سنڌ جي طبي تاريخ 1

سنڌ جي طبي تاريخ
طب اهو علم آهي، جنهن ۾ انسان جي صحت ۽ بيمارين بابت بحث ۽ ان جي علاج بابت معلومات شامل هوندي آهي. علم طب جا ٻه حصا آهن:
(1) طب علمي: هن کي علم نظري به چئبو آهي.
(2) طب عملي : طب عمليءَ ۾ انهن ڳالهين جو ذڪر هوندو آهي، جن جو عملن سان واسطو هجي. جيئن ته ورزش ڪيئن ڪجي يا مرض جو علاج ڪهڙي طرح ڪرڻ گهرجي. علمي حصي ۾ انهن ڳالهين جو بيان هوندو آهي، جنهن جو عمل سان واسطو نه هوندو آهي. جيئن اهو معلوم ڪرڻ ته تندرستي ۽ بيماري ڇا کي ٿو چئجي؟ علم طب ۾ انسان جي تندرستي ۽ بيماريءَ جو بيان ڪيو ويندو آهي.
طب جو ظهور: خشتي ڪتبا سمير جي انهيءَ تهذيبي تعليم ۽ تمدني ترقيءَ جو نتيجو هئا، جن جو فيض، دلمون جي ديوتا ۽ داناءَ اونيس جي طفيل هنن جي قسمت ۾ آيو هو. تنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حضرت نوح عه جي قوم مٿان آيل طوفان کان به اڳ دنيا جي تختي تي طب جي علم ۽ فن جو ظهور پهريان سنڌ ۾ ئي ٿيو هو، جيڪو پوءِ ٻين تهذيبي تبادلن وسيلي سنڌ کان سمير ۽ اتان ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ٿيندو ويو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو اوائلي علمي سرمايو دراوڙن کانپوءِ آرين جي هٿ وس ٿيو، جن ان کي ويدن ۽ پراڻن ۾ محفوظ رکيو ۽ ٻڌمت جي دور ۾ هتان جا علمي ذخيرا پوريءَ طرح سنڀال هيٺ هئا. ان کانپوءِ جيڪي به دور آيا، تن ۾ انهن جي حفاظت ٿيندي رهي. سنڌ جا ڪيئي ويد ۽ عالم سکن توڙي ڏکن واري ڏينهن ۾ پنهنجو اوائلي علمي سرمايو سانڍيندا پئي آيا. اڳتي هلي اهي علمي ذخيرا سنڌ جي ويدن سنڌ مان کڻي وڃي، خليفي هارون الرشيد (170هه/786ع- 193هه/ 808ع) اڳيان بغداد ۾ ڀيٽ ڪيا هئا، جن جو انهيءَ ئي زماني ۾ ترجمو ٿي چڪو هو. اهڙي طرح هتان جي علم حڪمت جا اوائلي دستاويز عرب ۽ يورپ تائين پهچي وري اتان نئين شڪل سان عام ٿيندا ويا. موهن جي دڙي جي مثالي آثارن مان اها ڳالهه معلوم ٿي آهي ته قديم سنڌي جتي صحت جي اصولن کان پوريءَ طرح واقف هئا، اتي مرض ۽ علاج جي معاملن ۾ به ضرور مهارت رکندا هوندا.
موهن جي دڙي مان دوائن جا وکر ماهرن کي مليا آهن. ’واديءِ سنڌ‘ جو مصنف لکي ٿو ته: ان قسم جون شهادتون ٿوري انداز ۾ ملن ٿيون، جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتان جا ماڻهو طب، نجوم ۽ حساب جي علم کان به واقف هئا. البت هتي سمنڊ ڦيڻ ۽ ڦاڙهي جي سنڱن جا به ڪي ٽڪرا مليا آهن، جن جي موجودگي اهو ثابت ڪري ٿي ته اهي شيون ضرور هتان جي قديم ويڄن پنهنجي نسخن ۾ ڪتب آنديون هونديون. انهن کان سواءِ هتان هڪ ڪاري رنگ وارو وکر به مليو آهي، اڄڪلهه ان کي سلاجيت چون ٿا. سلاجيت، ذيابطيس کان سواءِ جگر جي بيمارين ۽ سنڌن جي سور لاءِ به اڪسير آهي. ’واديءِ سنڌ‘ ڪتاب جو ليکڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو ته، مٽيءَ جي ماٽن مان به ڪن شاخن يا مڇيءَ جي ڪنڊن جي دريافت ٿي آهي، جيڪي بک وڌائڻ لاءِ ڪتب ايندا هوندا ۽ بيروني استعمال طور اک، ڪن کان سواءِ نڙيءَ جي تڪليف ۽ کل جي مرضن لاءِ فائديمند سمجهيا ويندا آهن. هڪ هنڌ مرجان ۽ نم جا پن به سانڍيل ڏٺا ويا، جن کي به دوا طور واپرايو ويندو هوندو. انهن شين مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته هن تهذيب ۾ آير ويدڪ طريقي جو علاج اڃا ابتدائي دور ۾ هو. موهن جي دڙي مان مليل شين ۾ ٺڪر مان ٺهيل ننڍڙيون وٽيون به نظر اچن ٿيون. انهن لاءِ ڪن ماڻهن جو گمان آهي ته اهي آفيم واپرائڻ لاءِ هونديون، پر هتي جيڪي شيون مليون آهن، تن ۾ اهڙي ڪا به شيءِ ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. سنڌو تهذيب جي هڪ ماڳ مهرڳڙهه مان ڏندن ۾ ڊرل ڪيل ڍانچا مليا آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هتي ڏندن جي بيمارين جو علاج/ جراحيءَ جو علم ۽ فن به موجود هو.
آرين جو دور: هن خطي ۾ آرين سنسڪرت ٻوليءَ کي لاڳو ڪري، ٻين طبقن مٿان برتري حاصل ڪئي. سنسڪرت ۾ لکيل ويد اڄ تاريخ جا ماخذ آهن. ويدڪ دور ۾ سنڌ کي ڏسبو ته تاريخي آثارن موجب آير ويدڪ جو هي درمياني دور هو، جنهن ۾ پوئين زماني جهڙي ترقيءَ ته نه ٿي، پر اڳئين دور جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عروج آيو. هن زماني ۾ جيڪي ويڄ (ويد) پيدا ٿيا، سي غيرمعمولي مهارت جا مالڪ هئا. هن ئي دور ۾ بخار، دق، سل، سيلان خون، دمڪشي، رت ڳڙ، ڳوڙهي، ڦرڙين، وائي سور، سوڄ، خناربر، پيچش، ڳاٽي ٽوڙ بخار، مٿي جي سور، عضون جي آڪڙجڻ، ناسور، نمونيا، جلندر، ڀڳندر، يرقان، رت جي گهٽتائي، زنانين، مرداڻين توڙي ٻاراڻين بيمارين جا نالا ملن ٿا.
جادوئي علاج: ويدڪ طب ۾ جادوئي ۽ دوائي ٻن قسمن جا علاج رائج هئا. رگ ويد ۾ آهي ته آڳاٽا لوڪ پنهنجا اهنج دفع ڪرڻ لاءِ ٽوڻن ڦيڻن ذريعي علاج ڪرائيندا هئا، وقتي ڪنهن کي نانگ بلا يا وڇون/ ڀٽون ڪکي وجهندو هو ته جهاڙون جهپون رکرائيندا هئا. معالج لاءِ ڄاڻايل آهي ته هو جيتوڻيڪ دوائي علاج ۾ مهارت رکي ٿو، تڏهن به کيس منترن کان مدد ضرور وٺڻ گهرجي، جنهن به دوا کي منترن وسيلي استعمال ڪيو ويندو هو، ان جو اثر وڌيڪ ٿيندو هو. ان مان ظاهر آهي ته ان زماني ۾ منترن جنترن جو علاجي نظام به جاري هو ۽ انهيءَ جو طبي نظام سان ٽڪر هلندو آيو، جيڪو ان دور جا طبيب (ويڄ) جڙي ٻوٽين جي علاج جي صورت ۾ رائج ڪري چڪا هئا.
دوائن جي واکاڻ ۾ ڪي اهڙا ڀڄن به ملن ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته دوائي علاج کي مات ڪرڻ لاءِ انهن جون ڪراماتي خاصيتون بيان ڪيون وينديون هيون. اهڙي هڪ دوا جي باري ۾ بيان ڪيل آهي ته ان ۾ ٻين اثرن سان گڏ اها قوت به رهي ٿي، جو ان جي کائڻ سان ماڻهو ٻين جي نگاهن کان اوجهل ٿي وڃي ٿو. اٿرويد جي لفظ ڀشيج مان مراد اهو منتر آهي، جيڪو بيماريون ۽ انهيءَ جون علامتون غائب ڪري ڇڏي ٿو، جادوئي علاج جا هيٺين ريت چوڏهن قسم مقرر ڪيل هئا:
(1) جنن ڀوتن جي آسيب کان پيدا ٿيل بيماريون ۽ انهن جي ازالي جا منتر،
(2) تندرستي ۽ وڏي ڄمار لاءِ منتر، (3) جادوگرن ۽ دشمنن لاءِ منتر،
(4) عورتن جي بيمارين لاءِ منتر، (5) مجلس ۾ اثر پيدا ڪرڻ وارا منتر،
(6) بادشاهن وٽ مقبول ٿيڻ جا منتر، (7) برهمڻن لاءِ هر قسم جا منتر،
(8) خطري کان بچڻ لاءِ منتر، (9) گناهه کان ڪنارو ڪرڻ لاءِ منتر،
(10) ڪائنات جي اسرار بابت منتر، (11) رسوماتي منتر، (12) مختلف ڪتابن جي ڄاڻ بابت منتر، (13) الاهياتي رازن لاءِ منتر ۽ (14) مختلف قسمن جا منتر. انهن ۾ ڪيترا منتر بخار، دستن، ذيابطيس ۽ سوزاڪ لاءِ آيل آهن. ڪي ڳالهيون سائنسي انداز ۾ محسوس ٿين ٿيون جهڙوڪ: جنهن مريض کي پيشاب جي بندش هجي، سو هاٿي يا گهوڙي تي سواري ڪري يا زور سان تير اڇلائي يا لوهه جي سنهي سيخ واري سرائي منتر پڙهي پيشاب جي نالي ۾ داخل ڪري ته سندس پيشاب جاري ٿي پوندو. سرائيءَ سان پيشاب جاري ڪرائڻ واري تدبير جي ڄاڻ ويدن واري قديم دور ۾ به (جادو واري علاج کان پوءِ) پوي ٿي، پر اها تدبير اڄ تائين جديد طب (ايلوپيٿي) ۾ پڻ هلندي اچي ٿي.
هڪ هنڌ جلندر بيماريءَ لاءِ آهي ته منتر پڙهي پاڻيءَ سان مٽ ڀري ان ۾ گاهه جا سلا وجهي رکجن، جڏهن اهو پاڻي پاروٿو ٿئي ته مريض جي بدن تي پئٽيو وڃي. ڪٿي ويم جي سهنج لاءِ به منتر آهن ته ڪٿي انهن بيمارين جي اپاءَ لاءِ به منتر ملن ٿا، جيڪي دوش (خلط) جي خرابي کان پيدا ٿين ٿيون. ڪنهن زال کي جيڪڏهن حمل نه ٿيندو هو ته ان لاءِ منترن کان مدد ورتي ويندي هئي. اهڙا منتر به هوندا هئا، جيڪي ويم واري زال جي پيڙا گهٽائڻ لاءِ اچاريا ويندا هئا، جيئن اڄڪلهه ڪنهن لاعلاج بيماريءَ کان ڇٽڻ لاءِ خير خيراتون ڪيون وڃن ٿيون، اڳئين زماني ۾ پڻ انهيءَ نيت سان ٻل چاڙهيا ويندا هئا.
دوائي علاج: رگ ويد جو طب وارو حصو، جنهن کي پوءِ الڳ ڪري اٿر ويد سان منسوب ڪيو ويو، تنهن ۾ مشهور ۽ غير معروف بيمارين جي نالن ۽ علامتن سان گڏ اڪسيري دوائن ۽ جڙين ٻوٽين جو ذڪر تفصيل سان آيل آهي. اٿرويد ۾ بيمارين ۽ دوائن جي انهيءَ بنياد تي اڳتي هلي وڌيڪ اضافا ڪيا ويا، جيڪو آرين ۽ دراوڙن جي دور کان پئجي چڪو هو. وقت جي تقاضائن مطابق اٿر ويد سان وري آير ويد ڳنڍيو ويو. ٻنهي جي اتحاد ۾ هڪ طرف منترن، تعويذن ۽ جهاڙن جهپن جو ذڪر اچي ٿو ته ٻئي پاسي دوائن جو پڻ تفصيلي بيان آيل آهي. دوائي علاج جي بنياد تي مختلف بيمارين لاءِ ڪهڙيون دوائون ڪهڙي نموني تجويز ڪيون وينديون هيون، انهن جا ڪيئي مثال بيان ڪيل آهن ۽ اهي دوائون جيڪي علاج جي ڪتب آنديون ٿي ويون، تن جا تاثير ڪيئن پرکيا ويندا هئا، ان بابت وضاحت ڪندي ’قديم سنڌ‘ ۾ ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي لکي ٿو ته: جيتوڻيڪ رگ ويد واري دور ۾ اڄڪلهه جي زماني وانگي ڪي تجربيگاهه قائم ڪيل ڪونه هئا، ته به ايترو ضرور هو ته انهيءَ دور جا ويد، دوائن جي نسخن ۾ ڪتب ايندڙ جڙين ٻوٽين جي چڱي پرک رکندڙ هئا. انهي ڳالهه جي نه صرف پيشور طبيب ڄاڻ رکندا هئا، پر انهيءَ ۾ انهن ماڻهن جو ساٿ به شامل هوندو هو، جيڪي اڻ پڙهيل پر سڄاڻ هوندا هئا. رگ ويد ۾ هڪ هنڌ ڄاڻايل آهي ته ڪنهن آسوريءَ کي ڪو ٻوٽو هٿ آيو، جيڪو تجربي ڪرڻ کان پوءِ ڪوڙهه ۽ چٽيءَ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيو. ڪن بيمارين ۾ ماکي، گيهه، پاڻي ۽ چرٻيءَ کي به ڪتب آندو ويندو هو. اکين جي روشني وڌائڻ لاءِ ساين ڀاڄين استعمال ڪرائڻ جا طريقا ڄاڻايل آهن. دوائي علاج ۾ اڪيچار دوائون ۽ جڙيون ٻوٽيون استعمال ٿينديون هيون.
جراحت: انساني جسم جي چير ڦاڙ- ڳنڍ ٽوپ، توڙي ڀڳل هڏن کي جوڙڻ لاءِ به هن دور جي ويدن پاڻ موکيو هو، هنن اهڙا تيز ۽ باريڪ اوزار ايجاد ڪيا هئا، جو وار کي اڀو جهلي، جيڪڏهن وڍيو ويندو هو ته ٻه اڌ ٿي پوندو هو. ڪنهن جي بدن جو ڪو به عضوو خراب يا بيڪار ٿي ويندو هو ته ان کي وڍي الڳ ڪري انهيءَ جاءِ تي ٻيو عضوو لڳايو ويندو هو.
قدرتي علاج: آڳاٽي زماني ۾ ماڻهو دوائي ۽ جادوئي علاج کان علاوه قدرتي علاج جا پڻ قائل هئا. جنهن لاءِ پاڻي، مٽي ۽ سج جي شعاعن مان لاڀ ورتو ويندو هو. پاڻيءَ جي علاج لاءِ سنڌ ۾ اڄڪلهه جيڪي گرم چشما آهن، تن جي تاريخ تمام پراڻي آهي. اوائلي دور ۾ انهن ئي چشمن جي پاڻيءَ سان چمڙيءَ جي بيمارين جو علاج ڪيو ويندو هو. پاڻيءَ کان علاوه مٽيءَ مان، جنهن نموني شفائي اثر حاصل ڪيو ويندو هو، تنهن بابت ڄاڻايل آهي ته ماڪوڙين جي ٻرن مان نڪتل مٽي زهريلين بيمارين لاهڻ لاءِ اڪسير جو ڪم ڏيندي هئي، جنهن کي بيروني طور استعمال ڪيو ويندو هو يا ڪن حالتن ۾ اها مٽي پاڻيءَ ۾ ملائي لاڙهو ڪري اهو پاڻي مريض کي پيئاريو ويندو هو. اها مٽي موسمي ضرورتن مطابق سرد يا گرم پاڻيءَ ۾ ملائي بدن تي ٿڦي ۽ پياري ويندي هئي. سج جي ڪرڻن وسيلي به ڪيترين لاعلاج بيمارين جو ڪامياب ‏‏‏‏‏‏‏‏‏‏‏‏‏‏‏علاج ڪيو ويندو هو. خاص ڪري ڪوڙهه جي مرض ۾ سج جا ڪرڻا نهايت ڪارآمد بيان ٿيل آهن.
برهمڻ دور: تاريخ هندي فلسفي جي بيان مطابق جيڪي حقيقتون ڄاڻايون ويون آهن، تن مان خبر پوي ٿي ته علم ۽ فن جي انهيءَ يادگار برهمڻ دور ۾ ويدي عالم طبي مسئلن حل ڪرڻ بابت بحث ۽ تحقيق جي بنياد تي مجربات ۽ معالجات توڙي تشريح ۽ تشخيص جا منجهيل معاملا وڏي آسانيءَ سان حل ڪيا ويندا هئا.
آير ويد طب: آير ويد يا زندگيءَ جو علم انهن مسئلن تي بحث ڪري ٿو، جن جي مهابي چڱي، مٺي، سکي ۽ دکي حياتيءَ جا مڙئي مقصد انسان جي حصول ۾ اچن ٿا. هن جي افاديت اها آهي ته قدرت جي اصولن ۽ فطرت جي تقاضائن مطابق انسان جي صحت، مرض ۽ زندگيءَ بابت بحث هلائي. انهن جي تدبير لاءِ افادي عمل فيصل ڪري ٿو. آير ويد نهايت اعتماد جوڳن ويدن جو ترتيب ڏنل علم آهي، جن طبي تجربن ۽ هدايتن جي آڌار تي هن کي اوج رسايو. هن اهي معتبر ويد انسان ۽ ڪائنات جي اسرارن جي تحقيق ۽ تصديق کان پوءِ هڪ اهڙي دستور جا مرتب بڻيا، جنهن سان زندگيءَ جي واسطيداري آهي. اهي ويد علم تشريح بدن جي بيمارين جي تشخيص ۽ دوائن جي تجويز جي هر طريقي کان واقف هئا. اهو ئي علم هنن پوين لاءِ ميراث طور ڇڏيو.
جراحت جو ڪمال: برهمڻ دور ۾ مريضن کي بيهوش ڪرڻ جون دوائون ايجاد ٿي چڪيون هيون، جن جي وسيلي بيمار ماڻهن کي بيهوش ڪري انهن جي جراحت ڪئي ويندي هئي. جراحت ۾ ڪتب ايندڙ اوزار گهڻو ڪري لوهه مان تيار ڪرايا ويندا هئا، پر راجائن ۽ اميرن لاءِ سون ۽ چانديءَ مان ٺهيل اوزار ڪتب آندا ويندا هئا. اهي مڙئي اوزار وڏي احتياط سان تيار ڪرائي محفوظ رکبا هئا ته جيئن هر قسم جي غلاظت کان پاڪ صاف رهن. جراحت جي مختلف عملن لاءِ مختلف ماپن ۽ ڌارن وارا اوزار هوندا هئا. اهي اوزار کل چيرڻ ۽ بدن جي خراب حصي کي الڳ ڪرڻ کان علاوه بيڪار ٿيل هڏن جي وڍ ٽُڪ لاءِ به ڪم ايندا هئا.
انهن اوزارن سان زناني توڙي مرداڻي جسم جي تمام نازڪ جراحت ڪئي ويندي هئي ۽ مريض جي طبيعت ۽ نزاڪت جو خيال رکيو ويندو هو. ساڳئي وقت رت جي اخراج جو به مقدار مقرر ڪيل هو. جنهن سان بدن جي حرارت جو به لحاظ رکيو ٿي ويو. انهيءَ دور ۾ برک ويدن وٽ جراحي جا اوزار اٺن قسمن جا هوندا هئا: (1) وڍڻ وارا، (2) چيرڻ وارا، (3) پاڻي ڪڍڻ وارا، (4) رڳن جي اندر پيدا ٿيل ڳوڙهن جي چڪاس وارا، (5) ڏندن ۽ پٿرين ڪڍڻ وارا، (6) سير ڇوڙڻ وارا، (7) وڍيل يا چيريل حصن کي سبڻ وارا، (8) ماتا جا ٽڪا لڳائڻ وارا. سشرت طبي اوزارن جو تعداد 101 تائين ٻڌايو هو. جراحت ۾ انسان يا گهوڙي جا وار ڪتب ايندا هئا، ان کان اڳ انهيءَ ڪم لاءِ ماڪوڙي جي چڪ پارائڻ مان ٽاڪن جو مقصد پورو ڪيو ويندو هو. خراب رت جي نيڪال لاءِ ڄورون استعمال ٿينديون هيون. پهريان ڄورن جي جاچ ورتي ويندي هئي ته ڪا زهريلي نه هجي ۽ مريض کي نقصان نه رسائي. غشي جي حالت ۾ سئي وانگر دوا کي خون ۾ پيوست ڪرڻ جا طريقا اختيار ڪيا ويندا هئا. ناسور ۽ ڦرڙين جي علاج لاءِ به سئين ذريعي دوا بدن ۾ داخل ڪئي ويندي هئي. ڪوڙهه جي بيماريءَ ۾ ٽن سئين وارو هڪ اوزار استعمال ٿيندو هو. قديم ويد، مصنوعي ڏند وجهڻ ۾ ماهر هئا. ڏندن ڪڍڻ لاءِ ’دنت شنڪو‘ نالي هڪ اوزار ڪتب ايندو هو. اک جي موتئي ۽ پاڻيءَ لاءِ به هڪ خاص اوزار ايجاد ٿيل هو. کير پيارڻ ۽ الٽي ڪرائڻ لاءِ به هڪ خاص اوزار ڪتب ايندو هو، جنهن کي ’ڪمل نال‘ سڏيو ويندو هو. نانگ کاڌل لاءِ به ويدن وٽ شفائي علم هو ۽ جسم مان زهر نيڪال ڪرڻ جا وٽن بهترين طريقا هئا. نانگ جي ڏنگ کان بدن تي ماس چڙهڻ کانپوءِ لوڻ نه کارائڻ جو تاڪيد ڪيو ويندو هو. بنا غذا جي علاج ڪرڻ ۾ به ويد مهارت رکندا هئا.
حيوانن جو علاج: انسان جي علاج کان علاوه برهمڻ دور ۾ حيوانن جي علاج جو به علم هو. حيوانن جي بيمارين جي سڃاڻپ ۽ دوائن جي استعمال بابت به ڪيئي ڪتاب لکيل ملن ٿا. جن ۾: گج آير ويد، گوويد شاستر اشو چڪتسا، اشو آير ويد، اشو تنتر وغيره قابل ذڪر آهن. حيوانن جي نسل، پيدائش، رنگ، جسم ۽ عضون جي خوبين ۽ عيبن سان گڏ انهن جي بيمارين ۽ علاجن جا بيان انهن ڪتابن ۾ ڏنل هئا. حيوانن جي سير ڇوڙڻ، خوراڪ ڏيڻ، انهن کي تندرست ۽ مضبوط بڻائڻ جا نسخا ۽ ڏندن وسيلي عمر جي اندازي لڳائڻ جو انهيءَ اوائلي دور جي ويدن وٽان رواج پيو. حيوانن جي علاج سان گڏ هر قسم جي جيتن جي باري ۾ ويدڪ جي پراڻن ڪتابن مان معلومات ملي ٿي. مثال طور: نانگن جي باري ۾ هڪ عجيب بيان آهي: هڪ نانگڻ ڇهن مهينن ۾ ٻه سئو چاليهه آنا لاهيندي آهي، جن مان ڪيترا آنا اهو جوڙو پاڻ کائي ڇڏيندو آهي. باقي آنن مان ٻن مهينن کان پوءِ ٻچا نڪرندا آهن، ستن ڏينهن ۾ انهن جو رنگ ظاهر ٿيندو آهي ۽ ٻن هفتن کان پوءِ هنن جا ڏند پيدا ٿيندا آهن ۽ ٽن هفتن جي اندر انهن جي ڏندن ۾ زهر ايندو آهي. نانگ ڇهن مهينن کان پوءِ پنهنجي کل بدلائيندو آهي. هن کي ٻه سئو چاليهه ڳنڍ ٿين ٿا.“ سي. آر. دت ’قديم هندستان ڪي تهذيب‘ ۾ لکي ٿو ته، ”سشرت سنگهتا جي شرح لکندي دلسا نالي ويدي عالم لکي ٿو ته سشرت، حيوانن ۽ جيتن جي علم ۾ وڏو ماهر هو.“
طبي مشاهير: قديم زماني کان هند ۽ سنڌ ۾ ڪيئي طبي مشاهير موجود رهندا ٿي آيا، جن طب ۾ تدوين ۽ ترقي لاءِ وقت بوقت خدمتون سرانجام ٿي ڏنيون. چند مشهور طبي عالمن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو.
آتري: هي رشي ڀاردواج جو شاگرد هو، جيڪو قديم سنڌو ماٿريءَ جي درسگاهه ٽيڪسيلا جو اتاليق هو. هن جراحت ۾ ڪيئي نوان طريقا ايجاد ڪيا هئا. آتريءَ جا ڇهه شاگرد اگني ويش، ڀيل، جما توڪرن، پراشر، هاريت ۽ ڪيشر پاني مشهور آهن. جن مان هر هڪ پنهنجي نالي طبي تصنيف تحرير ڪئي. هن وقت اگني ويش جي ’ندان انجن‘ ۽ هاريت جي ڪتاب ’هاريت سنگهتا‘ کان سواءِ ٻيون تصنيفون ناپيد آهن. هاريت سنگهتا جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته آتري پنهنجي شاگردن کي سوال جواب ذريعي طب جي تعليم ڏيندو هو. هاريت سنگهتا به انهيءَ طرز تي لکيل آهي. آتريءَ جي زمانه حيات بابت اندازو آهي ته 600 ورهيه ق. م ۾ ٿي گذريو هو. سندس تصنيفن ۾ آتري سنگهتا مشهور آهي. هي ڪتاب پنجن حصن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڇهه هزار اشلوڪ آهن.
سشرت: هن ديوداس ڪاشي مهاراج وٽان طب جي علم ۽ فن جي تحصيل ڪئي هئي. روايت آهي ته ڪاشي مهاراج جڏهن راڄ ڀاڳ ڇڏي بنواسي بڻيو. تڏهن سشرت سندس زباني بيان ڪيل طب جي علم ۽ فن جا اسرار پنهنجي تصنيف ’سشرت سنگهتا‘ ۾ محفوظ ڪيا هئا. سشرت کي طب جي علم، فن ۽ جراحت تي پورو ڪمال حاصل هو. هي پهريون طبيب آهي، جنهن ديوتائي سروپ بدران انسان جي روپ ۾ طب کي عالم آشڪار ڪيو. سشرت جو زمانو 600 ق. م ليکيو وڃي ٿو. سشرت سنگهتا اصل پنجن حصن ۽ هڪ سئو چوويهن بابن ۾ تقسيم ٿيل هئي. ليڪن هاڻوڪي سشرت سنگهتا ۾ 166 باب آهن، جنهن کي اثر تنتر جي اضافي سان ترتيب ڏنو ويو آهي.
چرڪ: هي 460 ق. م جي زماني ۾ هاڪارو ويد ٿي گذريو آهي، جنهن آتري جي شاگردن اگني ويش ۽ هاريت جي ندان انجن ۽ هاريت سنگهتا جي استفادي سان ’چرڪ سنگهتا‘ ترتيب ڏني ۽ انهن جا اختلافي مسئلا حل ڪيا. هن کي شيش (ابدي يا غير فاني) ليکيو وڃي ٿو. طب جي علم ۾ کيس اوتار جو رتبو مليل آهي. چرڪ جو اصل وطن آڳاٽي سنڌوءَ وارو پنجند ڪشمير هو. چرڪ سنگهتا جو متن وديا ساگر 1896ع ۾ گپت 1897ع ڌاري ترجمو ڪري ڪوي رتنا ترتيب ڏئي شايع ڪرايو. چرڪ علمي تربيت ٽيڪسيلا مان ورتي ۽ عملي تربيت لاءِ هي هند- سنڌ جي مختلف علائقن جو سير ڪري ڪيترن ورهين جي تجربن ۽ مشاهدن کان پوءِ انهيءَ درجي تي پهتو. علاج سان گڏ کيس جراحت ۾ به مهارت حاصل هئي.
ٻڌمت دور: ٻڌمت جي ظهور يا ان کان ٿورو اڳ هند جي سياسي صورتحال اها هئي ته مختلف علائقن ۾ آرين جون سورهن راڄڌانيون قائم هيون، جن ۾ سنڌ به آئي ٿي. ٻڌمت جي ظهور (600 ق. م) کان پوءِ آرين جو زور ٽٽي پيو ۽ مذهبي انتهاپسندي جي ڪري برهمڻن جي به پڇاڙي ٿي. ٻڌمت وارن پهريان ته مذهبي تحريڪ هلائي، پر برهمڻن جڏهن مذهب ۾ سياست کي شامل ڪيو ته ٻڌن به اهو ئي طريقو اختيار ڪيو. بادشاهي نظام آهستي آهستي وسيع ٿيندو ويو ۽ هڪ ٻئي پٺيان ٻڌمت وارن جون بادشاهتون وجود ۾ آيون.
هن دور ۾ ’چاڻڪيا‘ جو مشهور ڪتاب ’ارٿ شاستر‘ (سياست نامو) هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ سياست، حڪمت، طب، جهاز سازي، ملڪي تاريخ، حڪومتي انتظام، مردم شماري ۽ کاڻين کوٽڻ کان سواءِ هندي معاشري جي هر پهلوءَ تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي.
طبي ادارا: ٻڌمت جي دور ۾ وڏي پيماني تي بيمارن جي علاج لاءِ امداد جو انتظام رکيو ويو. اشوڪ اعظم جي دور حڪومت ۾ نه صرف پنهنجي سلطنت جي ننڍن وڏن صوبن ۾ انسانن ۽ جانورن جي علاج ۽ تيماداريءَ (چيٺ) جو بندوبست ڪرايو، پر انهيءَ انتظام کي ايتري وسعت ڏني، جو ڏکڻ هند توڙي انهن علائقن ۾ جيڪي يونانين جي تسلط هيٺ هئا، شفاخانن کان وٺي معالجن تائين سموري ذميواري پاڻ تي کنيائين. دوائن لاءِ گهربل جڙي ٻوٽين جي سرڪاري طور پوک ڪرائي ويندي هئي يا ٻاهران گهرايون وينديون هيون. شفاخانن ۾ دواسازيءَ جا شعبا ۽ تجربيگاهه به هوندا هئا. مريضن لاءِ خوراڪ ۽ رهائش جو انتظام هوندو هو ۽ شفاخانن جي معالجن کي سرڪاري خزاني مان پگهار ملندي هئي.
راءِ گهراڻو ۽ چچ خاندان: راجا هرش جي دور ۾ سنڌ جي آزاد حڪومت جو پايو پئجي چڪو هو. راجا هرش جي همعصر چيني سياح هوان سانگ پنهنجي سفرنامي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جو راجا راءِ گهراڻي مان هو. انهيءَ راءِ گهراڻي 495ع کان 632ع تائين سنڌ تي راڄ ڪيو. هن گهراڻي جا پنج حڪمران: (1) راءِ ڏيوائج (ڏياچ)، (2) راءِ سهارس، (3) راءِ سهاسي (پهريون)، (4) راءِ سهارس (ٻيو)، (5) راءِ سهاسي (ٻيو). هڪ ٻئي جي پٺيان حڪومت ڪندا آيا. هنن جي گاديءَ جو هنڌ اروڙ هو.
طب ۽ دوائون: عرب، هند ۽ سنڌ جي طب ۽ دوائن کان قديم زماني ۾ واقف ٿي چڪا هئا، جنهن جو ثبوت عرب جي تاريخي تذڪرن مان ملي ٿو. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻسامي تهذيب جي ارتقا ۾ سنڌ جو حصو‘ مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”اشوري شهنشاهه سنخريب جي زماني (612 ق. م) ۾ پهريون ڀيرو وونئڻن جي پوک عراق ۾ رائج ٿي، جنهن لاءِ سنڌ مان ڪَڪڙا گهرايا ويا هئا. اهي ڪڪڙا واپارين وسيلي سنڌ مان عراق ويل ڀائنجن ٿا. انهيءَ زماني ۾ ڪي دوائون به سنڌ مان عراق ويون هيون، جهڙوڪ: آئورا، ايريو، ٻهيڙا، چندن، ڪافور، ليسوڙا ۽ هريڙون وغيره.
بيرزطن: حافظ ابن حجر پنهنجي ڪتاب ’الاصابه‘ ۾ هند ۽ سنڌ جي ٻين ماڻهن جو بيان ڪندي بيرزطن جو ذڪر به ڪيو آهي، جنهن رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي زندگيءَ ۾ اسلام قبول ڪيو هو. بيرزطن هندي ايراني بادشاهن جي زماني ۾ هڪ پير مرد شخص هو، جنهن بابت نشي جي علاج لاءِ هڪ واقعو مشهور آهي، جنهن کي سڀ کان اول هن ئي رواج ۾ آندو. بيرزطن هندي پهريون خوشنصيب هو، جيڪو حضور صلي الله عليه وسلم جن جي زماني ۾ ٿي گذريو آهي، ان کانپوءِ ٻئي سنڌي طبيب جو احوال ملي ٿو، جنهن جي باري ۾
امام بخاري 256هه/870ع الادب المفرد ۾ صحابه ڪرام جي زماني جو هڪ واقعو بيان ڪندي لکيو آهي ته ”هڪ دفعي اُم المؤمنين حضرت عائشه صديقه رضه بيمار ٿي هئي ته سندس ڀائٽين هڪ سنڌي طبيب کي علاج لاءِ گهرايو هو.“ عربي طب ۾ مصر ۽ يونان پاران ڪيل اضافي ۽ استفادي کانپوءِ عربن خاص ڪري طب هندي (آير ويدڪ) ڏانهن توجهه ڏنو، ان ۾ ايران جا طبي مشاهير به اڳڀرا رهيا الحاوي ۽ غنيٰ منيٰ ۾ جابجا هندي طبيبن جي نالن ۽ علاج جي طريقن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. قانون ۾ به اڪثر هنڌن تي ’طب هنديءَ‘ جو معلومات درج ٿيل ملي ٿو. ’طب فارس‘ (ايران) ۽ ’طب هندي‘ (آير ويدڪ) جي بيشمار دوائن جا نالا پنهنجي اصل هندي ۽ فارسي شڪل ۾ عربي طب اندر آندا ويا آهن، اهي نالا انهي ئي اصل صورت ۾ عربي طب تان مغربي طب ۾ منتقل ٿي چڪا هئا. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته طب جو علم سنڌ مان عرب ڏانهن منتقل ٿيو.
بو علي سينا (457هه/1065ع) جي استاد نوح القمري (410هه/ 1019ع معالمات تي مشتمل پنهنجي ڪتاب غنيٰ منيٰ ۾ اڪثر هنڌن تي هندي طبيبن جا قول نقل ڪيا آهن. امام ذڪريا رازي بابت ابن ابي اصيبعه لکي ٿو ته هن هندي طبيبن جا ڪتاب مطالعي هيٺ آندا هئا ۽ سندس ڪتاب الحاوي ۾ انهن جا ڪيئي حوالا موجود آهن. بو علي ابن سينا پنهنجي ڪتاب ’القانون‘ ۾ حفظ صحت جو بيان ڪندي کير ۽ مڇي گڏ کائڻ جي منع ٿو ڪري، سندس انهيءَ قول کي مجربين هند ڏانهن منسوب ڪيو آهي. القانون جي مفرد دوائن واري باب ۾ 792 مفردات جو بيان آهي، جن مان 49 مفردات متعلق بو علي سينا صراحت ڪئي ته اهي هند سنڌ جي پيداوار آهن.
طب جون تصنيفون سرياني ۽ يوناني زبانن مان اموي خليفن جي دور ۾ عربيءَ ۾ منتقل ٿي چڪيون هيون، پر عراق ۾ عباسي خليفن جي حڪومتي دور ۾ انهيءَ سلسلي کي وڌيڪ ترقي حاصل ٿي. ان جو اصل آغاز تڏهن ٿيو، جڏهن خليفي هارون الرشيد جي لاعلاج بيماريءَ جي علاج لاءِ مشهور سنڌي حڪيم ’ماڻڪ‘ جو بغداد وڃڻ ٿيو. سنڌ تنهن زماني ۾ (174هه/790ع) ۾ ڪيترن پرڳڻن ۾ ورهايل هئي، جن مان ڪي خودمختيار ۽ ڪي عباسي خليفن جي ماتحت هئا. اسحاق بن سليمان هاشمي بغداد جي خليفن پاران سنڌ جو حاڪم هو. جن ڏينهن ۾ هارون الرشيد بيمار ٿيو ته سنڌ جي هڪڙي راجا پنهنجي خاص طبيب ماڻڪ کي خير سگالي طور خليفي ڏانهن بغداد موڪليو. آخر ماڻڪ جي ڪامياب علاج کان پوءِ عباسي خلافت جو هتان جي طب ۽ طبيبن ڏانهن توجهه وڌيو ۽ ماڻڪ کي بغداد جي شاهي شفاخاني جو ناظم الامور مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ يحيٰ بن خالد برمڪيءَ پنهنجو هڪ خاص نمائندو انهيءَ مقصد سان سنڌ ڏانهن اماڻيو ته جيئن هتان جي جڙين ٻوٽين جي باري ۾ تحقيقات ڪري اچي. هڪ سنڌي ويد ابن ڌنا (ڌني جي پٽ) کي صرف انهيءَ ڪم لاءِ سنڌ مان گهرائي سرڪاري دارالترجمه ۾ مقرر ڪيو ويو ته هو سنسڪرت جي ڪتابن جي ترجمي لاءِ عربي عالمن جو معاون ٿي رهي.
يحيٰ بن خالد جڙين ٻوٽين جي تحقيقات لاءِ سنڌ ڏانهن طبيب نمائندو موڪليو هو. انهيءَ شخص سنڌ مان واپس وڃڻ کان پوءِ هڪ تفصيل لکي خليفي جي خدمت ۾ پيش ڪيو، جنهن جو 3 محرم 259هه/ 9 نومبر 872ع تي نقل تيار ڪيو هو.
طبي ڪتاب: هند سنڌ ۾ طبي ڪتابن جي جيڪا اهميت هئي، ان بابت عرب جي مشهور عالم المسعوديءَ لکيو آهي ته: ”هتان جي هڪ برک ويد، راجا ڪوش لاءِ هڪ طبي ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ بيمارين جي علت علامت ۽ دوائن جي افعال خواص سان گڏ انهن جي ماهيت متعلق وضاحت ٿيل هئي. ڪتاب ۾ جڙين ٻوٽين جون تصويرون ۽ نالا به درج ٿيل هئا.
عربيءَ ۾ سنسڪرت جي جن آير ويدڪ ڪتابن جا ترجما ٿيا، تن مان سشرت جي تصنيف ’سشرت سنگهتا‘، چوڪ جي تصنيف ’چوڪ سنگهتا‘ ۽ برڌوا گپت جي تصنيف ’اشٽ انگ هردي‘ گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي. سشرت سنگهتا جو ترجمو يحيٰ بن خالد برمڪي جي خواهش تي ’ماڻڪ‘ ڪيو هو. اهو ڪتاب برامڪه جي
بيت الحڪمت ۾ طبي دستور العمل طور رائج ڪيو ويو. ’چوڪ سنگهتا‘ ۽ ’اشٽ انگ هردي‘ جو ترجمو ’ابن ڌنا‘ ڪيو، جنهن کي عبدالله بن عليءَ عربيءَ ۾ منتقل ڪيو هو.
جڙين ٻوٽين بابت هڪ جامع هندي ڪتاب جو ترجمو به ’ماڻڪ‘ ڪيو هو، جنهن ۾ هڪ هڪ ٻوٽيءَ جا ڏهه نالا ڄاڻايل هئا، اهو ڪتاب اسحاق بن سليمان جي خواهش تي ترجمو ٿيو هو. ماڻڪ طب سان گڏ بيت الحڪمت ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتابن ۾ به مددگار هوندو هو. هن ’شاناق‘ (چانڪيه) جي ڪتاب ’السموم‘ جي ترجمي ۾ ابو حاتم باغيءَ جي وڏي مدد ڪئي. مشهور ويد ’ماڌو‘ جو ڪتاب ’ماڌو ندان‘، ابن ڌنا ترجمو ڪيو هو، جنهن ۾ 404 بيمارين جي تشخيص ۽ علاجي تجويزن جو بيان هو. توڪشتل نالي هڪ ويد جا ٻه ڪتاب به ابن ڌنا ترجمو ڪيا هئا، انهن مان هڪ ڪتاب علاج بابت ۽ ٻيو مجربات جي باري ۾ هو.
عورتن جي خاص بيمارين بابت ’روسا‘ نالي هندي طبيبه عورت جو ڪتاب به ترجمو ٿيو هو ۽ حامله عورتن جي علاجن تي مبني ٻيو ڪتاب پڻ ’ابن ڌنا‘ جي نگرانيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. هڪ ڪتاب جڙين ٻوٽين تي ۽ ٻيو نشي جي مضر اثراتن بابت عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو هو.
طبي مشاهير
ماڻڪ: عربيءَ جي ڪيترن مؤرخن سنڌ جي هن طبيب ۽ عالم جي گهڻي ساراهه ڪئي آهي، جن ۾ ابن نديم، جمال الدين القفطي، ابن ابي اصيجه وغيره قابل ذڪر آهن. هيءَ سنڌ جي هڪ راجا جو خانداني طبيب هو. خليفي هارون الرشيد جي بيمار ٿيڻ تي راجا طرفان بغداد وڃي خليفي جو علاج ڪيو هئائين. جنهن سندس وڏي قدرداني ۽ عزت افزائي ڪئي هئي. هي سنڌي زبان کان سواءِ عربي ۽ فارسي زبانن تي به دسترس رکندو هو. سنسڪرت جا ڪيترا ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جن ۾’سشرت سنگهتا‘ به شامل هو.
هڪ روايت آهي ته ماڻڪ سنڌ جي راجا طرفان سفير جي حيثيت ۾ طب، نجوم وغيره جا ڪتاب کڻي بغداد ويو. خليفي سندس صداقت ۽ طبي لياقت کان متاثر ٿي کيس بيت الحڪمت ۾ وڏي عهدي تي مقرر ڪيو، جتي هن علاج سان گڏ ڪيترن ڪتابن جا ترجما ڪيا. ماڻڪ جيڪي علمي ۽ فني توڙي اصلاحي ڪارناما سرانجام ڏنا، تن کي اڄ به عربي تاريخ ۾ عزت جي نگاهه سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
ڀلو: هيءُ سنڌي طبيب، طبابت ۾ ماهر هو. ابن نديم جي بيان موجب بغداد ۾ سندس شفائي علاج جي هر هنڌ هاڪ هئي. يحيٰ بن خالد برمڪيءَ سنڌ مان عالمن جي جيڪا جماعت بغداد گهرائي هئي، هيءُ به ان ۾ شامل هو. ڀلو پهريائين بغداد جي ’دارالترجمه‘ ۾ هندي ڪتابن جي ترجمي لاءِ مامور ٿيو. سندس ڪماليت جي عام شهرت ٿي ۽ عرب ۾ اقامت پذير ٿيو. هي سنڌيءَ کان علاوه عربي، فارسي زبانن تي به دسترس رکندو هو.
صـالـح پٽ ڀلـو: صالـح نـامـور سنڌي طبيب ’ڀلو‘ جو پٽ هو. هن کي ماليها به ڪوٺيو ويندو هو. صالح پنهنجي پيءُ وانگر طبيب ۽ عالم هو. ابن ابي اصيجه کيس سنڌ جي انهن برک حڪيمن ۾ شمار ڪيو آهي، جيڪي بغداد ۾ رهائش پذير هئا. علامه قفطي به سندس ذڪر ڪيو آهي ته هن خليفي هارون الرشيد جي سئوٽ ابراهيم بن صالح جو علاج ڪيو ۽ کيس سڪرات مان هوش ۾ آندو، جنهن بعد هارون الرشيد کيس پنهنجو خاص مقرب مقرر ڪيو هو.
بجيڪر (ڀونگر): جاحظ بابت لکي ٿو ته: يحيٰ بن خالد برمڪي سنڌ مان جيڪي طبيب بغداد گهرايا هئا، تن ۾ هيءُ به شامل هو. سنڌ مان بغداد گهرايل ويد ۽ پنڊت خليفي جي خاص ماڻهن جي هدايتن موجب منتخب ڪيا ويندا هئا. سنڌ جي هن عالم جو علم نجوم تي لکيل ڪتاب محمد بن ابراهيم الغزاري، خليفي منصور جي چوڻ تي عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. ان ليکڪ جو نالو ’فاياغر‘ ٻڌايو وڃي ٿو، جو اصل ۾ ڀونگر هو ۽ پوءِ بگڙي ’فيوغر‘ يا ’بجيڪر‘ ٿيو.
گنگا: ڪتاب ’تاريخ سنڌ‘ ۾ ابو ظفر ندوي لکي ٿو ته: 193هه/ 808ع ڌاري جڏهن خليفو هارون الرشيد بيمار ٿي پيو ته هن سنڌ جي هڪ راجا ڏانهن سوکڙين سان گڏ هڪ سفارت موڪلي، کانئس تقاضا ڪئي ته اوهان وٽ ’گنگا‘ نالي جيڪو برک ويد رهي ٿو، ان کي اسان جي علاج لاءِ موڪلڻ جي مهرباني ڪريو. خليفي جي خواهش موجب سنڌ جي هن ويد کي بغداد موڪليو ويو، جتي هن خليفي جو ڪامياب علاج ڪيو.
ابراهيم بن سنڌي: بهترين طبيب ۽ علم نجوم جو ماهر هو. حافظ لکي ٿو ته، ”ابراهيم جو شمار انهن فلسفين ۾ آهي، جيڪي طبيب به هوندا آهن.“ کيس طب جي علم ۽ فن تي عبور حاصل هو.
ابن ڌنا (ڌني جو پٽ): ابن ڌنا، برامڪه جو اعليٰ عهديدار هو، جيڪو سنسڪرت مان عربي ۽ طبي ڪتاب ترجمو ڪندو هو، جن مان ’چوڪ‘ جو ڪتاب ’چوڪ سنگهتا‘ ۽ ’بڌو اگهڀت‘ جي تصنيف ’اشٽ انگ هردي‘ مشهور آهن. هن خلافت عباسيه جي دور ۾ مٿين ترجمن کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪيا. هندي، عربي ۽ فارسي زبانن جو عالم هو.
انهن کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي سنڌي طبيبن جا نالا تاريخ ۾ ملن ٿا، جن ڏيهان ڏيهه شهرت ماڻي. انهن ۾ قلبر قل، ڪلپ راءِ ڪل، سندباد، ابو ضلع، ابراهيم ابو عطا، افلع بن سيار، سنڌي بن شاهڪ، غانم، ڪرباش، ابن نڀان، نصر، هارون، ڪنڪنه، انڪو زنڪل، داهر، باکر، اريڪل، جبهر، اندي ۽ جاري وغيره قابل ذڪر آهن. (سندن اصل نالا عربي عبارت سبب تبديل ٿي ويا آهن.) هنن لاءِ روايت آهي ته طب ۽ نجوم بابت سندن لکيل ڪتاب هنديءَ مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا هئا.
سومرا دور ۾ طب: سومرن جي حڪومت جو پهريون دور ڏهين صدي عيسويءَ کان شروع ٿيو، تڏهن انهن جي حڪومت ٿر ۽ ان سان ڳنڍيل حصن تائين هئي. سوڍن جي اچڻ وقت به اها حڪومت قائم رهي. اڳتي هلي سوڍن جڏهن 1226ع ۾ عمرڪوٽ تي قبضو ڪيو ته به سومرن جي حڪومت هلندي آئي. سومرن جي دور ۾ سياسي صورتحال جي برتري ۽ ادب پروريءَ کان علاوه طب جي باري ۾ جيڪي حقيقتون معلوم ٿين ٿيون، سي هر لحاظ کان اهم آهن. طب جي مقبوليت نه صرف عوام تائين محدود هئي، پر خود وقت جا حاڪم به ان سان پوري دلچسپي رکندا هئا. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي تحقيق موجب ڀنڀور مان هٿ آيل هڪ ڪتبي تي ’بجر هيڊ‘ جو نالو مليو آهي. اها ’بجر هيڊ‘ عام هيڊ جو هڪ قسم آهي، جنهن تي هلڪي بج ٿئي ٿي. هيڊ جو هي قسم کرل ڪري تيل ۾ ملائي سور ۽ سوڄ واري هنڌ تي لڳائبو آهي. لکيل اکر ڪنهن مٽيءَ جي تس تان ورتل آهن، جو ڪنهن دڪان جو ٿي سگهي ٿو. اهي اکر لوهاڻڪي لپيءَ ۾ آهن. نامور محقق رحيمداد مولائي شيدائي لکي ٿو ته: سومرن جي ابتدائي دور ۾ جڏهن سنڌ غزنوي گهراڻي جي باجگذار هئي، تڏهن هڪ ڀيري سلطان محمود بيمار ٿي پيو، ڪيترن حڪيمن جي علاج جي باوجود مايوس ٿي موت جو انتظار ڪرڻ لڳو. اها خبر جڏهن سنڌ جي هڪ سومري حاڪم کي پئي ته هن قاصد موڪلي سلطان کي علاج لاءِ آڇ ڪئي. سلطان محمود، سومري حاڪم کي پاڻ وٽ گهرائي، پنهنجو علاج ڪرايو، جنهنڪري تندرست ٿيو. سومرن جي دور ۾ طب جي تربيت ۽ ٻي تعليم جو انتظام مندرن ۾ هلندو هو.
هن دور جا ناميارا ويڄ
ڀاسڪر ڀٽ: مشهور طب ماهر، جنهن کي هندي طب جي ماهر ۽ مرتب جي حيثيت سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سندس ضخيم طبي تصنيف ’شرير پدمڻيتشريح جي باري ۾ نهايت معياري تصنيف آهي. ان جي تياريءَ لاءِ هن نامور ويد سشرت جي مشهور تصنيف سشرت سنگهتا جي مدد ورتي هئي. سشرت جي انهيءَ تصنيف جو متن، مهاويد بوڌ واگهڀت پنهنجي اصلاح هيٺ آندو هو.
چڪر پاني دت: مشهور طبي ماهر. هي 1060ع ڌاري ٿي گذريو آهي. سندس ڪيئي طبي شرحون لکيل آهن، جن مان چرڪ سنگهتا جي شرح آير ويدڪ ديپڪا ۽ سشرت سنگهتا جي شرح ڀالومتي وڏي شهرت رکن ٿيون ۽ سندس طبي تصنيفون پڻ يادگار آهن. هي خانداني طبيب هو، سندس والد نيپال جي راجا جو شاهي طبيب هو. چڪر پاني دت پنهنجي ڪتابن جي تدوين ۽ ترتيب ۾ سشرت، چرڪ، واگهه ڀٽ ناگار کان سواءِ ورنڊهه ۽ ٻين ويدن جي ڪتابن تان پڻ استفادو ڪيو هو.
سومرن جي دور ۾ سلطان محمد تغلق سڄي هند سنڌ تي حڪومت ڪئي. هي بادشاهه پاڻ به طب جو ماهر هو ۽ ڪيئي شفاخانا قائم ڪيائين. محمد تغلق کان پوءِ سلطان فيروز انهن شفاخانن ۾ اضافو ڪيو. تاريخ رشيدالدين خاني ۾ لکيل آهي ته سلطان فيروز تخت تي ويهڻ کانپوءِ ٽيهن مدرسن، ٻٽيهن شهرن، هڪ سئو نهرن ۽ هڪ سئو شفاخانن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. انهن ۾ هڪ وڏي شفاخاني جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن ۾ امير غريب ۽ هندو مسلمانن کي مفت دوائون ڏنيون وينديون هيون. سلطان فيروز خود پنهنجي سوانح حيات ۾ انهيءَ شفاخاني بابت لکي ٿو ته، مون خدا جي مهربانيءَ سان هڪ شفاخانو قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ امير ۽ غريب جو هڪ جهڙو علاج ڪيو وڃي ٿو. هتي تشخيص علاج ۽ غذا توڙي دوا جي لاءِ هر وقت ماهر طبيب موجود رهن ٿا ۽ سمورو خرچ شاهي اوقاف مان پورو ڪيو وڃي ٿو.
نامور محقق مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”انهيءَ زماني ۾ سيوهڻ ۾ هڪ تمام وڏو مدرسو قائم هو. انهيءَ مدرسي ۾ ابن بطوطه به ڪيترو عرصو گذاريو. فيروز شاهه تغلق کي چڙهائيءَ دوران نگر ڪوٽ (ڪانگڙي) واري تاريخي مندر مان خزانن کان علاوه سنسڪرت جا 1300 ڪتاب پڻ هٿ آيا هئا، جن مان ڪيترن ڪتابن جو ترجمو ڪرايائين. انهن ۾ طب ۽ نجوم تي ڪيئي ڪتاب هئا، جن جو فارسي ۾ ترجمو ٿيو هو.
فيروز شاهه جا طبيب
الياس بن شهاب الدين: هي فيروز شاهه تغلق جو درٻاري طبيب هو ۽ پنهنجو ڪتاب ’راحت الانسان‘ (787هه/ 1385ع) فيروز شاهه ڏانهن منسوب ڪيو هئائين. هن ڪتاب ۾ يوناني ۽ هندي نسخن کان سواءِ تعويذ، ٽوڻا ڦيڻا، طلسم ۽ نقش درج ٿيل آهن. اڪثر عربي، فارسي لفظن جون معنائون هندي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيون ويون آهن.
سمن جي دور ۾ طب: سمن جي دور ۾ سنڌ جي هر علائقي ۾ مدرسا قائم ڪيا ويا. انهن مدرسن ۾ ديني تعليم سان گڏ طبي تعليم به ڏني ويندي هئي. اڪثر ديني عالم ۽ وڏن گهراڻن جا ماڻهو طب جي علم ۽ فن سان تعلق رکندا هئا. خاص ڪري وڏين درگاهن جي پيرن، فقيرن ۽ مرشدن وٽ طب جو گهڻو رواج هوندو هو. اهي دعا سان گڏ دوا درمل به هلائيندا هئا. سنڌ جي بزرگن ۽ عالمن کي ٻين علمن سان گڏ طب سان به دلچسپي هوندي هئي. مختلف قلمي بياضن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ هر طبقي جي ماڻهن- بادشاهن وزيرن، اميرن، عالمن، پيرن توڙي عام ماڻهن جو طب سان لاڳاپو رهيو آهي. انهن بياضن ۾: ڄام نظام، مخدوم بلاول، مخدوم معين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم حامد گنج بخش ۽ ٻين ڪيترن مشاهيرن جا طبي نسخا سندن نالن سميت درج آهن.
عالم ۽ حڪيم
ميرڪ شيخ عبدالوهاب: ميرڪ خاندان سان تعلق رکندڙ شيخ عبدالوهاب شيخ محمود ثانيءَ جو ڀائٽيو هو، جيڪو مرزا شاهه بيگ ارغون جي دور ۾ ٺٽي ۾ شيخ السلام رهي چڪو هو. ميرڪ شيخ عبدالوهاب 950هه1543ع ۾ مرزا ڪامران پاران مرزا شاهه حسن ارغون وٽ سنڌ ۾ وڪيل ٿي آيو هو. مير معصوم بکري، شيخ عبدالوهاب کي طب ۾ ’در علم طب ڪامل مهارت داشت‘ يعني طب ۾ ڪماليت جي حد تائين ماهر لکيو آهي. هيءُ 990هه/1582ع ڌاري وفات ڪري ويو.
مخدوم نوح: مخدوم نوح بن نعمت الله صديقي هالن وارو ڏهين صديءَ جو نامور بزرگ ٿي گذريو آهي. هن قرآن پاڪ جو فارسي ترجمو ڪيو هو. هن جا ٻين علمن سان گڏ طب بابت به قلمي بياض موجود آهن. اڄ تائين هن خاندان جو تعلق طب جي علم ۽ فن سان واسطو آهي. مخدوم نوح 982هه/ 1574ع ڌاري وفات ڪئي.
مير معصوم بکري: مير معصوم بکري ولد سيد صفائي حسيني، بهادر ۽ دلير سپاهي هئڻ سان گڏ طبيب ۽ تاريخ نويس هو. علم طب تي
طب نامي‘ ۽ ’مفردات‘ معصومي نالي ٻه ڪتاب لکيائين. هن 1019هه/ 1610ع ڌاري وفات ڪئي ۽ معصوم شاهه جي مناري ڀرسان سکر ۾ دفن آهي.
ڪلهوڙن جي دور ۾ طب: نامور محقق حسام الدين راشدي لکي ٿو ته: ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ اندر طب انتهائي عروج تي پهتل هئي. ڪلهوڙن جي درٻار حڪيمن ۽ عالمن سان ڀريل هوندي هئي. ميان
يار محمد جو پٽ ميان محمد دائود خان هڪ وڏو حڪيم هو ۽ طب سان سندس خاص شغف هو. مير علي شير قانع لکي ٿو ته، ميان محمد دائود طب ۾ گهري معلومات ۽ گهڻي شفا جو مالڪ هو. حڪيم عبدالرئوف، حڪيم عبدالرزاق مشرب ۽ ٻيا طبي عالم سندس مقرب هئا. هن علم طب تي ڪيتريون تصنيفون لکيون، جن مان ’طب دائودي‘ ۽ ’بازنامو‘ مشهور آهن.
ڪلهوڙا دور ۾ مشهور طبي ماهر
مير امين الدين خان: مير امين الدين خان ولد مير ابوالمڪارم هڪ وڏي خاندان جو فرد هو. شروعات ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي کيس شڪارپور ۾ جاگير ڏني هئي. بعد ۾ اورنگزيب کيس 1114هه/1702ع ڌاري ٺٽي جو نواب مقرر ڪيو. هن تعليم جي تحصيل ٺٽي مان ڪئي. کيس طب ۽ شاعريءَ ۾ گهڻي دلچسپي هئي. سندس مشهور تصنيفن ۾: ’رشحات الفنون‘، ’معلومات الافاق‘ ۽ ’عجائب الحيوانات‘ شامل آهن. ’رشحات الفنون‘ ۾ چوڏهن علمن جو اختصار آهي، جن ۾ طب جو علم به آهي. سندس طب ۾ ڪيل ڪيترا ڪارناما تاريخ ۾ ملن ٿا.
مير عبدالرزاق مشرب: هي اصفهاني سيد فارسي جو برگزيده شاعر ۽ مختلف علمن ۾ ماهر هو. خاص ڪري علم جعفر ۽ نجوم ۾ بيمثال هو. سندس طبي قابليت بابت مير علي شير قانع کيس پنهنجي دور جو جالينوس سڏيو آهي. هي ماڻهن جو علاج ۽ تيمارداري ڪندو هو. هن 1117هه/ 1705ع ۾ وفات ڪئي.
شاهه اسماعيل صوفي: شاهه اسد الله عرف شاهه اسماعيل صوفي هروي بزرگ شيخ عبدالله انصاري متوفيءَ جي اولاد مان هو. حضرت شاهه عاشق الله جو مريد ۽ شاهه عنايت جو مخلص هو. باطني علمن کان سواءِ ظاهر ۾ خلق خدا جي دوا درمل ڪندو هو. مير علي شير قانع لکي ٿو ته: ”هن جهڙو ڪماليت جو صاحب ويجهڙائيءَ ۾ پيدا نه ٿيو.“
حڪيم سيد عبدالڪريم رضوي: هي پنهنجي دور جو نامور طبيب ٿي گذريو آهي، جنهن جي قابليت کان متاثر ٿي ڪلهوڙا حڪمران ميان
نور محمد ڪلهوڙي 1167هه/1753ع ۾ کيس درٻار ۾ وڏي منصب تي مقرر ڪيو. حڪيم الحڪماءِ حڪيم عبدالفتاح گيلاني سندس استاد هو. حڪيم عبدالڪريم، ميان نور محمد جي وفات کان پوءِ درٻار کان الڳ ٿي پنهنجو مطب قائم ڪيو. علاج سان گڏ طبي تصنيف جو سلسلو به قائم رکيائين. سندس هڪ تصنيف ’جامع المنافع‘ (قلمي بياض) پير جهنڊي جي تاريخي ڪتبخاني ۾ موجود آهي، جنهن ۾ سنڌ جي عالمن، حڪيمن، بزرگن، بادشاهن، اميرن ۽ وزيرن جا سوين طبي نسخا نقل ٿيل آهن. سيد عبدالڪريم جي شاگردن مان حڪيم محمد بکري مشهور طبي ماهر ٿي گذريو آهي.
ان کان سواءِ حڪيم مرزا عبدالهادي، مير محمد يعقوب حڪيم، مير منعم علي خان، حڪيم مير اسد الله خان غالب، خواجا مير مرتضيٰ ٺٽوي، سيد عبدالله، حڪيم سيد الڪريم حقاني، حڪيم ايسرداس، ميان شفيع محمد، حڪيم بولچند، حڪيم عبدالرئوف، سيد محمد زمان، مير محمد علي مشهدي، حڪيم مير محمد اڪرم ۽ مير علي شير قانع سميت ڪيترائي طب ماهر، عالم ۽ اديب ٿي گذريا آهن، جن ڪلهوڙا دور ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو ۽ مڃتا ماڻي.
ٽالپر دور ۾ طب: هيءُ دور طب جي علم ۽ فن جي ترقي لاءِ ڪارآمد دور هو. ٽالپرن طب جي سرپرستي ڪئي ۽ ڪيئي طبي ڪتاب قلمبند ڪرايا. هند- سنڌ جا نامور حڪيم گهرائي درٻار ۾ رکيائون. هن دور ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دوائن جا ڪيترا دڪان کليا ۽ مسلمان توڙي هندو ڪيئي فاضل طبيب پيدا ٿيا. هندن پسارڪي ڌنڌي جو رواج عام ڪيو، ائين طب جي علم، فن ۽ تجارت جي ترقي ٿي. ميرن جي دور ۾ ايران جا ٻه خاندان حيدرآباد آيا، جن ملڪي سياست سان گڏ طب جي به خدمت ڪئي ۽ انهيءَ فن بابت ڪيترا ڪتاب لکيا، انهن مان مرزا خسرو بيگ ۽ ٽنڊي آغا جو ميرزا خاندان اڃا به مشهور آهي، جن جي پوين وٽ قلمي طبي ذخيرا موجود آهن.
لکي غلام شاهه (ضلع شڪارپور) وارن سيدن جو خاندان جيتوڻيڪ ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ عروج تي آيو، پر هنن جي سموري طبي خدمت ٽالپر دور سان تعلق رکي ٿي. اهڙي طرح راشدي خاندان جون طبي خدمتون به انهيءَ دور ۾ شروع ٿيون، جيڪي اڳتي هلي انگريزن جي عهد ۾ طب جي تاريخ جو روشن باب بڻيون.
لڪيءَ (سيوهڻ) طرف طب جي جيڪا ترقي ٿي، تنهن کي به گهڻو اوج ميرن جي صاحبيءَ ۾ حاصل ٿيو. نواب علي محمد لغاريءَ جو گهراڻو به ٽالپري دور ۾ اسريو، خود نواب ولي محمد به جيد طبيب هو. کانئس پوءِ انهيءَ خاندان ۾ ڪيترا نامور عالم ۽ حڪيم ٿي گذريا آهن.
ٽالپر دور جا طبي عالم: ٽالپرن جي حڪومت ۾ سڀ کان وڏو حڪيم قاضي محمد ڪامل هو، جنهن کانپوءِ سندس شاگردن مان ديوان
ٺارو مل مشهور حڪيم ٿي گذريو آهي. سيد عبدالفتاح جو طبي ڪتاب ’نافع الغلق‘، عبدالرحيم بن ڪمال ڪشميريءَ جو ڪتاب ’تشريح اعضاء بدن‘ توڙي سنڌ جي ٻين حڪيمن، حاجي الياس، پياري خان، جان محمد لغاري، آخوند نور محمد، ميان عبدالحڪيم (هالاڻي)،
احمد خان ڀرڳڙي، قاضي نورالله (نندي شهر واري) ۽ قاضي غلام محمد قاسماڻي وغيره جا طبي نسخا ديوان ٺاري مل جي تحرير ۾ ملن ٿا، جيڪي هن 1272هه/ 1855ع ڌاري حيدرآباد ۾ قلمبند ڪيا هئا. نصرپور ۾ سيد اسد الله شاهه، سيد قادر شاهه رضوي ۽ قاضي عبدالرحمان وچئين دور جا قابل حڪيم ٿي گذريا آهن. قاضي عبدالرحمان جي حڪمت پري پري تائين مشهور هئي.
پوئين دور ۾ ديوان عالم چند، ڄيٺانند لوهاڻو ۽ گوپالداس ناميارا طبيب هئا. مسلمانن مان قاضي ميان محمد بخش ولد
غلام حسين ۽ آخوند عبدالله پڻ ناليوارا حڪيم ليکيا وڃن ٿا. ٽالپرن حاڪمن مان مير مراد علي خان حڪيم هو ۽ طبي تصنيفطب مراد‘ لکيائين. انهيءَ ڪتاب کانپوءِ ٻين ميرن ۾ به طبي ڪتابن لکرائڻ جو شوق جاڳيو، جنهن ڪري ’طب ولي‘، ’طب خسروي‘، ’طب احمدي‘،
طب مرزا عباس‘ وغيره جهڙيون طبي تصنيفون ڪتابي صورت ۾ آيون. مير صوبدار خان ’خاصة التداوي‘ نالي طب تي ڪتاب لکيو، جنهن ۾
49 باب آهن. ان کان علاوه ’مجربات طب‘ به ترتيب ڏنائين. هن جو خدمتگار محمد يوسف طب سان تعلق رکندڙ هو، جنهن جا ڪيئي نسخا، طبي بياضن ۾ آيل آهن.
ساڳئي دور ۾ سکر ۾ عام دوائن جو وهنوار ٿيڻ لڳو. سکر ۾ آڏومل پساريءَ جي دڪان جي ابتدا به ميرن جي دور ۾ ٿي، جيڪو دڪان ورهاڱي بعد مهاجرن جي قبضي ۾ آيو. ان کان سواءِ شڪارپور ۾ پسارين جا عاليشان دڪان پڻ ٽالپر دور ۾ قائم ٿيا. انهيءَ زماني ۾ لاڙ، نوشهري ۽ پاٽ ۾ پڻ ناميارا حڪيم ٿي گذريا آهن، جن مان سيد ياسين شاهه جو نالو قابل ذڪر آهي.
انگريز حڪومت ۾ طب: انگريزن 19 فبروري 1843ع تي سنڌ تي قبضو ڪيو. سنڌ ۾ سڀ کان پهرين ولايتي معالج جيمس برنس آيو، جنهن 1828ع ڌاري پنهنجو جاسوسي طرز جو سفرنامو ’سنڌ جي درٻار‘ لکيو. هن کي مير مراد علي خان جي علاج بهاني موڪليو ويو هو. مير مراد علي خان جي بيماريءَ لاءِ برنس لکي ٿو ته: ”مير جي شڪل مان نه ٿي ڏسڻ ۾ آيو ته هن کي ڪنهن به قسم جو ڪو مرض آهي. تشخيص بعد مون ڏٺو ته کيس ڪو به مهلڪ مرض نه هو. سندس بيماري چيٺ چاڪريءَ سان جيڪڏهن صفا ڇٽي وڃڻ جي نه هئي، ته به گهٽ ٿي سگهي ٿي. انگريز حڪومت ۾ سنڌ اندر به مليريا جو ڪامياب ديسي علاج موجود هو، جيئن لطف الله جي خود نوشت سوانح ’سنڌ جو سفر‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته کيس مڇرن جي آزار کان موسمي بخار ٿي پيو، جنهن لاءِ سنا ۽ ناگدون استعمال ڪيائين ۽ شفاياب ٿي ويو.
انگريز حڪومت جي سرپرستيءَ هيٺ ٿوري وقت کان پوءِ ڪلڪتي، مدراس، بمبئي ۽ لاهور ۾ هڪٻئي پٺيان يونيورسٽيون کليون ۽ ميڊيڪل ڪاليج برپا ٿيا، ائين انگريزي نيم حڪمت، مڪمل حڪمت جي صورت اختيار ڪري سرڪاري اسپتالن ذريعي هر هنڌ رائج ٿيندي وئي. ايلوپيٿيءَ جي مقابلي لاءِ ديسي طب جا وارث به
ميدان تي آيا. 1865ع ڌاري لاهور ۾ ۽ 1875ع ڌاري دهليءَ ۾
حڪيم عبدالمجيد خان طبي مدرسي جو بنياد رکيو، جنهن کي 1920ع کان پوءِ حڪيم اجمل خان عروج تي آندو ۽ وفات (1927ع) تائين ان کي طبي دارالعلوم جي حيثيت ڏياري ويو. اڳتي هلي دکن، علي ڳڙهه، لکنؤ ۽ پٽنا ۾ به طبيه ڪاليج، نيم سرڪاري ادارن جي سهڪار سان قائم ٿيا.
سنڌ جي حڪيمن خاص ڪري دهلي، لاهور ۽ لکنؤ جي طبي ادارن مان تعليم حاصل ڪئي، پر انهن ادارن کان وڌيڪ سنڌ جي انهن علمي ۽ طبي شخصيتن حڪيم ۽ طبيب پيدا ڪيا، جن ۾ راشدي خاندان قابل ذڪر آهي. سنڌ جي راشدي خاندان مان پير حڪيم
حسام الدين شاهه راشدي (اول) توڙي حڪيم احمد شاهه (اول) ڪمال جا معالج هئا، انهن جهڙي شفا ڪنهن ولايتي ڊاڪٽر جي علاج ۾ ڪا نه هئي. پير احمد شاهه جراحت جي فن ۾ معجزي جي حد تائين ماهر هو.
انگريز دور جا مشهور حڪيم
حڪيم محمد جعفر: هي پنهنجي دور جو مشهور ترين حڪيم ۽ بينظير طبي عالم ۽ مصنف هو. سندس طب تي لکيل ڪتاب ’فرهنگ جعفري‘ قابل ذڪر آهي: هيءَ تصنيف ميرن جي آخري دور سان تعلق رکي ٿي. هن ڪتاب ۾ مفردات، مرڪبات، لغات ۽ جڙين ٻوٽين کان سواءِ انگريزي دوائن جو ذڪر، بيان ۽ خاصيتون شامل آهن. حڪيم محمد جعفر انصاري حيدرآباد جو رهاڪو هو.
قاضي ميان فيض محمد: قاضي ميان فيض محمد، قاضي ميان حبيب الله بهلاڻيءَ واري جو فرزند ۽ ميرن جي آخري دور جو وڏو عابد زاهد ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. طب ۾ وڏو ڪمال رکندو هو. هن جا ڪيترا صدري نسخا مرضن لاءِ اڪسير هوندا هئا.
سيد ميران محمد شاهه (اول): هيءُ حڪيم سيد محمد شاهه ٽکڙ واري جو پٽ هو ۽ 1245هه ڌاري ڄائو هو. حڪمت کيس ورثي ۾ مليل هئي. انگريزن جي حڪومت جي اوائلي دور ۾ وڪالت جي تعليم حاصل ڪيائين. وڪالت ڇڏي حڪمت جي ڌنڌي سان آخري گهڙيءَ تائين سلهاڙيل رهيو. 1309هه ڌاري وفات ڪيائين.
مولانا حڪيم محمد جعفر: هيءُ بزرگ عالم ۽ حڪيم، ڪراچيءَ جو ويٺل ۽ ذات جو چوڙائي هو. ڪتاب ’مفيد الخلق طب‘ (منظوم سنڌي) سندس تصنيف آهي. هيءُ ڪتاب ’طب جعفر‘ نالي 1303هه ڌاري قاضي فتح محمد ۽ قاضي عبدالڪريم بمبئيءَ مان شايع ڪرايو هو.
ڀڳت راڌا ڪرشن: شڪارپور جو مشهور سنياسي ۽ ڀڳت 1866ع ڌاري ٿي گذريو آهي. ڀڳت ڀائي جيوڻ داس ساڌٻيلي وارو سندس پٽ هو. روايت آهي ته هيءُ پهريان ڪنهن سرڪاري عهدي تي فائز هو، پوءِ خيرپور جي مير علي مراد جي مرشد صوفي محمد حسن جي صحبت ۾ ملازمت ڇڏي ايشور جي ڀڳتيءَ سان گڏ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لڳو. سندس سنياسي ۽ ويدڪ علاج هند ۽ سنڌ ۾ مشهور هو.
مولانا عبدالغفور مفتون همايوني: هيءُ حڪيم 1261هه ڌاري ڳوٺ همايون تعلقي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ميان محمد يعقوب بلوچستان جي شهر ڇٽ (لڳ لهڙيءَ) جو رهاڪو هو. مفتون همايوني علم طب ۾ وڏي مهارت رکندو هو. ڪيترا لاعلاج مريض شفاياب ڪيائين. قيمتي دوائن کان وٺي معمولي دوائن تائين وٽس مرڪبات هوندا هئا. سندس شاگردن ۾ ميان مالڪ ڏنو ڪوري ۽ ڄيٺارام نابينا مشهور حڪيم ٿي گذريا آهن. هن 1336هه ڌاري ڳوٺ همايون ۾ وفات ڪئي.
مولوي محمد صديق سيتائي: هيءُ بزرگ معقول ۽ منقول جو وڏو ماهر، عالم، مناظر، متڪلم ۽ فقيھ هجڻ سان گڏ علم طب ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. علم طب ۾ مهارت سبب وقت جا ڪيترائي آفيسر ۽ عام ماڻهو وٽس ايندا هئا. سندس مشهور شاگردن ۾: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولوي عبدالعزيز ملڪاڻي، مولوي عبدالرزاق بوبڪائي، مولوي عبدالله سيتائي ۽ ٻيا ڪيترا قابل ذڪر آهن.
حڪيم مولوي نظر محمد: هيءُ لاڙ جو ناميارو حڪيم ۽ عالم مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه ۾ استاد هو. طب سان خاص دلچسپي هئس. ڪيترن ئي لاعلاج مريضن جو علاج ڪري شفاياب ڪيائين. هن 1936ع ڌاري 80 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.
حڪيم مير علي نواز علوي: مير علي نواز ولد ميان فخرالدين 1851ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. شڪارپور جي مشهور علوي خاندان مان وقت جو علم طب جو برک عالم ٿي گذريو آهي. شعر شاعري ۽ علم ادب جي خاص دلچسپيءَ سان گڏ علم طب سندس محبوب مشغلو هوندو هو. سندس هٿ ۾ شفا هئي، ان ڪري ملڪ کان سواءِ ڏورانهين ڏيهه جا ماڻهو وٽس اچي شفاياب ٿيا. هن علم طب تي ڪيترا ڪتاب لکيا. جنوري 1920ع ڌاري وفات ڪيائين.
حڪيم محمد واصل درس: حڪيم محمد واصل درس ولد ميان رحمت الله (جنم 1853ع) ٺٽي جو مشهور حاذق حڪيم ٿي گذريو آهي. پنهنجي دور جو داناءُ طبيب هو، ديسي دوائن تي نهايت مفيد تجربا ڪيا هئائين، جن ذريعي ڪيترن موذي ۽ لاعلاج بيمارين جو حاذق حڪيم هوندو هو. 1920ع ڌاري وفات ڪيائين.
حڪيم محمد يعقوب ڪوريجو: سيوهڻ ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو رهاڪو هو ۽ ڳوٺ جو وڏيرو هو. وٽس ڪافي ملڪيت هئي، پوءِ به حڪمت جي ڌنڌي کي نه ڇڏيائين. محمد يعقوب چانڊين جي سردار نواب غيبي خان چانڊيي جو خانداني حڪيم هو. سندس هٿ ۾ شفا هئي. پنهنجي دور جو لاثاني حڪيم هو. حڪمت ۾ ڏيهان ڏيهه مقبوليت ماڻيائين. سندس ڪيترائي ڪارناما مشهور آهن.
حڪيم محمد عالم چانڊيو: نامور حڪيم محمد عالم چانڊيو ولد اميد علي 1901ع ڌاري ڳوٺ بٺي، تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. جامعه مليه ڪاليج دهليءَ مان طب جي تعليم پرائي هئائين. ڪجهه وقت پنهنجي ڳوٺ ۽ پوءِ لاڙڪاڻي ۾ دواخانو هلايائين. پنهنجي ڌنڌي ۾ نهايت ڪامياب رهيو. هن 22 نومبر 1972ع تي وفات ڪئي.
علي محمد ڪاڪيپوٽو: پنهنجي وقت جو نامور حڪيم ٿي گذريو آهي. 1900ع ڌاري ڳوٺ مارو ڪاڪيپوٽا، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ بهادر خان ڪاڪيپوٽي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. دهليءَ جي طبيه ڪاليج مان سند حاصل ڪيائين. ڪيترو وقت پنجاب يونيورسٽيءَ طرفان اورينٽل ڪاليج لاهور ۾ فيلو مقرر رهيو. عمر جي آخري حصي ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ حڪمت سان گڏ درس جو سلسلو جاري رکيائين. مشهور شاعر علامه اقبال سندس شاگرد هو. علي محمد ڪاڪيپوٽي پهرين مارچ 1967ع ۾ وفات ڪئي.
ان کان سواءِ مشهور طبي ماهرن ۽ حڪيمن ۾ قاضي ميان فيض محمد، حڪيم قاضي حبيب الله مورائي، حڪيم حافظ محمد عثمان، مولوي محمد عثمان نورنگزادو، حڪيم سيد غلام علي شاهه، حڪيم محمد حسن، محمد اسماعيل، بچل انور'>آخوند محمد بچل انور، آخوند لطف الله، پير ڀاون شاهه ساقي، حڪيم سيد محمد شاهه متعلوي، قاضي ميان محمد، قاضي ميان حبيب الله، مولانا قاضي نظر محمد ديهاتي، مولوي عبدالله ميمڻ، سوامي هيمراج چداڪاشي، مخدوم الهه بخش، مولانا حاجي محمد، ميان عبداللطيف ڀٽي، حافظ اسدالله شاهه، علامه محمد عثمان قرآني، حڪيم محمد قاسم ڪوريجو، سجاول چانڊيو،
ويد پيتمبر داس اوجها، حڪيم قاضي اميد علي عباسي، حڪيم
سيد محمد اختر، حڪيم تاج محمد افغان، ميان غلام شاهه لکيءَ وارو، حڪيم مولوي عبدالرحيم سنڌي، بخش علي جتوئي، حڪيم
سيد عبدالغفار ريلائي، ميان عنايت علي شاهه، حڪيم ڌنراج مل
ايسر سنگهه، چرن سنگهه بيدي، حڪيم خير محمد صديقي،
ويد رامناٿ شرما، خليفو محمد اسماعيل لاکو، حڪيم ولي محمد ڏاهري، حڪيم يعقوب قادري، حڪيم ويرومل آريد پريمي، حڪيم
پير بخش لکوي، پير حسين بخش شاهه، حڪيم مولوي محمد صالح، حڪيم آئل مل نصرپوري، آغا صوفي، پير نول گهوٽ، حڪيم
نذير حسين حيدري، حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاهه، حڪيم
شمس الدين احمد، حڪيم محمد امين، پريل شاهه ترائي وارو،
مولوي عبدالله بنگلديرائي، حڪيم قائم الدين احمد، حڪيم
علي محمد قادري، نواب گل محمد لغاري، محمد صادق راڻيپوري سميت راشدي خاندان، پير جهنڊو خاندان سيوهڻ جو قاضي خاندان، سرهندي خاندان، ترائيءَ جو قاضي خاندان طب ۾ مشهور حڪيم، عالم ٿي گذريا آهن.
ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ طب:
14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو. پاڪستان جي باني قائداعظم ورهاڱي کان اڳ دهليءَ جي هڪ طبي ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته: ”آزاديءَ کان پوءِ ديسي طب (يوناني طب) جي ترقيءَ لاءِ پوري سرجوشيءَ سان ڪوشش ڪئي ويندي.“ ليڪن ورهاڱي کانپوءِ ديسي طب لاءِ ڪي اپاءَ نه ورتا ويا، جنهنڪري ديسي طب خانگي طب ٿي وئي ۽ سڄو زور ولايتي طب جي ترقيءَ تي ڏنو ويو، جنهن کي سرڪاري طب جي حيثيت حاصل ٿي وئي.
سنڌ ۾ طب جا تعليمي ادارا:
ورهاڱي کانپوءِ، لاهور جو قديم طبيه ڪاليج قائم رهيو. تنهن کان سواءِ بهاولپور، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به طبيه ڪاليج جاري ٿيا، پر طب جي تعليم جو معيار خاطر خواه نه رهيو، جنهنڪري طب سان تعلق رکندڙ ڪيترن ماڻهن نقلي سنَدن جي فروخت ڪرڻ جو پيشو اختيار ڪيو.
حيدرآباد، سنڌ ۾ هڪ ئي وقت طب جا ٽي تعليمي ادارا:
(1) سنڌ طبيه ڪاليج، (2) اعظم طبيه ڪاليج، (3) حيدرآباد طبيه ڪاليج وجود ۾ آيا، جن مان هڪڙو تعليمي ادارو ’حيدرآباد طبيه ڪاليج‘ اڳتي هلي بند ٿي ويو.
طبي رجسٽريشن بل: پاڪستان قائم ٿيڻ بعد حڪيمن ۽ طبيبن رجسٽريشن لاءِ ڪافي زور لڳايو. ارڙهن سالن بعد حڪومت قومي اسيمبليءَ مان ’طبي رجسٽريشن بل‘ پاس ڪيو، جنهن جو عنوان ’يوناني آير ويدڪ ۽ هوميوپيٿڪ پرئڪٽشرز ائڪٽ‘ رکيو ويو.
طبي رجسٽريشن بل پاس ٿيڻ کانپوءِ ٿوري ئي عرصي ۾
ٽيهه چاليهه هزار حڪيم، ويد ۽ هوميوپيٿ رجسٽرڊ ٿي ويا. انهيءَ تحرڪ کي ڏسندي ديسي طب سان تعلق رکندڙ هر طبقي جي ماڻهن اها اميد ڏيکاري ته هاڻي هن تهذيبي ورثي جو ڀاڳ کُلندو، پر اوچتو اهي طبي سرگرميون ختم ٿيڻ جي حد تائين سرد ٿي ويون، جنهن جا ڪيترائي سبب هئا: جيڪي معالج رجسٽرڊ نه ٿي سگهيا، تن ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي، جيڪي صرف پئسي ڪمائڻ جي ڪڍ هئا، جڏهن ته ٻئي پاسي، انهن جي طب جي بقا سان ڪا به دلچسپي نه رهي هئي.
موجوده حالتن جي پيش نظر، سرڪاري سرپرستي نه هئڻ ڪري ۽ ٻين جديد علمن جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ به اڃا تائين ڪيترائي اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي روايتي طب ۾ اعتبار رکن ٿا ۽ ان کي ئي ترجيح ڏين ٿا.
سنڌ ۾ طب سان تعلق رکندڙ حڪيم نه هئڻ جي برابر آهن. ان ڪري آهستي آهستي سنڌ مان يوناني طب وارو علم ختم ٿيندو پيو وڃي. ان هوندي به ڪراچي، سکر ۽ موري شهرن ۾ اڃا تائين طبيه ڪاليج موجود آهن ۽ طب جي خدمت ڪري رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو