
سنڌ جي تاريخ سنڌ سلطنت
سنڌ جي تاريخ: سنڌ سلطنت (ڪتاب): هي ڪتاب، اياز ڀاڳت جي ڪتاب ’ سنڌ جي تاريخ‘ (تخليق ڪائنات کان حضرت نوح تائين) جلد پهرئين جو ٻيو ڀاڱو ’سنڌ سلطنت‘ آهي. ڪتاب 11 بابن تي ورڇيل آهي. باب پهريون- سنڌ جي تعارف تي مشتمل آهي، باب ٻئي (ابتدائي دور) ۾ سماجي ارتقا، اوائلي انسان، وحشي دور، شڪاري دور، زراعت وارو دور، چوپائي مال جو ڌارڻ، ڪٽنب جو ٺھڻ ۽ ڳوٺ- شامل آهن. باب ٽيون (شعوري دور) قوم ڪيئن ٺهي، شھر جو بنياد پوڻ، رياست ۽ مهين جو شھر- عنوانن تي مشتمل آهي. باب چوٿون (حڪومتي دور) سلطنت، قانون ۽ لوڪ سڀا جي عنوان تي آڌارت آهي. باب پنجين (رهاڪو) جا عنوان آهن: اصل باشندا، دراوڙ ڪير هئا؟ ۽ ٻولي. باب ڇهون (دين ۽ مذهب) هيٺين عنوانن تي مشتمل آهي: دين جي حقيقت، مذهب ڇا آهي، سنڌ وارن جو دين، قرآن شريف ۾ مهين جو ذڪر، مهين جي اسٽوپا جي حقيقت، مهين وارو حوض ۽ پاڻيءَ جي عبادت، سنڌي ڌرم ۽ اُن جو ڦهلاءُ. باب ستون (شھري رياستون): هن باب ۾ شهرن جي اڏاوت، مهين جي شھر جي آثارن، اڏاوت، رستن، گهٽين، کوهن، نالين وغيرہ جي بيان سان گڏ پئنچائت بيٺڪ، مهرن، هنرن، هنرمندن وغيرہ جو تفصيل ڏنو ويو آهي. ان کانسواءِ هڙاپا، مهرڳڙھہ، چانهون جي دڙي، جهڪر جي دڙي، آمري، ڏجي جي دڙي، لوٿل ۽ ڪالي بينگن بابت احوال آهي. باب اٺون (تجارت)، موسمي اقتصادي صورتحال، جھاز راني، ڪپڙي جي صنعت ۽ واپار تي مشتمل آهي. نائون باب (سنڌين جي لڏپلاڻ) سميري، اشوري يا اسور، مصري، ڪنعاني يا فونيقي عنوانن تي مشتمل آهي. باب ڏهون (سنڌ وارن جو ايجادون): باھہ ٻارڻ جي هنر، ڀالي، ٿانون، هر، ابجد، مهرن، رنگ، سڪي، ڦيٿي، گهوٻي، ٻيڙي، وٽ ۽ ترازو، رانديڪن، شطرنج، ڏامر، موسيقي، ساز، سرن، بٺن، زيورن جي ايجاد سان گڏ علم رياضي، ڪارائي، ڏاٽي، مس، اعشاري سرشتي، ڊسپوزل گلاس، ٽائلس، سرجري جي اوزارن ۽ انگن جي ايجاد تي مشتمل آهي. باب يارهون قديم سنڌ ۽ سائنس بابت مقالي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سنڌي سائنس شروعاتي دور کان سڪندر تائين، سنڌي هيئت، فزيشن ۽ سرجن، شرت، سڪندر ۽ سنڌي عالم، سنڌ ۽ يونان جي علم جي ڀيٽ، سنڌي سائنس عرب دور تائين، سڪندر کان پوءِ سنڌي علم، ارٿ شاستر، سنڌي سائنس ۽ خلافت عباسيه، علم رياضي، علم هيئت، مسريزم، پامسٽري ۽ نانگن جي علم تي مشتمل آهي.
ڊيمي سائيز جي 535 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هي ڪتاب اياز ڀاڳت ريسرچ اڪيڊمي لاڙڪاڻي، مئي 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 800 روپيا آهي.