر فاصلي تي آهي ۽ هڪ نمايان جابلو لام ٺاهي ٿو. سفيد رنگ جي سخت ۽ وزندار چُن جي پٿرن تي مشتمل آهي، جيڪو پنڊپهڻن (fossils) سان ڀريل ۽ ڳنڍيدار ٿئي ٿو. هن رڪن جي ميٽنگ واري علائقي ۾ چُن جي پٿر (Dolomite) جا ڪجهہ تھہ بہ ملن ٿا. هيءُ رڪن ميٽنگ جي ويجهو 200 فوٽ ٿلهو آهي، جتي هن رڪن ۾ ميٽائين رنگ جو اڇو پٿر ملي ٿو. هن رڪن جي ٿولھہ اڳتي مسلسل وڌندي وڃي ٿي. کاڻوٺ وٽ هن رڪن جي ٿولھہ 400 فوٽ، ٻاڙي نئن وٽ 600 فوٽ ۽ ڪنڌڪوٽ وٽ 876 فوٽن تائين آهي، جڏهن تہ ماڙيءَ وٽ هن جي ٿولھہ 1100 فوٽن تائين وڃي پهچي ٿي. اها ٿولھہ اولھہ طرف اڃا وڌندي وڃي ٿي ۽ کاڻوٺ وٽ 600 فوٽ ۽ ٿاڻي بولا خان لڳ بنير وٽ 4250 فوٽ تائين وڃي رسي ٿي. لڪي چن وارن پٿرن جو مڪمل اظهار ابت چاڙهيڪن واري ڪڙين (Anticlinal Rigdes): سمبڪ (Sumbak)، سورجاڻو (Surjano) ۽ ڪاري جبلن (Kara Ranges) وٽ پڌرو آهي. اهو لڪي چن وارو پٿر، سھڻي نموني حيدرآباد کان ڏکڻ اولھہ ۾ سنوت وارين سڌين چوٽين وارين ٽڪرين ۾ پڌرو آهي. اها لاکڙا وٽ ابت چاڙهيڪن واري جابلو علائقي ۾ حيدرآباد کان 40 ميل اتر- اولھہ ۾ بہ ظاهر آهي. هن جوڙجڪ جي عمر شروعاتي يا هيٺئين ’گڏهن ۽ گهوڙن جهڙن جانورن واري عھد‘ (Eocene Epoch) جي مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا 6 ڪروڙ سال پُراڻي آهي. هن جوڙجڪ جي اوسر ۽ جنم تانگهي کاري پاڻيءَ واري سامونڊي ماحول ۽ آڪسجائيندڙ صورت (oxidizing condition) ۾ ٿيو آهي.
ٽيان بناوت/ جوڙجڪ (Tiyan Formation): هن جوڙجڪ تي ٽيان (Tiyan) نالو هنٽنگ سروي ڪارپوريشن سال 1959ع ۾ تجويز ڪيو. جيڪو سنڌ ۾ وچئين ’گڏهن ۽ گهوڙن جهڙن جانورن واري زماني‘ (Eocene Epoch) جي مٿئين تھہ لاءِ استعمال ڪيو ويو. هن جوڙجڪ کي ريڊنبرگ سال 1909ع ۾ کيرٿر سلسلي ۾ شامل ڪيو. هن جوڙجڪ جي اصليت واري جاءِ ’ٽيان نئن‘ سان گڏ اوڀر ۾ ڊگهائي ڦاڪ 26 ڊگري، 8 منٽ ۽ 30 سيڪنڊ ۽ ويڪرائي ڦاڪ 67 ڊگري 7 منٽ ۽ 15 سيڪنڊ تي منڇر ڍنڍ جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. هن جوڙجڪ ۾ تھہ دار پٿر، چن بردار پٿر ۽ چن جو پٿر ملي ٿو. تھہ دار پٿر گهڻو ڪري نيراڻ مائل سائو، ساواڻ مائل ڀورو، پيلاڻ مائل خاڪي رنگن وارو، چن ۽ چيروليءَ وارو ٿئي ٿو. اِهو چن بردار پٿر، ڳنڍيدار، پيلو، سرخ مائل ڀورو ٿيندو آهي. اِهو چن جو پٿر سنهڙن تھن ۾ ٿئي ٿو. چن جو پٿر جو رنگ ميٽائون ٿئي ٿو، جنهن ۾ رنگين ڳنڍيون پڻ ٿين ٿيون. هن جوڙجڪ وارو تھہ، پنڊ پھڻ وارو آهي. اِها ٽيان جوڙجڪ لڪي جابلو سلسلي جي اولهائين ٻانهينءَ (Western Flank) وٽ پوريءَ ريت پڌري آهي. هن جو پورو اڀياس ٿاڻي بولاخان، ڪلو ڪوهر ۽ اولھہ ٻاڙي نئن وٽ ڪري سگهجي ٿو. اِها جوڙجڪ ڪوٽڏجي ۽ روهڙيءَ وٽ پڻ ظاهر آهي، جتي اها ٽيان جوڙجڪ لڪي جوڙجڪ واري چُن جي پرت واري تھہ هيٺان ۽ کيرٿر جوڙجڪ واري چن جي پٿر واري تھہ مٿان پکڙيل/ پٿرايل آهي. هن جوڙجڪ جي ٿاڻي بولاخان وٽ ٿولھہ 350 فوٽ ۽ ٽيان نئن وٽ 650 فوٽ آهي، جيڪا لڪي جابلو سلسلي جي اُلهندي پاسي، ٿاڻي بولاخان ۽ ٻاڙي نئن جي اوڀر ۾ پڻ ظاهر آهي، جڏهن تہ اِها جوڙجڪ اوڀر لڪي سلسلي ۾ وجود نہ ٿي رکي. هن جوڙجڪ جي عمر وچين ’گڏهن ۽ گهوڙن جهڙن جانورن واري عھد‘ (Eocene Epoch) واري ۽ 5 ڪروڙ 20 لک سال پراڻي مقرر ڪئي وئي آهي. هن جوڙجڪ جي پيدائش تانگهي سامونڊي پاڻيءَ جي تاڪ (Shelf) واري ماحول ۾ ٿي آهي.
کيرٿر (Khirthar Formation): سنڌ جي الهندي سرحد وارن سمورن ننڍن وڏن جابلو سلسلن کي ٿلهي ليکي کيرٿر ۾ ليکجي ٿو، پر ڀونءِ وديا (Geology) جي وقت واري ماپن (Time scale) جي آڌار تي انهن جي ڄمار، جوڙجڪ ۽ بيهڪ مختلف آهي. اهي جبل ڌرتيءَ جڙڻ جي ٽئين زماني (Tertiary Era) ۾ ٺهيا، انهن ۾ رنيڪوٽ ۽ لڪي جابلو سلسلو شامل آهي. اهو جابلو سلسلو ’ڌرتيءَ جي چوٿين حياتياتي زماني‘ (Quaternary Era) جي ٿڻائتي جانورن واري دور (Paleocene) ۾ 6 ڪروڙ 50 لک ورهيہ اڳ ۾ وجود ۾ آيو هو.
1876ع ۾ ڊبليو. ٽي. بلينفورڊ (W.T.Blanford) ’اولھہ سنڌ جي ڀون وديا‘ (The Geology of Western Sindh) تي ڪم ڪيو ۽ کيرٿر نالو هن جابلو سلسلي لاءِ استعمال ڪيو. ان کان پوءِ سال 1959ع ۾ وليئمس (Williams) اهو نالو باقاعدي متعارف ڪرايو. اها جوڙجڪ اولھہ سنڌ ۾ نئن گاج وٽ اتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ 26 ڊگري، 56 منٽ ۽ 10 سيڪنڊ ۽ اوڀر ۾ ڊگهائي ڦاڪ، 67 ڊگري، 9 منٽ ۽ 6 سيڪنڊ وٽ پوريءَ ريت ظاهر آهي. اهو نالو اولھہ سنڌ ۾ ’رني ڪوٽ ميڙ‘ (Ranikot Group) ۽ ’ناڙي ميڙ‘ (Nari Group) جي وچ ۾ واقع پٿرن تي رکيو هو. نئٽلنگ (Natling) سال 1903ع ۾ کيرٿر جي هيٺاهين حصي کي ’لڪي جابلو سلسلي‘ جو نالو ڏنو ۽ مٿئين حصي لاءِ کيرٿر نالو برقرار رکيو، جنهن کي هاڻي ’کيرٿر بناوت/ جوڙجڪ‘ (Khirthar formation) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
کيرٿر جابلو سلسلي جي گاج نئن واري حصي کي هن جوڙجڪ جو اصل ماڳ قرار ڏنو ويو آهي. اهو سلسلو سَن، مانجهند ۽ ٻڍاپور کان اٽڪل 30 ڪلوميٽر اولھہ ۾ وڻن جي پنڊپهڻن (tree fossils) سان ڀريو پيو آهي.
اها جوڙجڪ جهجي انداز ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهي، کيرٿر سلسلو، پٻ سلسلو، ڪراچي، ٿاڻو بولاخان ۽ اولھہ وارو لڪي سلسلو، ڪوٽڏجي ۽ روهڙيءَ وارا ٽڪر ان ۾ اچي وڃن ٿا. نئن گاج وٽ هن جي ٿولھہ 1200 فوٽ آهي ۽ ٿاڻي بولاخان وٽ 550 فوٽ، ڪنڌڪوٽ لڳ 860 فوٽ ۽ ماڙي وٽ 1100 فوٽ ۽ ڪورنگي کاڙي (Korangi Creek) وٽ 4210 فوٽ ۽ ڦلجيءَ وٽ 500 فوٽ آهي. ان جا تھہ اوڀر ڏانهن سنها ٿيندا وڃن ٿا. بدين وٽ اهڙي کوٽائيءَ (Driling) سان ان جو تھہ 88 فوٽ وارو آهي، جڏهن تہ نبي سر ۽ ميرپوربٺوري واري کوهن جي کوٽائين ۾ اهو سلسلو ماڳهين موجود ئي ناهي. هن جوڙجڪ جو جنم تانگهي سامونڊي ماحول ۾ ٿيو آهي.
رني ڪوٽ/ بناوت جوڙجڪ (Ranikot Formation): رني ڪوٽ جوڙجڪ، سنڌ ۾ ساهواري چوٿين زماني جي ’ٿڻائتي جانورن واري عھد‘ (Paleocene) جي ماڳهين اوائلي عھد ۾ ٿي. ان ارضياتي جوڙجڪ جو سلسلو ’رني ڪوٽ‘ ۽ ان کان ڏکڻ ڏانهن پکڙيو پيو آهي. اهو تھہ 3000 فوٽ/ 914 ميٽر آهي. ان جو مٿئين تھہ جي ٿولھہ 1150 فوٽ/ 351 ميٽر ٿيندي. اها گهاڙ ۽ بناوت ناسي چن واري پٿر، وارياسي پٿر ۽ وچ وچ ۾ سپين ۽ ڪوڏين (Shells) سان جڙيل هوندي آهي. ڪن جڳهن تي هتي ڪئلشيم لوڻ‘ (Calcium Salt)، ڪچو پٿر (Shale)، ڪوڏ (Shell)، نرم چيرولي (Soft Calcium Sulphate) پڻ موجود آهي. اهو سلسلو جهرڪ کان لاکڙا ۽ لڪي وارين ٽڪرين جي اترين ڀاڱي تائين پکڙيو پيو آهي. اهو سڄو ماڳ انيڪ پاهڻي رنگن، جھڙوڪ: نارنگي ناسي، واڱڻائي، سائي، سُرمئي، ڳاڙهو، گلابي ۽ ڪاري ورن سان ڀريو پيو آهي. ان جوڙجڪ ۾ وڏي انگ ۾ ڪوئلو بہ موجود آهي. اهو بہ لاکڙا، جهرڪ ۽ لڪي جبلن جي اترين پاسي ڏانهن پکڙيو پيو آهي. ان جي جوڙجڪ جو هيٺيون مرحلو 2000 فوٽ آهي، جنهن ۾ گهڻ رنگو، زنگدار وارياسو پٿر ۽ ڪوڏ شامل آهي.
هيٺين رني ڪوٽ جوڙجڪ جو بھترين ۽ مثالي نمونو ڏاڦري جبل جي صورت ۾ پڌرو آهي. ڏاڦري جبل وٽ اهو تھہ 1430 فوٽ آهي. هن جا بہ ٻہ ٽي ٻيا ننڍا مرحلا بہ مڃيا ويا آهن.
انهن مان سڀ کان هيٺيون مرحلو ’ڏاڦرو‘ تھہ آهي. ان ۾ زيتوني سائي ورن تي سائو چن وارو پٿر ۽ ڪوڏ وارا تھہ شامل آهن. رنيڪوٽ جوڙجڪ جي سڀ کان هيٺين ۽ بلند ٽينءَ ننڍي ورڇ کي ’کڏڙو جوڙجڪ‘ (Khadro formation) چون ٿا، جنهن ۾ وارياسو پٿر (Sand Stone)، چيڪي مٽي (Clay) ۽ گهڻ رنگي وارياسي مٽي شامل آهي. ايڇ. ٽي. سورلي هن جوڙجڪ جي پنڊپهڻن (fossils) کي ڇھن گروهن ۾ ورهايو آهي.
 خوردبيني جِيوَ (Forminifera): اهي تمام ذرڙا جيو، جيڪو خوردبيني (Microscope) سان ڏسي سگهجن ٿا. انهن جا 24 کن قسم ڏنا آهن.
 مرجان (Corals): مرجان جا ٻہ کن قسم آهن.
 ڪنڊائين پٺيءَ وارا جيو (Echioids): ڄاهي جهڙي سامونڊي جيون جا يارهن قسم آهن.
 ڪوڏيون (Gastropods): سامونڊي ڪوڏن جا ارڙهن قسم آهن.
 سپون (Landlibranchs): سامونڊي سپين جا اٺ قسم آهن.
 مٿ پيرا (Cephalopods): مٿ- پيرن وارن جيوَن جا چار قسم آهن.
اها رني ڪوٽ جوڙجڪ، ڌرتيءَ جي ’وچئين ساهواري جيوت جي زماني‘ (Mesozoic Era) ۾ 22 ڪروڙ ورهيہ اڳ واري ’ٿڻائتن جانورن جو دور‘ (Triasiil Period) کان وٺي 13 ڪروڙ ورهيہ اڳ واري ’چاڪ واري دور‘ (Cretaccous Period) تائين ٿي آهي جڏهن ڊائناسور ختم ٿيو هو ۽ گل ٻوٽا ۽ ڦر وارا وڻ اُسريا هئا. انهيءَ دؤر جا قديم پنڊ پھڻ وارا اهڃاڻ هن جوڙجڪ ۾ موجود آهن.
رني ڪوٽ جوڙجڪ جهمپير لڳ ڪينجهر ڍنڍ کان ڏکڻ اولھہ ۾ 112 چورس ڪلوميٽر (8x14: 112 sq km) واري وڏي پٿري پوٺي جي شڪل ۾ سونڊا، آمري ۽ لڪي شاھہ صدر لڳ پڌري آهي. رني ڪوٽ وارين ٽڪرين مان وهندڙ انهيءَ جهرڻي جو پاڻي ٻاڙو آهي، جنهن ۾ لوڻياٺ 1800 ppm مقدار ۾ شامل آهي، پر ان تي ٿيندڙ پوکيءَ واري فصل ۾ لوڻياٺ نالي ماتر بہ نہ رهندي آهي. انڪري جو وارياسي پٽ مان لنگهڻ مھل اِهو پاڻي آٺرجي، صاف ٿي ٻاڙائپ وڃائي ويهي ٿو.
ناڙي بناوت/ جوڙجڪ (Nari Formation): ناڙي سلسلي جو نالو بلينفورڊ سال 1876ع ۾ روشناس ڪرايو. هن اهو نالو کيرٿر سلسلي جي ناڙي نئن تان ورتو. ولـيـئمـس (Williams) سال 1959ع ۾ ناڙي سلسلي کي ناڙي جوڙجڪ جو نالو ڏنو ۽ نئن گاج کي هن جوڙجڪ جي اصليت واري جاءِ (Original Location) قرار ڏنو. اها جوڙجڪ اتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ 28 ڊگري، 58 منٽ ۽ 10 سيڪنڊ ۽ اوڀر ۾ 67 ڊگري، 10 منٽ ۽ 5 سيڪنڊ تي کيرٿر سلسلي ۾ موجود آهي. اها ناڙي جوڙجڪ، وارياسي پٿر، تھہ دار پٿر ۽ چن واري پٿر تي ٻڌل آهي. هن جوڙجڪ جي مختلف حصن ۾ رڳو ناسي پيلو چُن جو پٿر ملي ٿو. هن جوڙجڪ کي موجود حيواناتي پنڊپهڻن ۽ پٿرن جي بنياد تي هيٺين ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
اهـا جـوڙجـڪ ڌرتـيءَ تـي سـاهـواري زمـانـي جـي ٽئيـن عـهـد (Quaternary Era) ۾ ’باندر جهڙي مخلوق واري عھد‘ (Oligocene)
۾ 4 ڪروڙ ورهيہ اڳ ۽ ان کانپوءِ وهيل مڇي کان بن مانس جهڙي جانورن واري عھد (Miocene) ۾ 2 ڪروڙ 56 لک ورهيہ اڳ ٿي هئي. انهيءَ دور ۾ سڄيءَ دنيا ۾ جنساري ننڍي اوڀڙ کان وٺي وڏا ٻيلا ڦٽي آيا هئا. اِها ناڙي جوڙجڪ انهن دورن سان تعلق رکي ٿي. انهيءَ جوڙجڪ جي ٿولھہ عام طرح سان 3000 فوٽ کان 7000 فوٽن تائين، لکڻ لڳ پٻ سلسلي ۾ 950 فوٽن تائين، نئن گاج وٽ 4600 فوٽن تائين، ۽ ڪراچيءَ ۾ 4000 ۽ ٿاڻي بولاخان وٽ 1500 فوٽن تائين آهي. اها اوڀر لڪي سلسلي ۾ نظر نہ ٿي اچي ۽ ٻاڙا قبي (Bara Dome) لڳ آمري ان جي ٿولھہ 700 فوٽ آهي. اها کيرٿر اوڀر ۾ گم آهي. اها جوڙجڪ 7000 فوٽ/ 2134 ميٽر تائين آهي. ان ۾ چن جو وارياسو پٿر، سپون ۽ ڪوڏ شامل آهن. اهو سلسو کيرٿر، ڀت جبل ۽ بڊي جبل وارن سمورن جابلو سلسلن سان اندروني سطح سان لاڳيتو آهي. ان ۾ کيرٿر جي اولھہ وارا اُبتا لاهيارا جابلو ڪڙيا (Anticlinal Ridges) بہ شامل آهن.
ناڙي جابلو جوڙجڪ ڪڇي ٽڪرين جي ناڙي نئن واري علائقي کان مولاندي تائين، اولھہ واري کيرٿر سلسلي جي پاڙ کان شروع ٿي ڪري ڏکڻ ڏانهن ڪراچيءَ جي اوڀر ۾ موجود گهاري شھر تائين پکڙيل آهي. اها جوڙجڪ ٿاڻي بولاخان ۽ اوڀر واري پٻ جابلو سلسلي تائين (اهي ٽڪريون) لاڳيتو نظر اينديون آهن، جن ۾ مختلف ڀاڱن ۾ آڳاٽي ۽ تازي بناوت جا تھہ هڪ ٻئي هٿان وريل نظر ايندا. اها گڏ ٿيل باقيات (deposits) پنھنجي بنياد ۾ ’نرم چن واري پٿر‘ ۽ ’وارياسي چن واري پٿر‘ تي ٻَڌل آهي. انهيءَ وارياسي پٿر جو رنگ سُرمئي سائو ۽ هلڪو ناسي ۽ اڇڙي رنگ وارو آهي. ڪن ڪن ماڳن تي ڪچو پٿر بہ موجود آهي. هن جوڙجڪ جي ٿولھہ 1000 کان 2500 ميٽر آهي. انهن ناڙي ٽڪرين جي اتاهين هئڻ سبب گاج نئن وارو نظام ۽ سلسلو اعليٰ نموني جڙي پيو آهي. هن علائقي ۾ آڳاٽي دور جا پنڊپهڻ ٿيل سپون، ڪوڏ ۽ سانڪوٽا پاڻي ڇُهڻ جي صلاحيت ۽ سگهہ نہ ٿا رکن. ان ڪري ان علائقي جو پاڻي جر نہ جوڙي سگهيو آهي.
(1) هيٺين ناڙي بناوت/ جوڙجڪ (Lower Nari Formation): هن جوڙجڪ واري حصي ۾ ساواڻ مائل خاڪي ۽ ڀوري رنگ جو وارياسو پٿر ملي ٿو. هيءُ پٿر وزندار، لارائيل (Cross Bedded) ۽ چن وارو ٿئي ٿو. هي پٿر ساواڻ مائل ڀوري، نرم، پنڊپهڻدار ۽ چن واري تھہ دار پٿر سان تھہ بردار ٿيندو آهي. هن حصي ۾ ملندڙ چُنائين پٿر جو رنگ هلڪو ڀورو، وزندار، پنڊپهڻدار ۽ وارياسو ٿئي ٿو. هن جوڙجڪ جي ٿولھہ 700 فوٽ کان 4500 فوٽ آهي.
(2) مٿين ناڙي بناوت/ جوڙجڪ (Upper Nari Formation): ناڙي جوڙجڪ جو هيءُ حصو هڏائين ۽ چنائين پٿر ۽ نرم تھہ دار پٿر تي ٻڌل آهي. هيءُ حصو کير ٿر سلسلي جي اوڀر واري لاهيءَ ۽ ٿاڻي بولاخان جي هيٺاهن ميدانن کان وٺي جنگشاهيءَ تائين ظاهر آهي. ٿاڻي بولاخان وٽ هن حصي جي مٿئين حصي ۾ چمڪندڙ نرم ۽ ڀورو وارياسو پٿر بہ ملي ٿو. سنڌ جي مٿانهن علائقن ۾ هيءُ حصو، ناسي خاڪي چن واري پٿر جي تھن سان ٺهيل آهي. مختلف جڳهين تي چنائين پٿر جي ٿولھہ
100 فوٽن تائين ٿئي ٿي ۽ جنهن منجهہ پنڊپهڻ بہ ٿين ٿا. سڀ کان مٿانهين ناڙي جوڙجڪ 1060 فوٽ، وچئين جوڙجڪ 1000 فوٽ ۽ بنياد واري جوڙجڪ 400 فوٽن تائين آهي، جڏهن تہ هن جي پٻ جابلو سلسلي جي لڳ ڀڳ 2460 فوٽ ٿولھہ ٿيندي. هنٽنگ سروي ڪارپوريشن 1961ع ۾ هن جوڙجڪ جي عمر ’باندر جهڙي مخلوق واري عھد‘ (Oligocene Epoch) تائين مقرر ڪئي، جيڪا 4 ڪروڙ سال اوائلي آهي. هن جوڙجڪ جي پيدائش سامونڊي ۽ درياهي ماحول ۾ ٿي آهي.
گاج بناوت/ جوڙجڪ (Gaj Formation): گاج جوڙجڪ جو اصطلاحي نالو 1959ع ۾ وليمس (Williams) استعمال ڪيو هو. بلينفورڊ سال 1876ع ۾ ان کي گاج سلسلو ڄاڻايو آهي. اها جوڙجڪ اتر ۾ 26 ڊگري، 56 منٽ ۽ 10 سيڪنڊ ۽ اوڀر ۾ ڊگهائي ڦاڪ 67 ڊگري، 9 منٽ ۽ 6 سيڪنڊ تي موجود آهي. هن جوڙجڪ کي تھہ دار پٿر ۽ وارياسي پٿر جي ترتيب ۽ چُنائين پٿر لاءِ استعمال ڪيو. وليئمس (Williams) سال 1959ع ۾ هن جوڙجڪ کي گاج جوڙجڪ جو نالو ڏنو. هن گهاڙ ۾ ’هيٺئين گاج‘ (Lower Gaj)، ’مٿئين گاج‘ (Upper Gaj)، ’سبي ميڙ‘ (Sibi Group) جو هيٺاهون حصو ۽ ’اڙڪ ميڙ‘ (Urak Grouh) پڻ اچي وڃن ٿا. هنن گاج نئن جي هيٺاهين حصي کي هن جوڙجڪ جي اصليت واري جاءِ قرار ڏنو ويو. گاج جوڙجڪ ’بن مانس جهڙي جانور واري عھد‘ (Miocene Epoch) ۾ 2 ڪروڙ 50 لک ورهيہ کان 7 ڪروڙ ورهيہ اڳ ۾ ٿي. هن دور ۾ آتشفشاني، جُوالائي ۽ ٻرندڙ لقاءَ عام هئا. هن جوڙجڪ وارو سلسلو گاج نئن وٽان 2012 ٿولھہ کان ٿيندو ڏاکڻي علائقي، اتر- ڪراچيءَ ۾ 3900 فوٽ تائين آهي. اِها جوڙجڪ مولانديءَ کان ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري تائين هلي وڃي ٿي. اِها جوڙجڪ سامونڊي ڪناري کان اوڀر ڪراچيءَ کان ٿيندي جنگشاهي تائين هلي وڃي ٿي. جڏهن اِها جوڙجڪ اوڀر ۾ لڪي جابلو سلسلي ۾ وجود نہ ٿي رکي. هن جوڙجڪ جو هيٺيون گاج مرحلو 2400 فوٽن واري ٿولھہ سان جڙيل آهي، جڏهن تہ هيٺيون گاج مرحلو، چنائين پٿر، سانڪوٽن ۽ ڪوڏن سان گڏ وارياسن پهڻن سان جڙيل آهي. اهو سلسلو اولھہ سنڌ ۽ حب ماٿريءَ تائين پکڙيل آهي. هن جوڙجڪ ۾ سامونڊي جانورن جا پٺا ۽ ڪرنگها شامل آهن. اهي ڀاڱا چن، ريتيءَ ۽ وارياسي پهڻن تي ٻَڌل آهي، اهو چنائون پهڻ، کهرو، داڻ داڻ ۽ لسو ٻنهي نمونن جو آهي. ان جا انيڪ رنگ آهن، جن ۾ اڇو، پيلو، سرمئي، ناسي، ڳاڙهو ۽ سرمئي گلابي اچي وڃن ٿا. هتي 1.5 ٿولھہ وارا ت‍ؤنڪ (Slabs) وارو ماربل پھڻ ۽ ٻيو ڪوڏين ۽ سانڪوٽن جو ڪجهہ مقدار ملي ٿو. انهن تھن جي ويڪرائي 600 ميٽر آهي.
سنڌ جي اها گاج جوڙجڪ ڪوهستاني ماڳ جو وڏو حصو والاري ويٺي آهي، جنهن ۾ ڪراچيءَ وارو سڄو شهر، ٿاڻو شاھہ بيگ ميڙ، سري وارا علائقا ۽ داٻيجي ۽ گهارو شامل آهي. هن ۾ ڀورو وارياسو پھڻ گهڻو آهي، جنهن ۾ پاڻي ڇُهڻ جي صلاحيت اتم درجي جي آهي. ان ڪري اهو وارياسو پھڻ پاڻ ۾ پاڻيءَ جو چڱو مقدار رکي ٿو ۽ زمين هيٺ جر کي جوڙي ٿو.
هن جوڙجڪ ۾ چنائون پٿر، تھہ دار پٿر ۽ مختلف ماپ جي ٽڪرن جا ڍير ملن ٿا. گاج نئن واري جوڙجڪ ساواڻ مائل خاڪي ۽ چيروليدار تھہ دار پٿر سان ٺهيل آهي، جنهن سان وارياسو چنائون پٿر ۽ چنائون وارياسو پٿر تھہ بردار شامل آهي. انهيءَ جوڙ جڪ وارو چنائون پٿر ناسي ڀوري رنگ کان ڪاري رنگ جو، پنڊ پهڻدار، سخت ۽ وارياسو ٿئي ٿو. ناسي رنگ جي وارياسي پٿر جا تھہ چوني وارا، وزني، سخت، ڀورو ۽ بيڪائيان (Cross Bedded) ٿين ٿا.
ڪراچيءَ ويجهو هيءُ جوڙجڪ چن جي وارياسي پٿر ۽ چن جي پٿر تي ٻڌل آهي، جيڪي تھہ دار پٿر ۽ چن بردار پٿر سان تھہ بردار آهن. وارياسو پٿر، نرم، ننڍڙن داڻن جو ٺهيل ۽ ناسي ڀوري کان خاڪي رنگ جو ٿئي ٿو. تازو چُنائون پٿر ميٽائون ۽ ڀورو ٿئي ٿو، جڏهن تہ ساواڻ مائل تھہ دار پٿر ۽ چن جي پٿر چيروليدار ٿين ٿا، پر اهي ٻئي پٿر جي نسبت ۾ تمام گهٽ آهن. هن جوڙجڪ جو عھد ٽن مانس جانور جي اوسر (Miocence Epoch) وارو آهي، جيڪو 2 ڪروڙ 50 لک ورهيہ آڳاٽو آهي. هن جوڙ جڪ جي پيدائش سامونڊي ماحول ۾ ٿي آهي.
منڇر بناوت/ جوڙجڪ (Manchher Formation): منڇر سلسلي جو نالو بلينفورڊ سال 1876ع ۾ متعارف ڪرايو. هن اهو نالو منڇر ڍنڍ تان ورتو. ’منڇر جوڙجڪ‘ جو نالو سال 1959ع ۾ وليئمس (Williams) باقاعدي رکيو. هن جوڙجڪ جي اصليت واري جاءِ منڇر ڍنڍ جي اولھہ ۾ سيوهڻ ويجهو واقع آهي.
ســنـڌ ۾ اها ’منڇـر جـوڙجـڪ‘، ’ٿـڻائـتـن جـانورن واري عـهـد‘ (Pliocene Epoch) ۽ ’نئين پاهڻي عھد‘ (Pelistocene Epoch) ۾ 6 ڪروڙ 50 لک ورهين کان 18 لک ورهيہ اڳ تائين ٿي آهي. هن ئي دور ۾ 4 ڪروڙ 50 لک ورهيہ اڳ اُپکنڊ جي يوروشين سان ٽڪراءَ سبب هماليائي سلسلي کان قراقرم وارا جابلو سلسلا جڙيا هئا. سنڌ ۾ ان عھد جي جوڙجڪ 1000 کان 9000 فوٽن وارين تھن تي ٻَڌل آهي. مٿئين تھہ وارو مرحلو 500 فوٽ، وچيون مرحلو 500 کان 4600 فوٽ ۽ هيٺيون مرحلو 500 کان 4000 فوٽ آهي. پهرئين مرحلي واري جوڙجڪ ’گولاون پٿرن‘ (Conglomerates) جي نموني واري آهي. اها کيرٿر جي اڀرندين لاهين سان ’نئن نري‘ جي اتر ۾ آهي. ٻئي مرحلي واري جوڙجڪ ۾ نارنگي مٽي ۽ ناسي وارياسي پاهڻي ۽ ’نام نهاد گولائن پٿرن‘ (Pseudo-conglomerates) جي تھن سان جڙيل آهي ۽ اها جوڙجڪ کيرٿر سلسلي جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ پکڙيل آهي. ٽيون جوڙجڪ وارو مرحلو اڇي سرمئي ۽ ناسي وارياسي پهڻن ۽ نارنگي ڳاڙهي مٽيءَ تي ٻڌل آهي. اُلهندي سنڌ ۾ انهيءَ جوڙجڪ وارو سلسلو هڪ ٿُلهو، وڏو تهدار، سرمئي وارياسي ۽ گولاون پهڻن سان جڙيل آهي، جنهن جي گول پهڻن ۽ گول ڀترن (Pebbles and boulders) طور درجه بندي ٿي سگهي ٿي. ان ۾ پنڊپهڻ ٿيل ٻيلن جي انيڪ پٿرايل ٿڙن جا ٽڪرا ڏسي سگهجن ٿا. ان ۾ مٽيءَ جو بہ وڏو مقدار شامل آهي. ان جوڙجڪ واري تھہ جي ٿولھہ 3000 فوٽن تائين آهي. سيوهڻ کان اتر ۾ اهو حصو گاج نئن وٽان ٿيندو، اُتان کان وري ڏکڻ ۾ لڪي شاھہ صدر کان ٿيندو رني ڪوٽ سلسلي ۽ پوٺن جي وچان هلي ٿو.
هيءَ منڇر جوڙجڪ وارياسي پٿر، تھہ دار پٿر، مٽي ۽ مختلف ماپ جي پٿرن تي ٻڌل آهي. جنهن جي مٿانهين حصي ۾ وارياسو پٿر گهڻو ملي ٿو. انهيءَ جوڙ جڪ ۾ تھہ دار پٿر ۽ مٽيءَ جو مقدار ڪراچيءَ ڏانهن مسلسل وڌندو وڃي ٿو. هن جوڙجڪ کي هيٺين ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.
(1) هيٺين منڇر بناوت/ جوڙجڪ (Lower Mancher Formation): منڇر جوڙجڪ جي هيٺاهينءَ واري حصي ۾ وارياسو پٿر، بي ترتيب مٽي، تھہ دار پٿر ۽ گولاوان پھڻ (Conglomerate) ملن ٿا. وارياسو پٿر ساواڻ رنگ تي، خاڪي ڀوري رنگ جو، نرم ۽ سنهڙن داڻن سان جڙيل ٿئي ٿو. وارياسو پٿر، ٻوريءَ وارو هوندو آهي. تھہ دار پٿر ۽ مٽيءَ جو رنگ ناسي سائي کان وٺي چمڪندڙ ڳاڙهو ٿئي ٿو، جنهن ۾ مٽيءَ ۽ واريءَ جا داڻا ملن ٿا. ٿڻائتن جانورن جا پنڊپهڻ بہ هن حصي جي مختلف تھن ۾ ملن ٿا، هن جوڙجڪ جي ٿولھہ 500 کان 300 فوٽ آهي، جيڪا گاج نئن وٽ 500 فوٽ ۽ ٻاڙي نئن وٽ 2500 فوٽ آهي. هن جوڙجڪ واري اصليت واري ماڳ وٽ ٿولھہ 3000 فوٽ آهي.
(2) مٿين منڇر بناوت/ جوڙجڪ (Upper Mancher Formation): هن حصي ۾ نارنگي، گلابي ۽ ڀوري رنگ جي مٽي، بي ترتيب گولاون پٿرن جا ڍير (Conglomerate) ۽ وارياسو پٿر ملن ٿا. اهو وارياسو پٿر هلڪي ڀوري رنگ جو ٿئي ٿو. پٿرن جي ڍڳن جو مقدار هن حصي ۾ مٿئين طرف وڌندو ويندو آهي. هن حصي ۾ پڻ کير ڏيندڙ ٿڻائتن جانورن جا پنڊپهڻ ملن ٿا. هن جوڙجڪ جي ٿولھہ 1500 کان 7000 فوٽ آهي. هن جوڙجڪ جي عمر وچئين ’بن مانس جهڙي مخلوق جي اوسر واري عھد‘ (Oligocene) ۾ 2 ڪروڙ 50 لک ورهيہ اڳ کان وٺي ’گوشت خور جانورن‘ (Pliocene) جي عھد تائين آهي، جيڪا 60 لک ورهيہ اڳ تائين ڄاڻائي وئي آهي. هن جوڙجڪ جي اُسرڻ جو عھد 4 ڪروڙ ورهيہ پراڻو آهي. هن جوڙجڪ جي پيدائش خشڪيءَ واري ماحول (Continental) ۾ ٿي آهي.
دادا گولاوان پاهڻي ميڙ (Dada Canglomerate): گولاون پهڻن جي ڍير کي ’ڪانگلو مريٽ‘ (Conglomerate) چئبو آهي. هن جوڙجڪ تي اهو نالو دادا نديءَ جي ڪري پيو، جيڪا هن جابلو سلسلي مان اسپنئنگي ريلوي اسٽيشن جي ڏکڻ کان گذري ٿي. هن جوڙجڪ کي ’بلينفورڊ‘ سال 1879ع ۾ شِوالڪا جابلو سلسلي ۽ منڇر جوڙجڪ جو مٿيون ڀاڱو قرار ڏنو.
هن جوڙجڪ ۾ وڏا گول پٿر (Boulder) ۽ بجريءَ Pebble)) جا ڍير ملن ٿا. هن بناوت ۾ بي ترتيب، وڏن داڻن وارو وارياسو پٿر پڻ ملي ٿو. اِهو ٿُلهن تھن ۾ ورهايل ٿئي ٿو، جيڪو صاف پھڻ/ پن پٿر Cobble))، گول پٿر ۽ بجريءَ تي ٻڌل آهي. صاف پهڻ، گول پٿر ۽ بجري چوني دار ۽ وارياسي قالب ۾ پاڻ ۾ مليل هوندا آهن.
گول پٿرن جي جهجهائي، چنائين پٿر ۽ چن دار پٿر جي ٺهيل آهي، جيڪو چوگرد موجود جبلن مان نڪتل آهي. ڪجهہ وارياسا پٿرسبي ميڙ‘ (Sibi Group) ۽ غازيو جوڙجڪ‘ (Gazio Formation) جا آهن. صاف پٿر ۽ گول پٿر قطر ۾ 2 فوٽن تائين ٿُلها ڪُنڊاوان ۽ ڪي گول ٿين ٿا. پٿرن جو ڍير چٽڪمرو، گيڙو، ڳاڙهي ۽ پيلي رنگ جو ٿئي ٿو. هيءَ جوڙجڪ گاج نئن واري علائقي ۾ 1000 فوٽن تائين ٿلهي آهي. هن جوڙجڪ جي عمر نئين پٿر جي دور (Pleistocene) واري مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪو موجودہ وقت کان 18 لک (1.8 million) سال پراڻي آهي. هن جوڙجڪ جي پيدائش خشڪيءَ واري ماحول (Continental) ۾ ٿي آهي. انهن پٿرن جي ذرن کي قطر جي ماپ مطابق هيٺين جدول ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي.
تازي بناوت/ جوڙجڪ (New Formation): هيءَ جوڙجڪ ارڙهن لک سال اڳ کان ڏھہ هزار سال اڳ تائين جي آهي. انهيءَ زماني ۾ گرم آبهوا وارو مانڊاڻ جڙيو، 18 لک ورهين تائين هلندڙ گرمين جي وڇوٽين سان هلندڙ برفاڻو دور پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ انساني تهذيبن جي واڌويجهہ ٿي. انهيءَ تازي جوڙجڪ جا ٻہ مرحلا آهن.
هڪ ٿوري آڳاٽي جوڙجڪ (Sub Recent Formation) ۽ ٻي تازي جوڙجڪ (New Formation) آهي. هن جوڙجڪ جو سلسلو بہ اتر کان ڏکڻ ڏانهن منڇر تائين آهي. اها جوڙجڪ ڊٺل ڇپن واري مواد مان جڙيل آهي. انهيءَ نئين جوڙجڪ جي ڪري ٽڪرين جي اوچائي گهٽجي ٿي ۽ ٿاڻي بولاخان کان اهي سڌن ميدانن جهڙي صورت وٺن ٿيون. اهي ننڍا ننڍا ميدان مڪاني ماڻهن لاءِ پوکي راهيءَ لاءِ ڪتب اچن ٿا. اهي سڌا سنوت وارا ميدان اصل ۾ ننڍيون ننڍيون جابلو ماٿريون آهن، جيڪي واءَ ۾ آيل لٽ ۽ جابلو ڀور سان ڀرپور آهن ۽ جبلن ۾ ٿيندڙ وَسُ جي ڪري اُتي ڪيترائي پاڻيءَ جا وهڪرا وهي نڪرن ٿا ۽ انهيءَ ساڻ ڪيترائي ڍورا ٺھي پون ٿا.
اقتصادي ارضيات (Economic Geology): سنڌ جي گهڻي تڻي ارضياتي جوڙجڪ تهدار جبلن (Sedimentary Rocks) واري آهي. هن ۾ ڪجهہ اهم معدنيات (Mineral) بہ موجود آهي، انهن ۾ سون، ٽامو ۽ پلاٽينيم ميڙ وارا ڌاتو، جيڪي سنڌونديءَ جي اترين ماٿرين ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ نئين ۽ ندين ۾ موجود آهن ۽ سنڌ جي موجود حدن ۾ لڀندڙ ڌاتن، جھڙوڪ: ميگنيز، ڪرومائيٽ، لوھہ، جست، شيهو وغيرہ ڌات واري (Metalic Mineratls) معدنيات ۾ شامل آهي. چنائون پٿر، چيرولي، شيشي واري ريت، مٽيءَ، آسماني پهڻ، اڻ ڌاتوئي معدنيات
(Non-Metalic Minerals) ۾ اچي وڃن ٿا، جنهن ۾ عمارتي اڏاوت وارو سخت پهڻ، چن جو پٿر (Lime stone)، وارياسو پھڻ (Sand Stone)، چيرولي پھڻ (Gypsum)، آسماني پٿر (Celestine)، ميٽ (Fullers Earth) ۽ ٻي انيڪ معدنيات شامل آهي.
سنڌ ٽيٿائي نظام ۽ ان سان لاڳاپيل معدنيات (Indus- Tethyan Domain and Associated Minerals): اهو علائقو سنڌوءَ جي جوڙ/ ڳنڍ (Indus Suture Zone) جي حدبندي، گونڊوائي نظام (Gondwanian Domain) ۽ ٽيٿائي نظام (Tethyan Domain) جي وچ واري ڪوهستاني چقمقي ونگ وسيلي ڪري ٿو. اهو سڄو علائقو ’جڙيل تاسرائي لاوائي چؤڪن‘ (Tectonic Block of Ophiolites)، ان جي نيرن تھن (blueschists)، ساون تھن (green schists) ۽ ٻين انيڪ نانگ وڪڙ تھن جي قالب (matrix) وارن ڇانگن (sheared) سان جڙيل آهي. سنڌوءَ وارو اهو سارو علائقو تاندورائي ۽ پشمائي ڌاتن (asbestos)، ڪرومائيٽ (chromite)، گهري زيتوني (deridot)، زمردي (emerald)، ميگنيسائيٽ (magnesite)، صابڻي پھڻ (soapstone)، ابرقي پھڻ (talc)، ٻرندڙ معدنيات (Pyroxene) ۽ پلاٽينيم ميڙ (platinum group) وارن ڌاتن ۽ سون (Gold) جهڙي املھہ ۽ قيمتي ڌاتوئي وٿن سان ڀريو پيو آهي.
سنڌو سطح ۽ گهري اڳياڙي (Indus Platform and Foredeep): اهو علائقو کيرٿر جابلو سلسلي جي پاڙ کان سليماني جابلو سلسلي تائين، سنڌو ميداني علائقي، چولستان ۽ ٿر تائين هليو وڃي ٿو. ان علائقي ۾ تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻيا انيڪ معدنيات، ميٽ (Fullers Earth)، چن بردار پھڻ (Idolomite)، چن جو پٿر (Limestone) ۽ ٻيو اڏاوتي پٿر عام جام ملي ٿو.

سنڌو تر/ ترائي (Indus Basin): سنڌو ترائيءَ وارو علائقو اٽڪل روءِ 533500 چورس ڪلوميٽر علائقو والاري ٿو ۽ حياتيءَ واري زماني (Pre Cambrine Era) کان اڄوڪي تازي دور (Recent Period) عمر تائين 15000 ميٽر ٿلهو تهدار تھہ رکي ٿو. هتان جي اندرين ويڙهيل جابلو علائقي (folded zones) واري سليماني سلسلي، کيرٿر سلسلي، ڪوهاٽ ۽ پوٺوهار ۽ کيرٿر جي اونهي سر بحر/ سر- اڳياڙيءَ (foredeep) واري جهرڪ، ڪراچي هيٺاهين ۽ سنڌو سطح (Indus Platfarm) وارا پٽ، جيڪب آباد، خيرپور، مري- ڪنڌڪوٽ وارا مٿاهان پٽ، جيڪي سکر ڇيڄ واري علائقي (Sukkur Rift Zone) ۾ اچن ٿا. سنڌو ترائيءَ (Indus Basin) کي ٽن جڙيل تاسرائي تھہ دار علائقن (Tectoninostrati graphic zones) ۾ ورهائين ٿا.
اترين سنڌو ترائي (Northern Indus Basin): اترين سنڌو ترائيءَ ۾ ’اڳ حياتيءَ واري زماني‘ (Precambrine) کان وٺي ويجهڙ واري دور تائين جا 52 ملين بيرل ۽ 0.3 TCP گئس جا ذخيرا مليا آهن.
وچين سنڌو ترائي (Central Indus Basin): انهيءَ وچين سنڌو ترائيءَ ۾ 15 گيس فيلڊون آهن، جن ۾ رڳو هڪ وڏي فيلڊ سوئيءَ ۾ 8.6 ٽرلين ڪيوبڪ فوٽ گيس موجود آهي، انهيءَ ترائيءَ ۾ موجودہ سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ ماڙي، ڪنڌڪوٽ ۽ ٻيون گيس فيلڊون اچي وڃن ٿيون، جن ۾ 6.3 ٽرلين ڪيوبڪ فوٽ گيس موجود آهي.
سنڌو ڏاکڻي ترائي (Southern Indus Basin): سنڌو ڏاکڻي ترائيءَ ۾ کيرٿر- ڪراچي ڍورو هيٺانهون پٽ (Khirthar-Karachi Depression)
ابت ڪُٻ واريون لاهيون (Anticlines) ۽ قُبيون (Domes) آهن، جن مان ڪجهہ ننڍا گيس جا گُنداڙا آهن. اهي ’سنڌ- يڪ پاسا‘ (Sindh monocline) وچئين دور واري زماني ۾ پيدا ٿيل ڏارن (faults) سان ڀريا پيا آهن. اهي ڏار وارا ٽاڪرو چوڪ ڏاکڻي ڪوڙڪي واري ڪاري پٿر (Decan Trap Basalt) ۽ ٽئين زماني جي تهدار ٽڪرن سان جڙيل آهي. هتي مزاري، سري، هندي ۽ ڪوٽار فيلڊون آهن. سنڌ ڏاکڻي ترائي سکر ڇيڄ (Sukkur Rift) واري علائقي جي ابت- ڪٻ وارين لاهين واري آهي، جيڪا ڪنڌڪوٽ ۽ ماڙي گيس فيلڊون رکي ٿي، جتي 6.3 ٽرلين ڪيوبڪ فوٽ سان هڪ وڏي گيس فيلڊ آهي.
سنڌوءَ ۾ تابڪار ڌات (Radio- active Mineral in Indus):
سنڌونديءَ جي اسڪردوءَ واري ماڳ وٽ، ان جي وهڪري واري باقيات (deposits) ۾ يورينيم (U3O8) جو 0.045 سيڪڙو معدني مادو موجود آهي. ان ريت سنڌوءَ جون ڀرتي ڪندڙ ندين ۽ ماٿرين: شگار، استور، هنزا واري ڀاڱي، ڪنهار ۽ چترال وادين ۽ ان جي ندين ۾ گڏيل نموني 0.2 سيڪڙو يورينيم (O3O8) لڀي ٿو.
ٽنگسٽن (Tangustan): سنڌونديءَ جي تهدار تھن وارن اترين علائقن ۾ 1976ع ڌاري هڪ آسٽرو ڌاتوئي (Austro minerals) ڪٿ/ جاچ موجب 40 ملين ٽن ٽنگسٽن (Tungsten) ڌاتو موجود آهن.
سنڌو لٽ (Indus Alluvium): سنڌونديءَ ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ ندين، گلگت، نگر ۽ هنزا جي لٽ ۾ ڳرا ڌاتو (Heavy Minerals) موجود آهن، جن ۾ ’ڪچو ٽامو‘ (Chalcopyrite) موجود آهي، جن کي جديد ٽيڪنالاجيءَ ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن تہ سنڌونديءَ ۽ ڪابل نديءَ جي ميلاپ واري ماڳ کان وٺي سون جا ذرڙا عام جام لڀن ٿا.
سنڌونديءَ جي اترين وهڪري وارن ماڳن ۾ ويجهڙائيءَ ۾ ڪيل کوجنا موجب سئندڪ رنگاني پٿرن (Saindak Porphyry) واري ماڳ کان سون جي پيداوار سالياني 1.47 ٽن في سال سان گڏ ٽامي ۽ چانديءَ جي جهجهي پيداوار جي بہ اميد آهي.
سنڌ جي معدني پيداوار (Minerals of Sindh): سنڌ جتي ٻين اڪيچار نعمتن سان ڀرپور آهي، اتي معدني وسيلن ۾ بہ پاڻڀري آهي. سنڌونديءَ جي انيڪ ماڳن ۽ موجودہ سنڌ ۾ هيٺين ٻارڻ واري ڌات ۽ غير ڌات معدنيات ملي ٿي.
معدنياتي ٻارڻ (Mineral Fuels): سنڌ ڌرتي ’معدنياتي ٻارڻ‘ واري دولت سان مالامال آهي، جنهن ۾ ڪوئلو، تيل ۽ گئس شامل آهن. ان مان توانائي خاص طرح سان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ’ڪوئلي ۽ توانائيءَ وارو ترقياتي ادارو‘ (Coal and Energy Development Department) ڪم ڪري رهيو آهي. ان ملڪي اداري تيل ۽ توانائيءَ جي ڳولا جي ڏس ۾ مکيہ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ انيڪ ڪوئلي ۽ توانائي حاصل ڪرڻ وارا ماڳ ڳولڻ (Exploration) ۾ حصو ورتو آهي. سنڌ ۾ رڳو ڪوئلي جا 186 بلين ٽن ذخيرا موجود آهن، جيڪي مختلف جڳهن تي موجود آهن.
ڪوئلو (Coal): دادوءَ ضلعي ۾ لاکڙا وٽ ۽ ٺٽي ضلعي ۾ ميٽنگ وٽ ڪوئلو ملي ٿو. هي ڪوئلو اعليٰ قسم جو نہ آهي، تنهنڪري رڳو ٻارڻ جي ڪم ايندو آهي. هينئر سنڌ جي ٿر واري ڀاڱي ۾ ڪوئلي جا تمام وڏا ذخيرا مليا آهن، جيڪي زمين اندر تمام گهڻو هيٺ هئڻ جي ڪري ان مان گئس ٺاهي سستي بجلي تيار ڪري سگهجي ٿي.
لاکڙا ڪوئلو فيلڊ (Lakhra Coal field): لاکڙا ڪوئلي واري سيم/ فيلڊ 30 ميل اتر ڏانهن ميٽنگ لڳ 25 ڊگريون 67 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68 ڊگريون 08 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 10 ميل اولھہ ڏانهن کاڻوٽ ريلوي اسٽيشن لڳ آهي. اها ڪوئلي واري فيلڊ ’ٿڻائتن جانورن جي عھد‘ جي آهي، سنڌ ۾ سموريون ڪوئلي جون سيمون قديم نباتات، وڻن ٽڻن ۽ ڪک ڪهڄر جي پنڊپهڻن مان جڙيون آهن. لاکڙا سيم جي ڊيگهہ 40 ميل اتر کان ڏکڻ ڏانهن آهي ۽ 10 ميل ويڪر اوڀر کان اولھہ ڏانهن آهي. ان ڪوئلي جي کاڻ جي گهرائي 500 فوٽ آهي ۽ هڪ ڪٿ موجب هن فيلڊ ۾ 2540 ملين ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن. لاکڙا ڪوئلي جي پيداوار سال 94-1993ع ۾ 1258347 ٽن کان وڌي ڪري هاڻ ٻيڻ تي ٿي چڪي آهي.
ميٽنگ جهمپير ڪوئلو فيلڊ (Meting Jhimpir Coalfield): هي ڪوئلي واري فيلڊ ڪراچيءَ کان اتر ڏانهن 80 ميلن جي فاصلي تي، 24 ڊگريون 50 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 67 ڊگري اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي موجود آهي ۽ جهمپير کان 25 ڊگري 03 منٽن اتر ۽ 68 ڊگري 02 منٽن اوڀر ڊگهائي ڦاڪن لڳ ۽ 25 ڊگري 67 منٽ 30 سيڪنڊ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 68 ڊگري 08 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪن ڏانهن موجود آهي. اها 350 چورس ميلن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. اونگر ڪوئلي واري فيلڊ چُن وارن ٽڪرن ۾ موجود آهي ۽ هن جي ٿولھہ 50 کان 90 فوٽ آهي. هن فيلڊ مان ڪوئلي جي پيداوار سال 94-1993ع ۾ 25812 ٽن مان گهٽجي ڪري 10408 ٽن ساليانا ٿي وئي آهي.
بدين ڪوئلي واري فيلڊ (Badin Coal Field): کورواھہ جي ڪوئلي جي واڌ (extention) واري رٿا هيٺ هي ڪوئلي وارو هنڌ پڌرو ٿيو، جيڪو ’يونين آف ٽيڪساس‘ جي گئس واري کُوھہ نمبر 1 جي ويجهو آهي. سال 1992ع ۾ هن کوھہ جي کوٽائيءَ دوران 78.18 کان 80.42 کان 80.42 ميٽر هيٺ ڪوئلي جا ٻہ تھہ ظاهر ٿيا، جن جي ٿولھہ 0.2 ميٽر ۽ 0.35 ميٽر آهي. ان کانپوءِ پاڪستان ۽ متحدہ رياستن واري سروي ٽيم گڏيل طور 200 ميٽر اتر اوڀر ڏانهن هڪ بور سل نمبر KWH.2 نالي سان ڪيو تہ اتي 120.90 ۽ 124.26 ميٽر گهرائيءَ ۾ ڪوئلي وارا ٻہ هنڌ هڪ 0.95 ميٽر ۽ ٻيو 0.30 ميٽر ٿولھہ وارا لڀي پيا. ان ريت ’جاهن سن فليپو‘ (John san Fillipo) جي منظوريءَ سان ڳوٺ ڀانو ۽ سونڊا جي اولھہ واري سيم ڪوئلي جا هنڌ 101 کان 137 ميٽرن جي گهرائيءَ ۾ ڳوليا ويا، جن جي ٿولھہ 0.17 کان 0.46 ميٽر کان آهي.
تازو، مئي 2014ع ۾ جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان جي ٽيم بدين ضلعي جي شھر پنگرئي ويجهو ڳوٺ احمد جوڻيجي وٽ 1132 فوٽن جي اونهائيءَ تي 18 فوٽ ٿلهي تھہ وارا اعليٰ معيار جا ڪوئلي جا ذخيرا دريافت ڪيا آهن. (روزاني ڪاوش، 8 مئي 2014ع)
ٿر وارو ٻرندڙ ڪوئلو (Ignite Thar Coal): سال 1992ع ۾ GSP ٿر جي 9100 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ 175 ڪروڙ ٽن ٻرندڙ ڪوئلو ڳوليو ويو. هي ڪوئلو پنھنجي ساخت ۾ نرم ڀورو (Ligmitic coal) آهي، جيڪو 1.5 سيڪڙو سلفر، 15 سيڪڙو ڦلهيار ۽ 45 سيڪڙو پاڻيٺ رکي ٿو. هي ٿر ڪوئلي وارو ماڳ، سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچيءَ کان 360 ڪلوميٽر پري آهي. هن ٿر ڪوئلي مان لاڀ پرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت 22 جولاءِ 2008ع تي هڪ پڌرائيءَ ذريعي ’ٿر ڪوئلي ۽ توانائي بورڊ‘ (Thar Coal and Energy Board) جوڙيو، جيڪو تڪڙي لاڀ لاءِ ڏيهي ۽ پرڏيهي ادارن جو سهڪار حاصل ڪندو ۽ سال 2020ع تائين ڪوئلي مان 6000 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي. هي ڪوئلو تمام گهرائيءَ ۾ هئڻ جي ڪري رڳو ’ڪوئلو گئس‘ (Coal Gasification) جوڙڻ واري گئس جي سائنسي نموني ۽ صاف ڪرڻ واري طريقي هيٺ ڌرتيءَ اندر ئي نج ۽ نبار گئس تيار ڪري بجلي تيار ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ٿو.
هن ٿر واري ٻرندڙ ڪوئلي مان لاڀ پرائڻ لاءِ ٿر جي
20 فيلڊن ۾ سلياري کوٽائي (Pipe drilling) ڪئي وئي آهي. هن ٿر ڪوئلي مٿان ٽن قسمن جا تھہ آهن، هڪ واريءَ وارو تھہ، ٻيو چيڪي مٽيءَ جو تھہ ۽ ٽيون تهدار ٽاڪرو تھہ جڙيل آهن ۽ انهن جي ٿولھہ 114 کان 203 ميٽر آهي، جڏهن تہ انهيءَ ۾ جر جي کاري پاڻيءَ وارو تھہ بہ 30 فوٽ ٿولھہ وارو آهي.
تيل ۽ قدرتي گئس (Petroleum and Natural Gas): سال 26-1925ع ۾ ’برما آئل ڪمپنيءَ‘ خيرپور ۾ کوھہ نمبر 1 کوٽيو. هي کوھہ ترت پوءِ سُڪي ويو. ان کانپوءِ اٽڪ آئل ڪمپنيءَ ’جو پامير‘، بلڪاسر ۽ پوٺوهار ۾ تيل ڳوليو. سال 1961ع ۾ حڪومت پاڪستان ’آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪارپوريشن‘ (OGDC) ادارو جوڙيو، جنهن 30 ملين ڊالرن جي قرض سان ملڪ جي ’ڀون وگياني‘ (Geological) ۽ طبعي جاگرافيائي (Geographical) جانچ پڙتال ڪري هڪ جامع سروي مڪمل ڪئي.
سنڌ ۾ قدرتي گئس خيرپور، ڪنڌڪوٽ، ماڙيءَ کانپوءِ خيرپور ۾ گهڻي ملندي آهي. ماڙيءَ واري گئس ’يوريا‘ (Urea) ٺاهڻ جي ڪم ايندي آهي. ڏهرڪيءَ ۾ ڀاڻ وارو ڪارخانو هن گئس تي هلندو آهي. سنڌ ۾ گهوٽڪي، قادرپور ۽ ڄامشوري ۾ ’ڀت جبل گئس فيلڊ‘ سميت ٻيون بہ ڪيتريون ئي گئس فيلڊون آهن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ رڳو سنڌ مان سڀ کان وڌيڪ 70 سيڪڙو گئس نڪري ٿي، جيڪا سنڌ کي رائلٽي ملڻ کانسواءِ ٻين صوبن ڏانهن گهرو توڙي صنعتي کاپي لاءِ اماڻي وڃي ٿي.
سنڌ ۾ خام تيل جي اُپت (Crude oil production in Sindh): سنڌ ۾ خام تيل جي ڪل پيداوار 2000-1999ع تائين OGDC ۽ پاڪستان آئل لميٽڊ موجب، الهڏني ۽ گهوٽاڻي، ٻوٻي، اتر- بُزدار، ڪنار، لاشاري مرڪز، مزاري، پاساکي، اتر پاساکي، قادرپور، سونو، ٽنڊو عالم، ٽنڊو الهيار، ٺوڙها، ڪنڌڪوٽ، سوئي، اتر- اڪري، بچل، ٻاڙي، پٽي، بخاري، بوزدار ڏکڻ، دٻي- اتر ۽ ڏکڻ، گهانگهرو، گولاڙچي، هاليپوٽا، جبو، جاگر، جلال، ڪلو، ڪيهول (G)، خاصخيلي، کورواھہ، ڪي ڊيپ، ڪولي، لغاري، لياري، ماهي، مخدوم پور، ماتلي، مزاري، مزاري ڏکڻ، مزاري ڏکڻ ڊيپ، ميون اسماعيل، مبان، ناڙي، پنيرو، پير، رند، سخي، تجدي، ٽنگڙي، ترڪ، ترڪ ڊيپ، زوئر وارن سمورن کوهن مان ساليانو پيداوار 19885677 ملين ڪيوبڪ فوٽ آهي ۽ روزاني پيداوار 54755 بيرل آهي.
سنڌ ۾ قدرتي گئس جي اپت (Natural Gas production): سنڌ ۾ گئس جي پيداوار 1999ع کان 2000ع تائين ڪڍڻ واري فيلڊ ۾ 25429 ملين ڪيوبڪ فوٽ کان 577238 ڪيوبڪ فوٽ رهي آهي. ماڙي گئس فيلڊ ۾ 139908 ڪيوبڪ فوٽ کان 2476372 ڪيوبڪ فوٽ تائين رهي آهي. قادرپور ۾ 75690 کان 11612197 ڪيوبڪ فوٽ، ڪنڌڪوٽ 3238 کان 642631 ڪيوبڪ فوٽ ڀٽي 3157 کان 76084 ڪيوبڪ فوٽ، گولاڙچي 1079 کان 26543 ڪيوبڪ فوٽ، جبو 1280 کان 27776 ڪيوبڪ فوٽ، جلا 278 کان 6978 ڪيوبڪ فوٽ، ڪلو 1198 کان 35221 ڪيوبڪ فوٽ، کورواھہ 13749 کان 253347 ڪيوبڪ فوٽ، کورواھہ ڊيپ 958 کان 23758 ڪيوبڪ فوٽ، ڪولي 3.21 کان 78052 ڪيوبڪ فوٽ، مک پوره کان 3209 ڪيوبڪ فوٽ، ماتلي 130 کان 3133 ڪيوبڪ فوٽ، پير 1635 کان 41693 ڪيوبڪ فوٽ، رند 172 کان 4008 ڪيوبڪ فوٽ، ترڪ 9891 کان 269035 ڪيوبڪ فوٽ، ترڪ ڊيپ 4609 کان 103242 ڪيوبڪ فوٽ. ان کانسواءِ پنٿري والي، دٻي، ڊٻي اتر، هاليپوٽه، خاصخيلي، لغاري، لياري، مزاري، مزاري-S ۽ مزاري ڊيپ، ناڙي، سخي، ٽنگڙيءَ مان لکين ڪيوبڪ فوٽ قدرتي گئس سالياني طور نڪري ٿي، جيڪا سڄيءَ سنڌ جي گئس جي کاپي کان گهڻو وڌيڪ آهي.
خيرپور آئل فيلڊ: خيرپور آئل فيلڊ مان سال 1956ع ۾ سڀ کان اڳ پاڪستان پيٽروليم لميٽڊ ڌرتيءَ جي مختلف حياتياتي دورن واري جوڙجڪ مان گيس جا ذخيرا لڌا هئا.
جيڪب آباد آئل فيلڊ: 1958ع ۾ جيڪب آباد ۾ تيل جا ذخيرا لڀي چڪا هئا.
ڪنڌڪوٽ آئل فيلڊ: ڪنڌڪوٽ ۾ 1959ع ۾ ’پاڪستان پيٽروليم لميٽڊ‘ جي کوجنا سان ڌرتيءَ جي مختلف حياتياتي دورن وارا تيل ۽ گئس جا ذخيرا لڀي چڪا هئا.

مزاري آئل فيلڊ: سال 1958ع ۾ هتان پڻ مختلف ڌرتيءَ جي حياتياتي دورن وارين تھن مان تيل ۽ گيس جا ذخيرا لڀي چڪا هئا. هتي تيل جي 2000-1999ع واري ڪٿ موجب پيداوار 10.949 ملين ڪيوبڪ فوٽ کان 1.438 ڪيوبڪ فوٽ رهي آهي. مزاري فيلڊ مان 0.933 کان 1.906 ملين بيرل تيل نڪري ٿو.
سرسنگ آئل فيلڊ: ڪراچيءَ کان اتر ڏانهن 50 ميلن جي فاصلي تي سال 1965ع ۾ آئل اينڊ گيس ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن (OGDCL) تيل جا ذخيرا لڌا.
ماڙي فيلڊ (Marri Field): هي گيس فيلڊ خيرپور کان 60 ميل پري سکر ضلعي ۾ آهي. هي گيس فيلڊ 1958ع ۾ گڏيل نموني پاڪستان پيٽروليم لميٽڊ ۽ اسٽنڊرڊ ويڪم آئل ڪمپنيءَ دريافت ڪئي. هيءَ فيلڊ ساڳي سوئيءَ واري گيس فيلڊ جهڙي آهي. هي گيس فيلڊ 500 چورس ميلن ۾ آهي. هن جو گئس ڊوم (Gas dome) 1 کان 2 ڊگرين وچ ۾ آهي. هن ۾ 66.2 سيڪڙو ميٿين آهي. هتي ڪُل لڌل گيس جا ذخيرا 6.3 ٽرلين ڪيوبڪ فوٽ آهن. گيس واري پٽيءَ جي ٿولھہ 250 فوٽ آهي ۽ ان جي رياءَ 1154 پي. ايس. آءِ آهي.
ٿانوَن ٺاهڻ واري معدنيات (Ceramic Minerals): ٿانون ٺاهڻ واري صنعت ۾ معدنيات جو وڏو واهپو آهي. ان ڪم ۾ اڇي مٽي (China Clay)، آسماني پٿر (Celestite)، ميٽ (Fuller’s Earth)، ٻرندڙ مٽي (Fire clay)، چن جو پٿر (Limestone) ۽ سليڪا وارياسو پٿر (Silica Sand) شامل آهن.
سفيد مٽي/ چائنا ڪِلي (Kaolin/ China Clay): هي چيني مٽي ننگرپارڪر واري اپٻيٽ ويجهو گهرنٽياري ڳوٺ لڳ ٻن ڍورن سان لڳ موجود آهي. اهي ذخيرا پورڻ واءِ، ڊڊوا، پاڙوڌرو ۽ ڍيڍ ويرو ڳوٺن لڳ 120 ميلن تائين واري برپٽ ۾ موجود آهن. ڪاظمي ۽ صفدر جي چوڻ موجب هن مٽيءَ جو تھہ ڪجهہ انچن کان وٺي 10 فوٽن تائين ٿولھہ رکندڙ آهي. هن چيني مٽيءَ جي ذخيرن ۾ هر قسم جي درجي (Category) جي ڦڪي پيلي ۽ سائي رنگ واري 175 ملين ٽن چيني مٽي موجود آهن. اهڙي چيني مٽيءَ جا ٻيا ذخيرا اسلام ڪوٽ ويجهو (مکيءَ جي تڙ/ ڏيپيار ۽ ٻين هنڌن تي) 133 کان 201 ميٽر گهرائيءَ ۾ لڌا ويا آهن. ان ماڳ تي 200 ملين ٽن اڇي چيني مٽي موجود آهي.
آسماني پٿر (Celestine stone): هي آسماني پٿر ٿاڻي بولاخان وٽ 25 ڊگري ۽ 22 منٽ ۽ 67 ڊگري 55 منٽ (25° 22´: 67° 55´) اتر، اولھہ ۽ ڏکڻ ۾ موجود آهي. هن پٿر واري ايراضي ٿاڻي بولاخان کان 6 ميل اوڀر ۾ 3 چورس ميلن ۾ آهي. هن پٿر جو ٻيو ۽ ٽيون ماڳ ٿاڻي بولاخان کان 9 ميل اتر ۽ 8 ميل ڏکڻ ڏانهن ترتيبوار 5 ۽ 4 چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي. هيءَ پٿر اسٽرانشم (Strontium) ڌاتو ٺاهڻ ۽ عمارتي اڏاوتي پٿر طور ڪم ايندو آهي. هن جي ڪَچُ (Ore) ۾ 98.75 سيڪڙو SrSO4 آهي، جڏهن تہ موسويءَ جي سال 1973ع جي جاچ پڙتال موجب هتي 320000 ٽن آسماني پٿر موجود آهي ۽ ان جي سالياني پيداوار 1000 کان 3000 ٽن آهي.
ميٽ (Fuller’s Earth): هيءَ پٿر جهڙي مٽي ٿاڻي بولاخان لڳ ڳوٺ رمضان وٽ، روهڙيءَ ۽ ڪوٽ ڏيجي وارن ٽڪرين وٽ لڀي ٿي. مٽيءَ جو هي قسم ’ميٽ‘ حيدرآباد کان 55 ميل اولھہ ڏانهن ۽ ڪراچيءَ کان 65 ميل اتر اوڀر ڏانهن 25 ڊگري 22 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 67 ڊگري ۽ 52 منٽن تي اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي ٿاڻي بولاخان وٽ لڀي ٿو. ميٽ جو هي قسم ڪوٽڏيجيءَ کان اوڀر ڏانهن شادي شھيد وارين ٽڪرين ۾ بہ موجود آهي. هن مٽيءَ جي خوبين کي ’انگريزي گچ‘ (English monti-morllonite) سان ڀيٽي سگهجي ٿو. هي ميٽ، ٽيون جوڙجڪ (Tiyon formation) ۾ گڏهن ۽ گهوڙن واري جيوت جي عھد (Eocene Epoch) جو جڙيل آهي. هتي ميٽ جي پيداوار 100 کان 110 ٽن ماهوار جي حساب سان ٿيندي آهي. هتي جو هڪ نمبر بھترين ميٽ تيل صاف ڪرڻ وارن ڪارخانن (Oil Refinery) ۾ ڪتب ايندو آهي ۽ ٻيو نمبر ميٽ ٺڪر جي ٿانون جوڙڻ جي ڪم ايندو آهي.
ٻرندڙ مٽي (Fire Clay): سنڌ ۾ هي مٽي مشھور ’سونهري ڍنڍ ٻرندڙ مٽي‘ (Sonhari Dhand fire clay) جي نالي سان آهي، هيءَ مٽي ڪوئلي واري ماڳ لڳ سونهري هنڌ (Sonhari Beds) تي بلوري مٽيءَ جي صورت ۾ موجود آهي. هن مٽيءَ ۾ 58 کان 59 سيڪڙو سليڪا ۽ 22 سيڪڙو المونيا، لوھہ ۽ ٽيٽينئم (Titanum) ڌاتو شامل آهن. هي مٽي 1650 کان 1670 ڊگري سينٽي گريڊ تي وگهرجي وڃي ٿي. سنڌ ۾ ٻرندڙ مٽيءَ جا ذخيرا دادو ضلعي ۾ پڻ موجود آهن.
چيڪي مٽي (Clay): هيءَ مٽي نفيس ذرڙن واري پاڻياري المونيائي ۽ سليڪائي معدنيات سان جڙيل آهي. هيءَ مٽي هالا ۽ سيوهڻ وٽ جام ملي ٿي، جيڪا ٺڪر جا ٿانو ٺاهڻ جي ڪم ايندي آهي. سيوهڻ واري مٽي اڇي رنگ جي هئڻ جي ڪري، ان جا ٿانو ميٽائين اڇي رنگ تي هوندا آهن. ان کان سواءِ بہ سنڌ جي مڙني هنڌن جي چيڪي مٽي قدرتي ۽ خاص نموني وارن عنصرن جي موجودگيءَ سبب نهايت ڪارائتي آهي.
سليڪا وارياسو پٿر (Silica Sand Stone): سليڪا وارياسي پٿر جا ذخيرا دادو ضلعي ۾ ٿاڻي بولاخان لڳ 25 ڊگري 09 منٽ ۽ 30 سيڪنڊ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 80 ڊگري 07 منٽ ۽ 30 سيڪنڊ اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي موجود آهن. هي ذخيرا ’گڏهن ۽ گهوڙن واري جيوت واري عھد‘ (Eocenc Epoch) جا آهن. اهي ذخيرا، ميٽنگ جهمپير ريلوي اسٽيشن لڳ آهن. هنن ذخيرن واري هنڌن جي ٿولھہ اڌ فوٽ کان وٺي 20 فوٽن تائين آهي.

جنگشاهي سليڪا پٿر وارا ذخيرا اوڀر ۽ اتر ڏانهن جنگشاهي ريلوي اسٽيشن لڳ آهن. اهي ذخيرا ريتڙي (Lenticulere) نموني تي آهن. هن ۾ سٺي معيار واري سليڪا واري (Silica Sand) ۽ خراب معيار واري سليڪا واري، ٻئي موجود آهن.
ٿاڻي شاھہ بيگ جو ’سليڪا واريءَ‘ وارو ذخيرو ٿاڻي بولاخان کان 30 ميل اتر اولھہ ۾ آهي، اتي 3 لک ٽن سليڪا وارياسي پٿر جا ذخيرا آهن. هن سليڪا واريءَ جي سڄي پاڪستان ۾ سالياني پيدوار 106000 کان 222000 ٽن آهي. رڳو پاڪستان اسٽيل مل ۾ هن معدني دولت جو کاپو 80000 ٽن ساليانو آهي.
زرد مٽي (Ochre): هيءَ مٽي وري لوھہ جو هڪ نرم ۽ ڀُرڀرو قسم آهي، جيڪو ٺٽي وٽ گهڻو لڀي ٿو. هن مٽيءَ مان مختلف قسمن جا رنگ ٺهندا آهن. هيءَ مٽي چمڙي جي رڱاوت واري ڪم ۾ ڪتب ايندي آهي.
لوھہ واري ۽ المونيائي مٽي (Laterite and Baurite): هي لوھہ رنگ ۽ المونيائي مٽي ’مڪاني نقشي‘ (Topographic sheet) موجب لاکڙا لڳ 20 ڊگري 40 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 68 ڊگري 14 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪن ڏانهن موجود آهي. هن ڳاڙهسري لوھہ رنگ مٽيءَ (Ferruginous Laterite) ۾ آئرن آڪسائيڊ (FeO) وارياسن پٿرن جي تھن سان موجود آهن. هن لوھہ رنگ مٽيءَ (Lateritic) ۽ بلوري مٽيءَ (Lenticular) جي ٿولھہ ڪن ماڳن وٽ 25 فوٽ تائين آهي.
لٽائين يا ڪچي جي مٽي (Deltaic Alluvium): هيءَ مٽي سيوهڻ لڳ ملي ٿي، اها 1300 ڊگري سينٽي گريڊ تي وگهرجي ٿي. اها مٽي ٺڪر جي ٿانون جوڙڻ جي ڪم اچي ٿي. هن مٽيءَ جا ذخيرا ’ڀنگي ڪنڊ مٽيءَ‘ جي نالي سان 15 ميل اتر اولھہ ۾ جنگشاهيءَ ۾ موجود آهن. هيءَ مٽي ڀوري ۽ نيري رنگ تي ٿوري ريتيلي ۽ نرم هوندي آهي. هن ۾ ڪجهہ لوھہ جو مادو بہ موجود هوندو آهي. اهڙي چوني واري مٽي ٿرپارڪر ۾ مٺيءَ لڳ، چيلهار ۽ ويڙهيجهپ ۾ بہ موجود آهي.
ڪچ واري (Glass Sand): هيءَ ڪچ واري جنگشاهيءَ جي ڀر ۾ لڀي ٿي ۽ چينيءَ ۽ شيشي جا ٿانوَ ٺاهڻ جي ڪم ايندي آهي. حيدرآباد جي چوڙين ٺاهڻ واري صنعت ۾ هن مٽيءَ جو سٺو واهپو آهي. هن ڪچ واريءَ مان شيشو ۽ چوڙيون ٺاهڻ وارو ڪم ٿري ماڻهو حيدرآباد جي بٺين تي ڪندا آهن.
چن جو پٿر (Lime Stone): سنڌ ۾ چن جو پٿر عام طرح سان اهڙن پاهڻي ٽڪر کي چيو ويندو آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو کان مٿي (CaCO3) Calcite سان جڙيل آهي. اهو چن جو پٿر سنڌ ۾ تمام گهڻي انداز ۾ ۽ اعليٰ قسم جو ملي ٿو. حيدرآباد ڊويزن ۾ هي پٿر وڏي ايراضيءَ ۾ جنگشاهي، ڪوٽڙي، ٻولهاڙي، گنجو ٽڪر، سيوهڻ، آمري، لڪي شاھہ صدر، ٿاڻي بولاخان ۽ حيدرآباد جي اتر اولھہ ۾ موجود آهي. سنڌ جو هي چن وارو پٿر 96 سيڪڙو چن (ڪئلشيم ڪاربونيٽ: (Calcium Carbonate رکي ٿو، جيڪو ٻولھاڙي ريلوي اسٽيشن، جنگشاهي ۽ ڪوٽڙي اسٽيشن جي وچ ۾ لڪي جوڙجڪ ۾ ’گڏهن ۽ گهوڙن واري عھد‘ جو آهي. حيدرآباد وارو گنجو ٽڪر بہ ان ۾ شامل آهي.
ڪراچي ڊويزن ۾ اهو چنائون پٿر، ڪراچيءَ کان 10 ميل اتر اوڀر ڏانهن مُرلي جبلن ۾ موجود آهي، ان ريت ڪراچيءَ کان اتر اولھہ ڏانهن ’منگهو پير چنائون پٿر‘ ناڙي ۽ گاج جوڙجڪ ۾ ’بن مانس جهڙي جانور واري عھد‘ (Miocene Epoch) جو آهي.

سنڌ ۾ راس مونز (Cape Monze) واري چن جي پٿر وارو ماڳ 30 ميل اولھہ ۾ ڪراچيءَ سان هڪ پڪي رستي وسيلي مليل آهي. اهو پٿر هڪ سطحي ڪاٿي ذريعي 290 ملين ٽن ٿيندو.
خيرپور ڊويزن ۾ هي چن جو پٿر روهڙي، سکر، ڪوٽڏيجي ۽ راڻيپور واري ماڳ وٽ موجود آهي، جيڪو گڏهن ۽ گهوڙن جي اوسر واري عھد جو آهي ۽ ان جي ٿولھہ ڪٿي 60 فوٽ 7 ڪٿي 140 فوٽ تائين آهي.
مختلف چن جي پٿر وارن ماڳن تي هن پٿر اندر مختلف ڌاتو موجود آهن:
هيءُ پٿر کنڊ ۽ سيمينٽ جي صنعت ۾ استعمال ٿئي ٿو. انهيءَ کان سواءِ عمارتن ۽ روڊ رستن ٺاهڻ جي بہ ڪم اچي ٿو.
زرعي ڀاڻ ۽ صنعتي معدنيات (Fertilizer and Industrial Mineral): سنڌ ۾ انيڪ قسم جي معدنيات جيڪا زرعي ڀاڻ ۽ صنعتي ڪارخانن ۾ ڪتب ايندي آهي. ان ۾ بئرائيٽ، سلفر ۽ ٻي انيڪ معدنيات شامل آهي.
ڦٽڪي (Alum): ڦٽڪي سنڌ جي الهندي جابلو سلسلي جي
چقمقي ڪچي پٿر (Pyrites Shale) مان حاصل ڪئي ويندي آهي، جيڪا پرڏيهي درآمدي واپار وسيلي تمام سستي اگهہ ۾ ملڻ ڪري اسان وٽ حاصل نہ ٿي ڪئي وڃي.
لـوڻ (Salt): ٿرپارڪر ۽ لاڙ لوڻ جي پيداوار جا مکيہ هنڌ آهن. ڏيپلي ۽ کپري تعلقن جي ڍليار ڍنڍ ۽ سارڻ ڍنڍ مان وڏي انداز ۾ لوڻ نڪري ٿو.
ان کان سواءِ گگن ۽ درواري ڍنڍن مان فبروري ۽ مارچ جي مهينن ۾ لوڻ نڪري ٿو. اهو لوڻ لکين مڻ جي حساب سان نڪري ٿو.
گندرفي لوڻ (Phosphate): هي گندرفي لوڻ پٻڻي چوڪي ۽ پٻڻي ناڪي وٽ هيٺين چيڪي مٽيءَ واري تھہ جي پٻ وارياسن پٿرن وٽ موجود آهي. هي چيڪي مٽيءَ وارو پاهڻي تھہ ٿڻائتي جانورن واري عھد جو آهي. هي گندرفي لوڻ ڳنڍ وارو آهي. هن سان گڏ چن جي پٿرن جو بہ وڏو ڳنڍ وارو حصو ملي ٿو، ان ڪري اتي ان جي سڃاڻپ ڪرڻ ڪجهہ ڏکي آهي.
هي گندرفي لوڻ شيون محفوظ رکندڙ (Baking Powder)، پاڻيءَ کي نرم ڪندڙ عامل (Water softing agent)، صفائي ڪندڙ (Detergent)، جيت مار (Insecticides)، زرعي دوائن (Pesticides)، فوٽوگرافيءَ جي ڪيميڪل (Photographic Chemical)، تيل صاف ڪندڙ عامل (Oil Refing Agent)، زرعي ڀاڻ (fertilizer)، ڏندن جي ڀرائي ڪندڙ سيمينٽ (dental and silicate cement) ۽ جنگي ڌماڪيدار هٿيارن ۾ ڪتب آندو ويندو آهي، پر هن جو گهڻو استعمال زرعي ڀاڻ ۾ ڪيو وڃي ٿو.
گندرف (Sulphur): گندرف هڪ غير ڌاتو عنصر (Non metallic element) آهي. ڪراچي ڊويزن ۾ ملڪ جو 30 سيڪڙو گندرف گِزري بندر وٽان ملندو آهي. هي گندرفي ذخيرا ڪراچيءَ لڳ 24 ڊگري 48 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 67 ڊگريون 08 سيڪنڊ اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي موجود آهن. خيرپور ڊويزن ۾ گندرفي ذخيرا 28 ڊگري 18 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 68 ڊگري 26 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي موجود آهن. هي سلفيورڪ تيزاب (Sulphuric Acid) ٺاهڻ ۾ ڪتب ايندو آهي. گندرف کي سلفيٽ، چيرولي ۽ ٻيو اهڙو مواد سگهہ ڏئي ٿو.
هن جو تيزاب زرعي ڀاڻ ٺاهڻ، امونيم سلفيٽ ٺاهڻ ۽ رُڪ جي صنعت (Steel Industry) ۾ ڪم آندو ويندو آهي. هن کي پيٽرول جي صفائيءَ ۾ بہ ڪتب آڻبو آهي. ان کان سواءِ ڌماڪيدار هٿيارن ٺاهڻ ۾ پڻ ان جو واهپو ٿيندو آهي. ڪپڙي جي صنعت ۾ ريان ڌاڳو ٺاهڻ ۽ ڪول تار (Coal-tar) وارين شين جوڙڻ ۾ ڪتب ايندو آهي.

گرم پاڻيءَ جا چشما/ جهرڻا (Geyser): سنڌ جي جابلو علائقي ۾ گرم پاڻيءَ جا چشما، لڪي شاھہ صدر، ضلعي ڄام شوري ۽ منگهي پير، ڪراچيءَ ۾ موجود آهن. گرم پاڻيءَ جي هنن چشمن ۾ گندرف (Sulphur) شامل هجي ٿو، جنهنڪري انهن جهرڻن جي پاڻيءَ سان هٿ منهن ڌوئڻ ۽ وهنجڻ سان چمڙيءَ جون بيماريون ختم ٿي وينديون آهن. حڪومت جيڪر گهُري تہ انهن چشمن مان گندرف جو سٺو مقدار پڻ حاصل ڪري سگهجي ٿو.
وارياسو پٿر (Sand Stone): هي وارياسو پٿر جنگشاهيءَ وٽ اعليٰ قسم جو ملي ٿو. هي پٿر ڀوري رنگ جو، وچٿرو ماڻيدار، چن ۽ لوھہ جون خاصيتون رکندڙ آهي. هن پٿر سان ڪوٽڙي بئراج جي اڏاوت ٿي آهي. هي پٿر اٽي جي چڪين ۽ جنڊ جي پُڙن ٺاهڻ جي بہ ڪتب ايندو آهي. ان کان سواءِ هي پٿر عمارتن ۽ رستن ٺاهڻ ۾ بہ ڪم ايندو آهي.
چيرولي (Gypsym): چيروليءَ واري معدنيات دادو ضلعي جي ٿاڻي بولاخان، جوهي، خيرپور ناٿن شاھہ تعلقن ۽ ضلعي ڄامشوري ۾ جام ملندي آهي. هتي هن معدني دولت جو اٽڪل روءِ ڪاٿو 10.4 ملين ٽن ڪيو ويو آهي، چيرولي پٿر سيمينٽ ۽ ڀاڻ ٺاهڻ جي ڪم ايندو آهي. اُن مان ٻارن جا رانديڪا بہ ٺهندا آهن.
مئنگنيز (Manganese): هن ڌاتوءَ جي موجودگي 1909ع ۾ ريڊينبرگ (Redenburg) ۽ تپر (Tipper) ظاهر ڪئي. هن پاڻ ان ڌاتوءَ جي موجودگيءَ واري جڳھہ کي تہ ظاهر نہ ڪيو هو، جيڪو ڪراچيءَ کان 70 ميلن جي فاصلي تي پٻ جبل (Pub hills) ۾ موجود هو، پر سال 1949ع ۾ خان ديري واري ماڳ تي مينگنيز جي ذخيرن جي نشاندهي ڪئي هئي.
مينگنيز آڳاٽي زماني کان انساني ڪرت جي واهپي ۾ رهي آهي. قديم زماني ۾ هن ڌات جي ڪچ ڌات جو واهپو ڪيو ويندو هو. مينگنيز آڪسائيڊ (Dyrolusite) جي صورت ۾ شيشي کي اڻ رنگو بڻائڻ ۽ شيشي جي ٿانون واري رڱاوت تي ضابطو رکڻ، اڄ ڏينهن تائين مينگنيز ڌات جو واهپو، شيشي ۽ چينيءَ جي ٿانون، ٽائيلن جوڙڻ واري صنعت ۾ ڪيو ويندو آهي. اڄوڪي زماني ۾ هن ڌاتوءَ جو واهپو لوھہ (Iron)، رُڪ (Steel) کان سواءِ هڪ گڏونءَ (Alloy) طور ڪيترن ئي ’اڻ لوهائين‘ (Nonferrous) ڌاتن، خاص طور المونيم ۾ ڪيو ويندو آهي. ان جو وڏي پئماني تي واهپو خشڪ سيلن وارين بيٽرين ۾ ڪيو ويندو آهي. هي ڌاتو، سامونڊڪي تهدار جبلن جي جوڙجڪ واري تھن ۾ ميگنيز آڪسائيڊ (Dysolurite)، مئگنيٽ ڪروسائيٽ (Magnese Carbonate)، مئگنيز نائيٽ (Mangnese silicate) ۽ برونائيٽ (ميگنيز آڪساليڪيٽ) جي صورت ۾ موجود رهندي آهي.
سال 1952ع ۾ پهريون ڀيرو ماسٽر، رضوي ۽ شاھہ ٻڌايو تہ هن ڌاتوءَ جا ذخيرا 26 ڊگري 17 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 66 ڊگري 33 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪن ڏانهن، ڪراچيءَ شھر جي اوڀر، اتر- اوڀر ۾ 18 ميلن جي فاصلي تي لسٻيلي کان پياري پير ڏانهن 10 ميل ڏکڻ ۾ گگري نئن (Gagari Nai) وٽ آهن. هي ڌاتو اهڙي بجريءَ واري کاڻ تري (Dolerite sill) ۾ موجود آهي. سيرو واري مينگنيز ’سلياري کوٽائي‘ (Pipe driling) وسيلي حاصل ڪئي ويندي آهي. ٺٽي ضلعي ۾ هن ڌاتوءَ جا ذخيرا ٽن جڳهن تي آهن:
(1) هن ڌاتوءَ جا ذخيرا کاٻڙي ڍوري وٽ 26 ڊگري 28 منٽ اتر ۽ 66 ڊگري 25 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهن.
(2) هن ڌاتوءَ جا ذخيرا سونهري ڍنڍ لڳ 25 ڊگري اتر ويڪرائي ڦاڪ تي ۽ 68 ڊگري 04 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ڏانهن جهمپير ريلوي اسٽيشن ويجهو آهي.
(3) هن ڌاتوءَ جا ذخيرا اونگر پوليس اسٽيشن ويجهو جهول ڍنڍ کان
8 ميل اتر ڏانهن رستي سان آهن.
لسٻيلي ۾ کاري نئن وٽ 25 ڊگريون ۽ 24 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 66 ڊگريون 45 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي موجود آهي، جنهن ۾ 34000 هزار ڊيگهہ ٽن (34000 long Tons) مينگنيز جي ڪچ ڌات موجود آهي، جنهن ۾ نج ۽ نبار مينگنيز 42 سيڪڙو آهي. اتي مينگنيز جا ٻہ جدا جدا گونداڙا (pods) آهن.
لسٻيلي ۾ سيرو ڍوري وٽ 26 ڊگريون 17 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 66 ڊگريون 33 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي مينگنيز جي هڪ وروڪڙ ناڙ (veins) موجود آهي، جيڪا 1 انچ کان 7 انچ ٿولھہ رکي ٿي. ان ۾ 950000 ڊيگهہ ٽن (950000 Long Ton) مينگنيز جو ذخيرو موجود آهي، جنهن ۾ نبار مينگنيز 36 سيڪڙو آهي.
مينگنيز جو هڪ ٻيو ذخيرو لسٻيلي ۾ سنجري ڍوري واري ماڳ وٽ 26 ڊگريون 28 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 66 ڊگريون 26 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هتي پٿرائين ريتيلي مادي ۾ 15 سيڪڙو درجي واري مينگنيز 65000 ڊيگهہ ٽن انداز ۾ موجود آهي، جنهن جو پٽو اڌ ڪلوميٽر ڊيگهہ وارو ۽ ويڪر ۾ 1 کان 5 ميٽر ٿيندي. لسٻيلي ۾ ڀمڀاڻي ڍوري وٽ 26 ڊگريون 11 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 66 ڊگري 33 منٽن اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي 41 سيڪڙو درجي واري ميگنيز جا 5800 ڊيگهہ ٽن (Long ton) وارا ذخيرا موجود آهن.
ان کان سواءِ گڏاڻي ڪڙئي (Gadani Ridge) لڳ 26 ڊگريون
5 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 66 ڊگريون 34 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي 48 سيڪڙو درجي واري ميگنيز ڊاڊي ڍوري وٽ 26 درجي 65 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 66 ڊگري 37 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي 35 سيڪڙو درجي واري اڻ ڪٿيل ميگنيز جا ذخيرا موجود آهن.
وڍ سونارو ڪرومائيٽ (Wadsonaro Chronite): ڪرومائيٽ جا ذخيرا، لسٻيلي ۾ موجود آهن. ڪراچي ڊويزن جي لسٻيلي ضلعي کان خضدار وارو علائقو سماقي (گرينائيٽ) پٿرن (Ophiolitic Complex) سان ڀريل آهي. سامونڊي ڪناري کان خضدار تائين اهو فاصلو 350 ڪلوميٽر ٿيندو. اهو مرڪب اوڦيوليٿڪ پٿرن جو سلسلو مکيہ طور ٻرندڙ ٽڪرن ۽ جڙيل تاسريءَ جي حرڪت سبب ڌرتيءَ جي مٿاڇري (crust) تي سخت دٻاءَ جي ڪري نڪتل لاوو آهي، جيڪو اڻ ڪٿيل انداز ۾ تهدار ٽڪرن مان زميني مٿاڇرو (crust) چيري ۽ ڦاڙي ٻاهر نڪتو آهي. هي لاوو اوڳاڇڻ وارو قدرتي لقاءَ ’پربت جهڙي جانورن واري عھد‘ (Jurassic Epoch) ۽ چُن جي تھہ دار جبلن جي عھد جي وچ ڌاري ٿيو هوندو.
اهي سماقي (گرينائيٽ) پٿرن جو ريتيلو مواد پنھنجي اندر ڪرومائيٽ وارو مادو بہ رکي ٿو. اهي ڪرومائيٽي ماڳ سوناري، باران لڪ، دراڪلو ۽ گريشڪ ايراضيءَ ۾ خضدار تائين موجود آهن. احسان ۽ قريشي، سال 1997ع تائين اهڙا 15 پٻ سڃاڻي ڏنا هئا. جتان ساليانو 7698 ٽن ڪرومائيٽ لڀي ٿي.
ٽامو (Copper): لسٻيلي جي سماقي پٿرن جي ماڳن (ophioliliopods) ۾ ٽامي واري ڌاتوءَ جي موجودگيءَ جا اهڃاڻ چٽا آهن، جو اتان جو اهو سماقي پٿرائون مرڪب سلسلو خضدار تائين لاڳيتو هليو وڃي ٿو، جتي ٽامي جا چڱا موچارا ذخيرا موجود آهن.
شيهو ۽ جست (Lead and Zinc): جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان لسٻيلي کان خضدار (بلوچستان) تائين سماقي پٿرن (Ophiolitic) واري پٽي ۾ شيهو (lead)، جست (zinc) ۽ بئرائٽ موجود آهي، هي پٽو ڪراچيءَ ۽ خضدار جي وچ ۾ آهي. هي معدنياتي ذخيرا لسٻيلي جي ڏکڻ اوڀر ۾ دودر (Duddar) ۾ آهن. انهن ذخيرن جو رنگ مسيسپي (Mississippi) جي ذخيرن واري نموني جو آهي. دودر وارا ذخيرا 6.86 ملين ٽن آهن، جن ۾ 11.34 سيڪڙو جست (zinc) پڻ موجود آهي.
چقمقي پٿر (Flint stone): پٿر جو هيءُ قسم سکر ضلعي جي
روهڙي سميت ڪـوٽـڏيـجـي، سيوهڻ ۽ ٿاڻي بولاخان جي چن جي پٿر وارين ٽڪرين ۾ لڀي ٿو. روهڙي ۽ ڪوٽڏيجيءَ وارا چقمقي پٿر مختلف شڪلين ۽ جسامت وارا هڪ ميٽر پيٽي (1 diameters) تائين جا ڀوري رنگ تي آهن. هي پھڻ ريگمالي پني، گتي ۽ پاٺي ٺاهڻ جي ڪم ايندو آهي.

گرينائيٽ پٿر (Granite): سڄو ڪارونجهر جابلو سلسلو، ڪارونجهر، ڍينگاڻي، چڻيندا ۽ کارسر گرينائيٽ (سماقي) پٿرن جو جڙيل آهي، جيڪو 40 چورس ميلن ۾ پکڙيل دنيا جو هڪ عجيب جبل آهي، جنهن جو ظاهر ۾ ڪنهن بہ جابلو سلسلي سان لاڳاپو نظر نہ ٿو اچي، پر سمنڊ جي اندران هن جو لاڳاپو ڪڇ جي ڪارن ڏونگرن (Black Mountains) ۽ اراولي جابلو سلسلي سان آهي. هي ڪارونجهر جبل حياتياتي زماني کان بہ ڪافي آڳاٽو آهي. هن سماقي پھڻ جي دنيا جي مارڪيٽ ۾ وڏي قيمت آهي. هن مان حڪيم کرل ۽ عام ماڻهو جنڊ جوڙين ٿا. بنگلن ۽ محلاتن جي ٻاهرين ڏيک وارين ڀتين تي انهن پٿرن کي سجاوٽ طور لڳايو ويندو آهي. ان کانسواءِ هن پٿر تي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ جو بہ ڪو اثر نہ ٿو ٿئي. ان ڪري سامونڊي ڪٺار سان پهڻن مان دڪا جوڙيا ۽ بند پڻ ٻَڌا ويندا آهن.
بئرائيٽ (Barite): اها بئرئيم سلفيٽ (Barium Sulphate) جي معدني شڪل آهي، جيڪا ڪراچيءَ ڊويزن جي لسٻيلي ضلعي ۾ گهڻي تعداد ۾ لڀي ٿي. ڪلنگر (Killinger) ۽ رچرڊ (Richard) موجب جيڪر انهيءَ هنڌ واري کاڻ 25 فوٽ هيٺ تائين کوٽي وڃي تہ 11 هزار ٽن کان وڌيڪ بئرائيٽ لڀي سگهي ٿو.
بئرائيٽ لاءِ لسٻيلي ۾ بنکري واري ماڳ وٽ 26 ڊگري
15 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 66 ڊگري 30 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ’يونائيٽڊ مائننگ ڪارپوريشن‘ (United Mining Corporation) کوٽائي ڪئي هئي. اهو ماڳ 10 ميل اوڀر ۾ تئيرو وٽ گاجڙي نئن ۽ کيرنو ڍوري وٽ آهي. انهيءَ کاٽ کوٽ ڪارپوريشن، بئرائيٽ جي
100 فوٽ ڊگهي ۽ 9 فوٽ ويڪري ناڙ (vein) جا گار پھڻ (Quartz) جيڪي 70 فوٽ گهرائيءَ ۾ ڳولي لڌا آهن، جيڪي ’پربت جهڙي جيوت واري ڄمار‘ (Jurassic age) جا آهن. ان ريت پٻڻي ناڪو لڳ 26 ڊگري ۽ 46 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 66 ڊگري 31 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ڪراچيءَ کان 25 ميل اتر ڏانهن پٻ جابلو سلسلي ۽ ڪوراري لڪ ۽ حاجي لڪڙ ڪرن جي وچ تي آهن. هتي بئرائٽ جا ذخيرا ’چنائين ڄمار‘ (Cretaceous Age) جا مختلف شڪلين وارا ڳنڍيدار صورت ۾ موجود آهن.
(1) ڪُڏڻي وارا بئرائٽ جا ذخيرا، جيڪي بنکري کان اتر- اوڀر ڏانهن
40 ميلن جي فاصلي تي ٻيلي شھر جي اتر ۾ آهن. اهي پڻ کينار ڍوري ۽ گاجڙي نئن کان 20 ميل ڪنڊي ڏانهن آهن. هي ماڳ شرڪن جي ساڄي ڪپ کان سنجري ڍوري جي ڪناري لڳ آهي، جيڪو ٻيلي کان 26 ميل اتر طرف آهي.
(2) بئرائيٽ جو هڪ ٻيو ذخيرو حاجي محمد خان بنٽ کان 26 ڊگريون 31 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 66 ڊگريون 26 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هي ماڳ ٻيلي شھر کان اتر ڏانهن 26 ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن جي ڪچ ڌات ۾ 50.56 سيڪڙو مينگنيز موجود آهي.
(3) بئرائيٽ جو ٽيون ذخيرو، چوهاڻ جهل، دادوءَ ۾ 26 ڊگريون 31 منٽ
30 سيڪنڊ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 66 ڊگريون 20 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي موجود آهي. اتي 20 هزار ٽن جي حساب سان مينگنيز موجود آهي. هتي جي ڪچ ڌات ۾ 36.85 سيڪڙو نج ۽ نبار مينگنيز نڪري ٿي.
ريگسالي مادو/ رڳڙ وارو مادو (Abrasives): اهو هڪ اهم غير ڌاتوئي ريتيلو مادو آهي، جيڪو المونيم آڪسائيڊ (Aluminum oxide) ۽ سليڪان ڪاربائيڊ (Silicon Carbide) مان جڙيل آهي. هي لعل، ياقوت، ۽ هيرن کي جوڙڻ ۽ چمڪائڻ جي ڪم ايندو آهي. هي ٺٽي ضلعي جي ڪيترن ئي ماڳن ۾ ملي ٿو، ان مان هڪڙو ماڳ، اولھہ ڏانهن 24 ڊگريون 52 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 67 ڊگريون 56 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي جهول ڍنڍ کان هڪ ڪلوميٽر اتر اوڀر ڏانهن هڪ ڳوٺ ڀنڀرا وٽ آهي.
ايلم (Alum): ايلم ڌاتو، چقمقي ڪچي پٿر (Dyritiferous Sloles) مان جڙندو آهي، جيڪو گاج جوڙجڪ وٽ مڪي نئن لڳ 27 ڊگريون
03 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 67 ڊگريون 33 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي آهي. رني ڪوٽ وٽ رني ڪوٽ ميڙ (Ranikot Group) ڏانهن
25 ڊگريون 54 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 67 ڊگريون 56 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي ۽ ناڙي ميڙ وٽ بل ماڳ وٽ 25 ڊگريون 37 منٽ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 67 ڊگريون 33 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪن ۽ ان ريت شاھہ لڳ ٽريمي وٽ لڳ ڀڳ ساڳين ڊگرين تي موجود آهن.
بلوري مرڪب (Fieldspar): هي معدنيات سليڪيٽس سوڊيم، پوٽاشيئم ۽ ڪئلشيئم جو گڏيل مرڪب آهي. سڄي ملڪ ۾ هن جي ڪل سالياني پيداوار 26360 ٽن آهي. هي مرڪب سنڌ ۾ نـنـگـرپـارڪـر جي معدنياتي ماڳ تي لڀي ٿو.


لفظ سنڌ جي ارضياتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو