سنڌ جي تاريخ

سنڌ جي تاريخ

سنڌ جي تاريخ 1

سنڌ جي تاريخ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اديب، محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي انگريزي ڪتاب ‘Sindh Studies: Historical’ جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو ترجمي نگار ناليوارو شاعر، اديب عنايت بلوچ آهي. هن ڪتاب جو ناشر پاران نوٽ ڊاڪٽر محمد شريف بلوچ، تعارف ڊاڪٽر عبدالقادر سومري، ٻہ اکر مظهرالحق صديقيءَ لکيا آهن. ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي انگريزيءَ ۾ لکيل مهاڳ جو سنڌي ترجمو ڏنو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 20 تحقيقي مضمون شامل آهن، جن ۾: (1) سنڌ جو تاريخي سن، (2) هندستان خلاف عربن جي پهرين مهم، (3) فتح نامہ سنڌ، (4) محمد بن قاسم، سندس خاندان ۽ شخصيت، (5) ديبل جو امڪاني هنڌ، (6) سلطان جلال الدين خوارزم شاھہ جي سنڌ ۾ آمد، (7) سومرن جو زوال، (8) سلطان محمد بن تغلق جي تدفين جو هنڌ، (9) سمن حاڪمن جي تاريخي ترتيب، (10) ٺٽي جو بنياد، (11) تاريخ طبقات بهادرشاهي، (12) تاريخ طاهري- مصنف ۽ سندس تصينف، (13) بينگلار قبرستان، (14) شهنشاھہ شاھجھان جي ٺٽي جي گورنر ابو البقا امير خان جو فرمان، (15) سنڌ جي ڪلهوڙن جو آخري حڪمران عبدالنبي ۽ سندس اولاد، (16) سنڌ جي ڪلهوڙن جا آخري تاجدار محمد عطر خان ۽ سندس اولاد، (17) سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪمراني جو بنياد، (18) ڪراچيءَ جي قدامت، (19) رني ڪوٽ جو بنياد ۽ (20) لب تاريخ سنڌ، نالن جي فهرست، هنڌن ۽ ماڳن جا نالا قابل ذڪر آهن. ڪتاب ۾ رنگين تصويرون پڻ شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 520 صفحن تي مشتمل، پڪي جلد واري هن ڪتاب کي ‘اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ’ جي سهڪار سان ڊاڪٽر نبي بخش ريسرچ فائونڊيشن حيدرآباد، 2017ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 850 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو