سنڌ جي تباهيءَ بابت عمادالملڪ جو مرثيو: جڏهن ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي دعوت تي مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته هن جي ڦرلٽ سنڌ ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي. دهليءَ ۾ نادر شاهه ۽ عراق ۾ هلاڪوءَ به اهڙي تباهي نه مچائي هئي. عمادالملڪ سنڌ ۾ اچي جڏهن هن تباهيءَ جا هولناڪ منظر ڏٺا ته هن هڪ اهڙو دردناڪ مرثيو چيو جهڙو شيخ سعدي شيرازيءَ بغداد جي تباهيءَ تي چيو هو.
عمادالملڪ جو اصل نالو مير شهاب الدين عماد الدوله ۽ تخلص ’نظام‘ هو. کيس ’غازي الدين خان ثالث‘ جو خطاب پڻ مليل هو. هي سنڌ ۾ 1195هه/1782ع ۾ آيو ۽ 76 سالن جي ڄمار ۾، 1215هه/1800ع ۾ وفات ڪيائين. عمادالملڪ مغل سلطنت جو وزير هو. سنڌ جي تباهيءَ تي سندس فارسي مرثيي جو ترجمو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
درسند چه فتنه و بلا شد
گوئي ڪه قيامتي بپاشد
(سنڌ ۾ ڪهڙو فتنو برپا ٿيو ۽ ڪهڙي مصيبت نازل ٿي، لڳي ٿو ته قيامت اچي وئي.)
چون سندڪه مامنِ جهان بود
اڪ آه! گويمت چهاشد
(جيئن سڄي سنڌ دنيا لاءِ امن جي جاءِ هئي، آءٌ ڇا چوان ته ان جو ڪهڙو حال ٿي ويو.)
هر خانه بخاڪ شِڊ برابر
هر صاحب دولتي گداشر
(هر گهر لٽجي ويران ٿي پَٽ ٿي ويو، هر دولتمند ماڻهو فقير ٿي ويو.)
هرتا جوري برهنه سرگشت
هرماه سري برهنه پاشد
(هر اهو شخص جنهن جي سر تي تاج هئي سو لباس کان محروم ٿي ويو، هر چنڊ جهڙي صورت وارو پيرن اگهاڙو ٿي ويو.)
تا ناموران به بند رفتند
سر رشتهء صبر دل رهاشد
(ڪيترائي نامور ماڻهو قيد ٿي ويا، دل مان صبر جو پيمانو ختم ٿي ويو.)
مادرِ زپسر، پسرز مادر
سراز تن و تن ز سرجدا شد
(ماءُ پٽ کان، پٽ ماءُ کان وڇڙجي ويو، سر ڌر کان ۽ ڌڙ سر کان جدا ٿي ويو.)
منعم پئي مشتِ آرد يڪ سير
سرگردان هم چو آسياشد
(دولتمند ماڻهو مُٺ اٽي لاءِ جنڊ وانگر سرگردان ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا.)
گل رويان راز خار صحرا
خونِ ڪف پاڪ خود حناشد
(گلن جهڙن چهرن وارن جي اهڙي حالت آهي، جو جهنگ جي ڪنڊن لڳڻ سبب خود سندن پيرن جو رت انهن لاءِ ميندي ٿي وئي.)
هر پرده نشين ڪُنج عصمت
بي برقع و معجر و رداشڊ
(هر پرده نشين پارساءِ نيڪ عورت برقعي، چادر ۽ پوتي کان محروم ٿي وئي.)
زرها به نثارِ حفظِ جان رفت
جانها بر آبرو فدا شد
(مال و دولت زندگين جي حفاظت لاءِ قربان ڪرڻي پئي، جانيون عزت ۽ آبروءَ جي حفاظت ۾ فدا ٿي ويون.)
رفت ازهمه هرچه درگره بود
زين گونه فلڪ گره ڪشا شد.
(ماڻهن جي هڙن ۾ جيڪي ڪجهه هو سو ڦرجي ويو، آسمان اهڙي طرح پئي تماشو ڏٺو.)
يڪ ظلم نه شدڪه شد دو صد ظلم
يڪ ڪار نه شدڪه ڪار هاشد
(هڪڙو ظلم نه بلڪ هتي ٻه سئو ظلم ٿيا، هڪ ڪم نه بلڪ گهڻائي ڪم (بيهوده) ٿيا.)
براهلِ زمين عجب بلائي
يڪ مرتبه نازل از سماشد
(زمين وارن تي عجيب مصيبت اچانڪ آسمان کان نازل ٿي وئي.)
دل خون شد زين ستمگري چند
هر چندڪ جمله از قضاشد
(انهن چند ظالمن (ميان عبدالنبي ۽ مدد خان) هٿان دل خون ٿي وئي، جيتوڻيڪ اهو چئبو ته، جيڪي ڪجهه ٿيو سو قضا جي حڪم سان ٿيو.)
بي ستريء طرفه آه! صدآه!
بر سيدها و پارسا شد
(افسوس صد افسوس، ڇا چئجي، سادات ۽ پاڪدامن مستورات جي ڪيتريقدر اگهاڙپ ٿي.)
از امتِ مصطفيٰ چه ظلمي
امروز بر آل مصطفيٰ شد
(حضـرت مـحـمـد مـصطفـيٰ صلـي الله عليه وسـلـم جـي امـت هـٿـان اڄ آل محمد عليهم السلام تي ڪهڙو ظلم ٿيو.)
امروز پس از هزارو صد سال
احوالِ عراق رونما شد
(اڄ يارهن سون سالن کانپوءِ ، عراق (ڪربلا) جهڙي حالت پيدا ٿي وئي.)
جستم چو ’نظام‘ سال تاريخ
از هاتف غيبي ام ندا شد
(اي نظام! مون هن واقعي جي تاريخ معلوم ڪئي ته غيب مان هاتف هي جواب ڏنو.)
ڪاي بنده اهلبيت بشنو
هيهات ڪ سند ڪربلا شد
(اي اهلبيت جا غلام، ٻڌ، افسوس جو سنڌ مثل ڪربلا ٿي وئي.)
هي مرثيو منشي ٽوپڻ مل جي لکيل ڪتاب ’تاريخ سنڌ‘ ۾ نقل ٿيل آهي. آخري مصرع مان واقعي جو صحيح سن نٿو نڪري. هڪ ٻئي فارسيءَ جي شاعر انهي تباهيءَ ۽ مدد خان بابت هيٺين ماده تاريخ چئي آهي:
بشر بُود رفت
(1194هه/1780ع)