سنڌ جو ڊيلٽائي علائقو
سنڌ جو سامونڊي علائقو
ٿر جو علائقو
ناري جو علائقو
ڪوهستاني علائقو
سنڌ جي جاگرافي (Geography of Sindh):
سنڌ پرڳڻو، اپکنڊ (سنڌ تاسر: Indian Plate) جي ڏکڻ ڪنڊ وارو اهو زميني حصو آهي، جيڪو اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 23 ۽ 28 درجن ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي 66 ۽ 71 درجن جي وچ ۾ موجود آهي. ان جي اتر کان ڏکڻ تائين ڊيگهه 360 ميلن جي لڳ ڀڳ ٿيندي ۽ ويڪر 170 ميل آهي. ان جي وچ مان وهندڙ ’سنڌوندي‘ (River Indus) اُن کي ٻن ڦاڪن ۾ ورهائي ٿي. ان نديءَ پنهنجي لٽ سان سنڌ جو ميداني علائقو لکين، ۽ ڪروڙين سالن دوران جوڙيو آهي.
’رچرڊ برٽن‘، سنڌ جي جاگرافيائي حدن بابت لکي ٿو ته، ”اهو علائقو، جنهن کي يوناني ’سنڌومان‘، پراچين هندو ’سنڌو ديش‘، عرب جاگرافي نويس ’سنڌ‘ ۽ سندس هاڻوڪا رهواسي ’سنڌ‘ جي نالي سان سڏيندا آهن، ان جون حدون هي آهن: اتر طرف بهاولپور جو علائقو، ڏکڻ طرف عربي ۽ هندي وڏو سمنڊ، اوڀر طرف وارياسا ’رڻ پٽ‘ ۽ الهندي ۾ کيرٿر ۽ ان سان لاڳاپيل جبلن جون قطارون، جن کي يورپ وارن جي غلطيءَ سبب ’هالار جبلن‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.“
’سر ايڇ. ايليٽ‘، ’هالار جبل‘ کي ’هاڙهو‘ قرار ڏئي ٿو، جيڪو سنڌ جي ميداني علائقي کي قلات کان ڌار ڪري بيهاري ٿو. سنڌ جي الهندي واري جابلو سلسلي ۾ لڪي، کيرٿر، ٺري، گاج ۽ منڇر سلسلا موجود آهن، جن کي گڏي ’کيرٿر سلسلو‘ ڪوٺيو وڃي ٿو، جڏهن ته اهي جبل جوڙجڪ، بيهڪ، دور ۽ زماني جي حساب سان الڳ الڳ ڄمار رکن ٿا.
الهندي وارن جبلن جي هن سلسلي کي سنڌ واسي ’کيرٿر
جابلو سلسلو‘ (Khirther Mountain Range) چون ٿا. هي جابلو سلسلو
’زمين جي جيالاجيڪل (ڀون ڄاڻڪاري) ماپي‘ (Geological Scale of Earth) موجب ’پربت جيڏن جانورن واري زماني‘ (Jurassic Era) يعني اٽڪل روءِ 13 ڪروڙ 60 لک ورهيه (136 million years) اڳ پوري ٿيڻ کانپوءِ ’چن ۽ چاڪ واري زماني‘ (Cretaceous Epoch) ۾ جڙي راس ٿيو. هي دؤر 13 ڪروڙن سالن کان هڪ ڪروڙ سالن تائين جاري رهيو. ان دؤر جي وچ ڌاري گلن ۽ ڦرهن وارا ٻوٽا اُسريا، انهيءَ زماني تائين اپکنڊ (سنڌ تاسر)، 5 ڪروڙ ورهيه اڳ گونڊوانا لينڊ (Gondwana Land) مان مڊگاسڪر وٽان ڇڄي ٽيٿئيس سمنڊ (Tethys Sea) ۾ هڪ وڏي ٻيٽ (Great Island) وانگر تري رهيو هو. ان زماني ۾ اپکنڊ اتر طرف هوريان هوريان سُرڻ شروع ڪيو ۽ 4 ڪروڙ 50 ورهيه اڳ اپکنڊ ۽ يورئشئن تاسرن جو ٽڪراءُ (Collasion of Indian Eurosion Plates) ٿيو، جنهنڪري ’ويڙهيدار جوان جابلو سلسلو‘ (Young Folded Mountain Range) هماليا ۽ 5 لک سال اڳ زمين جي اندرين تبديلين جي ڪري ڪئلاش پربت اوچتو اڀريو، جڏهن ته کيرٿر سلسلي جون پراڻيون ٽڪريون ’پربت جيڏن ۽ ريڙهيون پائيندڙ جانورن واري زماني‘ (Jurassic & Triassic Era) جون آهن، جيڪي هن اپکنڊ- يوريشئن تاسرين جي ٽڪراءَ واري زماني ۾ 5000 فوٽ کان وڌيڪ اتاهيون ٿي نروار ٿيون.
کيرٿر، ڪُتي جي قبر، ڪڪريو، ڪارو ۽ پيٽارو: کيرٿر جي سڀ کان اڀي چوٽي ڪُتي جي قبر آهي، جنهن جي اوچائي 7200 فوٽ آهي. هيءَ چوٽي ري جبلن ۽ ڪوئيٽا وارن جبلن کان به اُڀي آهي. هن چوٽيءَ جي اتر طرف ’ڏاڙهياري‘ جبل جو مٿانهون پَٽ آهي، جيڪو سراسري طور سمنڊ کان 6000 فوٽ مٿانهون آهي. ’کيرٿر جابلو سلسلو‘ ٽن جدا جدا نالن سان: ’ڪڪريو، ڪارو ۽ پيٽارو‘ جبلن ۾ ورهايل آهي ۽ اهي هڪٻئي جي سامهون اولهه سنڌ مان لنگهن ٿا. پهرين جابلو قطار ’ڪڪريو‘، کيرٿر جي اوڀر ۾ آهي، جنهن جا پاسا اُڀا، اڙانگا ۽ اولهه طرف لڙيل آهن. ٻي جابلو قطار ’ڪارو‘ وچ وارو مٿانهون پٽ آهي، جنهن جون چوٽيون، سنون ۽ سڌن جابلو ليٽن وانگر آهن، جن جا پاسا گول آهن، ٽين جابلو قطار ’پيٽارو‘، چن جي جبلن جي ڇپن تي آڌاريل آهي.
سنڌ ۾ کيرٿر واري گڏيل جابلو سلسلي واري ڀاڱي کي بلوچي اثر سبب ’ڪوهستان‘ ڪوٺين ٿا، جڏهن ته ڪوهستان هڪ الڳ سلسلو آهي. هن کيرٿر واري ڪوهستان ۾ دادو ۽ ٺٽي ضلعي جا ڳچ حصا اچي وڃن ٿا، لڪيءَ جو جابلو سلسلو 80 ميل ڊگهو ۽ ان جي سراسري اوچائي هڪ هزار فوٽ کن ٿيندي، جن ۾ اوچي ۾ اوچو جبل، ڀت جبل آهي، جنهن جي سراسري اوچائي سمنڊ کان 3000 فوٽ اتاهين آهي. هن سلسلي ۾ ٻه ننڍا جبل ’سورجاڻو‘ ۽ ’سنبوڪ‘ آهن، جن مان نئن بارڻ سانوڻيءَ ۾ پنهنجو رستو جوڙي وهندي اچي ٿي. هنن جبلن جي اتر ۾ اهري، ناريرو ۽ هوٿياڻو جبل نروار بيٺا آهن. هن جابلو سلسلي ۾ ڪي بلوچستان جا جبل به اچي لڳن ٿا، جن ۾ ڇپر، کڏي، همالگ، پٻ، مور، لکڻ، مشهور ۽ پڌرا آهن. 25 ويڪرائي ڦاڪ وٽ اهي سمورا جبل
پٻ جبل جي صورت وٺن ٿا ۽ هلندا وڃي سمنڊ تائين پهچن ٿا.
اڀرندي وارا وارياسا پَٽ: اڀرندي وارا وارياسا پٽ، جيڪي راجسٿان سان وڃي ملن ٿا، سي ڪنهن زماني ۾ ڏاڍا آباد، وسيل ۽ ساوڪ سان ڀرپور علائقا هئا، جتي هاڪڙو، چتانگ ۽ سرسوتي نديون وهنديون هيون. ان وقت ۾ سنڌ کي ٻه وڏا درياهه آباد ڪندا هئا، هڪ اڀرندو درياهه، جيڪو پڪ ئي پڪ هاڪڙو هو ۽ ٻيو الهندو درياهه ’سنڌو‘ آهي، جيڪو ڪڏهن هاڪڙي جي ويجهو ۽ ڪڏهن پرانهون ٿي 20 ۽ 70 ميلن جي وڇوٽي ڏئي الهندي طرف کان وهندو رهيو آهي. هنن درياهن جي ڀرتي ڪندڙ ندين ۾ سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ نديون: ستلج، بياس، راوي، چناب، جهلم هيون، جڏهن ته اڀرندي ڏانهن چتانگ ۽ سرسوتيءَ جا وهڪرا به جاري ۽ ساري هئا. هاڪڙو، ’زميني جڙيل تاسرين جي چرپر‘ (Movement of Tectonics Plates) جي ڪري آيل زلزلن سبب رخ بدلائي يمنا (جمنا) جو ڀراءُ وڃي ٿيو ۽ سنڌ جي ادبي اتهاس ۾ ان جي ياد رڳو هڪ سورٺي ۾ وڃي رهي آهي:
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀَڄندي ٻَنڌ اروڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي!
اڀرندي جي هن ريگستاني وارياسي پَٽ کي سنڌ واسي ’ٿر‘ سڏين ٿا. هن خطي ۾ وڏا وارياسا پٽ ۽ ڀٽون آهن، ان جي سراسري ويڪر 50 ميل ٿيندي. هي باراني علائقا آهن ۽ اتان جي زندگي مينهوڳيءَ تي آڌاريل آهي. ٿر جا ڪي حصا ’نارو ڪئنال‘ (Nara Canal) آباد ڪري ٿو. هن وارياسي علائقي جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ وٽ ’ڪارونجهر جبل‘ آهي، جيڪو 12 ميل ڊگهو آهي ۽ ان جي اوچائي 1000 فوٽ ٿيندي. هي جبل ’زمين جي اندرين آتش فشاني لقائن‘ (Volcanic Activities) جي ڪري 5 ارب 70 ڪروڙ ورهيه اڳ وجود ۾ آيو. اصل ۾ ڪارونجهر جبل ڏکڻ هندستان جي اراولي جابلو سلسلي (Aravali Mountain Range) جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن کي ڪڇ ۾ ’ڪارا ڏونگر‘ (Black Mountains) چيو ويندو آهي. هي سلسلو سمنڊ جي اندر تائين هليو وڃي ٿو. گجرات ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ آيل ماضيءَ جا زلزلا ۽ سونامين وارا لقاءَ، هنن جبلن جي اندر هلندڙ آتش فشاني عمل جي ڪري ٿيا هئا.
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ ڪارونجهر جبل کي راجستان جي پهاڙي سلسلي جو ڇڄي ڌار ٿيل ٽَڪرَ قرار ڏنو آهي.
سنڌ جو ميداني علائقو: سنڌ جو ميداني علائقو (Alluvial Plain)، جيڪو سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪپن سان لاڳيتو 10 کان 25 ميلن تائين ويڪرو آهي، سو ڪشمور کان وٺي ’عربي/ سنڌي سمنڊ‘ تائين هليو وڃي ٿو. هي انتهائي زرخيز علائقو سال ۾ ربيع ۽ خريف جي ٻن فصلن جي اپت ڏئي ٿو. ڪٿي ڪٿي ته سال ۾ ٽي فصل به پوکيا وڃن ٿا، جن ۾ ناڻي وارا فصل (Cash Crops) به شامل آهن.
سنڌ ۾ زرعي اپت لاءِ پاڻيءَ جي اڻاٺ جي ڪري پوکيءَ وارو علائقو (Cultivated area) وڌڻ بدران گهَٽيو آهي. سنڌوندي ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ ندين تي پاڪستان، ڪشمير ۽ انڊيا ۾ انيڪ بند ۽ بئراج جوڙيا ويا آهن. ملڪ ۾ ديامير- ڀاشا ڊئم جڙي رهيو آهي، جڏهن ته تربيلا، منگلاڊئم جوڙڻ سان گڏ ڪيترائي ڪئنال: ٿل ڪئنال، چشما لنڪ ڪئنال وغيره ڪڍيا ويا آهن، جن سنڌ جي حدن ۾ پاڻيءَ جي فطري وهڪري ۽ ڪچي ۾ پاڻيءَ جي اٿل کي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري سنڌوءَ ۾ اهو اڳوڻو ’شينهن درياهه‘ هئڻ وارو اوج نه رهيو آهي ۽ سنڌ جو ڪچو به گهٽ ٻُڏڻ جي ڪري گهٽ آباد ٿئي ٿو، جيڪو مختلف قسم جي ان جي اُپت ۾ تاريخي هاڪ رکندو هو.
سنڌ جو ڊيلٽائي علائقو: سنڌ جو ڊيلٽائي علائقو، سنڌونديءَ جي سترهن (17) ڇاڙهن تي ٻَڌل آهي. سنڌو ڊيلٽا 350 ڪلوميٽرن تي ’مور کنڀ‘ جهڙي صورت ۾ پکڙيل آهي. هن علائقي جي ’سنڌو ڊيلٽائي- منهن‘ (Mouth of Indus Delta) ۾ اٽڪل 300 ننڍا وڏا ٻيٽ آهن، جن اندر ماضيءَ ۾ ملاحن ۽ ميربحرن جا سوين ڳوٺ آباد هئا، اڄڪلهه سنڌونديءَ ۾ پاڻيءَ گهٽ هئڻ ۽ مٺي پاڻيءَ جي کارين تائين گهٽ پهچ هئڻ ڪري مڇي ۽ جهينگن جو نسل ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ ڇهن لکن هيڪٽرن تي ٻَڌل تمر جا ٻيلا، جيڪي انيڪ قسمن جي مڇي ۽ ٻي آبي جيوَت جي ’قدرتي ٻيجاري‘ (Natural Hatcheries) جا مرڪز هئا، سي هاڻي ختم ٿيڻ جي ويجهو اچي پهتا آهن. ڊيلٽائي علائقا ۽ اتي موجود تمر جا ٻيلا هر قسم جي آبي جيوَت سان گڏ انساني پيٽ قوت ۽ جيئدان جو ڪارڻ آهن. تمر جي ٻيلن جي کوٽ جي ڪري ’سنڌ جو ماحولياتي نظام‘ ۽ ’ماحولياتي وايومنڊل‘ (Eco system) بدلجي رهيو آهي.
سنڌ جو سامونڊي علائقو: سنڌ کي تمام ڊگهو سامونڊي ڪنارو آهي، جنهن تي ڪراچيءَ جهڙو عالمي هاڪ رکندڙ شهر ۽ بندر موجود آهي. سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان ماضيءَ ۾ انيڪ قديم بندر: ديبل، ڀنڀور، لاهري، ڪيٽي ۽ علي بندر وغيره موجود رهيا آهن. اڄڪلهه رڳو ڪراچي بندر ئي هڪ وشال بندر جي حيثيت ۾ سنڌ جي ناڻي جي اُپت (Revenue) جو مکيه وسيلو آهي. ان بندر ذريعي سموريءَ دنيا جا واپاري جهاز اچ وڃ ڪن ٿا. پاڪستان جي بحري فوج جو مرڪز به ان شهر ۾ آهي.
سنڌ جا خشڪ علائقا (Arid Zones of Sindh): پاڪستان جي جملي خشڪ زمين جو 17 سيڪڙو سنڌ صوبي ۾ آهي، جنهن کي ’نيم گرم استوائي بيابان‘ (Subtropical) جو درجو ڏئي سگھجي ٿو. سنڌ جي خشڪ زمين 68000 هم چورس ڪلوميٽرن کان سرس ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جنهن کي هڪ جيترن ٽن حصن: ٿر، ناري ۽ ڪوهستان ۾ ورهائي سگھجي ٿو. سنڌ جي جملي جاگرافيائي علائقي 14.09 ملين هيڪٽرن مان 9.28 ملين هيڪٽر چراگاهه آهن ۽ اهي گھڻي ڀاڱي ملڪي ملڪيت آهن، جن کي 1958ع ۾ ’تحفظ ڏنل ٻيلا‘ قرار ڏنو ويو.
(1) ٿر: ٿر جو علائقو 23000 هم چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي ۽ ان جي آدمشماري ارڙهن لکن جي لڳ ڀڳ آهي. سنڌ جي هن علائقي جو وڏو حصو ٿرپارڪر ضلعي ۾ آهي، باقي عمرڪوٽ ضلعي سان واسطو رکي ٿو. ٿرپارڪر ضلعو ڏکڻ طرف ڪڇ جي رڻ سان ملي ٿو ۽ هندستاني وڏي ريگستان جو هڪ حصو بنجي ٿو. جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان هي علائقو 240 کان 280 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 670 کان 710 اوڀر ڊگھائي ڦاڪ جي وچ تي آهي. ٿر جي آبهوا اتر ۾ خشڪ ۽ ڏکڻ ۾ بنهه خشڪ آهي. اتر ۽ ڏکڻ ۾ وسڪارو مختلف وقتن تي ٿئي ٿو. هن علائقي ۾ هر ٽن چئن سالن کانپوءِ وڃي ڪو مينهن وسي ٿو ۽ هر اٺن ڏهن سالن کانپوءِ مڪمل خشڪ ساليءَ جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. گھٽ وسڪاري جي مند ۾ اها شرح اڃا به گھٽجي وڃي ٿي. (وڌيڪ ڏسو: ٿر، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو)
(2) نارو: ناري جو علائقو 22000 هم چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي، جنهن جو مٿانهون حصو سکر، خيرپور، نوابشاهه ۽ سانگھڙ ضلعن سان ملندڙ آهي. ٿر ۽ نارو سنڌوءَ جي کاٻي طرف آهن ۽ اهي سنڌ صوبي جي اڀرندي حد بنجن ٿا. (وڌيڪ ڏسو : اڇڙو ٿر)
(3) ڪوهستان: ڪوهستاني علائقو 23000 هم چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي ۽ سنڌ جي جملي زمين جو 4 سيڪڙو خشڪ آهي، جنهن ۾ دادو، لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي جا حصا اچي وڃن ٿا. ماحولياتي حساب سان هي ’نيم گرم جابلو خطو‘ سڏجي ٿو ۽ گرم سامونڊي چراگاهه جو درجو رکي ٿو. ڪوهستان الهندي سرحد کان سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ تي ۽ ڏکڻ ۾ انڊس ڊيلٽا سان پکڙيل آهي.
هن علائقي ۾ 76 سيڪڙو ماڻهن جو مکيه ڌنڌو چوپايو مال ڌارڻ ۽ ڪڪڙيون پالڻ آهي. پاڻيءَ جي کوٽ سبب علائقي جا ماڻهو خشڪساليءَ سان سخت موسمي حالتن ۾ پنهنجي مال سميت سدائين سنڌوءَ جي سيلابي پٽن يا بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا رهن ٿا. گھڻي ڀاڱي خشڪ علائقن ۾ موجود چراگاهه، مال لاءِ 3/2 سيڪڙو تائين چارو مهيا ڪن ٿا. وسڪاري جي مند ۾ مقامي ماڻهو پوکي راهيءَ رستي گذرسفر ڪن ٿا. هن خشڪ علائقي جي گاهه واري زمين ڪيترن ئي سببن ڪري بيابان ۾ تبديل ٿي رهي آهي.
هي ٽيئي خطا (ٿر، نارو ۽ ڪوهستان) وسيع وارياسين ڀٽن تي پکڙيل آهن، جيڪي ڪٿي وارياسن دڙن ته ڪٿي خشڪ جبلن جي صورت ۾ موجود آهن. زمين عام طور غيرآباد آهي، ڇاڪاڻ ته تيز هوائن لڳڻ ڪري زمين جي کاڌ ٿيندي رهي ٿي. هنن علائقن ۾ سنهو جھنگ ۽ ٻوڙا ٿين ٿا، جڏهن ته ڪٿي ڪٿي ڪنڊي، ڄاڱري ٻير جا وڻ ۽ ٿوهر نظر اچن ٿا. هر سال گھٽ وڌ مينهن پوي ٿو، جڏهن ته ڪن هنڌن تي ساليانو سراسري وسڪارو 100 ملي ميٽر مس ٿئي ٿو. گھڻي ڀاڱي مينهن جولاءِ ۽ سيپٽمبر مهينن جي وچ ۾ رڳو ٻن ٽن ڏينهن تائين پوي ٿو. مينهن جو سمورو پاڻي خشڪ وارياسي زمين جذب ڪري ڇڏي ٿي. وسڪاري کانپوءِ گاهه اُڀري اچن ٿا ۽ تل ترايون ڀرجي وڃن ٿيون. فيبروريءَ کانپوءِ جڏهن خشڪيءَ/ سوڪهڙي جي شروعات ٿئي ٿي ته مال جو چارو ختم ٿي وڃي ٿو ۽ جر جو پاڻي به ختم ٿي ٻاڙو ٿي وڃي ٿو. سڄو سال مٺي پاڻيءَ جي اڻاٺ رهي ٿي ۽ هر نئين سال خشڪ سالي ٿئي ٿي.
سنڌ جو هي خشڪ علائقو شديد غربت، ڏکي رهائش ۽ زندگيءَ جي مشڪل حالتن جي ڪري پاڪستان جو وڌ ۾ وڌ سهوليتن کان محروم علائقو سمجھيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ وقت به وقت لاڳاپيل سرڪاري کاتا رهواسين کي سهوليتن ڏيڻ لاءِ ڪيتريون رٿائون شروع ڪن ٿا، پر انهن جو اثرائتو نتيجو نه ٿو نڪري.
سنڌ جي خشڪ علائقن جي ماحولياتي سرشتن جي پَٽن، ماڳن ۽ جنسن (species) ۾ گوناگونيت پڻ موجود آهي. ججهي مال چارڻ، زمين خراب ٿيڻ ۽ وقت به وقت خشڪ ساليءَ سبب هن علائقي جو ماحولياتي سرشتو ۽ جھنگلي جيوت سخت متاثر ٿين ٿا. ڪوهستان جا سرهه (Sindh Ibex)، ۽ گڍ (Asian wild sheep) ۽ ٿرپارڪر جا مورَ (Peacocks) ڪجھه اهڙا ساهوارا آهن، جيڪي هنن علائقن جي سڃاڻپ آهن. غير قانوني شڪارن ۽ بيمارين جي ڪري هنن ساهوارن جو وجود هن وقت خطري ۾ آهي.
آبهوا: سنڌ جي ٿر ۽ ڪوهستان جي آبهوا خشڪ، نيم گرم ۽ چوماسي آهي، جتي گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي ٿو. اونهاري ۾ گرمي پد جي وڌي وڃڻ جي ڪري حساس ۽ سنهين پاڙن جي سرشتن وارا ٻوٽا زندهه رهي نه ٿا سگھن. هنن علائقن ۾ خاص طور خشڪ موسم ۾ گھڻي گرميءَ جي ڪري وايومنڊل ۾ ڪڪر ۽ گھم تمام گھٽ ٿئي ٿي، جنهن جا ٻوٽن ۽ جانورن تي ڀيانڪ اثر پون ٿا. اونهاري ۾ ڪوهستان ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ سياري ۾ 30 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي وڃي ٿو. سراسري طور ساليانو وسڪارو 150 کان 200 ملي ميٽر ۽ اهو به گھڻي ڀاڱي اونهاري ۾ ٿئي ٿو. 60 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوائون ڏکڻ - اولهه کان اتر - اولهه طرف گھلنديون رهن ٿيون. تيز هوائن جي ڪري زمين جي کاڌ سبب زمين جو مٿيون تهه سنهو ٿيندو رهي ٿو ۽ جبلن ۾ گھڻي ڀاڱي چُن ٿئي ٿو. اونهاري جي زور وٺڻ تي هنن ٻنهي خطن ۾ هوائون تيز گھلن ٿيون. اهڙين حالتن جي ڪري مينهن تي ٿيندڙ زراعت اڃا به ڏکي ٿي پوي ٿي. ٿر ۾ مئي ۽ جون مهينن ۾ 40 ڪ. م کان به مٿي في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوائون لڳن ٿيون، جنهنڪري خاص ڪري پوکيءَ واري زمين ۽ گئوچرن/ چراگاهن جي زمين ۾ کاڌ ٿئي ٿي. اپريل يا مئي جي آخر تائين ۽ ڪڏهن جون ۾ هوائون گھلڻ جي رفتار 60 ميل في ڪلاڪ به ٿي وڃي ٿي. اهڙين حالتن ۾ فضا مٽيءَ ۽ واريءَ جي سنهيءَ دز سان ڀرجي وڃي ٿي. اهي هوائون اهڙن هنڌن ۽ واريءَ جي دڙن تي لڳنديون رهن ٿيون، جتي گئوچر ۽ چراگاهه آهن. ان ڪري اهڙن هنڌن تان پوکي راهي ۽ ساوڪ ختم ٿي وڃي ٿي.
نباتاتي نالو |
انگريزي نالو |
لوڪل نالو |
سيريل نمبر |
Euphotbia cauducifolia |
Leafless Milk Hedge |
ٿوهر |
1 |
Tecoma undulata |
Desert teak |
روهيڙو |
2 |
Cenchrus ciliaris |
Buffel grass |
ڌامڻ |
3 |
Pannicum colonum |
Pannicum Millet |
سائون |
4 |
Eleusine flagellifera |
Indian finger millet |
ڳنڍير |
5 |
Sporobolus pyramidalis |
Cats’ tail grass |
پرهيو |
6 |
Aeluropus villorus |
Aeluropus/ Mangrove grass |
ڪلر گاهه |
7 |
Desmostachya bipinnata |
Halfa grass/ Salt reed grass |
ڊڀ |
8 |
Prosopis cineraria |
Prosopis |
ڪنڊي |
9 |
Pannicum colonum |
Pannicum Millet |
سائون |
10 |
Acacia Senegalensis |
Gum Acacia |
ڪونڀٽ |
11 |
Calligonum Polygonoids |
Calligonum |
ڦوڳ |
12 |
Cenchrus bifloris |
Indian Sandbur |
ڀُرٽ |
13 |
Eleusine flagellifera |
Indian finger millet |
ڳنڍير |
14 |
Aristida depressus |
Aristida |
لنب |
15 |
Salsola foetida |
Saltwort |
لاڻي |
16 |
Calotropis procera |
Madart |
اڪ |
17 |
Sorghum halepense |
Johnson grass |
ڳم |
18 |
Ziziphus nummularia |
Wild jujube |
ڄاڱري ٻير |
19 |
Cordia gharaf |
Narrow Leaved Sepistan |
ليار |
20 |
Saccharum spontaneum |
Thatch grass |
ڪانهه |
21 |
Cymbopogon jwar |
Lemon Grass |
پئي گاهه |
22 |
Indigofera cassia |
Cassia Indigo |
نير |
23 |
Acacia holosericea |
Silver leaved wattle |
سفيد ٻٻر |
24 |
Acacia nilotica |
Acacia |
ٻٻر |
25 |
Capparis aphylla |
Capper |
ڪرڙ |
26 |
Alhalgi murorum |
Camel thorn |
ڪانڊيرو |
27 |
Acacia jacquemontii |
Twisted acacia |
ٻاوري |
28 |
Leptadenia reticulate/ Pyrotechnica |
Jivanti |
کِپ |
29 |
Panicum turgidum |
Turgid panic grass |
مُرٽ |
30 |
Salsola vermiculata |
Wolrmleaf saltwort |
لاڻو |
31 |