سنڌ جي تاريخ: ميرن ٽالپرن جو دور

سنڌ جي تاريخ: ميرن ٽالپرن جو دور

سنڌ جي تاريخ: ميرن ٽالپرن جو دور

سنڌ جي تاريخ: ميرن ٽالپرن جو دور (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌيءَ جي نامور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر قمر جھان مرزا جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز تي مشتمل آهي، جنهن جي مقالي جو عنوان ‘حيدرآباد جي ٽالپرن جو حيدرآباد جي علمي ادبي سماجي ثقافتي تاريخ ۾ حصو‘ هو ۽ سندس نگران لسانيات جو ڄاڻو ڊاڪٽر غلام علي الانا هو. ڪتاب جا ‘ٻہ اکر’ پروفيسر ڊاڪٽر عابدہ طاهراڻي، وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، ‘پنھنجي پاران’ پـروفـيـسر ڊاڪـٽر فـرزانـه بـلـوچ، ڊائريڪـٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ‘مقدمو’ ڊاڪٽر قمر جھان مرزا جو لکيل آهي. هي ڪتاب نون بابن ۾ ورهايل آهي. آخر ۾ ضميو ٻيو، ضميو ٽيون، ضميو چوٿون ۽ ببلوگرافي ڏنل آهي.
ڊبل ڪرائون سائيز ۾ رنگين ٽائٽل ۽ ڊسٽ ڪور سان سينگاريل هي ڪتاب، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري پاران 2015ع ۾ ڇپيو. 603 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 800 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو